سنڌ جي سورمي مهوش ڪنول گانگھرو

'سنڌياڻي' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏23 مئي 2019۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    61
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    مير سردار چنڙ
    ﻫﻦ سماج ﺍﻧﺪﺭ ڪيترائي بي ﭘﻬﭻ بي سهارا انسان ﺁﻫﻦ جيڪي سدائين بيوسي جي گھآڻي ۾ پيڙهجندا پيا رهندا ﺁﻫﻦ ﺟﻦ جو ڪوبه سار لهڻ ﻭﺍﺭﻭ ئي ناهي نه ئي ڪو وارث ﻫﻮﻧﺪﻭ ﺁﻫﻲ ﺟﻮ هنن ﺟﻲ سار سنڀال ڪري ﺳﮕﻬﻲ . مگر ائين به ناهي هوندو خدا تعالي غفور الرحيم آھي ۽ پنهنجي شفقت سان ﺍﻥ بيوسي ﻭﺍﺭن ڪردارن لاء هن ڌرتي تي ڪو نه ڪو انساني ﺻﻮﺭﺕ ۾ ﻓﺮشتا عطا ڪندو آﻫﻲ جيڪو انهن بي سهارن ﺟﻲ ﻣﺪﺩ ڪندا آﻫن مثئلن ڪنهن ﺯﺧﻤﻲ کي اسپتال پهچائڻ ڪنهن بکئي پيٽ کي ماني ڳڀو کارائڻ بيمار جو علاج ڪرائن ڪنهن غريب جي ٻار کي تعليم ڏيارڻ تائين جاکوڙ ڪندا آهن انهن کي اسان سماجي اڳوڻ (سوشل ورڪر ) چوندا آهيون ﻫﻦ ﻭﻗﺖ تائين پاڪستان اندر حڪومت طرفان ڪيتريون ئي فلاحي تنظيمون قائم ڪيون ويو آهن انهن لاءِ ڪروڙين روپين جي بجيٽ به منظور ٿي اچي ٿي جنهن مان ڪجهه سماجي ڪم ٿين ٿا ڪجهه هڙپ ٿين پر هن وقت به پاڪستان اندر احساس رکندڙ ماڻهو آهن جييڪي بغير ڪنهن سرڪاري تنظيم جي بغير ڪنهن عهدي جي لوڀ لالچ جي سماج اندڙ بي پهچ ني سهارا انسانن جي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان مد ڪن پيا ڪي ته اهڙا نوجوان به آهن جيڪي پنهنجي مدد پاڻ تحت فلاحي تنظيمون جوڙي ويٺا آهن جنهن ۾ هو پنهنجي ذاتي خرچ مان تنظيمي خرچ ادا ڪن پيا عوام جي سڌاري ۽ انهن جي گھربل حقن لاءِ جاڳوڙ ڪن ٿا مونکي ياد اچي ٿو ته صدر اسلامي جھموريه پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي اسلام آباد جي هڪ يونيورسٽي اندر شاگردن جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته آئون ڪجهه وقت اڳ آمريڪا جي هڪ رياست ۾ رهيل هئس ته اتي زلزلو آيو پر اتان جا ماڻهو ان انتظار ۾ ويٺل هئا ته رياست اسان جي ڪڏهن ٿي سارڀ لهي ڇو ته پهريون حق رياست جو ئي آهي پر جڏهن پاڪستان اندر ٻوڏ آئي ته پاڪستاني نوجوان رياست کي وساري ويٺا سڀ گھرن مان ٻاهر نڪري ٻوڏ متاثرين جي مدد ۾ مشغول ٿي ويا پاڪستان صدر عارف علوي به پنهنجي بيان ۾ فرشتن نمان انسانن جي واکاڻ ڪرڻ کان کي روڪي ڪين سگهيو فرشتا صفت انسان سڄي دنيا ۾ موجود آھن پر ﺳﻨﮅ به فرشتن نمان انسانن کان پٺتي پيل ناهي سنڌ ۾ به ڪافي فرشتن نمان انسان موجود آھن ۽ ٿي گذريا جنن مان عبدالستار ايڌي ڊاڪٽر فيصل ايڌي ڊاڪٽر سليمان شيخ سيد الهندو شاهه ذوالفقار قادري ارشاد احمد عباسي آصف چارڻ ۽ ٻين جا نالا اولين صنفن ۾ آهن جن سماجي ڪمن ۾ پاڻ مڃايو آهي انهن نالن مان مهوش ڪنول گھانگھرو به پڻ هڪ هئي جنهن جو تعلق سنڌ جي شهر ڪنڊيارو سان آهي پاڻ سماجي ڪمن حوالي سان تمام اڳتي آهي مهوش ڪنول گھانگھرو 2018ع ۾ امان فائونڊيشن نالي هڪ سماجي تنظيم جوڙي آهي جنهن جو افتتاح گمز اسپتال جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رحيم بخش 14 آڪٽومبر 2018 ع تي ڪيو هن سماجي تنظيم جو اصل مقصد سنڌ اندر هيپاٽائيٽس جو خاتمو آڻڻ آهي مهوش ڪنول گھانگھرو کي آخر هن تنظيم جوڙڻ جي ضرورت ڇو پئي ؟ ڇو جو مهوش ڪنول پنهنجي ماءُ کي هن سائي ۽ ڪينسر جي موذي مرض ۾ تڙپندي ڏٺو جنهن جو هن ڪافي علاج ڪرايو پر سندس امي تان موت ٽارو ئي نه ٿيو نه رڳو ايترو ئي مهوش ڪنول جا ان کان اڳ انهي موذي مرض سائي ۾ 4 ڀاتي وڇڙي چڪا هيا پر مهوس ڪنول کي پنهنجي ماءُ واري وڇوري جيءُ جهوري ڇڏيس،امان فائونڊيشن جي آغازگي وقت مهوش ڪنول گهانگهرو کي ڪافي گهڻيون اذيتيون ڀوڳڻيون پيون ، پنهنجي ڀاءُ عرفات ياسين سان گڏ امان فائونڊيشن رجسٽر ڪرائڻ لاءِ هن تر جي دڪاندارن سان ملاقاتون ڪيون هر روز 10 روپيه جي بنياد تي هن تنظيم جو ڪم شروع ڪيو بعد ۾ هن سوشل ميڊيا ذريعي ڪجهه انساني احساس رکندڙ فردن سان ملاقاتون ڪيو جن هن جي ان حوالي سان ڪافي مدد ڪئي امان فائونڊيشن طرفان ڪيترن ئي سنڌ واسين جو هيپاٽائيٽس جو وارو علاج انسانت ناتي مفت ۾ ڪرايو وڃي ٿو جنهن ۾ مريضن کي ويڪسن سان گڏ ڪورس پڻ مهيا ڪيا وڃن ٿا مهوش ڪنول ابڙو 7 سيپٽمبر 1987ع تي نوابشاهه (هاڻوڪي شهيد بينظير آباد ) ۾ حافظ عبدالقيوم جي گھر ۾جنم ورتو سندس وڏا اصل ڪندياري جا آهن انٽر تائين تعليم نواب شاهه مان حاصل ڪيائين سندس والد حافظ عبالقيوم کي دل جي تڪليف هجڻ ڪري سندس 2007ع ۾ الهبچايو عرف نديم سان شادي ڪرائي وئي جنهن ڪري پاڻ اڳتي تعليم حاصل ڪري نه سگهي سندس والد ڪجهه ميهنن ۾ دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو مهوش ڪنول پاڻ چئن ٻارن جي ماءُ آهي جنهن ۾ ٻه پٽ ۽ ٻه ڌيون اٿس کيس سماجي حوالي سان ڪيترائي ايوارڊ مليا آهن جن ۾ سنڌ ابڙا يوٿ آرگنائزيشن ، ڌرتي ميلو مورو ، بيسٽ سوشل ايڪٽوسٽ جو ايوارڊ ڊپتي ميئر سکر طارق چوهاڻ هٿان مليو ، ڊي چينج ويلفيئر ايسوئيشن سکر جي چيئرپرسن ميڊم عزرا جميل هٿان مليل ايوارڊ خادم سنڌ فائونڊيشن ايوارڊ اسڪولنگ سسٽم مورو ايوارڊ ﺳﻤﻴﺖ ايوارڊ ڪيترائي سرٽيفڪيٽ پڻ مليا آهن مهوش ڪنول جو تعلق هڪ خوشحال ۽ زميدار گھراڻِ سان آهي تنهن ڪري هو هن تنظيم جو ڪم پنهنجي مدد پاڻ ڪندي آهي هر مهيني مريضن جون شهرن مان ٽيسٽون ڪرائڻ انجيڪشنون ۽ سائي جي ڪورسن کان ويندي امان فائونڊيشنن آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جو پگھارون ۽ آفيس رينٽ پنهنجي ذاتي خرچ مان ادا ڪندي آهي تڏهن سنڌ جي شاعر شاهه عبداللطيف ڀتائي فرمايو آهي ته
    روزا نمازون اي پڻ چڱو ڪم
    اهو ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرينءَ کي
    اڄڪلهه جي دور ۾ سماجي ڪم تمام ڏکيو آهي هر طرف تنقيد جا تير وسڻ شروع ٿين ٿا ۽ الزامن جو ڀريون پڻ مٿي کڻڻيون پون ٿيون ان سمورن مسائلن هوندي به مهوش ڪنول انساني هڏڏوکي لاءِ پاڻ پتوڙي رهي آهي هن جي اکين جي آس آهي انسان ذات جي خدمت سندس مان هيپاٽائيٽس جو خاتمو ان جي ساڀيان سندس ننڊون حرام ڪر ي ڇڏيون آهن هوءِ ان پيچري جي پنڌڪري رهي آهي جتابن کيس پنهنجي منزل ملڻ جو پڪو ڀروسو ٿي ويو آهي ڪجهه عرصو اڳ جڏهن سوشل توڙي پرنٽ ميڊيا اڇڙي ٿر جي ڏڪار جون خبرون هلي رهيون هيون مهوش ڪنول ڪنول جڏهن اهي خبرون ڏٺيون ته سمدس سڪون ڦٽي ويو ۽ پاڻ پتووڙڻ لڳي ڀلا سماج جو درد رکندڙ جاکوڙيندڙ انسان کي اهڙين المين تي ڪٿي ٿو سڪون اچي جنهن جو ثبوت مهوش ڪنول آهي جيڪا ڏڪار واري صورتحال ڏسندي پنهنجي ڀاءُ ياسر عرفات کي ساڻ ڪري اڇڙي ٿر نڪري پئي جتي پاڻ 7 ڏينهن جي ميگا جنرل ڪيمپ جي مهم شروع ڪئي جتي مختلف ڳوٺن ۾ ڪيمپون لڳرايائين اتان جي مختلف شهرن ۾ پاڪستان جي وجود کان اڄ تائين ڪا سرڪاري اسپتال نه ٺهي سگهي غربت سبب اتان جا ماڻهو ٻار بيمار ي سبب مر ي رهيا هئا اتان جي اها صورتحال هئي جو اتان جون عورتون بارن ڳارهن مرچن سان ماني کارائي رهيو ن هيون اٺ بک سبب پٿر چباڙي رهيا هئا سنڌ حڪومت سڀ ڪجهه ڏسندي ٻڌندي اگھور ننڊ پيل هئي اڇڙي ٿر م،ان جڏهن گيس جا زخيرا نڪتا ته حڪومت انهن جاين تي پنهنجون ڪمپنيون هيون گيس جي انهن ڪيمپن مان عوام کي ڪهڙا فائدو مليو ؟ اڇڙي ٿر کي پنهنجي گيس هوندي به اتان جا مقامي ماڻهو گيس مکان محروم آهن ڪمپنيون هوندي به اتان جا نوجوان به روزگار آهن اڄ به حڪومت اڇڙي ٿر جي سار ناهي لڌي پر مهوش ڪنول گھانگھرو انسانيت ناتي اڇڙي ٿر جي وارثي ڪئي ۽ هتان جي ماروئرن کي مفت دوائون توڙي مالي مدد سان ٽمتار ڪيو جيئن هو سک جو ساهه کڻي سگھن .اڇڙي ٿر ۾ مهوش ڪنول گھانگھرو کي ڪافي اذيتن سان منهن ڏيڻو پيو پر پا۾ همت نه هارايائين همت هارن بجاءِ هو پاڏائڻ لڳي اچو اسان جو ساٿ ڏيو اڇڙي ٿر وارن جي زندگي بچايو هن سنڌ جي ڪافي فنڪارن سماجي ورڪرن صحافين ۽ ساڃاوندن کي دعوت ڏني ته اچو اڇڙي ٿر وارن جي لاءِ هڪ ميوزيڪل پروگرام ڪيو ڪجهه رقم اڇڙِ ٿر وارن جر نانءُ ڪيو اوهان جي هڪ پروگرام مان ڪيترن ئي انسانن جو جانيون بچي سگھن ٿيون پر ڪنهن جن ڪن تي جوءِ ئي نه چري ڪير سندس ڪيمپ تي لڙي نه آيو تنهن هوندي به پاڻ ستن ڏينهن واري ڪيمپ جو خاتمو نه ڪيو پنهنجي اٽل ارادن سان پختي بيٺي رهي شاهه صاحب اهڙن ڪردارن کي هن طرح سان بيان ڪري ٿو
    سکن واري سڌ متان ڪا مون سين ڪري
    اندرجنين جو اڌ ڏونگر سي ڏورينديون
    جيتري قدر مان سمجهان ٿو سنڌ جي هن سورمي جيڪو ڪم ڪيو اهو تاريخ ۾ لکيو ويندو ۽ تاريخ جي ڪردارن ۾ سندس شخصيت سدائين اڳ ڀري رهندي .
    [​IMG]
     
    معصوم سنڌي هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو