نان اسٽاپ ٽهڪ

'ڪهاڻيون' فورم ۾ ابوذر انصاري طرفان آندل موضوعَ ‏10 جون 2019۔

  1. ابوذر انصاري

    ابوذر انصاري
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2019
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ماڳ:
    خيرپور ميرس
    عصر ۽ مغرب جي وچ وارو وقت هو. آء عصر قضا پڙهڻ لاء شهر جي هڪ مسجد ۾ لنگهي ويس. مسجد ۾ پيش امام پنهنجي مصلي تي ويٺي مالها ٿي ڦيري. ۽ جڏهن تہ وڇايل پهرين صف ۾ هڪ ڪلين شيو جيڪو ننڍو ڪاروباري لڳي رهيو هو، سو ويٺل هو. ۽ هن شايد ڊو مور نظرئي تحت وڌيڪ مالدار ٿيڻ لاء وضيفو وغيره ٿي پڙهيو.
    آء وضو ڪري اچي هنن جي ڀر ۾ نماز نيتي ٿي بيٺس، تہ کن رکي پيش امام ڪلين شيو شهريء سان مخاطب ٿيو : "خبر پيئي، رات مولانا عصمت ﷲ کوسو آيو هو؟"
    "نہ مان کي تہ خبر ناهي" شهريء جواب ڏنو، ۽ اتاولو ٿيندي سوال ڪيائين : " پوء ڏي خبر، مزو ٿيو؟"
    پيش امام کلندي چيو: "مزي جي ڳالهه ٿو ڪرين، هو اسان واري انور کي سڃاڻين؟"
    " هاها، ڳالھ ڪر"
    "رات ان ڏي ڦريو ڀوڳ هڻي اصل ڀيڻ. . . . . . . ڇڏيئينس.
    ٻنهي طرفان نان اسٽاپ ٽهڪ گونجا، ۽ مان جيڪو ان وقت رڪوع جي حالت ۾ بيٺل هيس، گهڻي ڪوشش جي باوجود بہ کل کي روڪڻ ۾ ناڪام ويس.
    ( ابوذر انصاري)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو