عوام آخر ڪيستائين صبر ڪري؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏21 فيبروري 2020۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    حڪمران طبقو پنهنجن ڌنڌن ۾ مصروف آهي پر هر زبان تي اهو سوال آهي ته عوام کي ڇا پيو ملي؟حڪومت کان پڇجي ٿو ته غريب ماڻهن جا مسئلا ڪڏهن حل ٿيندا ته جواب ٿو ملي ته ”ٿورو وقت ڏيو.“سوال اهو آهي ته آخر ڪيستائين انتظار ئي انتظار ڪرڻو پوندو ۽ ڪيستائين ”گھٻرائڻو ناهي“ واري وظيفي جو سهارو وٺڻوپوندو؟ستر سالن جي مسئلن جو ماتم ڇڏي رڳو گذريل سترهن مهينن جي ڳالهه ڪجي ته تڏهن به مسئلن جا ڍير لڳي ويا آهن.ايئن ٿو لڳي ڄڻ وسيلا گھٽجي ويا آهن يا انهن تي ڪنهن غريب جي پلاٽ جيان قبضو ڪيو ويو هجي.جڏهن وزير اعظم جو پگھار مان گذارو مشڪل ٿيندو هجي پندرهن هزار کان ويهه هزار روپيا ڪمائيندڙ شهري تي ڇا گذرندو هوندو. جيڪر ڪا شيء پنهنجي عروج تي آهي سا آهي سياست،الزام ۽ ڪرپشن.خدمت،جمهوريت،سوچ سمجهه،عزم،اتحاديقين،تنظيم ۽ عمل هاڻي رڳو ڪتابن تائين محدود ٿي ويو آهي.عوام کي جيڪي ڪجهه ملي رهيو آهي سو آهي مهنگائي،مونجھارو،بد دلي ۽ انتشار.هاڻي اهو سوال به اٿي رهيو آهي ته ڇا ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل به هاڻي ”ٽرانسپيرنٽ“ نه رهي آهي؟پاڪستان جي باري ۾ اها رپورٽ صحيح آهي يا انگن اکرن جو گورک ڌنڌو.ملڪ ۾ ماڻهن کي اٽو نٿو ملي انهيء جو ذميدار ڪير؟ ڪا خبر ناهي.ستر سالن کان بس حڪمرانن جي اها ئي صدا ته ”ٿورو وقت ڏيو.“ بهار هجي يا خزان، جمهوريت هجي يا آمريت غريب ماڻهوء جي گھر ۾ دز ئي اڏامندي رهي آهي.رڳو هڪ هفتي جي مهنگائيء جي باري ۾ شماريات ڊويزن جي رپورٽ ٿي ڏسجي ته مٿي تي هٿ اچيو وڃن.ملڪي معيشت جي لڏندڙ ڄنگھن جو هڪ سبب واپاري خساري کي به قرار ڏنو وڃي ٿو.هڪ تحقيقي رپورٽ مطابق گذريل پندرهن سالن دوران پاڪستان جو واپاري خسارو 1.06 مان وڌي 37.58 ارب ڊالر ٿي ويو.عام ماڻهو کي شڪايت آهي ته اسان ماچيس جي ڏٻيء کان يوٽيلٽي بلز تائين کاڌي پيتي جي هر شيء تي ٽيڪس ادا ڪريون ٿا،پيٽرول،پاڻي،بجلي،گئس،گھر،دفتر. پگھار هر شيء تي ٽيڪس ڀريون ٿا ته پوء حڪومتون وڌيڪ نون ٽيڪسن جون ڳالهيون ڇو ٿيون ڪن؟هوڏانهن ايف بي آر جي چيئرمين جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ ڪوبه ماڻهو ٽيڪس ڏيڻ لاء تيار ناهي ۽ ملڪي ٽيڪس جو سمورو نظام درهم برهم آهي.سسٽم ۾ بنيادي تبديلين جي ضرورت آهي.ملڪ ۾ ڪاري ڌن کي اڇو ڪرڻ جي جڳهه ريئل اسٽيٽ جو ڪاروبار آهي جيستائين ڪاروبار ڊاڪومينٽيڊ نٿو ٿئي غلط رستا بند ٿي نٿا سگھن.پوري ملڪ ۾ وڏن ٽيڪس چورن خلاف مهم جون دعوائون ته ٿي رهيون آهن پر ڇا واقعي حڪومت انهن مافيائن خلاف ڪو موثر آپريشن ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهي؟ستم ظريفي ڏسو جو ٻاويهه ڪروڙن جي آباديء واري ملڪ ۾ رڳو 20 لک ماڻهو ٽيڪس ڏين ٿا.ان جو هڪ وڏو سبب ايف بي آر ۾ موجود ڪرپٽ مافيا به آهي.

    سستي گئس جي رستي ۾ رنڊڪ ۽ قومي خزاني کي مبينا نقصان پهچائڻ جي الزام هيٺ نيب وزارت پيٽروليم جي بدين فور فيلڊ متعلق جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.نيب مطابق 4 ڊالرز ۾ ملندڙ گئس ۾ رنڊڪ وجھي 10 ڊالرز واري گئس لاء رستو صاف ڪيو ويو.وزير اعظم کي اٽي ۽ ڪڻڪ اسڪينڊل جي باري ۾ جيڪا رپورٽ پيش ڪئي ويئي ان ۾ چيو ويو آهي ته اهو بحران با قائدي منصوبا بنديء سان پيدا ڪيو ويو ۽ انهيء ۾ ڪجهه سرڪاري عملدارن سان کڏوگڏ ڪجهه حڪومتي سياسي شخصيتون به ملوث آهن.اٽي بعد پوري ملڪ ۾ کنڊ جي قيمتن ۾ به واڌ آئي آهي.اپوزيشن جي چوڻ مطابق حڪومت ۾ ويٺل شگر ۽ اٽو مافيا ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ماڻهن جي کيسن مان اربين روپيا هڙپ ڪري ورتا آهن.ڪپهه جي ڳالهه ڪجي ته گذريل سال ملڪ ۾ ڪپهه جي پوک ۾ريڪارڊ گھٽتائي آئي آهي جنهن سبب ايڪسپورٽ کي پڻ ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي ٻئي پاسي پاڪستان کي پوري ڏيڍ ارب ڊالرن جي ڪپهه ٻاهران خريد ڪرڻ جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن.هڪ زرعي ملڪ هئڻ باوجود پاڪستان کي اٽڪل پنج ملين ڪپهه جون ڳٺڙيون ٻاهران گھرائڻيون پونديون جنهن تي چڱو خاصو ناڻو خرچ ٿيندو.

    هوڏانهن ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل گذريل ڏينهن م 180 ملڪن ۾ ڪرپشن جي حوالي سان 2019ع جي رپورٽ جاري ڪئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هڪ نمبر گھٽ حاصل ڪري سگھيو ۽ 2018ع جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ ڪرپشن وڌي آهي.بعد ۾ ساڳئي اداري طرفان هڪڙو وضاحتي بيان به آيو جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته رپورٽ ۾ ايئن ناهي چيو ويو ته ملڪ م ڪرپشن وڌي آهي.پوء ميڊيا ۾ اهي خبرون به آيون ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پنهنجي رپورٽ ۾ پراڻا انگ اکر استعمال ڪيا آهن.مسلم ليگ نون ان رپورٽ کي حڪومت جي منهن تي چماٽ قرار ڏيندي ملڪ ۾ نين چونڊن جو مطالبو ڪري رهي آهي جڏهن ته پيپلز پارٽيء جو رپورٽ جي رد عمل ۾ چوڻ آهي ته اها رپورٽ ثبوت آهي ته هن حڪومت ۾ ڪرپشن گھٽجڻ بدران وڌي آهي.جڏهن ته پاڪ سرزمين پارٽيء جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال جو چوڻ آهي ته عمران خان خدا جي واسطي هاڻي ڪرپشن جو نالو وٺڻ ڇڏي ڏئي.هتي رياست مدينا جو نالو وٺي ماڻهن جي تذليل ڪئي پيئي وڃي.تحريڪ انصاف جي حڪومت کي هڪ کان پوء ٻي ناڪاري خبر کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.پهرين رڳو اتحادي ۽ حڪومتي ميمبرن جي حڪومتي ڪارڪردگيء ۽ ڪرپشن تي سوال اڀا ٿي رهيا هئا پر هاڻي عوام ۾ به مايوسي وڌي رهي آهي. ماڻهن ۾ اهو تاثر اڀري رهيو آهي ته حڪومت پنهنجن وعدن ۽ دعوائن ۾ سچي ناهي.ڪي پي ڪي ۾ ٽن وزيرن کي فارغ ڪرڻ سان تحريڪ انصاف اندر موجود اختلاف کلي ڪري سامهون اچي چڪا آهن.پنجاب ۾ به ميمبرن جي رسڻ ۽ پرچائڻ جو سلسلو جاري آهي.ڳالهه وزير اعظم سان ملاقاتن ۽ شڪوه شڪايتن کان اڳتي نڪرندي ٿي وڃي.ملڪ ۾ سياسي هلچل سبب حڪومت ۽ اپوزيشن ٻئي گھڻو سرگرم آهن.ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد پريس ڪانفرنس دوران چيو ته عمران خان چوي ٿو ته 2020ع هو سڀ مسئلا حل ڪندو جڏهن ته هن جو چوڻ هو ته مسئلا 2020ع ۾ نه پر 2021ع ۾ حل ٿيندا.هن جو چوڻ هو ته حڪومت کي ڪو خطرو ناهي رڳو افواهه پکيڙيا پيا وڃن.

    ڀارتي ميڊيا ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان پاڪستان جو نالو خارج ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.ڀارتي ميڊيا مطابق چين جي لابنگ ۽ نجي ڪنسلٽنٽ جي مدد سان پاڪستان جو نالو گري لسٽ مان نڪري سگھي ٿو.بيجنگ ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ چين 39 ملڪن جي گروپ کي ٻڌايو ته پاڪستان دهشتگرديء جي خاتمي لاء موثر ڪوششون ڪري رهيو آهي.پاڪستان کي گري لسٽ مان نڪري وائيٽ لسٽ ۾ اچڻ لاء 39 مان 12 ووٽن جي ضرورت آهي جڏهن ته ٻئي پاسي خليجي اخبار مطابق پاڪستان کي وڌيڪ ڇهن مهينن تائين گري لسٽ ۾ رکي سگھجي ٿوته جيئن ان عرصي دوران پاڪستان اها سموري گھربل قانون سازي ڪري وٺي جنهن جي مدد سان بينڪاري نظام جي عالمي معيارن مطابق نئين سر ڍانچو جوڙيو وڃي ته جيئن مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي لاء مالي سهڪار جي روڪٿام کي يقيني بنائي سگھجي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو