روح رھاڻ جو باني حميد سنڌي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏7 جنوري 2020۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    61
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    مير سردار چنڙ

    اسان وٽ اھو اھو اڪثر عام چيو وڃي ٿو ته ڊسمبر وڇوڙن جون مھينو آهي ڊسمبر اسان کان اسان جا ھيرا جدا ڪيا آهن اسان جو جوڌا جوان ۽ اھم ماڻھو جدا ڪيا آهن پر جنوري ڪو ڪردار به ڊسمبر کان گھٽ ناھي رھيو جڏهن به جنوري مھينو آيو آهي ته وڏي دٻدٻي سان آيو آھي عام طور تي ان جنوري کي جن به چيو ويندو آھي سال 2020ع جي شروعات جڏهن ٿي ته سڄي دنيا ۾ نئين وسال سک امن ڀائيچاري شانتي پيار محبت سان رھڻ ۽ خير جو سال گذرڻ جو دعائون گھرڻ لڳي ته ٻئي طرف اسان لاء اھا جنوري اڀاڳي نصيب ٿي ڇاڪاڻ ته ھن اسان جي سنڌي ادب جي جان نامور ڪھاڻيڪار صحافي ڪالم نگار اديب تعليمي ماھر روح رھاڻ جو سرواڻ محترم حميد سنڌي اسان کان ڪوھين ڏور ھليو ويو ايترو ته ڏور ھليو ويو جتان اڄ تائين ڪير موٽيو ناهي حميد سنڌي پنهنجي پوري زندگي ادب جي خدمت ۾ گذاري زندگي جي آخري لمحي تائين سنڌي ادب سان وابسطا رھيو حميد سنڌي جو اصل نالو حميد ميمڻ آهي 12 آڪٽومبر 1939ع تي اڳوڻي ضلعي نواب شاهه (شھيد بينظير آباد ) ۽ ھاڻوڪي ضلعي نوشھرو فيروز ۾ سيٺ محمد اسماعيل جي گھر ۾جنم ورتو حميد سنڌي پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم نوشھرو فيروز مان حاصل ڪيائين معاشيات ۾ بي اي آنرز ۽ ايم اي ڪرڻ کان پوء ايل ايل بي ڪائين بعد ۾ مانچسٽر يونيورسٽي برطانيا مان ھائير ايڊيوڪيشن ائڊمنسٽريشن جو ڪوري ڪري آيو 1960ع کان نوڪري جر شروعات ڪيائين پھرين ڳوٺ سڌار کاتي ۾ پبلسٽي آفيسر بڻيو 1963ع کان 1966ع تائين بينڪ ۾ نوڪري ڪيائين 1970ع تائين وڪالت ڪيائين
    1970ع کان سنڌ يونيورسٽي جي نوڪريءَ ۾ پير رکيائين ايڊمنسٽريٽو آفيسر، اسسٽنٽ ڪنٽرولر، ڊپٽي ڪنٽرول، ايڊيشنل ڪنٽرولر (امتحان) ۽ رجسٽرار جا عهدا حاصل ڪيائين، سيپٽمبر 1976ع کان ڊسمبر 1977ع تائين تعليم کاتي ۾ ڊائريڪٽر ٿي رهيو ۽ بعد ۾ انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي جو ايڊيشنل ڊائريڪٽر بڻيو. 1980ع تائين سنڌ يونيورسٽي سيني جو ميمبر ۽ فنانس ڪاميٽي جو چونڊيل ميمبر ٿي رهيو. آگسٽ 1978ع ۾ پبلڪ اسڪول حيدرآباد جو پرنسپال ٿي رهيو، تنهن کانپوءِ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ پوءِ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ خيرپور جو وائيس چانسلر ٿيو. اتان کانپوءِ سنڌي لئنگويج اٿارٽي جو چيئرمين ۽ پوءِ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو چيئرمين مقرر ٿيو، جتان نوڪري جا سٺ سال پورا ڪري 1999ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. حميد سنڌي کي حيدرآباد ۾ رھڻ ڪري علمي ادبي ماحول طرف لاڙو ٿيو پاڻ ڪتابن جو مطالعو شروع ڪيائين حميد سنڌي 1958ع کان ڪھاڻيون لکي ادب کي ڀليڪار ڪيائين حميد سنڌي مختلف اخبارن ۾ ڪم ڪيو ھو . حميد سنڌي پنهنجون شروعاتي ڪھاڻي ڪنهن اخبار رسالي ۾ ڇپرائڻ بدران 1960ع ۾ شايع ڪرايائين ان کان علاوه ڪھاڻين جو ڪتاب اداس واديون 1965ع ويريون 1981 راڻا جي رجپوت 1984ع "سوني زنجير" ٻاراڻي ادب لاء جپاني ڪھاڻين جو ترجمو ڪيائين " درد وندي ديس "ڪھاڻيون ۽ "سومون سڀ ڄمار " 2008ع ۾ ڇپيا 48 سالن ۾ ھن سنڌي ادب کي 6 ڪھاڻين جا ڪتاب ۽ ھڪ آمريڪا تي سفر نامو ۽ ٻيا ڪيترائي مضمون مقالا خط ڪتاب جا مھاڳ رايا بيڪ ڪور خاڪا سميت ڪيتريون ئي تحريرون لکيون جيڪي مختلف وقت کان شايع ٿينديون اچن پيو پاڻ ڪاوش ۾ پڻ ڪيترائي تاريخي تحقيقي علمي ادبي سماجي مضمون لکيائين .
    حميد سنڌي ادب ۾ اچڻ شرط ئي 1962ع سنڌي ادارو "زندگي پبلڪيشين " قائم ڪيو جتان پاڻ اپريل 1962ع کان ماھوار "روح رھاڻ "حيدرآباد نالي سان ميگزين شايع ڪرڻ لڳو حميد سنڌي ان رسالي جو ايڊيٽر غياث جوڻيجو اسٽنٽ ايڊيٽر مقرر ٿيو. روح رھاڻ ميگزين شايع ٿيڻ سان ئي عروج تي پھچي ويو ھي خالص سنڌي رسالو ھو منجهس ترقي پسند ليکڪن جو مواد شايع ٿيندو ھو روح رھاڻ رسالو ادب جي ميدان مقبول رسالو ھو ۽ ھڪ وڏي خوش نصيبي ھئي حميد سنڌي سٺو ڪھاڻيڪار ھيو سندس ڪھاڻين جا 70ع واري ڏھاڪي چرچا ھئا پاڻ روح رھاڻ جي پليٽ فارم تان ڪيترن ئي ڪھاڻيڪارن کي متعارف ڪرايائين جنهن اڳتي ھلي سنڌي ادب جي ڪھاڻي کي ھٿي وٺرائي جن ۾ نسيم کرل, رشيده حباب, سراج, علي بابا, عبدالقادر جوڻيجو ,شوڪت حسين شورو متعارف ڪرايائين.
    سنڌ جي البيلي ارڏي ڪھاڻيڪار ليکڪ امر جليل کي قاضي عبدالجليل مان امر جليل ڪرڻ وارو به حميد سنڌي ئي آهي جنهن پنهنجي ئي رسالي ۾ امر جليل جي ڪھاڻي "اروڙ جو مست" شايع ڪئي جنهن تمام گھڻي شھرت ماڻي ۽ امر جليل کي سائين حميد سنڌي کلي عام لکڻ جي اجاز ڏني ھئي نه رڳو امر جليل ٻين سڀني ليکڪن کي ان رسالي ۾ لکڻ جي آزادي مليل هئي امر جليل جي ئي ڪھاڻي "ھڪ لاش ۽ راتين جا رولاڪ " ڇپجڻ سان روح رھاڻ رسالي تي پابندي لڳي . جنهن جي نشانداھي امر جليل پنهنجي ڪالمن جي ڪتاب "سنڌو بقا مان آھيان" ۾ شامل ھڪ مضمون "روح رھاڻ" ۾ ڪئي آهي
    حميد سنڌيءَ ٻين ليکڪن سان گڏ مون کي به لکڻ جي مڪمل آزادي ڏيئي ڇڏي. جيڪي وڻندو هو، جيئن وڻندو هو، ۽ جهڙي فارميٽ ۾ وڻندو هو، لکندو هوس، ۽ حميد سنڌي ڇپي ڏيندو هو. هن منهنجيون اهڙيون اهڙيون ڪهاڻيون شايع ڪيون جو طارق اشرف کانسواءِ ٻيو ڪير به ايڊيٽر جيڪر هر گز قبول نه ڪري ها. ان جو نتيجو اِهو نڪتو جو منهنجي هڪ ڪهاڻي، “هڪ لاش ۽ راتين جا رولاڪ” سبب روح رهاڻ تي 1968 ۾ بندش پئجي ويئي
    حميد سنڌي بابت امر جليل وڌيڪ چوي ٿو ته
    روح رهاڻ کي مان سنڌ جي تاريخ جو حصو سمجهندو ۽ مڃيندو آهيان. حميد سنڌي جيئن ته روح رهاڻ جو ايڊيٽر هوندو هو، تنهنڪري منهنجي ذاتي راءِ ۾، حميد سنڌي به سنڌ جي تاريخ جو حصو آهي
    امر جليل جي راء مان مان به ذاتي طور متفق آھيان حميد سنڌي به سنڌ جي تاريخ آھي ان تاريخ کي تاريخ ئي محفوظ ڪري سگھي ٿي جيتري سنڌي ادب جي خدمت شيخ اياز استاد بخاري ڪئي آهي اوتري خدمت حميد سنڌي پڻ ڪئي آھي جيئن شيخ اياز چيو آهي ته
    ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا
    گھايل ڌرتي جي سيني تي اهڙي چيخ ٿين ٿا
    جا ڌرتيءَ کي جاڳائي ٿي
    دنيا کي بدلائي ٿي .
    حميد سنڌي جو رسالو "روح رھاڻ " 1968ع ۾ بند ٿي ويو تنهن کان پوء به پاڻ بزم روح رھاڻ جا ھفتيوار ڪلاس وٺڻ لڳو جيڪي سندس زندگي جي آخري وقت تائين جاري ھئا بزم روح رھاڻ جي ادبي ڪلاسن ۾ مختلف ڪھاڻيڪار تي تنقيد براء اصلاح ڪندا ھئا انھن کي ڪھاڻي تي ليڪچر ڏيندا ھئا
    محترم حميد سنڌي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس مبارڪ تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس مان مختلف ليکڪن جا مقالا کي گڏ ڪري 11 ڪتاب ترتيب ڏنائين صوفي سچل سرمست تي لکيل مقالن "آري اچين شال" ڪتاب ترتيب ڏنائين کيس ادبي خدمتن عيوض 23 مارچ 1990ع تي تمغه امتياز سان نوازيو ويو 1993ع اعزاز فضيلت حاصل ٿي شاهه لطيف ايوارڊ 1981ع سنڌ الاجي ادبي ايوارڊ 1981ع پاڪستان رائيٽرس گلڊ ايوارڊ 1981ع ۽ نيشنل بڪ فائونڊيشن ايوارڊ سميت ٻيا ڪيترائي ايوارڊ ميڊل سرٽيفڪيٽ مليا .
    سنڌ جو ھي جھونو اديب حميد سنڌي80 سالن جي عمر ۾ 03 جنوري 2020ع تي دل جي بيھڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو کيس سندس وسعيت مطابق اباڻي شھر نوشھرو فيروز ۾ ھزارين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو .
    حميد سنڌي سنڌي ادب جو بھترين آزاد خيال ليکڪ ھو سندس لاڏاڻي سان سنڌي ادب ۾ ھڪ وڏو خال آيو آ جنهن کي ڀري نه ٿو سگھجي الله تعالي جي بارگاهه ۾ دعا آهي ته کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرماء .(آمين)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو