حميد سنڌي به وڇڙي ويو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏21 جنوري 2020۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    حميد سنڌي به سنڌي ادب کان موڪلائي ويو
    [​IMG]

    ابراهيم لاشاري

    پنهنجي ڌرتي جيڪا سڄي دنيا جيان ادب سان آسودي آ هن ڌرتي ڪيترن ئي اديبن کي جنم ڏئي پنهنجي ادب جو ڳاٺ اوچو ڪيو آهي اهڙي ريت آهستي آهستي اهي اديب به پنهنجي ڌرتي جي ماڻهن ۽ پنهنجي ادب کان موڪلائيندا پيا وڃن اڄ به نئين سال 2020ع جو ٽيون سج اڃان چيهه مس ڪڍي هئي ته پنهنجي ادب جو هماليه جيڏو سيني ۾ ادب رکندڙ جهونو اديب ، ڪهاڻيڪار ، محقق، صحافي ، تعليم جو ماهر سڀني وصفين سهڻو اديب جناب حميد سنڌي به سنڌي ادب ۽ اديبن کان پنهنجون سموريون ادبي سرگرميون ڇڏيون 80سال 2مهينا 21 ڏينهن گذاري هميشه لاءِ ڏاڏڻي ڏيهه روانو ٿي ويو جيڪو هاڻ مور نه ورڻو آهي پاڻ هاڻ ادبي ڪانفرنسن ، ۽ ورسي ڏينهن هميشه ياد ڪيو ويندو هي ناميارو اديب پڙهيل لکيل گهراڻي منجهه 12 آڪٽوبر 1939ع خميس ڏينهن سيٺ محمد اسماعيل ميمڻ جي گهر اڳوڻي ضلعي نوابشاهه ۽ هاڻوڪي ضلعي نوشهرو فيروز شهر منجهه جنم ورتو هو حميد سنڌي صاحب سموريون عام رواجي نصابي تعليم حاصل ڪري قانون جي اعلي ڊگري ايل ايل بي پڻ حاصل ڪيائين پڙهائي ۾ هم ڪلاسين کان پهڙ هوندو هو والدين واپاري ماڻهون هئا مڱر ٻئي مها ڀاري جنگ منجهه سمورو ڪاروبار ٺڦ ٿي ويو تنهن ڪري سندس والد صاحب سرڪاري نوڪري سان سلهاڙجي مختلف عهدن تي فائز رهندو آيو مڱر آخر ڪار ڪيترن ئي ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنر واري عهدي تي ڪم پڻ ڪندو رهيو جنهن ڪري حميد سنڌي پڻ والدين سان گڏ مختلف اسڪولن منجهان تعليم مختلف شهرن مان تعليم سان آرستا ٿيندي نظر آيو پاڻ سکر، دادو ، لاڙڪاڻو ، شڪارپور ۽ جيڪب آباد منجهان تعليم حاصل ڪندو رهيوسنڌ جو هي عگانو اديب سال 1956ع ڌاري پنهنجي والد صاحب سان گڏجي اچي حيدر آباد وسايو سندس والد سيٺ محمد اسماعيل ميمڻ پڻ هڪ ناليوار اديب پڻ هو سندس جو ادب ۽ ثقافت سان گهري دلچسپي هوندي هئي سنڌ جو هي ڏاهو اديب حميد سنڌي صاحب کي اهو اعزاز پڻ رهيو هو ته هن انگليڊ جي شهر مانچسٽر يونيورسٽي منجهان (هائير ايڊيوڪيشن ائڊمنسٽريشن ) جو ڪورس پڻ ڪري آيو هو حميد سنڌي به سال 1960ع ڌاري سرڪاري نوڪري اختيار ڪري پهريان ڳوٺ سڌرار کاتي ۾ پبليٽي آفيسر ٿيو پاڻ وري 1963ع کان 1966ع تائين وري بئنڪ واري نوڪري سان سلهاڙيل رهيو پاڻ 1966ع کان 1970ع تائين وري وڪالت ڪندي نظر پڻ آيو پاڻ سال 1970ع ۾ سنڌ يونيورسٽي سان لاڳاپو رکيائين اتي ايڊمنسٽريٽو آفيسر ، اسسٽنٽ ڪنٽرولر، ڊپٽي ڪنٽرولر ، ايڊيشنل ڪنٽرولر امتحان ۽ رجسٽرار ورا عمدا عهدا پڻ ماڻيائين پاڻ تعليم کاتي منجهه ڊائريڪٽر ، سنڌالاجي ايڊيشنل ڊائريڪٽر پڻ رهيو پبلڪ اسڪول حيدرآباد جو سال 1978ع کان پرنسپل پڻ رهيو تنهن بعد سنڌ زرعي يونيورسٽي جوم ٽنڊوڄام ۽ شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جو وائيس ڇانسلر جي عهدي تي پڻ ڪم ڪيائين ،پاڻ سنڌي لئگويج اٿارٽي جو چئرمين ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو چئرمين جي اعلي منصب تي پڻ رهيو جتان سرڪاري نوڪري واري عمر پوري ٿيڻ تي سال 1999ع رٽائرڊ پڻ ٿيو پاڻ سال 1958ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين پهريان ڪهاڻيون لکي ادب منجه پير پاتائين پاڻ ننڍي عمر ۾ پڻ مختلف اخبارن جهڙوڪ هلال پاڪستان ۽ عبرت منجهه پڻ ڪم ڪندي نظر آيو سندس جا ڪيترائي ڪهاڻي جا مجموعا ڇپجي مارڪيٽ جي زينت بڻيا آهن انهن منجهه سيمي 1960ع اساس واديون 1965ع ويريون 1981ع ، راڻا جي راجپوت ۾ 1984ع ، سوني زنجير (جپاڻي لوڪ ڪهاڻين جو ترجمو ) شامل پڻ آهن حضرت سچل سرمست تي تحقيقي مقالن جو جو ڪتاب (آري اچن شال ) پڻ شامل آهي ڪهاڻين جو مجموعو درد وندي جو ديس 2002ع سومون سڀ ڄمار 2008ع ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا آهن ان کان علاوه پاڻ آمريڪا ملڪ جو هڪ سفر نامون پڻ لکي چڪو آهي تنهن کان سواءِ ڪيترائي ڪتاب ، مقالا پڻ ڇپيل آهن سال 1960ع ڌاري روح رهاڻ رسالي جو اجراءُ پڻ ڪيائين ان اديب جي ڪهاڻين منجهه ڪردار چٽا ٻولي نهايت وڻندڙ استعمال ٿيل آهي هن ڏاهي اديب کي ادبي خدمتن عيوض ڪيترن ئي ايوارڊ سان نوازيو ويو جن منجهه حڪومت پاڪستان پاران 23مارچ 1990ع تمغئه امتياز ۽سال 1993ع اعزاز فصيلت پڻ ملي چڪا آهن تنهن کان سواءِ پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس پاران شاهه لطيف ايوارڊ سال 1981ع سنڌالاجي ادبي ايوارڊ 1981ع پاڪستان رائيٽرس گلڊ ايوارڊ 1981ع مڱر هي ڏاهو اديب اڄ 3 جنوري سال 2020ع جمعي جي ڀلاري ڏينهن تي دل بيهي وڃڻ سبب ٿيو 80سال 2 مهينا 21 ڏينهن زندگي جا پل گذاري سنڌي اديب جون سموريون اديبي سرگرميون ختم ڪري هميشه لاءِ موڪلي ويو سندس ادبي خدمتون نوجوان نسل لاءِ مشعل راهه هونديون سندس جي مڙهه کي نوشهروفيرو مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو جتي ناليوارا اديب پڻ نماز جنازه ۾ شرڪت ڪندا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو