زندگي جي سڀني شعبن ۾ توازن ئي حقيقي ڪاميابي آهي..!!

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ امتياز علي رند طرفان آندل موضوعَ ‏11 آگسٽ 2019۔

  1. امتياز علي رند

    امتياز علي رند
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    17
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ليکڪ: قاسم علي شاھ
    سنڌيڪار: امتياز علي رند

    بظاهر ڪامياب نظر اچڻ وارا ڪيترا ئي ماڻهو گهڻو ناڪام هوندا آهن انهن وٽ پئسي جي فراواني، جائيداد، طاقت، عزت، سماجي مقام،مرتبو ۽ هر سهولتون موجود هونديون آهن. پر پوءِ به اهي مايوسي ۽ بي سڪوني واري زندگي گذاري رهيا آهن. اصل ڪاميابي جو بهترين انعام ٻن احساسن جي شڪل ۾ محسوس ٿيندو آهي هڪ اندروني سڪون جو احساس، ٻيو پنهنجي قدر ۽ قيمت جو احساس. ماڻهو پئسي کي مقصد بڻائي ڪري هي وساري ڇڏيندا آهن ته پئسو هنن احساسن کي نه ٿو خريد ڪري سگهي ۽ هنن احساسن کانسواءِ توهان سڀني آسائشن جي موجودگي جي باوجود به ناڪام شخص آهيو. ڪيترائي مصروف ماڻهو جڏھن صبح جو ڪم تي ويندا آهن ته ٻار اسڪول وڃي چڪا هوندا آهن ۽ جڏهن رات جو گهر ايندا آهن ته ٻار سمهي چڪا هوندا آهن. ڪيتري ئي افسوس جي ڳالھ آھي ته جيڪي اسان جي اصل دولت آهي ان جي لاءِ ڪو وقت ئي ناهي. حقيقت ۾ اسان پنهنجي زندگي جي مقصدن کي مختلف شعبن جي حوالي سان متوازن ناهي ڪيو. ڪيترائي ماڻهو دين ۽ عبادت جي طرف ايتري قدر راغب هوندا آهن جو پنھنجن ذميوارين کي به نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهن. اهي فقط تبليغ کي عبادت سمجهندا آهن. پر گهرواري ۽ ٻارن کي حلال رزق ڪمائي کارائڻ به وڏي عبادت آهي. هي ماڻهو پنهنجي آخرت سنواريندي سنواريندي پنهنجي دنيا اجاڙي ڇڏيندا آهن. پنهنجن حقيقي ذميوارين کي نظرانداز ڪرڻ به هڪ فرار جو رستو آهي. دنيا جي ڪمن ۾ جيڪڏهن توهان جي نيت سٺي آهي ته توهان نيڪي ڪري رهيا آهيو ڀلي توهان دوڪان تي ويٺا هجو، آفيس ۾ موجود هجو، پڙهائي رهيا هجو يا پڙهي رهيا هجو. دين ۽ دنيا الڳ الڳ ناهن پر دنيا ته آخرت جي کيتي آهي. دنيا ۾ هر اهو ڪم جيڪو توهان سٺي نيت سان ڪري رهيا آهيو ته آخرت ۾ ان اجر ضرور ملندو. انهيءَ لاءِ صرف عبادت ۾ گم ٿي وڃڻ هڪ غيرمتوازن زندگي جي علامت آهي. انهي ڪري توهان پنهنجي ڪم کي عبادت بڻايو. اسان جي نوجوانن جو وڏو انگ مختلف راندين جي حوالي سان گهڻو جذباتي نظريا رکندا آهن. ڪرڪيٽ کيڏڻ وارا اسڪول ۽ ڪاليجن جا نوجوان گرمين جي تيز اُس ۾ ڪرڪيٽ کيڏي ڪري پنهنجو رنگ ڪارو ڪري ڇڏيندا آهن ۽ تعليم جو ستياناس ڪري پنهنجو مستقبل برباد ڪري ڇڏيندا آهن. هر نوجوان عمران خان نه ٿو بڻجي سگهي، هر ڪو ميانداد وانگر بال کي اسٽيڊيم کان ٻاهر نه ٿو پهچائي سگهي. باڊي بلڊر نوجوان پنهنجي جسم جي خوبصورتي تي پئسو ۽ وقت برباد ڪري ڇڏيندا آهن. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته ان راند لاءِ انسان کي واندو هجڻ گهرجي. صرف راند ۽ ميچ ئي زندگي ناهي. اسلام پئسي ڪمائڻ کي برو نه ٿو سمجهي پر پئسي جي محبت کي برو ضرور چوندو آهي. ماڻهو پئسا ڪمائيندي پنهنجي زندگي جي سڀني شعبن کي نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهن، انهن جي لاءِ گهرواري، ٻارَ، صحت، سڪون ۽ رشتيدارن جي ڪا به اهميت ناهي هوندي، اهي زندگي کي ٻه جمع ٻه چار به بڻائي ڇڏيندا آهن. صرف پئسو ڪاميابي ناهي، وڏا وڏا سيٺ پئسي جي گهڻائي جي باوجود به چار چار بيمارين ۾ مبتلا هوندا آهن. پئسي جي لالچ ۾ انسان جي عمر ۾ برڪت ختم ٿئي ويندي آهي جيڪڏهن پيسو ئي سڀ ڪجهه هجي ها ته اميرن کي رات جو سڪون جي ننڊ جي لاءِ دوائون نه کائيڻون نه پون ها. پڙهيل لکيل طبقي جا ڪجهه ماڻهو فقط ڪتاب جي پڙهڻ کي زندگي جي ڪاميابي سمجهندا آهن. سٺو حافظو ۽ ذهانت رکڻ وارا بي شمار نوجوانن جي شخصيت ڪتابن جي ٻوجهه هيٺان ايتري ته ڊٻيل هوندي آهي جو اهي عملي زندگي ۾ هيرو جي بجاءِ زيرو هوندا آهن. ڪلاسن ۾ اڪثر ڏٺو ويو آهي ته جيڪو گهڻو ڪتابي ڪيڙو آهي ان جا دوست ۽ تعلقات تمام گهٽ هوندا آهن اهڙا نوجوان سماجي لحاظ کان بيمار هوندو آهن ڊگرين جي ڀرمار ۽ ميڊلز به انهن کي عملي زندگي ۾ هڪ ڪامياب شخص جي حيثيت نه ڏئي سگهندا آهن. اسان جي ڪيترن ئي محترم دوستن کي سماجي ڪارڪن بڻجڻ جو شوق هوندو آهي اهڙا ماڻهو ٻين جا ڪم ڪرائڻ جي لاءِ ڀڃ ڊڪ ۾ هوندا آهن انهن جون لاتعداد دوستيون هونديو آهن، پر هڪ دوست به نه هوندو آهي، هي ماڻهو ٻين جي زندگي سنواريندي سنواريندي پنهنجي زندگي کي ناڪام ڪري ڇڏيندا آهن، انهن وٽ پنهنجي خاندان جي لاءِ ڪو وقت ناهي هوندو غير منظم شخصيت جي ڪري هي زندگي جي آخري ڏينهن ۾ ماڻهن جي بي وفائي جي تذڪرن ۽ غربت جو مقابلو ڪندي گذاريندا آهن. جيڪڏهن توهان جا مقصد ۽ اهداف هڪ شبعي جي حوالي سان آهن ته توهان ناڪام ۽ غير منظم شخصيت جا مالڪ بڻجي ويندؤ. زندگي جا اهم ترين شعبه جات هي آهن: (1) ماليات (Financial) (2) صحت (Health) (3) خاندان (family) (4) ڪيرير (5) سروس يا خدمت (6) توهان جي ذات (7) دين ۽ روحانيت. جيڪڏهن توهان انهن ۾ توازن برقرار نه رکندؤ ته توهان حقيقي ڪاميابي جي مفهوم کان اگاهه نه ٿي سگهندؤ. انهن مان ڪنهن به شعبي کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي، پئسو ڪمائڻ ۽ دولت جو هجڻ تمام ضروري آهي پر پئسو ڪجهه نه آهي. صحت نه قائم رهندي ته سڀئي ڪاميابيون ڪنهن ڪم جون ناهن رهنديون. توهان جو بهترين ۽ خوبصورت وقت اهو آهي جيڪو توهان پنهنجي فيملي سان گڏ گذرايو آهي. توهان تي سڀ کان زياده حق فيملي جو آهي. پسنديده پيشو (career) منتخب ڪرڻ کان بغير توهان قيد با مشقت ڪاٽيندؤ. انهيءَ لاءِ هي به زندگي جو اهم شعبو آهي توهان جي دولت ۽ ڪاميابي ڪنهن ڪم جي ناهي. جيڪڏهن هي ٻين جي مدد ۽ آساني جي لاءِ استعمال نه ٿي رهي آهي. انهيءَ لاءِ خدمت ڪرڻ ضروري آهي. توهان تمام قيمتي انسان آهيون سڀ ڪجهه توهان جي ئي دم سان آهي، انهيءَ جي لاءِ توهان کي آرام جي ضروت آهي ۽ تفريح جي به، توهان پنهنجي جسم کي توانائي ڏيڻ جي لاءِ سٺي خوراڪ کائي سگھون ٿا ۽ ذهن کي طاقت ڏيڻ جي لاءِ سٺا ڪتاب پڙهي سگهو ٿا. آخر ۾ هي ٻڌائڻ تمام ضروري آهي ته توهان جي سڀني شعبن جون ڪاميابيون ڪنهن ڪم جون ناهن جيسيتائين توهان جو مالڪ (الله تعالى) توهان تي راضي ناهي، پنهنجي ڪاميابي جي لاءِ انهيءَ مالڪ کي سڀ کان وڏو مڃيندي. ان کان دعائون گھرو ۽ جيڪڏهن ڪاميابي ملي وڃي ته ان مالڪ جو شڪر ادا ڪرڻ جي لاءِ ان جي عبادت ڪيو. انهن سڀني شعبن جو توازن هي اسان جي لاءِ اندروني سڪون جو احساس ۽ حقيقي خوشي کان آشنا ڪرائيندو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو