ڪوهستان جو صاحب ديوان شاعر۽ لکاري جان محممد جانباز جوکيو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏4 جولائي 2020۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪوهستان جي صاحب ديوان شاعر۽ لکاري، جان محممد جانباز جوکيو جي حوالي سان ڪجه سٽون

    (پيدائش 1940 ، وفات 3 جولائي 2003، مدفن مخدومي قبرستان مڪلي ٺٽو)

    ڪوهستان ٺٽي ضلعي جي عظيم استاد، صاحب ديوان ۽ توڙ جي غزل گو،عروضي شاعر جان محمد جانباز مرحوم جي وفات کي لڳ ڀڳ 17 سال مڪمل ٿي چڪا آهن، پاڻ اسان جو تمام ويجهو عزيز ۽ بزرگوار وڏيري ميرڏني جو فرزند هيو، جيڪو مننهنجي ڏاڏي مرحوم ناٿي خان جو سگهو سوٽ هو، جانباز جي پيدائش 1940 ڌاري ٿي، غريباڻي حال باوجود به تعليم حاصل ڪري معلميءَ جي مقدس پيشي سان وابسته ٿيا ، ميٽرڪ، ٽيچرز ٽريننگ ڪورس، عالم فاضل اديب جهڙا ڏکيا امتحان ان زماني ۾ امتيازي درجن سان پاس ڪيئون جڏهن مذڪوره سندن جو نصاب تمام ضخيم ۽ ڏکيو هوندو هو، اسان جي هن شاندار اديب ، شاعر ۽ پراثر تحرير جي مالڪ شخصيت جو ابتدائي ادبي نالو ۽ شاعرانه تخلص عاشق سروري هوندو هو، ڇو ته پاڻ سنڌ جي مايه ناز شاعر مخدوم طاب المولي جا شعر و سخن ۾ شاگرد ۽ کانئن تمام گهڻو متاثر هئا، بعد ۾ جانباز جي تخلص سان شعر و ڪلام چيائون، ڪوهستان جي سڄاڻ فردن جي مختصر سوانح حيات ۽ خوبين جي ذڪر تي مشتمل سندن تصنيف ويا سي وينجهار، 400 کن غزلن، نظمن تي ٻڌل سندن شعري مجموعي ديوان جانباز کان سواءِ بيون به ڪجه تصنيفون ۽ تحريرون سندن پونئيرن وٽ اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهن. جان محمد جانباز جوکيو ڪجه نصابي ڪتابچا جيڪي ٺٽي ضلعي جي جاگرافي ۽ سماجيات تي هئا، سي ڪنهن زماني ۾ پرائمري اسڪولن جي نصاب ۾ شامل هوندا هئا ۽ باقائده طور تي اسڪولن ۾ پڙهايا ويندا هئا، ان ڳاله مان اهو به پتو ٿو پوي ته پاڻ بهترين نصاب ساز ۽ ماهر تعليم به هيا. عزيزم جانباز ڌاٻيچي لڳ ڀنڀور لنڪ روڊ تي پنهننجن ڀائرن ۽ سوٽن جي مدد سان هڪ ڳوٺ به وسايو جنهن جو ابتدائي نالو ميرآباد تجويزڪيائون پر بعد ۾ اها وسندي سندن ڀاءُ عبدالوهاب جي نالي سان مشهور ٿي، سندن پونئر ۽ آل اولاد اڄ به انهيءِ ڳوٺ ۾ رهائس پذير آهي. پڌرو هجي ته سندن اصل تعلق ڪوهستان ٺٽي ضلعي جي تارييخي ماڳ مالماڙيءَ سان هو.جانباز جي ڪلام ۾ حسن ، عشق، محبت مزاجي توڙي احول و اصلاح خوب سمايل آهي، سندن اولاد مان امام علي جوکيو پنهنجي تر جو سرگرم صحافي ۽ سماج سڌارڪ آهي، سندن بيو فرزند پروفيسر حاڪم الدين به تمام بهترين شاعر، اديب ۽ استاد آهي، سندن ڪي مختصر ڪتابچا به شايع ٿيل آهن، هن وقت ڊگري ڪاليج ٺٽو ۾ تعليميات جو استاد، سٺو ڪيريئر ڪانئوسلر، وسيع النظر شخص آهي، سندن هڪ پوٽي ديني عالمه پڻ آهي، جانباز مرحوم جي پوٽن مان محي الدين جوکيو اڀرندڙ نوجوان ليکڪ، شاعر ، مترجم ، ٻيو پوٽو ماجد امام پڻ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم اي پوليٽيڪل سائنس ۽ سٺو مبصرتوڙي ذهين شاگرد آهي، اهو سڀ ڪجه جانباز جي علم دوستي ۽ ادب نگاريءَ جو سلو ئي آهي جو سندس اولاد تعليم ۽ شعور جي زيور سان آراسته آهي. الله سائين اسان جي بزرگوار ۽ محسن جان محمد جانباز جا درجا بلند ڪري ۽ مٿن نظر ڪرم فرمائي. آمين

    شمس الدين جوکيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو