بيماري،سياست،افواهه ۽ انومان!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏8 نومبر 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    سياست ۾ اهو به ٿيندو آهي ته جيڪا کڏ اوهان ٻين لاء کوٽيندا آهيو هڪ ڏينهن اوهين پاڻ انهيء کڏ ۾ وڃي ڪرندا آهيو،جيڪو تير اوهين پنهنجي دشمن تي هلائيندا آهيو اهو ساڳيو تير پنهنجي ئي سيني تي سهڻو پوندو آهي،جيڪا گار ڪڏهن پنهنجي مخالف کي ڏبي آهي هڪ ڏينهن اها ساڳي گار پاڻ به سهڻي پوندي آهي،جيڪو الزام ٻين کي ڏبو آهي ان الزام جو شڪار پاڻ به ٿيڻو پوندو آهي. اسان وٽ سياست انهيء ئي واري ڦيريء جو نالو بڻجي ڪري رهجي ويئي آهي.ملڪي سياست ۾ حالتون تيزيء سان تبديل ٿي رهيون آهن.هاڪاري رپورٽنگ اڻ لڀ ٿيندي ٿي وڃي.حڪومت جي نا اهليء تي انهن جون زبانون به ڊگھيون ٿي رهيون آهن جيڪي حڪومت جي قيام جو سبب هئا. معيشت برباديء جو ڏيک ڏيئي رهي آهي ۽ ان ۾ بهتريء جا ڪي امڪان به نظر نٿا اچن.اپوزيشن هاڻي سياسي انتقام برداشت ڪري ٿڪي پيئي آهي.هاڻي روز روز جون گرفتاريون کين خوفزده نه ڪري رهيون آهن بلڪه گرفتار اڳواڻ انهن گرفتارين جا تمغا پنهنجن سينن تي سجائي عوام جي نظر ۾ مظلوم ثابت ٿيندي داد وصول ڪري رهيا آهن. هڪ اهڙي وقت جڏهن نواز شريف جي صحت جي حوالي سان متفرق ۽ متضاد اطلاع اچي رهيا آهن،عوامي حلقن ۾ نواز شريف جي ٻاهرئين ملڪ اسهڻ متعلق انومانن ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي.مسلم ليگ نون جو چوڻ آهي ته علاج لاء ٻاهر وڃڻ جو فيصلو ميان نواز شريف کي پاڻ ڪرڻو آهي ۽ جيڪر ميان صاحب ٻاهر وڃڻ جو فيصلو ڪيو ته حڪومت ان فيصلي کي مان ڏيندي.پاڪستان جا سياسي حلقا اپوزيشن جي احتجاجي مارچ کان ڪجهه ڏينهن پهرين ميان نواز شريف ۽ آصف علي زرداري جي جيلن کان اسپتال منتقلي ۽ بعد ۾ ميان نواز شريف جي عدالت پاران ضمانت واري معاملي کي اهم قرار ڏيئي رهيا آهن.اهي حڪومتي حلقا جيڪي جيل ۾ نواز شريف کي سندس ذاتي ڊاڪٽرن سان رابطن جي اجازت ڏيڻ جي به خلاف هئا هاڻي انهن جي رويي ۾ اوچتي تبديليء ڪيترائي سوال پيدا ڪري ڇڏيا آهن.وزير اعظم عمران خان پنجاب جي وڏي وزير کي فون ڪري ميان صاحب کي علاج جون هر ممڪن سهوليتون مهيا ڪرڻ جي هدايت ڪئي،پنجاب جي صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر ياسمين راشد سروسز اسپتال ۾ نواز شريف جي صحت ۽ سندس علاج جي صورتحال کي مانيٽر ڪندي رهي ۽ اهو به ته عمران خان پنهنجن حڪومتي وزيرن ۽ مشيرن کي ميان نواز شريف جي صحت جي حوالي سان منفي بيان بازيء کان روڪي ڇڏيو.ڪجهه حلقن جو خيال آهي ته حڪومتي صفن ۾ پيدا ٿيل بي چيني ۽ هنگامي ڪيفيت ظاهر ڪري ٿي ته ميان صاحب جي حالت گھڻي ڳڻتيء جوڳي آهي جڏهن ته هڪ ٻئي حلقي جي سوچ اها آهي ته اها سموري فضا نواز شريف کي ملڪ کان ٻاهر موڪلڻ لاء تيار ڪئي پيئي وڃي.هڪ اهم صحافي پنهنجي ٽويٽ ۾ لکيو آهي ته لڳي ٿو ته نواز شريف ۽ سندس خاندان جا سمورا ماڻهو لنڊن وڃڻ وارا آهن. سروسز اسپتال لاهور ۾ داخل نواز شريف جو علاج ملڪ جي سينئر ترين ڊاڪٽرن جو هڪ بورڊ ڪري رهيو آهي ۽ اهي اهو سمجھڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته ميان صاحب جي رت ۾ پليٽليٽس جي انگ ۾ خطرناڪ حد تائين گھٽتائي ڇو اچي رهي آهي؟نواز شريف جو پٽ حسن نواز، نواز شريف کي امڪاني طور تي زهر ڏيڻ جي خدشي جو اظهار پڻ ڪري چڪو آهي.ڪجهه تجزيي نگار نواز شريف جي بيماري کي طبي مسئلي کان وڌيڪ سياسي اڳڀرائيء طور ڏسي رهيا آهن ۽ انهن جي خيال ۾ معاملن کي ميڊيا ۾ وڌائي بيان ڪيو پيو وڃي.انهن جي خيال ۾ اصل ڳالهه اها آهي ته ملڪ جي اصل واڳ ڌڻين ڪنهن ٽڪراء کان بچندي اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪيو آهي ان ڪري لڳي ٿو ته نواز شريف بنان ڪنهن رقم ڏيڻ جي ترت ئي ملڪ کان ٻاهر هليو ويندو.انهن جي سوچ مظابق لاهور هائي ڪورٽ طرفان خميس تي منظور ٿيل ميان صاحب جي ضمانت ۽ ڇنڇر تي اسلام آباد هائي ڪورٽ پاران منظور ڪيل عبوري ضمانت پڻ ان سلسلي جون ڪڙيون آهن.جڏهن ته ڪجهه سينئر تجزيي ڪار ان موقف سان متفق نٿا ٿين.انهن جو چوڻ آهي ته ظاهر ۾ اها ڳالهه منطقي نٿي لڳي ته ايڏي جدوجهد بعد نواز شريف ملڪ ڇڏي ٻاهر هليو ويندو.ڪيئن به هجي پر پاڪستان ۾ صورتحال اها ناهي جيڪا ڏيکاري پيئي وڃي.پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ اسان ڏٺو آهي ته هتي ڪجهه به ٿي سگھي ٿو.هن وقت ملڪ جي سياسي منظر نامي تي افواهن،غلط فهمين ۽ وهمن جا پاڇا آهن،نه ته حڪومت ان صورتحال جي وضاحت ڪري رهي آهي ۽ نه ئي مسلم ليگ نون ماڻهن کي اعتماد ۾ وٺي رهي آهي.اهو سچ آهي ته نواز شريف بيمار آهي ۽ ان جي صحت ڳڻتيء جوڳي آهي پر ان سان گڏوگڏ خود نون ليگ جا ڪجهه حلقا پڻ ظاهر ۾ يقين سان چئي رهيا آهن ته اندر ئي اندر ڪا کچڻي ضرور پچي رهي آهي.جيڪر نواز شريف ملڪ کان ٻاهر هليو وڃي ٿو ته ان سان سندس سياسي پارٽيء سان گڏ مولانا جي احتجاجي تحريڪ کي به نقصان پهچندو.مولانا پنهن جي ڌرڻي ۽ ملڪ گير احتجاج تي ڄميو بيٺو آهي.سندس رويي ۾ ڪا لچڪ نظر نٿي اچي. شايد ان سختيء جو سبب مولانا جي اها تضحيڪ آهي جيڪا عمران خان ۽ سندس ساٿي ڪيتري عرصي کان ڪندا رهيا آهن.مسلم ليگ اڃا سوچي رهي آهي ۽ سندن سوچ جو مرڪز نواز شريف جو بيانيو آهي.انهن جي اڪثريت اڃا به ڪا وچين واٽ ڳولهڻ جي حق ۾ آهي. مريم نواز به سمورين مصيبتن ۽ تڪليفن باوجود پنهنجي پيء جي سوچ تي ڄميو بيٺي آهي پر پارٽي ليول تي ڌرڻي واري معاملي تي ڪجهه مونجھارا پاتا وڃن ٿا.ڪجهه اهي آهن جيڪي هر حد تائين مولانا سان گڏ اڳتي وڃڻ گھرن ٿا ۽ گھڻا هر قدم سوچي سمجهي کڻڻ جي ڳالهه ڪن ٿا.پيپلز پارٽي توڙي جو ڌرڻي ۾ شرڪت کان معذرت ڪري چڪي آهي پر سندن قيادت جون گرفتاريون کين ڪافي ڪاوڙ ڏياري رهيون آهن.اليڪشن کان اڳ بلوچستان حڪومت کي ڪيرائڻ،سينيٽ جي چيئرمين جي چونڊ ۽ هاڻي ڌرڻي جي بائيڪاٽ جي فيصلن سان پيپلز پارٽي وقتي طور تي ڪجهه فائدا حاصل ڪرڻ ۾ ته ڪامياب ويئي هجي پر هڪ ملڪ گير پارٽيء طور پيپلز پارٽيء جي سپورٽ انهن فيصلن سان گھٽجي رهي آهي.اهي ننڍيون سياسي پارٽيون جن جو تعلق ڪي پي ۽ بلوچستان سان آهي اهي سڀ دلي طور تي ان امڪاني ڌرڻي سان سهمت آهن ۽ سندن سپورٽر ان احتجاج ۾ شريڪ ٿيڻ لاء تيار آهن.جيستائين عوام جي اڪثريت جو تعلق آهي ته مهنگائيء جو نانگ انهن کي هر روز ڏنگي رهيو آهي.هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جا وعدا ڪندڙ لکين ماڻهن کي بيروزگار ڪري رهيا آهن.ضرورت جي هر شيء جو اگھه وڌي رهيو آهي ۽ حڪومت جو قيمتن تي ٽڪي جو به ڪنٽرول ناهي رهيو.تاريخي طور تي ماڻهو معيشت جي معاملي تي ڪڏهن روڊن رستن تي ناهن آيا پر جڏهن گھڻا معاملا پاڻ ۾ گڏجي وڃن ته عوام جو عتاب ڪنهن به شڪل ۾ ظاهر ٿي سگھي ٿو.

    آڪٽوبر ۽ نومبر هن ملڪ جي تاريخ ۾ اهم مهينا آهن.ڏسڻو اهي ته انهن مهينن ۾ شروع ٿيل احتجاج ڪهڙو نياپو کڻي ٿو اچي.اهو ته صاف ظاهر آهي ته اصل اقتدار ڏڻي هن وقت ملڪ ۾ ڪنهن سياسي تبديليء جي حق ۾ ناهن ۽ اهي انهن احتجاجن کي هر صورت ۾ روڪڻ جي ڪوشش ضرور ڪندا پوء انهيء لاء کين ڪجهه سياسي اڳواڻن کي رليف ئي ڇو نه ڏيڻو پوي.اڳيان ڪهڙيون تبديليون اچڻ واريون آهن انهن جي باري ۾ تي في الحال ڪجهه نٿو چئي سگھجي پر اهو ضرور چئي سگھجي ٿو ته جيڪا کڏ اوهان ٻئي لاء کوٽيو ٿا هڪ ڏينهن پاڻ به ان کڏ ۾ ڪرو ٿا،جيڪو تير دشمن طرف اڇلائبو آهي اهو ئي تير هڪ ڏينهن پنهنجي سيني تي به سهڻو پوي ٿو ۽ جيڪا گار دشمن کي ڏجي ٿي ڪڏهن نه ڪڏهن اها گار پاڻ به سهڻي پوي ٿي ۽ جيڪو الزام ٻين کي ڏبو آهي انهيء الزام جو نشانو پاڻ به بنجڻو پوي ٿو!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو