قلم جي ميدان ۽ محمد ابراهيم لاشاري جو مثالي ڪردار

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏1 جنوري 2020۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    (پهرين جنوري جنم ڏڻ جي حوالي سان)

    قلم جي ميدان ۽ محمد ابراهيم لاشاري جو مثالي ڪردار

    شرف الدين مرکنڊ

    سنڌ سونهاري جي سرزمين نه فقط زرخيز پر مردم خيز به آهي جنهن ۾ صوفي، اديب، عالم، سگھڙ، صحافي، ليکڪ ۽ ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي. جن سرزمين سنڌ جي رهندڙ ماروئڙن سان ميٺ محبت، اخوت، همدردي، انسان دوستي جهڙا انمول سبق پئي سکاريا آهن، جن پنهنجي قلم جي نوڪ سان ستل قوم کي سجاڳ ڪيو آهي، اهڙن نامور انسانن جي جيتري واکاڻ ڪجي، منهنجي خيال ۾ ته اوتري گھٽ آهي. ڇو ته انهن پنهنجي جانين جا نذرانا ڏئي ڪري هر نئين ايندڙ نسل کي تعليم، تاريخ، ادب، هنر ۽ ٻين ڪيترن ئي شين سان نوازيو آهي. جڏهن کان ادب جي دنيا ۾ پير پاتو آهي ته تڏهن کان وٺي ڪيترن ئي نالي وارن ليکڪن، اديبن، شاعرن ۽ سگھڙن سان رابطا، ملاقاتون، ۽ ڪچهريون مختلف وقتن تي ٿينديون رهيون آهن ۽ انهن کان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو آهي ته گھڻو ڪجهه پرايو به آهي.

    اڄ پهرين جنوري آهي، جيڪو هر سال جو شروعاتي ڏينهن ۽ شروعاتي مهيني طور سڃاتو ويندو آهي ۽ اڄ نئين سال جي اچڻ جي ڪري هر ماڻهو خوشگوار چهرن سان نظر ايندو، جيڪا انتهائي خوشي جهڙي ڳالهه آهي ته انسان جي چهري تي خوشين جي مرڪ سجايل آهي. اڄ پاڻ هڪ اهڙي نامور صحافي ۽ ليکڪ تي قلم هٿ ۾ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن جي پهرين جنوري جنم ڏڻ آهي، اهو نامور صحافي، ليکڪ محمد ابراهيم لاشاري آهي جنهن پنهنجي زندگي ۾ ڪيترن ئي انمول ليکڪن، فنڪارن، سگھڙن، ۽ ڪيترن ئي شاعرن جي زندگي تي لکي انهن جي ڪردار کي پڙهندڙن آڏو پيش ڪيو آهي، ناليواري صحافي ۽ ليکڪ ابراهيم لاشاري پهرين جنوري 1976ع تي ضلع قمبر شهداد ڪوٽ جي وارهه تعلقي جي هڪ تاريخي ڳوٺ ميد شهيد ۾ معزز شخصيت حاجي ڦوٽو خان لاشاري جي گهر ۾ جنم ورتو، والدين سندن جو نالو محمد ابراهيم رکيو، جڏهن ته پاڻ ادب جي دنيا ۾ “ابراهيم لاشاري” جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، ابراهيم لاشاري کي والدين پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو جتي پنج درجا پاس ڪيا. وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ وارهه تعلقي جي هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتائون پر ڪن سببن جي ڪري اتان وري هاءِ اسڪول کنڊو ۾ منتقل ٿيو، جتان مئٽرڪ جو امتحان 1992ع ۾ استاد محمد صالح پتوجو ۽ استاد نعمت الله ڪانڌڙو جي زيرشفقتن ۽ محنتن سان سٺن نمبرن ۾ پاس ڪري ورتو، 1994ع ۾ وارهه تعلقي جي هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ انٽر پاس ڪرڻ بعد هڪ ميڊيڪل اسٽور تي هيلپر طور ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق به پورو ڪندو رهيو، هن 1996ع ڌاري نصيرآباد جي ڪاليج مان بي اي جو امتحان سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيو. 1998ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان سنڌي ادب ۾ ايم اي پاس ڪري ورتائين، يونيورسٽي ۾ پڙهندي کيس ادب ۽ صحافت سان تعلق جو شوق پيدا ٿيو ۽ ان وقت ئي صحافت جي دنيا ۾ پير پاتائون. جتي پاڻ وارهه اسٽيشن لاءِ روازني ڪوشش اخبار جو نمائندو مقرر ٿي وارهه تعلقي جي عوام جي دٻيل آواز کي اخبار ذريعي اعلى ايوانن تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ان کان بعد ۾ هن مختلف اخبارن ۾ نمائندگي جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون.

    1999ع ۾ هن هڪ مضمون “ شاهه جي رسالي ۾ پکين جو ذڪر” جي عنوان سان لکيو جيڪا عوامي آواز اخبار ۾ ڇپيو، ان کان بعد مختلف موضوعن تي اڄ تائين مختلف موضوعن تي لکندو رهي ٿو، سندس اڪثر لکڻيون اديبن ۽ شاعرن ۽ مختلف شخصيتن تي هونديون آهن، جنهن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته ابراهيم لاشاري کي تحقيق جي ميدان ۾ سٺو عبور حاصل آهي، سندس لکڻين ۾ پنهنجائپ، ادب سمايل هوندو آهي، ابراهيم لاشاري ادبي معلومات، ادب دوستي، عالمي ڏهارن، اهم شخصيتن ۽ صوفي منش انسانن جي زندگي تي لکڻ جو وڏو ڏانءُ حاصل ڪيو آهي، ابراهيم لاشاري جي تحقيقي، ترتيب ۽ مضمونن جو تعداد هن وقت اٽڪل پنج سؤ کان مٿي آهي، جيڪو ٿورڙي عرصي ۾ وڏو انگ آهي، ابراهيم لاشاري پنهنجي لکڻين کي سهيڙي “ڏاها هن ڏيهه جا” جي نالي سان ڪتاب پڻ ترتيب ڏنو آهي، جيڪو ڪمپوزنگ جي مرحلي ۾ آهي.

    2005ع ۾ سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي جي سنڌي ادب جي ليڪچرار وارين پوسٽن ۾ ڪميشن ذريعي حصو ورتو، جنهن ۾ 902 اميدوارن حصو ورتو، ابراهيم لاشاري سموري سنڌ مان ٻئين نمبر تي پاس ٿيو، هو آگسٽ 2006ع ۾ شاهه لطيف ڪاليج قمبر ۾ سنڌي جو ليڪچرار طور مقرر ٿيو، جتي هن وقت به هو پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. ابراهيم لاشاري هڪ بهترين انسان هجڻ سان گڏ بهترين ادبي دوست پڻ آهي. سندس سان ڪچهري دوران ويهڻ کان پوءِ اٿڻ تي دل ئي ناهي چوندي، سندس ڳالهين ۾ مٺاس ۽ پنهنجائپ سمايل هوندي آهي، سندس طبعيت ۾ سادگي شامل آهي، هو وڏائي کي ڪڏهن به پسند ناهي ڪندو، ادب جي دنيا ۾ کيس سٺي ڄاڻ آهي، ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن معاملي تان ساڻس کان مدد وٺندو آهي ته هو بنا ڪنهن وڏائي جي همدردي ڪندو آهي، هميشه چهري تي مرڪ سجائي گهمندڙ ابراهيم لاشاري سان کوڙ دفعا قاضي عبدالغفار لائبريري (وارهه) ۾ ملاقات ٿيندي رهندي آهي.

    اڄ سندس جنم ڏڻ جي موقعي تي مان کيس مبارڪباد پيش ڪندي ڊگهي ڄمار لاءِ دعاگو آهيان، الله تعالى کان دعا آهي ته شال ابراهيم لاشاري ائين ئي سنڌ جي مسئلن، اديبن، شاعرن جي زندگين ۽ ٻين موضوعن تي هميشه لکندو رهي ته جيئن سندس قلم جي سگهه اڃان به ترقي ماڻي. آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو