شاعري

'سنڌي شاعري' فورم ۾ عامر گڏاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏3 جولائي 2020۔

  1. عامر گڏاڻي

    عامر گڏاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 مئي 2012
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    ڊاڪٽر
    ماڳ:
    ابوظهبي.
    غزل
    عامر گڏاڻي

    ڀاڪرن تي بندشون پئجي ويون
    هيل تنهنجي ڳوٺڙي ۾ ڪيئن اچون.

    چئو طرف راڪاس گهوري ٿو پيو
    شهر جون خالي گهٽيون ڇرڪن پيون.

    سوچ تي پهرا لڳائي ٿا ڇڏيو.
    آجپي جي ڳالھ ڪنهن سان ڪيئن ڪيون

    هن جي ڳولا ۾ شهر آهي سڄو،
    تنهنجي وارن ۾ رکيون جنهن آڱريون.

    ڪاش تنهنجي گهر مان ڪي ڳڀرو کڄن
    ڪاش تن کي ڀي ملن ڪي اذيتون.

    هن جي لاشي تي لکيل ڏس سنڌ آ
    پنهنجي در تي ڏس لکيل لک لعنتون.

    نازبوء جي گل جهڙي آن سکي
    پوپٽن جان پئي ڏنم توکي چميون.

    شخص هڪڙو تون نه هئين سنسار ۾
    کوڙ ڀيرا هن ڪيون هون محبتون.

    آ جڳن کان ريت اها ئي رهي.
    عاشقئ جي جهول ۾ بس تهمتون.

    .
     
    شوڪت خاصخيلي - ڀان هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو