عشق

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ ابن الھيار طرفان آندل موضوعَ ‏24 ڊسمبر 2020۔

  1. ابن الھيار

    ابن الھيار
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏24 ڊسمبر 2020
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    شاگرد (تعليم حاصل ڪرڻ).
    ماڳ:
    ڳوٺ نھانء (طاهر نانگور ) تعلقه محراب پور .
    چيو مانس:”وڏو تخليقي ذهن اٿئي۔۔۔!!؟“
    چيائين:”نه يار ڪاٿي! هاڻ ته ويسر به اچي لڳي آھي، بس هاڻ پوڙهو ٿي ويو آهيان.“
    چيو مانس:”ڀلا ڪڏهن عشق ڪيئي۔۔؟“
    سوال تي سوال ڪندي چيائين:” ڪهڙو عشق؟“
    مون ميز تي ٻئي هٿ رکندي ٿورو مشڪي چيو:”مطلب پيار۔۔۔۔ ڪنهن ڇوڪريء سان ۔۔۔۔۔ڪڏهن ۔۔۔۔۔؟؟؟“
    کليو ۽ چيائين:”اڙي ان کي تون پيار ٿو چئين۔۔؟ اهو ته سلوڪ آهي چريا۔۔۔۔۔ هر جوڙي کي سلوڪ سان رهڻ کپي. پر سلوڪ به معاشري جي سڪون لاء آهي۔ بدنامي ۽ راند لاء نه۔۔۔“
    ”ته پوء پيار ڇا آهي؟“ مون هاڻ ڪتاب بند ڪري هن جي ڊڪشنري ٻڌڻ چاهي۔۔۔
    چيائين:”پيار۔۔۔۔ پيار ته شين سان پاڪيزه ۽ نرم انداز سان اپنائڻ ۽ پيش اچڻ جو نالو آهي۔“
    مون ڳٽي هيٺان هٿ ڏيندي چيو:” اڇا! معني تهنجي مطابق عشق جي معني ٻين سان نرمي سان ۽ پاڪيزگيء سان پيش اچڻ آهي۔۔۔۔؟“
    ”نه“ هاڻ هو به ٽيبل تي ٻانھون رکي سڌو ٿيو ”اهو ته پيار آهي۔۔عشق نه۔۔۔۔عشق ته پنهنجي حق کان ٻين جي حق کي ترجيح ڏيڻ آهي۔ ۽ اهو خاص خدا سان ئي ڪري سگهجي ٿو۔ خدا کانسواء ڪنهن ٻئي سان عشق نه ٿو ڪري سگهجي۔۔۔“ هن وقف ڪيو۔
    ”ڪيئن“ مون نه سمجهندي سوال ڪيو” پنهنجو حق ته مان ماء جي ڪري به ڇڏي سگهان ٿو ۽ ڀاء جي ڪري به۔۔۔!!!“
    ”ها پر اهو عشق نه چئبو۔۔۔ڇاڪاڻ ته زندگيء ۾ صرف ماء يا ڀاء ناهن، پر زندگيء ۾ ڪجھ اهڙيون شيون به آهن جو انهن لاء پاڻ کي پوئتي ڪرڻ سٺو ناهي لڳندو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔جيئن ڳالهائڻ ۾ سچ آهي۔۔۔۔ڇا تون پنهنجي ماء ۽ ڀاء جي ڪري ڪارخاني ۾ به سچ ڳالهائيندي جتي توکان نقصان ٿي ويو هجي؟؟؟“
    مون پنهنجو رڪيل ساھ ڇڏيندي چيو”نه۔۔۔ اتي ته مون کي صرف پنهنجي ياد رهندي۔۔ جيڪا ڪوڙ ڳالهائڻ لاء اڪسائيندي۔۔۔“
    ”ها ته ڏس۔۔۔۔۔۔ پر اتي به پنهنجو حق ڇڏي الله جي حق جي سبب سچ ڳالهائڻ عشق اٿئي۔۔۔۔ ۽ عشق صرف خدا سان ئي ڪري سگهجي ٿو. ڇو ته خدا زنگي ۽ ان کان ٻاهر جي هر شيء تي قادر ۽ مسلط آهي۔ ان کي شين تبديل ڪرڻ ۽ سندس ياد ڪندڙن جي ياد ڪرڻ جي طاقت آهي۔ ان کان سواء ڪنهن ٻئي جي لاء ايئن ڪرڻ ناممڪن آهي ۽ شرڪ آهي۔۔۔“ هن منهنجي نظرن ۾ نظر ملائيندي چيو.
    منهنجي دل ۾ هڪ اولڙو ڪريو، اڄ تائين ته مون سندس چهري سان چاهت رکندو هيس،پر هاڻ آء سندس دل تي موهت آهيان ڇاڪاڻ ته هن مون کي شرڪ کان آزاد ڪري ڇڏيو آهي، هاڻ مان بت پرست ناهيان رهيو ۔۔۔۔۔۔ مان به عشق ڪرڻ لاء تيار آهيان۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    اچانڪ سندس فون تي ميسج رنگ وڳي۔ ميسج پڙهندي چيائين:”مون کي وڃڻو پوندو۔۔۔ٽرين اسٽيشن تي پهچڻ واري آهي.“
    گهڙيء تي نظر ڪيم ته احساس ٿيو ته رات ٿوڙي سياري جي آھي پر ڪافي گذري چڪي آهي ۽ مون پنهجو ڪمبل ويڙهيندي سندس لائبريريء جهڙي بيٺڪ مان نڪري آيس۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو