ادريس راجپوت جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

'سنڌي ادب' فورم ۾ عبدالوهاب طرفان آندل موضوعَ ‏5 آگسٽ 2010۔

  1. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    دوستو اڄ مان توهان جي خدمت ۾ ادريس راجپوت جي لکيل ڪالم جو مجموعو پيش ڪري رهيو آهيان۔
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ادريس راجپوت جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ڇا ڪالاباغ ڊيم ملڪ جي جياپي لاءِ اڻ ٽر آهي؟



    آچر 26 مارچ 2006ع ڪاوش

    پاڪستان جي ڪجهه ڌرين جو خيال آهي ته جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم نه ٺهيو ته هيٺيون ڳالهيون ٿينديون.

    (i) صوبن وچ ۾ پاڻي جي ورهاست ۾ ڇڪتاڻ وڌي ويندي، ڇو جو ڊيمن جي لٽجڻ ڪري پاڻي جو مقدار گهڻو گهٽجي ويندو.

    (ii) ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ ڪري واڌو پاڻي ملي سگهندو ۽ 1991ع واري پاڻي ٺاهه تي عمل ٿي سگهندو.

    (iii) مستقبل جي کاڌي خوراڪ جون گهرجون انهيءَ جي نه ٺهڻ ڪري پوري نه ٿي سگهنديون.

    معنيٰ ته ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ پاڪستان جي جياپي لاءِ اڻٽر آهي. اچو ته حقيقتن جي روشني ۾ انهن ڳالهين جو جائزو وٺون.

    (i) صوبن وچ ۾ پاڻيءَ جي ورهاست تي ڇڪتاڻ جو وڌڻ:

    اڄڪلهه صوبن وچ ۾ پاڻيءَ جي ورهاست تي ڇڪتاڻ ۽ تڪرار آهي. انهيءَ جو سبب پاڻيءَ جي کوٽ بدران پاڻي جي غير منصفانه ۽ غير واجبي ورهاست آهي. جيڪڏهن پاڻي گهٽ آهي، پر اها گهٽتائي ۽ کوٽ سڀني صوبن ۾ انصاف مطابق ورهائي وڃي ۽ هر هڪ کي سندس واجبي حصو ملي ته ڪو تڪرار يا ڇڪتاڻ ڪونهي. اڄڪلهه ارسا صوبن وچ ۾ پاڻي ٽن مرحلن ۾ ورهائي ٿي، جيڪي هن ريت آهن:

    جيڪڏهن پاڻي پنجن سالن يعني 1977ع کان 1982ع تائين جي سراسري استعمال، يعني اٽڪل 105 ملين ايڪڙ فوٽ کان گهٽ آهي ته انهيءَ سراسري استعمال جي حصي مطابق ورهاست اوتري گهٽ ٿيندي. جيڪڏهن پاڻي پنجن سالن جي سراسري استعمال ۽ ٺاهه جي وچ ۾ آهي، يعني 105 ۽ 117 ملين ايڪڙ فوٽ جي وچ ۾ آهي ته 105 تائين ٺاهه ۾ ڏنل حصن مطابق ورهاست ٿيندي. جيڪڏهن پاڻيءَ جي دستيابي ٺاهه ۾ ڏنل مقدار کان مٿي آهي ته 117 تائين ٺاهه ۾ ڏنل حصي مطابق ۽ 117 کان مٿي هوندي ته پوءِ هن ريت ٿيندي: پنجاب 37 سيڪڙو، سنڌ 37 سيڪڙو، سرحد 14سيڪڙو ۽ بلوچستان 12 سيڪڙو.

    اهو ٻڌائيندو هلان ته 1977ع کان 1982ع جو سراسري ساليانو استعمال پاڻي ٺاهه جو حصو ناهي ۽ ٺاهه ۾ مٿين ٽن مرحلن ۾ ورهاست جو ذڪر ناهي. ٺاهه ۾ ورهاست انهيءَ ۾ ڏنل ڏهاڪن جي حصي مطابق ٿيڻ کپي. ڇڪتاڻ ۽ تڪرار جو ٻيو سبب اهو آهي ته سرحد ۽ بلوچستان صوبن کي کوٽ کان آجو ڪيو ويو آهي، يعني گهٽ پاڻي هجڻ جي صورت ۾ به هنن کي ٺاهه مطابق پورو پاڻي ملي ٿو. فني ڪاميٽيءَ جي چيئرمين جناب عبدالنبي عباسيءَ پنهنجي رپورٽ، جيڪا هن آگسٽ 2005ع ۾ ڏني هئي ۾ چيو آهي ته، ”هينئر تائين ڊيمن جي لٽجڻ ڪري 3.2 ايڪڙ فوٽ پاڻي گهٽيو آهي، جنهن جو پورائو منگلا ڊيم جي ليول وڌائڻ سان ٿي سگهندو، جنهن ڪري 2.9 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي وڌي ملندو.“ هن صاحب ڊيمن جي حياتي وڌائڻ لاءِ چيو آهي ته، ”ڊيمن مان لٽ ڪڍڻ جا مناسب بندوبست ڪياوڃن.“

    جيڪڏهن اهو مڃيو به وڃي ته پاڻي وڌڻ ڪري ڇڪتاڻ گهٽبي ته اها رڳو ڪالاباغ ڊيم تي ئي منحصر ناهي، پر پاڻي ٻين ذريعن سان به وڌي سگهي ٿو.

    (ii) ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ ڪري پاڻي ٺاهه تي عمل:

    ارسا جي هلندڙ پاڻيءَ واري ورهاست 1977ع کان 1982ع واري وقت ۾ کنيل سراسري سالياني پاڻيءَ جي بنياد تي ٿئي ٿي. پاڻي ٺاهه ٿيڻ کان اڄ ڏينهن تائين سڀني صوبن سراسري 105 ملين ايڪڙ فوٽ کان مٿي پاڻي نه کنيو آهي. ٺاهه مطابق ورهايل پاڻي 117.35 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ ڪري واپڊا مطابق 6.1 ملين ايڪڙ فوٽ وڌي ملندو، جنهن ڪري ورهاست لاءِ ته پاڻي وڌي ملندو، پر اهو پاڻي ٺاهه جي مقدار يعني 117.35 تي پوءِ به نه پهچندو، تنهن ڪري ورهاست وري به پاڻي ٺاهه ۾ ڏنل ڏهاڪن بدران 105ملين ايڪڙ فوٽ جي حساب مطابق ئي ڪئي ويندي، جيڪو غير منصفاڻو آهي. تنهن ڪري ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ کان پوءِ به ورهاست واري ڇڪتاڻ گهٽ نه ٿيندي.

    فني ڪاميٽيءَ جي چيئرمين جناب اي اين جي عباسي صاحب به پنهنجي رپورٽ ۾ هر سال 6.1 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻيءَ جي هجڻ تي سوال اٿاريا آهن. هن صاحب مطابق ”درياهن جي ڦرندڙ گهرندڙ وهڪرن ڪري اهو ڪيترا سال ساندهه نه ڀربو. تربيلا ڊيم ٺهڻ کان پوءِ جي ريڪارڊ مطابق هيءُ ڊيم 28 سالن مان 18 سال نه ڀربو.“ هن صاحب مطابق ”ڪالاباغ ڊيم سراسري بنياد تي رڳو ٻه ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي مهيا ڪندو.“ معنيٰ ته صوبن وچ ۾ ورهاست لاءِ واڌو پاڻي رڳو ٻه ملين ايڪڙ فوٽ هوندو. انهيءَ جي مقابلي ۾ ٺاهه ۾ پاڻي جي استعمال واري کوٽ 2 1 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. انهيءَ مان اهو نتيجو ٿو نڪري ته ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ کان پوءِ به صوبن کي ٺاهه مطابق پاڻي مهيا نه ٿي سگهندو.

    (iii) مستقبل جي کاڌ خوراڪ جي ضرورتن جو پورو ٿيڻ:

    (الف) پاڻي جي گهرج:

    پاڪستان جي موجوده آدمشماري اٽڪل 14 ڪروڙ آهي. 1972ع واري آدمشماري مطابق اها 6 ڪروڙ 53 لک هئي ۽ آبادي وڌڻ جي شرح 3.2 سيڪڙو هئي. 1981ع ۾ اها وڌي اٺ ڪروڙ اٺٽيهه لک ۽ 1998ع ۾ تيرنهن ڪروڙ 6 لک ٿي. 1981ع کان 1998ع تائين آبادي ۾ واڌ جي شرح 2.64 سيڪڙو هئي، پر 1998ع کان ڪجهه اڳ اها شرح رڳو 2.2 سيڪڙو هئي. انهيءَ گهٽ شرح جي رجحان کي نظر ۾ رکجي ته سال 2010ع ۾ اها 2 سيڪڙي واڌ مطابق 16 ڪروڙ 80 لک ۽ سال2025ع ۾ 1.81 سيڪڙو واڌ مطابق ٻاويهه ڪروڙ ڏهه لک ٿيندي. پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي حڪومت جي هڪ ڪاٿي مطابق سال 5 2 0 2 ع ۾ وڌيل آباديءَ لاءِ ڪڻڪ ٽي ڪروڙ چاليهه ٽن، چانور 80 لک ٽن، جوئر 22 لک ٽن، داليون 15 لک ٽن، ۽ ٻيا ان 8 لک ٽن. کنڊ 61 لک ٽن، تيل 30 لک ٽن ۽ ڪپهه 2 ڪروڙ ڳٺڙيون گهربيون. مٿين پيداوار لاءِ سر زمين (Farmgate) تي پاڻي کپي اٽڪل 128ملين ايڪڙ فوٽ. هينئر سر زمين تي موجود پاڻي 100 ملين ايڪڙ فوٽ آهي، معنيٰ ته زراعت لاءِ سر زمين تي 28 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي وڌيڪ کپي. زراعت کان علاوه پاڻيءَ جا ٻيا به استعمال آهن، جيئن پيئڻ، ماحول لاءِ ۽ صنعتن لاءِ. هينئر پيئڻ، صفائي ۽ ماحول لاءِ پاڻي استعمال ڪيون ٿا 5.8 ملين ايڪڙ فوٽ، ۽ سال 2025ع تائين وڌيڪ کپندو 6.4 ملين ايڪڙ فوٽ. وري صنعتي استعمال هينئر ٿئي ٿو 2.2 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ سال 2025ع تائين وڌيڪ گهربو 2.8 ملين ايڪڙ فوٽ. جيڪڏهن تت ڪڍجي ته هينئر پاڻيءَ جي سر زمين (Farmgate) تي دستيابي آهي 108 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ سال 2025ع ۾ مختلف گهرجن لاءِ کپندو 145ع ملين ايڪڙ فوٽ.

    (ب) پاڻي جي دستيابي:

    پاڪستان ۾ پاڻي ٽن ذريعن معرفت ملي ٿو، يعني دريائي وهڪرا، مينهن ۽ زير زمين. ڪنهن زماني ۾ پاڪستان کي ڇهن ئي درياهن يعني سنڌو، جهلم، چناب، راوي، ستلج ۽ بياس جو ڇڙواڳ پاڻي ملندو هو. 1960ع واري سنڌ طاس معاهدي کان پوءِ ٽي اڀرندي وارا درياهه يعني راوي، بياس ۽ ستلج مڪمل طور هندستان ڏي هليا ويا آهن، ۽ ٽي الهندي وارا درياهه يعني سنڌو (ڪابل سوڌو) جهلم ۽ چناب پاڪستان کي مليا آهن. پر انهن کي به هندستان جا ڪجهه ايراضي آباد ڪرڻ ۽ بجلي پيدا ڪرڻ جا حق آهن. وفاقي حڪومت سال 2002ع ۾ ٻاهرين ماهرن کان ”پاڪستان جي قومي پاڻي واري پاليسي جي حڪمت عملي“ جي عنوان تحت هڪ اڀياس ڪرايو. انهيءَ اڀياس مطابق سنڌ طاس ۾ ساليانو سراسري 138 کان 145 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي آهي. مڪران جي ساحلي ڪناري تي 3 ۽ کاران جي بند ٿيل صحرائي طاس ۾ 0.8 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي آهي. يعني پاڪستان ۾ ڪل ساليانو سراسري 141.8 کان 148.8 ملين ايڪڙ فوٽ وهڪري وارو پاڻي آهي. پاڪستان ۾ ساليانو سراسري مينهن 11.4 انچ پوي ٿو، جيڪو جبلن تي پوي ٿو. اهو دريائي وهڪرن ۾ اچي وڃي ٿو، جيڪو ننڍين ٽڪرين تي پوي ٿو. اهو تمام تيز وهڪرن جي صورت ۾ نين ۾ اچي ٿو. نين مان 17 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي اچي سگهي ٿو، انهيءَ مان 5 ايڪڙ فٽ اڳي ئي 500 ننڍا ننڍا بند ٻڌي گڏ ڪيو وڃي ٿو. باقي 12 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي وڌيڪ ننڍا ننڍا بند ٻڌي گڏ ڪري سگهجي ٿو.

    پاڪستان ۾ ڪل زمين پاڻي 6 5 ملين ايڪڙ فوٽ آهي، جنهن مان 42 ملين ايڪڙ فوٽ اٽڪل ست لک خانگي ٽيوب ويلن ذريعي ۽ اٽڪل پنج هزار سرڪاري ٽيوب ويلن ذريعي ڪڍي استعمال ڪيو وڃي ٿو. مٿين اڀياس جي بنياد تي پاڻي ۽ بجليءَ جي وفاقي وزارت پاڪستان ۾ پاڻيءَ جي دستيابي سر زمين تي 139 ملين ايڪڙ فوٽ ڪڍي آهي، جنهن ۾ 75.3 ملين ايڪڙ فوٽ وهڪرن مان، 8 ايم اي ايف برسات مان ۽ 55.7 ميلن ايڪڙ فٽ زمين هيٺ ايندو. انهيءَ جي ڀيٽ ۾ پاڻيءَ جي سر زمين تي گهرج سال 2025ع ۾ 145 ميلن ايڪڙ فوٽ ڪڍي آهي، جنهن ۾ 128 آبپاشي لاءِ، 12.2 پيئڻ جي پاڻي، نڪاسي آب ۽ ماحول لاءِ ۽ 4.8 ملين ايڪڙ فوٽ صنعتن لاءِ گهربل هوندو، جنهن مان معلوم ٿيو ته سال 2025 ۾ سر زمين تي پاڻي گهرج پاڻيءَ جي دستيابي کان وڌيڪ هوندي. جيڪڏهن اسان ڪل ممڪن پاڻي پيدا به ڪري وٺون ته به اهو اسان جي گهرج کان گهٽ هوندو. پوءِ يا ته اسان کي آبادي گهٽائڻ گهرجي، يا پاڻي وڌائڻ جا ٻيا ذريعا ڪڍڻا پوندا، جنهن ۾ پاڻيءَ جو زيان روڪڻ، پاڻي بچائڻ ۽ صحيح استعمال ڪرڻ شامل هوندا. آبپاشي لاءِ سر زمين تي گهربل پاڻي 8 2 ملين ايڪڙ فوٽ هوندو. ڪالاباغ ڊيم پڪي طرح ساليانو 2 ملين ايڪڙ فوٽ ملندو، جيڪو ڪل وڌيڪ گهرج جو رڳو 7 سيڪڙو هوندو. معنيٰ ته ڪالاباغ ڊيم پاڪستان جون کاڌي خوراڪ جون گهرجون پوريون نه ڪري سگهندو ۽ پوءِ به اسان کي کاڌي خوراڪ جون گهرجون پوري ڪرڻ لاءِ ٻين ذريعن مان پاڻي پيدا ڪرڻو پوندو.

    ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ وارو مامرو پاڪستان جي پاڙن تائين پهتو آهي، ۽ انهيءَ ڪري قومي سلامتي ۽ استحڪام وارو وڻ لڏي پيو. پاڪستان اسان ڪيتريون جاني ۽ مالي قربانيون ڏئي حاصل ڪيو آهي، تنهن ڪري اسان قومي سلامتي ۽ استحڪام جي وڻ کي ڪرڻ نه ڏينداسين. پر پاڪستان جي وڌندڙ آبادي جي مستقبل جون ضرورتون به پوريون ڪرڻيون آهن، تنهن ڪري اسان کي کاڌي خوراڪ جون گهرجون پوري ڪرڻ لاءِ پاڻيءَ جا ٻيا ذريعا ڳولهڻا پوندا.
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ادريس راجپوت جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    اسان سنڌ جي پاڻي واري حق جي پوئواري ڇو پيا ڪريون؟



    ڇنڇر پهرين اپريل 2006ع

    مون کان هڪ مهربان دوست جيڪو سياستدان به آهي، تنهن تازو پڇيو ته، ”اوهان ايتري جرئت ۽ دليري سان پاڻي جي مامرن تي سنڌ جي حمايت ۾ ڇو ٿا لکو؟ ڇا اوهان جو سياست ۾ اچڻ جو پروگرام آهي؟“ مون اُن کي هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته، ”سائين! مان سياست جي سين کان به واقف ناهيان، منهنجو سياست ۾ اچڻ جو ڪو به ارادو ناهي، پر اوهان کي اهو سوال پڇڻ جو خيال ڪيئن آيو؟“ چيائين ته، ”ماڻهو جي ڪو به ڪم ڪرڻ جي ڪا نه ڪا غرض ته هوندو آهي. جنهن نموني اوهان لکو ٿا، سيمينارن، ورڪشاپس ۾ حصو وٺو ٿا، ٽي وي ۽ اخبارن ۾ پروجيڪشن ملي ٿي ۽ جيڪا قبوليت سنڌي ماڻهن ۾ اوهان کي ملي آهي، انهن اهڃاڻن مان صاف ظاهر آهي ته اوهان سياست ڏانهن وڌي رهيا آهيو. عام طرح ماڻهو پاور، شهرت يا پئسو ڪمائڻ لاءِ ائين ڪندا آهن ۽ سياست ۾ اچڻ سان اهي ٽئي مقصد پورا ٿي سگهن ٿا. هونئن به اوهان ريٽائر ڪامورا آهيو، پينشن مان رڳو ٽيليفون، بجلي ۽ گيس جا بل مس ادا ٿي سگهن ٿا، آخر جياپي لاءِ به ته ڪجهه ڪرڻو پوندو. مون کي خبر آهي ته اوهان وٽ نه ڪا آهي زرعي زمين، ۽ نه ڪو ڌنڌو ڌاڙي، سياست هڪ زبردست فيلڊ آهي، جنهن ۾ اوهان جي ڪاميابي جا زبردست چانس آهن.“

    مون کي پنهنجي مهربان سياستدان دوست جي مٿين تجربي وارين ڳالهين تي ڪو خاص تعجب يا اچرج نه ٿيو. اڄڪلهه جيئن زمانو هلي پيو، اها ڪا عجيب ڳالهه ناهي. هر ڪنهن ماڻهو جي سوچ ۽ ڪوشش اها ئي آهي ته وڌ ۾ وڌ پئسو ڪمائي ته جيئن زندگي عيش ۽ آرام ۾ گذري ۽ معاشري ۾ عزت ٿئي. پوءِ چاهي پيسو جائز طريقي سان ڪمائجي يا ناجائز طريقي سان. سياست پاور، شهرت حاصل ڪرڻ ۽ پيسو ڪمائڻ جو ذريعو ٿي سگهي ٿي. جائز ۽ ناجائز کي ڪير ٿو ڏسي. هن زماني ۾ ماڻهن جي سوچ اها آهي ته ڏکيائين ۽ تڪليفن بدران عيش ۽ آرام بهتر آهي، چاهي اصولن جي ڀڃڪڙي ٿئي. اڄڪلهه جا ماده پرست جڏهن مارئي واري واقعي کي هن زماني جي تناظر ۾ ڏسن ٿا ته چون ٿا ته مارئي وڏي بيوقوف هئي، جو چيائين (شاهه صاحب جي واتان:

    اِي نه مارن ريت، جي سيڻ مٽائين سون تي

    اچي عمرڪوٽ ۾، ڪنديس ڪا نه ڪُريت

    پکن جي پريت، ماڙين سين نه مٽيان

    ڀلا ڪکائن گهرن ڏي، بک ۽ ڏک ۾ موٽڻ سان کيس ڇا مليو؟ عمر سومري بادشاهه سان شادي ڪري ڇڏي ها ته هر طرح جا عيش ۽ آرام هجنس ها. پائڻ لاءِ عمده ۽ ريشمي پوشاڪون، رهڻ لاءِ محل ۽ ماڙيون، کائڻ لاءِ عمده ۽ مزيدار کاڌا ۽ طعام، خدمت چاڪري لاءِ نوڪر ۽ ٻانهيون.

    پر اهو صحيح ناهي. ماڻهو هڪ سماجي جانور (Social Animal) آهي. جيڪڏهن معاشري ۾ عزت آهي ته سڀ ڪجهه آهي. پر انهيءَ معاشري ۾ عزت کپي، جتي جو ماڻهو آهي. ٻئي هنڌ ڪيتري به عزت ملي، اها عزت ڪنهن به ڪم جي ناهي. مارئي به ٻي سوسائٽي ۾ عزت حاصل ڪرڻ بدران پنهنجي سوسائٽيءَ ۾ عزت حاصل ڪرڻ پئي چاهي، ۽ ايئن ئي ڪيائين. پوءِ ڪکاون گهرن ۾ رهي لالياڻي لوئي پائي، ديسي وڻن جا سنڱر کائڻا پيس ته ڇا ٿيو. پنهنجن سان ملي پنهنجن ۾ رهي تاريخ ۾ امر ٿي وئي.

    جيستائين راڻي ٿي عزت ماڻڻ جو سوال آهي ته جهانگير جهڙي مشهور مغل بادشاهه جي راڻي نور جهان، جنهن جي مزار لاهور ۾ آهي، تنهن جي مزار تي هيٺيون شعر لکيل آهي:
    [​IMG]


    (مون غريب جي مزار تي نه ڪو ڏيو ٿو ٻري، نه ڪو گُل ٿو ٽڙي، نه ڪو پتنگ ٿو پاڻ ساڙي، نه ڪو بلبل ٿي ڳائي.) جڏهن هندستان جي راڻي جو اهو حال آهي ته جيڪڏهن مارئي عمر سومري جي راڻي ٿئي ها ته ڪير پڇيس ها؟

    جيستائين پاور جو تعلق آهي ته انگريزي چوڻي آهي ته، Power corrupts and absolute power corrupts absolutely. (پاور خراب ڪري ٿو ۽ مڪمل پاور مڪمل طرح خراب ڪري ٿو.) اسان جي مذهب ۾ انهن ٽن ڳالهين کان هيٺين حديثن ذريعي خبردار ڪيو ويو آهي:

    پهرين حديث: ”هر ڪنهن ا ُمت جي ڪنهن ڳالهه ذريعي آزمائش ٿيندي آهي. منهنجي اُمت جي آزمائش مال ذريعي ٿيندي.“

    ٻي حديث: ”جيڪڏهن ٻن بکايل بگهڙن کي ٻڪرين جي ڌڻ ۾ ڇڏيو وڃي ته اُهي ٻه بگهڙ انهيءَ ڌڻ ۾ ايترو فساد نه ڪندا، جيترو هي ٻه وصفون ماڻهو جي دين ۾ فساد پيدا ڪنديون، هڪڙي مال جي حرص ۽ ان جي محبت ۽ ٻيو مان، مرتبو، عزت ۽ وڏي ٿيڻ جي خواهش.

    مٿيون ڳالهيون ڪوشش ڪري پاور، شهرت ۽ مال حاصل ڪرڻ بابت آهن. جيڪڏهن ڪنهن کي ازخود قدرت جي طرفان ملن ته اهي نعمت آهن. جنهن جو شڪر ڪجي ۽ اُنهن جو صحيح استعمال به ڪجي.

    رهيو منهنجي دوست جو سوال ته ڇا منهنجو پاور، عزت ۽ مال حاصل ڪرڻ لاءِ سياست جو ارادو آهي؟ ته منهنجو جواب ”صفا نه“ آهي. سياست اهڙي ڪنڊن جي سيج آهي، جنهن تي سمهڻ سان مون کي ننڊ ئي نه ايندي. اٽڪل 6 سال سنڌ آبپاشي کاتي جو سيڪريٽري رهي مون اهي ٽئي شيون ڏٺيون آهن ۽ اهي ٽئي شيون مون کي راس نه آيون. پنهنجي مهربان سياستدان دوست جي تجزئي مطابق پوءِ مان ڇو ٿو لکان ۽ ڇو سنڌ جي حمايت ۾ ايترو اڳتي وڌي ويو آهيان. انهيءَ ۾ ٻه جذبا ڪم ٿا ڪن. هڪڙو محبت ۽ ٻيو مظلوم جي حمايت. مان پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ ۾ آباد ٿيس. پنهنجي ٻالڪپڻ کان وٺي سنڌ ۾ رهيس، پڙهيس، وڏو ٿيس، نوڪري ڪيم. سڀ واسطا، دوستيون ۽ محبتون سنڌ جي حوالي سان رهيون. سنڌ ۾ رهڻ سان مون کي سڀ ڪجهه مليو. مون کي سنڌ سان ۽ سنڌ وارن سان محبت آهي.

    ٻئي پاسي آبپاشي کاتي جي نوڪري دوران مون محسوس ڪيو ته پاڻيءَ جي باري ۾ سنڌ سان زيادتي ٿئي ٿي. ٻين صوبن کي پاڻي جا ٻيا به ذريعا آهن، پر سنڌ رڳو سنڌو تي دارومدار رکي ٿي ۽ ان مان به سنڌ کي سندس حق نٿو ملي. پوءِ شاهه ڀٽائي جي دُعا مطابق سنڌ ۾ ڪيئن سُڪار ٿيندو. جيڪڏهن پنهنجي پاڻيءَ جي حق لاءِ آواز نه اُٿارينداسين ته سُڪار بدران ڏڪار واريون حالتون ٿينديون ۽ سنڌ، سنڌ وارا ۽ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ وارا زندهه نه رهي سگهندا. ا سائين مون کي علم جي ڄاڻ ڏني آهي. مان اها ڄاڻ پنهنجي لکڻين ۽ تقرير ذريعي سنڌ جي هر ننڍي وڏي کي ڏيڻ چاهيان ٿو ته جيئن هنن کي خبر پوي ته انهن جو حق ڇا آهي، ۽ کين ڇا ملي رهيو آهي؟ ته جيئن هو پنهنجو حق وٺڻ جي ڪوشش ڪن ۽ سنڌ خوشحال ۽ آباد رهي. دعا ڪريو ته مان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيان. آمين.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ادريس راجپوت جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ارسا جي فيصلي خلاف سنڌ حڪومت آواز ڇو نٿي اٿاري؟



    آچر 9 اپريل 2006ع

    تازو سرحد صوبي جي هڪ اسڪيم ”چشما رائٽ بينڪ ڪينال (لفٽ ۽ گريوٽي)“ پڙهڻ جو موقعو مليو. هي واهه چشمه بيراج جي ساڄي پاسي کان نڪرندو ۽ اٽڪل 40 ميل قدرتي وهڪري مطابق وهي پوءِ 64 فوٽ لفٽ ذريعي سرحد صوبي جي ڊيرا اسماعيل خان ضلعي ۾ 2،86،140 ايڪڙ ايراضي آباد ڪندو. واهه جي نڪرڻ واري هنڌ تي گنجائش 2613 ڪيوسڪ هوندي. انهيءَ لاءِ 1.187 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي گهربو، جنهن مان 0.72 پاڻيءَ ٺاهه جي پيرا 2 مان ۽ 0.647 پيرا 4 مان ملندو. ارسا هن منصوبي لاءِ پاڻي هجڻ جو سرٽيفڪيٽ متفقه طور تي ڏئي ڇڏيو آهي.

    1991ع واري پاڻي ٺاهه ۾ صوبن وچ ۾ پاڻي ٻن نمونن سان ورهايل آهي. هڪڙو موجود واهن مان، ٻيو ٻوڏ وارن وهڪرن ۽ مستقبل جي ذخيرن مان. جيڪو پاڻي موجود واهن لاءِ ورهايل آهي، سو پاڻي ٺاهه جي شق ٻئي ۾ ڏنل آهي، جنهن کي انگريزي ۾ پيرا 2 چون ٿا. جيڪو پاڻي ٻوڏ وارن وهڪرن مان ۽ مستقبل جي ذخيرن مان ملندو، سو پاڻي ٺاهه جي شق نمبر 4 ۾ ٻڌايل آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ پيرا 4 چون ٿا. مان انهن ٻنهي شقن جو متن هيٺ ڏيان ٿو.

    پيرا 2 (يعني شق نمبر 2 ): مڃيل پاڻي ورهاست جي اصولن مطابق هيٺين ورهاست سڀني مڃي.

    (انگ ملين ايڪڙ فوٽ ۾- ڏسو هيٺ ڏنل چارٽ)

    پيرا 4 (يعني شق نمبر 4): بچيل دريائي پاڻي (جنهن ۾ ٻوڏ وارو پاڻي ۽ مستقبل جي ذخيرن جو پاڻي شامل آهي) هن ريت ورهائبو. يعني سنڌ کي ملندو 37 سيڪڙو، پنجاب کي 37 سيڪڙو، بلوچستان کي 12 سيڪڙو ۽ سرحد کي ڏنو ويندو 14 سيڪڙو. اهو ٻڌائيندو هلان ته پيرا 2 جي جڏهن ڏهاڪن واري ورهاست ڪيائون ته سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان جي موجود يا ٺهندڙ واهن جو پاڻي رکيو ويو، پر پنجاب هڪ نئون واهه يعني گريٽر ٿل ڪينال به پيرا 2 واري پاڻي ۾ شامل ڪرايو، جنهن تي سنڌ وارن کي اعتراض هيو ۽ هينئر به اعتراض آهي.

    پيرا 2 ۽ پيرا 4 جي متن مان صاف ظاهر آهي ته پهرين اسان کي پيرا 2 جو پاڻي پورو ڪرڻو آهي ۽ پوءِ پيرا 4 تي عمل ڪرڻو آهي. يعني نون واهن ۽ ڊيمن جي ڳالهه پوءِ ڪريون، پهرين ٺهيل واهن جون گهرجون ٺاهه ۾ ڏنل ڏهاڪن مطابق پوريون ڪريون. جناب اي اين جي عباسي صاحب به پنهنجي رپورٽ ۾ اها سفارش ڪئي آهي ته پهرين موجود 36 ملين ايڪڙ ايراضي لاءِ پاڻي مهيا ڪيو وڃي، جيڪو پاڻي ٺاهه ۾ 117.35 ملين ايڪڙ فوٽ ڏنل آهي. پوءِ ڪوٽڙيءَ کان هيٺ جي گهرجن لاءِ پاڻي ڏجي ۽ تنهن کان پوءِ پاڻي ذخيرو ڪرڻ ۽ نوان واهه هلائڻ جو سوچيو وڃي. مان انهيءَ رپورٽ جو انگريزي متن هيٺ ڏيان ٿو.

    2.13: Sustenance of existing developed agriculture and coastal ecosystem.

    2.13.1:It is important to sustain and consolidate, if not further develop and improve the agriculture in the 36 million acres commanded by exiting canal systems.The allocated water of 117.35 MAFunder the Accord for existing canals therefore needs to be fully protected. The shortfall in the low flow years may be provided from the new reservoirs.

    2.13.2: It is also important to provide the requirments of downstream Kotri, after meeting Accord allocations of existing canals (117.35 MAF), to the extent of 10 MAF as indicated in the water Accord, or any other quantity decided by Government on the basis of the outcome of studied in progress.

    2.13.3:The new schemes, i.e future reservoirs and irrigation schemes should be considered out of balance water availability, after meeting Accord allocation of existing canals and requirements of outflow to sea.

    سرحد صوبي واري مٿي ذڪر ڪيل واهه جو منصوبو اڃان پلاننگ ڪميشن ۾ منظوريءَ لاءِ پيو آهي، پر اهڙي ٽن اسڪيمن تي جن تي ڪم هلي رهيو آهي، انهن تي صورتحال هيٺين ريت آهي.

    گريٽر ٿل ڪينال: هيءَ اسڪيم چشما لنڪ ڪينال مان ڪڍي پئي وڃي، جنهن جي منڍ تي ڊسچارج (ڇوڙ) 8500 ڪيوسڪ رکيو ويو آهي ۽ اها ٿل ڊيزرٽ ۾ اٽڪل 15 ايڪڙ ايراضيءَ کي پاڻي ڏيندي. انهيءَ لاءِ پاڻيءَ جي ڪل گهرج 6 9 4 .2 ملين ايڪڙ فوٽ آهي، جنهن مان 1.873 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ٺاهه جي پيرا 2 مان ۽ 0.623 ملين ايڪڙ فوٽ پيرا 4 يعني ٻوڏ وارن وهڪرن مان ايندو.

    ڪڇي ڪينال: هيءُ واهه تونسه بيراج مان ڪڍيو پيو وڃي، جنهن جي منڍ تي پاڻي کڻڻ جي صلاحيت 6000 ڪيوسڪ هوندي. هي واهه بلوچستان ۾ اٽڪل 7 لک ايراضي کي پاڻي ڏيندو. هن لاءِ پاڻيءَ جي ڪل گهرج 2.021 ملين ايڪڙ فوٽ هوندي، جنهن 0.821 ملين ايڪڙ فوٽ پيرا 2 مان ۽ 1.2 ملين ايڪڙ فٽ پيرا 4 يعني ٻوڏ وارن وهڪرن مان هوندي.

    ريڻي ڪينال: هي واهه گڊو بيراج جي کاٻي پاسي کان ڪڍيو پيو وڃي، جيڪو گهوٽڪي فيڊر ڪمانڊر جي اڀرندي ۾ اٽڪل 4 لک ايراضيءَ کي پاڻي ڏيندو. هن جي منڍ تي ڊسچارج (ڇوڙ) 5115 ڪيوسڪ هوندو. هن لاءِ پاڻي جي ڪل گهرج 1.3 ملين ايڪڙ فوٽ هوندي ۽ سڄو پاڻي ٻوڏ وارن وهڪرن مان ايندو.

    مٿئين ذڪر مان ظاهر آهي ته ٻوڏ وارن وهڪرن مان 3.77 ملين ايڪڙ فوٽ نون واهن لاءِ منظور ڪيو ويو آهي، جنهن مان 0.623 گريٽر ٿل ڪينال لاءِ، 1.2 ڪڇي ڪينال لاءِ، 1.3 ريڻي ڪينال لاءِ ۽ 0.647 چشما رائٽ بينڪ ڪينال (لفٽ ۽ گريوٽي) لاءِ آهي. هاڻي اچو ته ڏسون ته موجود واهن ۾ ٺاهه ۾ ڏنل ڏهاڪن مطابق پاڻيءَ جي کوٽ گهڻي آهي. اها کوٽ سال 1976ع کان سال 2004ع تائين ساليانو سراسري بنياد تي سنڌ ۾ 5.49 ملين ايڪڙ فوٽ، پنجاب ۾ 2.9 ايم اي ايف، سرحد ۾ 2.41 ايم اي ايف ۽ بلوچستان ۾ 1.94 ملين ايڪڙ فوٽ رهي آهي. جڏهن اهي واهه ٺهندا ته مٿئين ڀر ۾ هئڻ ڪري ٻوڏ جو پاڻي نه هجڻ جي صورت ۾ به پاڻي کڻندا، جنهن جو اثر وڌ ۾ وڌ سنڌ تي پوندو، ڇاڪاڻ جو سنڌ سڀني کان هيٺين ڀر آهي.

    حقيقت اها آهي ته ارسا کي پاڻي ٺاهه جي پيرا 2 جو پاڻي پوري ٿيڻ تائين پيرا 4 مطابق ٻوڏ وارو پاڻي نه ورهائڻ کپي. پر ارسا ۾ اڪثريت راءِ سان فيصلا ٿيڻ جي اصول جو فائدو هيئن ٿي وٺي جو پنجاب وارا سرحد ۽ بلوچستان جي ميمبرن جي مدد سان پنجن ميمبرن مان ٽي ميمبر هڪڙي پاسي ڪري اڪثريت ٺاهي وڃن ٿا ۽ پوءِ پنهنجي مرضي ٿا هلائين. سرحد ۽ بلوچستان کي پنهنجي پاسي ڪرڻ لاءِ هو انهن کي پاڻي جي کوٽ کان آجو ڪري ٿا ڇڏين. يعني کوٽ واري وقت ۾ هنن کي مڪمل طور تي ٺاهه وارو پاڻي ڏنو ٿو وڃي. پوءِ هو ڇو نه پنجاب جي حمايت ۾ ووٽ ڏيندا.

    ٻيا جيڪڏهن زيادتي ڪن ٿا ته اسان کي به پنهنجي صوبي جي پاڻيءَ جي حق جو بچاءُ ڪرڻو آهي. ارسا جي ايڪٽ جي شق (8)3 ۾ اها گنجائش آهي ته جيڪڏهن ڪا به صوبائي حڪومت يا واپڊا وارا ارسا جي ڪنهن فيصلي تي راضي نه هجن ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل اڳيان اپيل ڪري سگهن ٿا. اڃا تائين سنڌ سرڪار ارسا جي مٿين ڪيل غلط فيصلن خلاف اپيل نه ڪئي آهي. شايد انهيءَ جو اهو سبب هجي ته فوجي حڪومت جي اچڻ کان پوءِ هينئر تائين گڏيل مفادن واري ڪائونسل جوڙي ئي نه وئي آهي. پر گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي Parent وزارت ڪيبينٽ ڊويزن آهي، جنهن کي اپيل ڪري سگهجي ٿي.

    هيءَ ڪا شخصي ڳالهه ناهي، بلڪه سنڌ جي پاڻيءَ جو سوال آهي، جنهن تي سنڌ جي جياپي جو دارومدار آهي. اسان کي سنڌ جي ماڻهن ۽ آئنده نسلن جي جياپي لاءِ پاڻي جي حق جو بچاءُ ڪرڻو پوندو. منهنجي سنڌ جي چيف منسٽر ارباب غلام رحيم ۽ سنڌ جي آبپاشي جي وزير نادر اڪمل لغاري کي صلاح آهي ته جهڙيءَ طرح هنن ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ خلاف اسٽينڊ ورتو هو. اهڙي ئي نموني هن ڳالهه تي به ڌيان ڏين ۽ ارسا جي انهن غلط فيصلن خلاف، جن ۾ ان نون واهن لاءِ پيرا 2 جو پاڻي پوري ٿيڻ کان اڳ پيرا 4 يعني ٻوڏ وارو پاڻي ورهايو آهي. وفاقي ڪيبينيٽ ڊويزن کي ارسا ايڪٽ جي شق (8)3 مطابق اپيل ڪن.
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ادريس راجپوت جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    صوبن ۾ پاڻي ورهاست جو تڪرار ۽ فني ڪاميٽي!



    جمع 14 اپريل 2006ع

    25 آگسٽ 2003ع تي صدر پاڪستان جنرل پرويز مشرف ڪراچي جي گورنر هائوس ۾ پاڻي جي مامرن کي سلجهائڻ لاءِ هڪ فني ڪاميٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو، جنهن جو چيئرمين سنڌ جي اڳوڻي آبپاشي وزير ۽ پاڻي جي ماهر جناب اي اين جي عباسي کي مقرر ڪيائين. ياد رهي ته عباسي صاحب اهو صوبائي وزير هو، جنهن گورنر دائود پوٽي سان گڏ انهيءَ ڪري استعيفيٰ ڏني جو پاڻيءَ جي ورهاست ۾ سنڌ سان زيادتي پئي ٿي. فني ڪاميٽيءَ کي پهرين اڻپورا مول متا ڏنا ويا، جنهن ۾ پاڻي جا سڀ مامرا نه هئا. عباسي صاحب جي چوڻ تي رهيل مامرا به کسيا ويا ۽ پورن مامرن مطابق ڪاميٽيءَ جا مول متا هيٺين ريت مقرر ڪيا ويا.

    (1) 1991ع واري پاڻي ٺاهه کي ورجائڻ ۽ انهيءَ تي عمل ڪرائڻ لاءِ سفارشون ڏيڻ.

    (2) پاڻيءَ جي موجود مقدار هجڻ جو پتو لڳائڻ.

    (3) ڊيم ٺاهڻ جي ترتيب ٻڌائڻ.

    (4) منگلا ڊيم ڀرڻ جي طريقهءِ ڪار جي جاچ وٺڻ ۽ ان کي ڀرڻ لاءِ سفارشون ڏيڻ.

    (5) لنڪ ڪينالن ۾ ڇوڙ جو جائزو وٺڻ.

    (6) ڪوٽڙيءَ کان هيٺ گهرجن لاءِ ٿيندڙ اڀياسن جي جاچ وٺڻ.

    (7) اهو پتو لڳائڻ ته سال 1976 کان 2003ع تائين گهڻو پاڻي سمنڊ ۾ ويو.

    فني ڪاميٽي انهيءَ لاءِ جوڙي وئي ته مامرن جي صحيح صورتحال سامهون اچي ته جيئن انهيءَ جي مدد وٺي اهڙو فيصلو ڪيو وڃي، جو مامرا ختم ٿين ۽ صوبن وچ ۾ پاڻيءَ جي ورهاست ۽ ترقي وٺرائڻ واري ڇڪتاڻ ختم ٿي سگهي ۽ صوبن جا شڪ شبها دور ٿين، ته جيئن پاڻ ۾ محبت ۽ هم آهنگي پيدا ٿئي. اهو ڏسڻ لاءِ ته حڪومت کي انهيءَ مقصد ۾ ڪيتري ڪاميابي ٿي آهي، مان عباسي صاحب جي رپورٽ ۾ ڏنل حقيقتن تي روشني وجهندس ۽ سڀني مول متن تي صورتحال ٻڌائي فيصلو عوام تي ڇڏيندس ته اها رپورٽ ڪنهن ڪم آئي يا رڳو وقتي طور سنڌ جي ماڻهن جو خيال مٽائڻ لاءِ استعمال ٿي. اڄوڪي مضمون ۾ مان پهرين مول متي يعني 1991ع واري پاڻيءَ ٺاهه تي عمل بابت تفصيل ڏيندس. عباسي صاحب پنهنجي رپورٽ ۾ لکي ٿو ته، هن ارسا وارن کان پڇيو ته، ارسا پاڻي جي ورهاست ڪيئن ڪري ٿي؟ ارسا وارن فني ڪاميٽي کي ٻڌايو ته، ”في الحال اسان پاڻي جي ورهاست پاڻي ٺاهه جي شق (b)14 مطابق ڪريون ٿا، ڇو جو اها ئي شق کوٽ يا واڌ واري وقت ۾ صوبن وچ ۾ ورهاست جو طريقڪار ٻڌائي ٿي. هن ورهاست ۾ اسان سرحد ۽ بلوچستان صوبن کي کوٽ کان آجو رکون ٿا، ڇو جو اهي صوبا صحيح آبپاشي سرشتو نه هجڻ ڪري ٺاهه ۾ ڏنل پنهنجي حصي جو پاڻي به نٿا کڻي سگهن. پنجاب ۽ سنڌ ۾ کوٽ واري وقت ۾ ورهاست 1977 کان 1982 تائين جي سراسري سالياني کنيل پاڻي مطابق ڪريون ٿا.“ (جنهن کي تاريخي استعمال يا Historic Uses به چون ٿا ۽ جيڪو اٽڪل 105 ملين ايڪڙ فٽ آهي.)

    ارسا وارن فني ڪاميٽي کي اهو به ٻڌايو ته، ”(1) بين الاقوامي وزارتي ڪاميٽي 2 مئي 1994ع تي فيصلو ڪيو هو ته کوٽ واري وقت ۾ سنڌ ۽ پنجاب صوبن ۾ ورهاست تاريخي استعمال مطابق ٿيڻ کپي.(2) پاڻي ۽ بجلي واري وزارت خط ذريعي ارسا کي ٻڌايو ته بين الاقوامي وزارتي ڪاميٽي جي حيثيت صلاحڪاري هئي، جنهن کي ڪا قانوني حيثيت حاصل ناهي. تنهن ڪري ارسا کي پنهنجي پاڻيءَ جي مامرن جو حل پاڻ ڪڍڻ کپي. (3) ارسا فائل سرڪيوليشن ذريعي فيصلو ڪيو هو ته جڏهن به کوٽ ٿئي ته ورهاست سراسري سالياني استعمال يعني تاريخي استعمال موجب ڪجي.(4) پاڻي جي ورهاست وارو معاملو شق b4 1 جي وضاحت لاءِ قانوني وزارت کي اماڻيو ويو هو ۽ وزارت انهيءَ تي پنهنجو فيصلو ڏنو هو. (5 ) پاڪستان جي انهيءَ وقت جي چيف ايگزيڪيوٽو فوجي سربراهه حڪم نامو جاري ڪيو هو ته 1994ع واري وزارتي فيصلي مطابق پاڻي جي ورهاست کي ختم ڪيو وڃي.“

    ارسا وارن وڌيڪ ٻڌايو ته هينئر صوبن وچ ۾ پاڻي جي ورهاست 9 اپريل 2003ع جي ارسا جي فيصلي مطابق ٿئي ٿي، جيڪا هيٺين ريت آهي.

    جيڪڏهن پاڻي تاريخي استعمال (يعني 105 ملين ايڪڙ فوٽ) کان گهٽ آهي ته ورهاست تاريخي استعمال مطابق ٿيندي، جيڪڏهن پاڻي تاريخي استعمال يعني 105 ملين ايڪڙ فوٽ کان وڌيڪ پر پيرا 2 (يعني 117.35 ملين ايڪڙ فوٽ) کان گهٽ آهي ته 105 ملين ايڪڙ فوٽ تائين ورهاست تاريخي استعمال مطابق ڪئي ويندي ۽ 5 0 1 کان مٿي ٺاهه ۾ ڏنل ڏهاڪن مطابق ٿيندي. جيڪڏهن پاڻي ٺاهه ۾ ڏنل انگ (يعني 117.35 ملين ايڪڙ فوٽ) کان مٿي آهي ته 117.35 ملين ايڪڙ فٽ تائين ٺاهه ۾ ڏنل حصي موجب ۽ 117.35 کان مٿي هجي ته ٺاهه جي پيرا 4 مطابق پاڻي ورهايو ويندو، يعني سنڌ کي 37 سيڪڙو، پنجاب کي 37 سيڪڙو بلوچستان کي 12 سيڪڙو ۽ سرحد صوبي کي 14 سيڪڙو ڏنو ويندو. فني ڪاميٽيءَ جي 7 ميمبرن يعني سرحد مان شمس الملڪ ۽ سردار طارق، پنجاب مان چوڌري مظهر علي ۽ ايم ايڇ صديقي، بلوچستان مان عبدالرزاق خان ۽ اعظم بلوچ ۽ سنڌ مان ڊاڪٽر اقبال علي ارسا جي ورهاست کي هٿي ڏني، پر سنڌ جي ميمبر سردار احمد مغل ارسا جي ورهاست تي سخت اعتراض ڪيو.

    فني ڪاميٽيءَ جي چيئرمين جناب عباسي صاحب پنهنجي آزاد ۽ اڻ ڌري رپورٽ ۾ چيو ته پاڻي ٺاهه جي پيرا 2 ۽ 3۾ موجود واهن لاءِ موسمي بنيادن تي پاڻي ورهايو ويو آهي. پيرا 4 ۾ مستقبل جي ذخيرن ۽ ٻوڏ وارو پاڻي ورهائڻ جو طريقو ٻڌايو ويو آهي. جڏهن ته پيرا (b) (a) 14 ۾ کوٽ ۽ واڌ واري وقت ۾ پاڻي ورهائڻ جو طريقو ٻڌايو ويو آهي. موسمي بنيادن واري ورهاست کي فعال ڪرڻ لاءِ انهيءَ جي ڏهن ڏينهن واري ورهاست ڪئي وئي ۽ هر صوبي جي خريف ۽ ربيع جي ڏهن ڏينهن واري ورهاست پاڻي ٺاهه جو حصو بڻائي وئي. ٺاهه جي پيرا (b) 4 1 ۾ 1977ع کان 1982ع تائين جي سراسري استعمال جو ذڪر رڳو موسمي ورهاست کي ڏهن ڏينهن جي ورهاست ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ان جو بنياد (Guide line) طور ٻڌايو ويو آهي. اهو بنياد نه ٺاهه جو حصو آهي ۽ نه ئي هينئر ان جو ٺاهه سان ڪو واسطو آهي. ٺاهه سان واسطو انهيءَ ڏهاڪن واري ورهاست سان آهي، جيڪو ٺاهه جو حصو آهي. ٺاهه ۾ ڪٿي به اهو ذڪر ناهي ته ورهاست پاڻيءَ جي موجودگيءَ جي سطح مطابق هجي. ٺاهه ۾ ڪٿي اهو به لکيل ناهي ته موجود واهن لاءِ پاڻي ورهاست جو مستقبل جي ذخيرن سان ڪو واسطو آهي. پاڻي جا وهڪرا هڪ ڪرا ناهن، ڪڏهن کوٽ آهي ته ڪڏهن واڌ. انهيءَ ڪري کوٽ واڌ جي صورت ۾ پيرا (a) 14 ۽ (b) 14 ۾ پاڻي ورهائڻ جو طريقهءِ ڪار ڏنل آهي. وري سرحد ۽ بلوچستان کي کوٽ کان آجو ڪرڻ به پاڻي ٺاهه جي ڀڃڪڙي آهي. ارسا پاڻي ٺاهه جي پيرا 13 مطابق پاڻي ٺاهه تي عمل ڪرڻ لاءِ ٺاهي وئي آهي. انهيءَ جو اهو ڪم هرگز ناهي ته پاڻي ٺاهه جي ڪنهن به شق ۾ ترميم ڪري يا انهي ۾ تبديلي آڻي. اهو دليل ته سرحد ۽ بلوچستان کي انهيءَ ڪري کوٽ کان آجو ڪيو وڃي ٿو، جو انهن وٽ آبپاشي نظام مڪمل ٺهيل ناهي ۽ هو پنهنجي حصي جو پاڻي به نٿا کڻي سگهن ته پوءِ اهو طريقو صحيح ناهي. ٺاهه واري وقت بلوچستان ۽ سرحد جا ڪجهه واهه ٺهيل نه هئا يا ڪجهه ٺهن پيا. ٻين صوبن لاءِ ٺهيل واهن لاءِ پاڻي رکيو ويو، پر سرحد ۽ بلوچستان لاءِ ٺهندڙ واهن لاءِ به پيرا 2۽ 3۾ پاڻي رکيو ويو. پنهنجي حصي جو پيرا 2 ۽ 3 جو پاڻي کڻڻ لاءِ هاڻي هنن کي ڪنهن نئين واهه ٺاهڻ جي ضرورت ناهي. 1994ع واري وزارتي فيصلي بابت عباسي صاحب لکي ٿو ته، اهو مامرو ٻه دفعا وزارت قانون کي مشوري لاءِ اماڻيو ويو، جنهن واضح طور چيو ته پاڻي ٺاهه جي هوندي وزارتي فيصلي مطابق پاڻي جي ورهاست ڪرڻ غلط آهي. وزارت قانون جي انهن مشورن جي روشنيءَ ۾ ان وقت جي چيف ايگزيڪيوٽو يعني فوجي حڪمران 1994ع واري وزارتي فيصلي کي رد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، پر اٽڪل سٽڪل ڪري انهيءَ کي عمل ۾ نه آندو ويو. افسوس جي ڳالهه آهي ته پاڻي جي ورهاست ۾ ارسا ڪنهن جي نٿي ٻڌي، پنهنجي هلائي ٿي ۽ ٺاهه جي ڀڃڪڙي ڪري ٿي. نتيجي ۾ نقصان سنڌ کي ٿئي ٿو.

    سڀني مامرن تي دليلن سان بحث ڪري عباسي صاحب پنهنجي راءِ هن ريت ڏني آهي ته:

    (1) پاڻي ٺاهه هڪ احترام لائق دستاويز آهي، جنهن تي صحيح نموني ۾ عمل ٿيڻ کپي.

    (2) ارسا جي 1994ع واري وزارتي فيصلي مطابق صوبن وچ ۾ پاڻي ورهاست ڪرڻ غلط هئي.

    (3) کوٽ واري وقت ۾ سرحد ۽ بلوچستان صوبن کي کوٽ کان آجو ڪرڻ غلط آهي.

    (4) موجوده پاڻي جي ٽه سطحي ورهاست غلط آهي.

    (5) پاڻي جي ورهاست پاڻي ٺاهه ۾ ڏنل ڏهاڪن مطابق ٿيڻ کپي ۽ ڪنهن کي به کوٽ کان آجو نه ڪرڻ کپي.

    (6) وفاقي حڪومت کي کپي ته اهڙا اثرائتا اپاءَ وٺي، جو ارسا پاڻي ٺاهه جي شقن مطابق عمل ڪري. ارسا هلندڙ ٽه سطحي پاڻي جي ورهاست کي رد ڪري ٺاهه ۾ ڏنل ڏهاڪن مطابق ورهاست ڪري ۽ ڪنهن کي کوٽ کان آجو نه ڪري.
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ادريس راجپوت جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    وڏا ڊيم، فني ڪاميٽي ۽ سنڌ جا مضبوط دليل!



    سومر 24 اپريل 2006ع

    صدر صاحب هڪ ڀيرو وري وڏا ڊيم تعمير ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. حيرت ان تي ڪونهي ته هن وڏن ڊيمن جي تعمير تي زور ڏنو آهي، ڇاڪاڻ جو اها ڳالهه ته هو وڏي وقت کان ڪندو پيو اچي، پر حيرت ان ڳالهه تي آهي، جو صدر صاحب چئي ٿو ته، وڏن ڊيمن جي مخالفت ۾ سنڌ وٽ ڪي به مضبوط دليل ڪونهن! هو ملڪ جو صدر آهي، ڪا به ڳالهه ڪري سگهي ٿو. پر هن جو پنهنجو دڳ آهي، ۽ اسان جو پنهنجو دڳ، سنڌ وٽ ڪالا باغ ڊيم سميت ڪنهن به وڏي ڊيم کي رد ڪرڻ جا سوين دليل آهن، جيڪي سوين ڀيرا ورجائجي به چڪا آهن، جيڪڏهن ڪير انهن دليلن کي مڃڻ لاءِ تيار ڪونهي ته پوءِ ڇا ٿو ڪري سگهجي. مان ته سمجهان ٿو ته فني ڪاميٽي خود هڪ وڏو دليل آهي، جنهن جي رپورٽ تي اسان هنن ئي صفحن ۾ اڳ به بحث ڪري چڪا آهيون، ۽ اچو ته ان جي ڪجهه ٻين اهم رُخن تي اڄ به ڳالهايون، جن رخن ۾ خود وڏن ڊيمن جي تعمير خلاف مضبوط دليل لڪل آهن.

    مون پنهنجي هڪ مضمون، جيڪو ”ڪاوش“ ۾ 14 اپريل تي ڇپيو، تنهن ۾ فني ڪاميٽيءَ جي پهرين مول متي يعني ”1991ع واري پاڻي ٺاهه کي ورجائڻ ۽ انهيءَ تي عمل ڪرائڻ لاءِ سفارشون ڏيڻ“ تي فني ڪاميٽي جي چيئرمين جي رپورٽ جو خلاصو ڏنو هو، جيڪو هن ريت آهي:

    (1) پاڻي ٺاهه هڪ احترام لائق دستاويز آهي، جنهن تي صحيح نموني ۾ عمل ٿيڻ کپي.

    (2) ارسا جي 1994ع واري وزارتي فيصلي مطابق صوبن وچ ۾ پاڻي ورهاست ڪرڻ غلط هئي.

    (3) کوٽ واري وقت ۾ سرحد ۽ بلوچستان صوبن کي کوٽ کان آجو ڪرڻ غلط آهي.

    (4) موجوده پاڻي جي ٽه سطحي ورهاست غلط آهي.

    (5) پاڻيءَ جي ورهاست پاڻي ٺاهه ۾ ڏنل ڏهاڪن مطابق ٿيڻ کپي ۽ ڪنهن کي به کوٽ کان آجو ڪرڻ نه کپي.

    (6) وفاقي حڪومت کي کپي ته اهڙا اثرائتا اُپاءَ وٺي، جو ارسا پاڻي ٺاهه جي شقن مطابق عمل ڪري. ارسا هلندڙ ٽه سطحي پاڻي جي ورهاست کي رد ڪري ٺاهه ۾ ڏنل ڏهاڪن مطابق ورهاست ڪري ۽ ڪنهن کي به کوٽ کان آجو نه ڪري.

    اڄ مان ڪاميٽيءَ جي ٻئي مول متي يعني مستقبل جي ذخيرن ۽ واهن لاءِ پاڻي موجود هجڻ بابت ڪجهه تفصيل ڏيندس. ياد رهي ته هي مول متو ڪاميٽيءَ جي پهرين پڌرائي ۾ نه هو. عباسي صاحب جي زور ڀرڻ تي هيءُ مول متو شامل ڪيو ويو ۽ انهيءَ کي شامل ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي جي ٻيهر پڌرائي ڪئي وئي. اهو مول متو انهيءَ خيال کان شامل ڪرايو ويو ته جيستائين پاڻي هجڻ جي صحيح خبر نه پوندي، تيستائين ان کي ذخيرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيئن ٿي سگهندو. سرڪاري پڌرائي مطابق انهيءَ جو نمبر (a) 4 آهي، پر مان ان کي ٻيو نمبر انهيءَ ڪري ڏنو آهي، جو انهيءَ کان پوءِ ئي ڊيمن جي ٺهڻ يا انهن جي ترتيب ٻڌائي سگهبي.

    عباسي صاحب پنهنجي رپورٽ ۾ لکي ٿو ته، درياهن جا وهڪرا تمام گهڻو ڦرندڙ گهرندڙ آهن ۽ پاڪستان کي مليل الهندي درياهن ۾ وڌ ۾ وڌ آيل پاڻي سال 60-1959ع ۾ 186.79 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ گهٽ ۾ گهٽ سال 02-2001ع ۾ 97.17 ملين ايڪڙ فوٽ هو. سراسري سالياني وهڪري جو 84 سيڪڙو خريف ۾ اچي ٿو ۽ 16 سيڪڙو ربيع ۾ اچي ٿو. فني ڪاميٽي واپڊا، پلاننگ ڪميشن ۽ انڊس واٽر ڪمشنر کان پاڻيءَ جي انگن اکرن بابت بريفنگ ورتي. ڪاميٽي اها ڳالهه نوٽ ڪئي ته واپڊا وٽ پاڻيءَ جو ڪاٿو لڳائڻ جو باقاعده پروگرام ڪونهي ۽ انهيءَ ۾ ڪو صحيح طريقيڪار نه ٺاهيو ويو آهي. جيڪڏهن واپڊا وارا پاڻيءَ جي ڪاٿي جو صحيح حساب ڪتاب رکن ها ته انهيءَ تي هينئر جيڪو مامرو ٿيو آهي، سو نه ٿئي ها. واپڊا جي ويزن 2025ع ۾ پاڻي جي موجود هجڻ جي ڪا به ڄاڻ ڏنل نه آهي. حقيقت اها آهي ته 50 ارب ڊالرن جي پروگرام، جنهن ۾ 59.43 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ لاءِ اسڪيمون ڏنل آهن، تنهن ۾ اهو ٻڌايل ئي ناهي ته پاڻي آهي يا نه؟

    انهيءَ لاءِ واپڊا اها وضاحت ڪئي آهي ته انهيءَ پروگرام ۾ رڳو انهن جاين جو ذڪر آهي، جتي پاڻي ذخيرو ٿي سگهي ٿو، پر انهن تي عمل تڏهن ٿيندو، جڏهن انهن جي فزيبلٽي ٿيندي ۽ پاڻي هجڻ جي ڄاڻ حاصل ٿيندي. فني ڪاميٽي ويچار کان پوءِ اهو به فيصلو ڪيو ته ڊيمن لاءِ 50سيڪڙو يا 80 سيڪڙو پاڻي هجڻ جي بنياد تي واڌو پاڻي هجڻ مٿان ڀاڙڻ بدران واڌو پاڻي جو هر هڪ ڦڙو بچائبو. پاڻي موجود هجڻ جي ڪاٿي ۾ ٻه طريقا ٿي سگهن ٿا. هڪڙو مٿئين ڀر وارو طريقو ۽ ٻيو هيٺئين ڀر وارو طريقو. مٿئين ڀر واري طريقي ۾ ڪُل آيل پاڻيءَ مان درياهن ۾ زيان، واهن ۾ استعمال، (ٺاهه مطابق) ٻيا استعمال، ٻين ملڪن جو حق، ڪوٽڙي کان هيٺ گهرجن لاءِ گهربل پاڻي ڪٽي باقي پاڻي ڪڍبو آهي. هيٺين ڀر واري طريقي ۾ ڪوٽڙي کان هيٺ سمنڊ ۾ ويندڙ پاڻي مان ٺاهه جو کٽل پاڻي، ٻين ملڪن جو حق، اڀرندي درياهن مان ايندڙ پاڻي، ٺهندڙ واهن لاءِ پاڻي ۽ ڪوٽڙي کان هيٺ گهربل پاڻي ڪٽي باقي پاڻي ڪڍبو آهي. جيڪڏهن حساب صحيح هجي ته ٻنهي طريقن مان باقي پاڻي جو مقدار ساڳيو ٿيڻ کپي.

    اهو ممڪن ناهي ته مستقبل جي پاڻي هجڻ بابت صحيح اڳڪٿي ڪري سگهجي، يا يقين سان چئي سگهجي ته هيترو پاڻي ايندو. اسان رڳو ماضي ۾ آيل پاڻي جي لاڙن جو تجزيو ڪري رڳو مستقبل ۾ پاڻي اچڻ جو اندازو لڳائي سگهون ٿا. واپڊا وارن، ڪاميٽيءَ جي ستن ميمبرن ۽ اٺين ميمبر سردار احمد مغل پاڻي هجڻ جو ڪاٿو لڳايو آهي ۽ هر هڪ جو ڪاٿو الڳ الڳ آهي، پوءِ اهو ڪاٿو چاهي مٿين ڀر واري طريقي سان ڪڍيو ويو هجي، يا هيٺين ڀر واري طريقي سان. واپڊا ۽ ڪاميٽيءَ جي ستن ميمبرن انهي ءَتي زور ڏنو ته پاڻي جو ڪاٿو هيٺين ڀر واري طريقي سان لڳايو وڃي. انهيءَ ڪري ڪاميٽي اهو فيصلو ڪيو ته واڌو پاڻي هجڻ جو ڪاٿو هيٺين ڀر واري طريقي سان لڳايو ويندو. انهيءَ نموني ڪاٿي ۾ واپڊا، ستن ميمبرن ۽ اٺين ميمبر سردار احمد مغل پاران بچت واري پاڻيءَ بابت ڏنل انگ اکر مختلف هئا. واپڊا وارن چيو ته بچيل پاڻي 3.95 ملين ايڪڙ فوٽ هو، ستن ميمبرن چيو ته، بچيل پاڻي 0 7 .2 3 ملين ايڪڙ فوٽ هو ۽ سردار احمد مغل چيو ته، اهو منفي 11.6 هو. اهو ٻڌائيندو هلان ته ڪاميٽي جي گڏجاڻين ۾ ستن ميمبرن واپڊا جي ڪاٿي سان اتفاق ڪيو هو. هيٺين ڀر واري طريقي ۾ اهو ڏسڻو آهي ته ڪوٽڙي کان هيٺ گهڻو پاڻي سمنڊ ۾ ويو؟ انهيءَ مان هيٺين حوالن سان پاڻي ڪٽڻو پوندو:

    (1) الهندي درياهن تي هندستان جو حق.

    (2) افغانستان ڪابل درياهه ۾ پاڻي کڻندو.

    (3) اڀرندي درياهن ۾ آيل پاڻي، جيڪو اڳتي نه ايندو.

    (4) ٺهندڙ ٻوڏ وارن واهن ۽ ڊيمن ۾ استعمال ٿيندڙ پاڻي.

    (5) ٺاهه جو کُٽل پاڻي.

    (6) شهري ضرورتون ۽ صنعتن لاءِ مستقبل ۾ گهربل پاڻي.

    (7) ڪوٽڙيءَ کان هيٺين گهرجن لاءِ پاڻي.

    واپڊا ۽ ستين ميمبرن جو هيٺين مدن تي اتفاق ٿيو:

    ڪوٽڙيءَ کان هيٺي سمنڊ ۾ پاڻي ويو: 35.2 ملين ايڪڙ فوٽ.

    هندستان جو الهندي درياهن تي حق: 2.0 ملين ايڪڙ فوٽ.

    افغانستان ڪابل درياهن مان پاڻي کڻندو: 0.5 ملين ايڪڙ فوٽ.

    شهري گهرجن ۽ صنعتن لاءِ: 0 ملين ايڪڙ فوٽ.

    اُڀرندي درياهن ۾ هندستان کان آيل پاڻي: 4.94 ملين ايڪڙ فوٽ.

    اُڀرندي درياهن ۾ پاڪستان مان آيل پاڻي: 3.53 ملين ايڪڙ فوٽ.

    ڪاميٽيءَ جي اٺين ميمبر سردار احمد مغل هندستان جو حق 4.8، ڪابل تي افغانستان جو حق 4 ۽ شهري ۽ صنعتي گهرجن لاءِ 5 ملين ايڪڙ فوٽ ٻڌايو. ڳالهه کي نبيرن لاءِ عباسي صاحب واپڊا جي انگ اکرن مطابق واڌو پاڻي سواءِ انهيءَ جي ته واپڊا وارن ڪوٽڙيءَ کان هيٺ گهرجن لاءِ 5.8 ورتو هو، پر عباسي صاحب اهو انهيءَ وقت تائين 10 ملين ايڪڙ رکيو، جيستائين ڪوٽڙيءَ کان هيٺ ٿيندڙ اڀياسن جو نتيجو اچي. مٿئين ٻڌايل طريقي جي نتيجي ۾ عباسي صاحب واڌو پاڻي هن ريت ڪڍيو:

    ڪوٽڙيءَ کان هيٺ سمنڊ ۾ پاڻي ويو: 35.2 ملين ايڪڙ فوٽ.

    الهندي درياهن تي هندستان پاڻي کڻندو: 2.0 ملين ايڪڙ فوٽ.

    افغانستان ڪابل درياهه تي پاڻي کڻندو: 0.5 ملين ايڪڙ فوٽ.

    ڪچي جي ٻوڏ واهه پاڻي کڻندو: 1.2 ملين ايڪڙ فوٽ.

    گريٽر ٿل ٻوڏ واهه پاڻي کڻندو: 2.5 ملين ايڪڙ فوٽ.

    ريڻي ٻوڏ واهه پاڻي کڻندو: 1.1 ملين ايڪڙ فوٽ.

    منگلا جي ليول وڌڻ ڪري پاڻي ويندو: 2.9 ملين ايڪڙ فوٽ.

    پٽ کي وڌائڻ لاءِ پاڻي کپندو: 0.1 ملين ايڪڙ فوٽ.

    ايل بي او ڊي لاءِ پاڻي گهربو: 2.2 ملين ايڪڙ فوٽ.

    گومل زم ڊيم ۾ پاڻي گڏ ڪندا: 1.0 ملين ايڪڙ فوٽ.

    ٺاهه ۾ کُٽل پاڻي: 11.95 ملين ايڪڙ فوٽ.

    باقي بچيل پاڻي: 0.25 (-) ملين ايڪڙ فوٽ.

    عباسي صاحب واپڊا مطابق اُڀرندي درياهن وارو هندستان کان آيل پاڻي، جيڪو هينئر اچي ٿو، پر اڳتي نه ايندو، سو ناهي ڪٽيو. مٿئين حساب مان خبر پوي ٿي ته نج بچيل پاڻي منفي ٿو اچي. انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته سراسري حساب ڪتاب مطابق ڊيم ڀرڻ لاءِ واڌو پاڻي ڪونهي، تنهن ڪري هر سال پاڻيءَ سان ڀرجڻ وارا ڊيم نه ٺهي سگهندا، ڇاڪاڻ جو اهي ڪن سالن ۾ ڀربا، ۽ ڪن سالن ۾ نه ڀربا. پر ٻوڏ وارن سالن ۾ تمام گهڻو پاڻي سمنڊ ۾ وڃي ٿو، جنهن کي ذخيرو ڪرڻ کپي ۽ اهڙا وڏا ڊيم ٺاهجن، جو جڏهن تمام گهڻو پاڻي هجي، تڏهن ڀرجن ۽ جن سالن ۾ پاڻي گهٽ هجي، اُنهن سالن ۾ اهو گڏ ڪيل پاڻي استعمال ڪجي. عباسي صاحب پنهنجي رپورٽ ۾ لکي ٿو ته اسان وٽ پاڻيءَ جي کوٽ خريف واري مند ۾ ٿئي ٿي. ربيع ۾ گهڻو ڪري 91ع ٺاهه وارو پاڻي هوندو آهي ۽ جيڪڏهن ربيع ۾ کوٽ ٿئي به ٿي ته اها نالي ماتر آهي. يعني ربيع جي گهرجن لاءِ ٺهيل تربيلا ۽ منگلا ۽ منگلا جي ليول وڌائڻ کان پوءِ وارو پاڻي ڪافي ٿيندو. اسان کي خريف واري کوٽ لاءِ ڪجهه ڪرڻ کپي، جيڪو 35 ملين ايڪڙ فوٽ وارو وڏو ڊيم ٺاهڻ سان ٿي سگهندو. ٻوڏ وارن سالن ۾ اهو ڊيم ڀرجي ۽ جن سالن ۾ کوٽ هجي، اهو پاڻي خريف لاءِ استعمال ڪجي.

    انهيءَ سوال تي ته پهرين ٺاهه جو کٽل پاڻي پورو ڪجي، يا ٻوڏ واهن کي پاڻي ڏجي؟ ان جي جواب ۾ عباسي صاحب لکي ٿو ته سڀئي انهيءَ تي متفق آهن ته پهرين ٺاهه جو کٽل پاڻي پورو ڪجي. عباسي صاحب پنهنجي راءِ ڏئي ٿو ته کٽل پاڻي پوري ڪرڻ ۽ ڪوٽڙي کان هيٺ گهرجن لاءِ پاڻي ڇڏڻ کان پوءِ ٻوڏ وارن واهن کي پاڻي ڏيڻ کپي. عباسي صاحب جون سفارشون هن ريت آهن:

    (1) سراسري بنياد تي هر سال ڊيم ڀرڻ لاءِ پاڻي ڪونهي.

    (2) مستقبل جي پاڻيءَ جا ذخيرا يعني ڊيم ٻوڏ وارن سالن جو پاڻي ڀرڻ لاءِ ٺاهڻ کپن، جيڪي کوٽ واري سالن ۾ پاڻيءَ جو پورائو ڪري سگهن.

    (3) نوان ذخيرا ٺاهه وارو کٽل پاڻي پوري ڪرڻ لاءِ هجن. ٻوڏ وارن واهن کي پاڻي ان کان کانپوءِ ٿو اچي.

    (4) پهرين اسان کي پنهنجي موجوده آبپاشي نظام جي گهرجن جو پورائو ڪرڻو آهي، يعني ٺاهه وارو 117.35 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڏيڻو آهي، انهيءَ سان گڏ ڪوٽڙي کان هيٺ جي گهرجن لاءِ 10 ملين ايڪڙ فوٽ (يا جيڪو اڀياسن جي نتيجي ۾ نڪري) ڏيڻو آهي. انهن گهرجن کان وڌيڪ جيڪو پاڻي اچي تنهن کي ذخيرو ڪرڻ گهرجي.

    بهرحال مٿيون ذڪر مڪمل نه، پر وڏن ڊيمن جي مخالفت ۾ مضبوط دليلن جي ننڍڙي جهلڪ آهي، وڌيڪ دليلن سان وري نئين آرٽيڪل ۾ گڏ ٿينداسين.
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ادريس راجپوت جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ذڪر وڏن ڊيمن جي ضرورت ۽ ترجيح جو!



    اڱارو 02 مئي 2006ع

    اڄ مان عباسي صاحب کي ڏنل ڪم جي ٽئين مول متي بابت ڪجهه ٻڌائيندس. سرڪاري پڌرائيءَ ۾ ان جو نمبر ٻيو آهي. انهيءَ مول متي جو انگريزي متن هيٺين ريت آهي.

    Assess the need for constructing dams/reservoirs for future requirements and to make up for the shortages of water due to silting of Tarbela and Mangla dams and recommed sequencing of future storages. (مستقبل جي گهرجن لاءِ نوان ڊيم يا ذخيرا ٺاهڻ جي ضرورت جي جانچ لهڻ، منگلا ۽ تربيلا ڊيم لٽجڻ ڪري پاڻي جي کوٽ جو پورائو ڪرڻ ۽ مستقبل جي ذخيرن کي ٺاهڻ جي ترتيب جي سفارش ڪرڻ.)

    عباسي صاحب پنهنجي رپورٽ ۾ لکي ٿو ته ڊيم درياهن جو پاڻي ذخيرو ڪرڻ ۽ انهيءَ پاڻيءَ کي هلائڻ (Regulate)لاءِ ٺاهيا وڃن ٿا ته جيئن ملڪ جي وڌندڙ آباديءَ جون کاڌي ۽ بجليءَ واريون ضرورتون پوريون ڪري سگهجن. ڊيمن مان پيدا ٿيندڙ بجلي ٻين ذريعن مان پيدا ٿيندڙ بجليءَ جي ڀيٽ ۾ سستي ٿئي ٿي. پر ڊيم ٺاهڻ جو مدار پاڻيءَ جي هجڻ ۽ انهيءَ هجڻ جي نموني (Pattern) تي آهي. هينئر اسان وٽ ٻه وڏا ڊيم آهن، يعني منگلا ۽ تربيلا لٽجڻ ڪري انهن جي پاڻي ذخيرو ڪرڻ واري صلاحيت گهٽجي وئي آهي. اسان کي گهرجي ته ڊيمن کي اهڙي نموني ۾ هلايون جو لٽ گهٽ ۾ گهٽ گڏ ٿئي. وري نوان ڊيم ٺاهڻ مهل لٽ ڪڍڻ جا اهڙا بندوبست (Sluicing) ڪرڻ گهرجن جو جيڪا لٽ اچي سا خارج به ٿي وڃي. ڊيم ٺاهڻ جي ترتيب يعني اڳ ۾ ڪهڙو ڊيم ٺاهجي، بابت ٻن ڳالهين جو خيال رکڻو پوندو. هڪڙو اهو ته ايتري گنجائش جو ڊيم ٺاهڻ کپي، جو وڌ ۾ وڌ آيل پاڻي، جڏهن به اچي، سو ذخيرو ڪري سگهجي ۽ ٻيو ته گهٽ ۾ گهٽ خرچ تي وڌ ۾ وڌ فائدو وٺي سگهجي. عباسي صاحب واپڊا وارن کان انهيءَ مول متي تي عام تفصيلي پريزنٽيشن ورتي ۽ انهيءَ تي تمام گهڻو بحث ٿيو. جنهن ۾ ڪاميٽيءَ جي ستن ميمبرن واپڊا جو ساٿ ڏنو ۽ اٺين ميمبر سردار احمد مغل ڪيترا اعتراض اٿاريا. ستن ميمبرن پنهنجي جدا رپورٽ به ڏني. هيٺ مان انهيءَ مول متي جي ٽن جزن تي هر هڪ جو نڪتهءِ نظر ۽ پڇاڙيءَ ۾ عباسي صاحب جو Conclusion ۽ سفارشون ڏيندس.

    (1) ڊيم ٺاهڻ جي ضرورت:

    واپڊا مطابق ذخيرا ٽن ڳالهين لاءِ گهرجن. پهرين وڌندڙ آباديءَ لاءِ بجلي ۽ پاڻيءَ جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ، ٻيو ٺهيل ڊيمن جي لٽجڻ ڪري گنجائش جي کوٽ جو پورائو ڪرڻ لاءِ، ٽيون درياهن جي ٻوڏ واري وهڪري کي قابو ڪري انهيءَ کي ضرورت وقت استعمال ڪرڻ لاءِ، ته جيئن پاڻي ۽ بجليءَ جو وڌ ۾ وڌ فائدو وٺي سگهجي. واپڊا مطابق ذخيرا ٺاهڻ کان سواءِ ڪنهن به فصل مان پوري پيداوار حاصل ڪري نٿي سگهجي. فني ڪاميٽيءَ جي ستن ميمبرن واپڊا جي نڪتهءِ نظر جي پٺڀرائي ڪندي چيو آهي ته، پاڻي گڏ ڪندڙ ڊيم پاڻ پاڻي نٿا واپرائن پر بچائن ٿا. پاڪستان ۾ آيل پاڻيءَ جو 10 سيڪڙو جمع ڪرڻ لاءِ ڊيم ٺهيل آهن، جڏهن ته ٻين ملڪن ۾ 40 سيڪڙو پاڻي ذخيرو ڪيو وڃي ٿو. مصر جي نيل درياهه تي ٺهيل اسوان ڊيم ۾ سالياني وهڪري کان ٻيڻو پاڻي ذخيرو ڪري سگهجي ٿو، جيڪو مصر جي کوٽ وارن سالن جي پاڻيءَ جي ضرورت پوري ڪري ٿو.

    عباسي صاحب چوي ٿو ته، اها حقيقت آهي ته پاڪستان کي پاڻيءَ جي وڌندڙ گهرجن لاءِ ذخيرن جي ضرورت آهي، پر ڊيم الهندي درياهن ۾ آيل پاڻي ڏسي ٺاهڻ گهرجن. انهيءَ ۾ بنيادي اصول اهو هجڻ کپي ته آيل پاڻيءَ جو هر واڌو ڦڙو جڏهن به اچي، تڏهن اهو بچائڻ گهرجي. ذخيرا ڊيمن جي لٽجڻ کي منهن ڏيڻ لاءِ ٺاهڻ کپن، پر انهيءَ سان گڏ اهو به ڏسڻ کپي ته ٺهيل ڊيم اهڙي نموني سان هلايا وڃن، جو لٽ گهٽ ۾ گهٽ ٿئي ۽ لٽ ڪڍڻ جا مناسب بندوبست ڪيا وڃن. عباسي صاحب انهيءَ ڳالهه کي مڃجي ٿو ته ڊيم پاڻي ڪو نه ٿا واپرائن، پر بچائن ٿا. پر ڊيم اهو پاڻي گڏ ٿا ڪن، جيڪو واڌو آهي، تنهنڪري اهو معلوم ڪرڻ ضروري آهي ته ڇا ذخيرو ڪرڻ لاءِ واڌو پاڻي آهي؟ ستن ميمبرن ساليانو آيل پاڻيءَ جو 40 سيڪڙو گڏ ڪرڻ جو مثال ڏنو آهي، پر انهن انهيءَ ڏس ۾ ڪنهن به درياهه جي طاس جي اڀياس جو نه ٻڌايو آهي. هر ڪنهن درياهه جي پاڻيءَ جو ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش هڪ جهڙي ناهي! اها گهڻن ئي ڳالهين تي منحصر آهي، جيئن ان جي هيڊرولاجي ڇا آهي؟ پاڻي اچڻ جو ساليانو ۽ ڊگهي مدت وارو نمونو ڇا آهي؟ پاڻيءَ جون موجوده ۽ مستقبل واريون گهرجون ڇا آهن؟ ۽ درياهه جي طاس جي جوڙجڪ (Topography) ڪهڙي آهي؟ وغيره. نيل درياهه تي ٺهيل اسوان ڊيم جو مثال اهڙي ملڪ جومثال آهي، جتي ڪڏهن ڪڏهن ايندڙ وڏي ٻوڏ جو پاڻي انهيءَ ڪري گڏ ڪيو وڃي ٿو ته جيئن ايندڙ کوٽ وارن سالن ۾ ڪم اچي. اهو ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته ذخيرا آيل پاڻيءَ جي ٿلهي ليکي سيڪڙي جي بنياد تي نٿا ٺاهي سگهجن. پر اهي هر ڪنهن درياهي طاس جي گهرجن کي نظر ۾ رکي ٺاهڻا پوندا.

    (2) ڊيمن جو لٽجڻ:

    واپڊا مطابق لٽجڻ ڪري ڊيمن جي گنجائش ڪل گڏ ڪيل پاڻيءَ جي حساب سان 5 5 .4 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻيءَ جي حساب سان 3.2 ملين ايڪڙ گهٽجي وئي آهي. لٽجڻ جي موجوده رفتار سان سال 2010ع ۾ تربيلا ڊيم جي استعمال جوڳي گنجائش 25 سيڪڙو ۽ منگلا ڊيم جي سال 2020ع ۾ 22 سيڪڙو گهٽجي ويندي. ياد رهي ته پاڪستان ۾ تربيلا، منگلا ۽ چشما ذخيرن جي استعمال جوڳي گنجائش 15.74 ۽ ڪل پاڻي گڏ ڪرڻ جي گنجائش 18.37 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. واپڊا وارا وڌيڪ چون ٿا ته ڊيمن جي لٽجڻ تي ٽيمس ڪنسلٽنٽس جي رپورٽ قابل عمل ناهي.

    ڪاميٽي جي ستن ميمبرن پنهنجي مئي 2005ع واري رپورٽ ۾ ڊيمن جي لٽجڻ تي ڪي خاص ڳالهيون نه ڪيون آهن. سردار احمد مغل ٽيمس جي رپورٽ تي عمل ڪرڻ لاءِ زور ڀريو.

    عباسي صاحب ڊيمن جي لٽجڻ تي چيو آهي ته گهٽ ٿيل گنجائش 3.2 ملين ايڪڙ فوٽ آهي، جيڪا منگلا ڊيم جي ليول وڌائڻ سان پوري ٿي ويندي. عباسي صاحب چوي ٿو ته، ٽيمس وارو اڀياس واپڊا وارن پاڻ ڪرايو هو ۽ انهيءَ اڀياس دوران هو انهن سان لهه وچڙ ۾ رهيا هوندا ۽ هن واپڊا وارن جي صلاح سان رپورٽ ٺاهي هوندي پوءِ واپڊا وارا ڪيئن ٿا چون ته اها رپورٽ قابل عمل ناهي؟ ماڻهو چون ٿا ته تربيلا ڊيم صحيح نموني ۾ نه هلائڻ ڪري وڌيڪ لٽجي پيو. هنن کي گهرجي ته جاچ وٺن ته تربيلا ڊيم صحيح نموني ۾ هلايو وڃي، ۽ يا ٽيمس جي رپورٽ تي عمل ڪيو وڃي، يا وري ٻيو ڪو طريقو معلوم ڪرڻ گهرجي ته ڊيم گهٽ ۾ گهٽ لٽجي ۽ انهيءَ جي حياتي وڌي وڃي. واپڊا جي ويزن 2025ع بابت عباسي صاحب جو چوڻ آهي ته انهيءَ ۾ 59.43 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي استعمال ڪرڻ لاءِ منصوبا ڏيکاريا ويا آهن، پر پاڻي هجڻ بابت ڪجهه به نه چيو ويو آهي، نه وري اهو ئي چيو ويو آهي ته پاڻي هجڻ تي انهن منصوبن تي عمل ٿيندو. اها افسوس جي ڳالهه آهي ته واپڊا وارن پاڻي هجڻ واري ڳالهه کي نظرانداز ڪيو آهي.

    وڏن ڊيمن مان پيدا ٿيندڙ مامرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٺاهيل ڊيمس ۽ ڊولپمينٽ رپورٽ بابت عباسي صاحب چوي ٿو ته، انهيءَ رپورٽ ۾ ڊيمن جي منفي ۽ مثبت ڳالهين کي نظر ۾ رکي ٻڌايو ويو آهي ته ڊيم ٺاهڻ لاءِ ڪهڙو طريقو ورتو وڃي ته جيئن پوءِ مامرا نه پيدا ٿين. اها رپورٽ نومبر 2000ع ۾ حڪومت کي ملي آهي. پر اڃان انهيءَ تي عمل ڪرڻ ۽ نه ڪرڻ بابت ڪو فيصلو نه ڪيو ويو آهي. انهيءَ ڳالهه تي ته کوٽ وارن سالن ۾ جيڪڏهن ڊيم ساندهه ڪيترا سال نه، ڀرجن ۽ پوءِ به اهي ٺاهيا وڃن؟ واپڊا وارا چون ٿا ته پوءِ سنڌو تي هڪ کان وڌيڪ ڊيم ٺاهيا وڃن ته جڏهن پاڻي اچي ته اهو ذخيرو ڪيو وڃي، ڇو جو سنڌو تي ڪو وڏو ڊيم جيڪو تمام گهڻو پاڻي ذخيرو ڪري، سو نٿو ٺاهي سگهجي. انهيءَ ڳالهه تي ڪاميٽيءَ جي ستن ميمبرن ڪا خاص ڳالهه پنهنجي مئي 2005ع واري رپورٽ ۾ نه ڪئي آهي، پر ڪاميٽيءَ جي اڳ ٿيل گڏجاڻين ۾ اهو اصول طئي ٿي چڪو هو ته واڌو پاڻي جو هر هڪ ڦڙو جڏهن به اهو اچي، تڏهن ان کي بچائڻ کپي.

    عباسي صاحب انهيءَ ڳالهه تي چوي ٿو ته ڪاميٽي جي مول متي نمبر (a) 4 ۾ اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته منگلا ۽ تربيلا ڊيم ٺاهڻ کان پوءِ به هڪڙي مند مان ٻي مند لاءِ کڻي وڃڻ لاءِ واڌو پاڻي ڪونهي. واڌو پاڻي هينئر رڳو ڪڏهن ڪڏهن ايندڙ ٻوڏ وارن سالن ۾ آهي، جن جو مقدار تمام گهڻو ٿئي ٿو. تنهنڪري مستقبل جا ڊيم هر سال نه، ڀربا بلڪه مان اهو چوندس ته اهي ڊيم سوڪهڙي وارن سالن ۾ ڪيترا سال ساندهه خالي رهندا. يعني ڊيمن جو ڀرجڻ ڪڏهن ڪڏهن ٿيندو ۽ اها عام رواجي ڳالهه ٿيندي، جڏهن ته هينئر هر سال نه ڀرجڻ غير رواجي ڳالهه آهي.

    ڪٽزارا يا اسڪردو ڊيم جي اڀياس بابت واپڊا وارا چون ٿا ته، انهيءَ هنڌ ڊيم ٺاهڻ ڏکيو آهي، ڇاڪاڻ جو هتي ٻيهر آبادڪاري وارا مسئلا اهڙا آهن، جيڪي عملي طور تي ممڪن ناهن، تنهنڪري هڪڙي وڏي ڪيري ڊيم ٺاهڻ بدران ٽئي ڊيم يعني ڪالاباغ، ڀاشا ۽ اکوڙي ٺاهڻ گهرجن. ستن ميمبرن انهيءَ تي ڪجهه نه چيو آهي. عباسي صاحب لکي ٿو ته، اسان جي درياهن ۾ پاڻيءَ جي صورتحال ڏسڻ گهرجي، جنهن مطابق درياهن ۾ ڪن ٻوڏ وارن سالن ۾ تمام گهڻو پاڻي اچي ٿو. واپڊا وارن کي ڪٽزارا تي هڪڙي تمام وڏي گنجائش وارو ڊيم ٺاهڻ لاءِ اڀياس تمام اڳ ۾ ڪرڻ کپندو هو. واپڊا وارن انهيءَ جي پري فزيبلٽي شروع ڪرائي آهي، جيڪا مڪمل ٿيڻ کان پوءِ انهيءَ جي فزيبلٽي اسٽڊي به جلد مڪمل ڪرائڻ کپي. اتي 35 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ٿي سگهي ٿو، يعني آيل ٻوڏ جو تمام گهڻو پاڻي اتي گڏ ڪري سگهجي ٿو. واپڊا وارن کي پري فزيبلٽي مڪمل ٿيڻ کان اڳ اهو چوڻ مناسب ناهي ته اتي ڊيم ٺاهڻ ڏکيو آهي، ڇاڪاڻ جو ٻيهر آبادڪاري وارو ڪم نٿو ٿي سگهي. واپڊا جو اهو چوڻ ته هڪڙي ڊيم بدران ٽي ڊيم ٺاهيا وڃن، جڏهن ته هنن ٽن ڊيمن جي قيمت ۽ وقت جي ڀيٽ هڪڙي وڏي ڊيم سان نه ڪئي آهي، اها ڳالهه صحيح ناهي. ڪالاباغ، ڀاشا ۽ اکوڙي تي ٽئي ڊيم رڳو 18 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪري سگهندا، جڏهن ته ڪٽزارا يا اسڪردو تي 35 ملين ايڪڙ فوٽ ذخيرو ڪري سگهبو. تنهن ڪري ٽي ڊيم هڪڙي ڊيم جو نعم لابدل نٿا ٿي سگهن. جڏهن اسان جو ڪم هڪڙي ڪٽزارا يا اسڪردو تي ڊيم مان ٿي سگهي ٿو ته پوءِ ٻين ڊيمن تي ضد ڇو آهي؟

    (3) ڊيمن ٺاهڻ جي ترتيب:

    انهيءَ سوال تي ته ڊيمن جي منصوبه بندي، ترجيح مقرر ڪرڻ ۽ انهن جي ٺاهڻ واري ترتيب جو بنياد ڇا ٿيڻ گهرجي؟ ان سوال تي منصوبه بندي کاتي، واپڊا، ستن ميمبرن، سردار احمد مغل ۽ عباسي صاحب جا رايا هي آهن. منصوبه بندي وارو کاتو چوي ٿو ته، ان جو دارومدار پاڻي ۽ بجليءَ جي ضرورت ۽ ڊيمن جي عمل ۾ آڻڻ واري صلاحيت تي هجڻ کپي. واپڊا وارا چون ٿا ته، هينئر ڊيم رڳو سنڌو تي ٺهي سگهن ٿا ۽ انهيءَ تي پنج جاين جي نشاندهي ٿيل آهي، يعني ڪالاباغ، ڀاشا، اسڪردو، يوگو (سنڌ جي معاون درياهه شياڪ تي) ۽ اکوڙي (درياهه کان پري)، انهيءَ جو بنياد وڌ ۾ وڌ واڌو پاڻي گڏ ڪرڻ جي صلاحيت تي هجڻ گهرجي، پوءِ جڏهن به اهو پاڻي اچي. ڊيم جي جاءِ، ڊيم جو قسم (ڪيري اوور يا عام رواجي) ۽ هر ڪنهن منصوبي جي هيڊرالاجي هجڻ کپي. ڪاميٽيءَ جا ست ميمبر چون ٿا ته هڪ پلان مطابق مختلف جاين تي ڊيم ٺاهڻ جا اڀياس ڪرايا وڃن ۽ تڪڙي ڪم لاءِ درياهه تي ۽ درياهه کان پري ڊيم ٺاهڻ جي اوليت مقرر ڪري ۽ ڪجهه نه ڪرڻ واري زنجير کي ٽوڙن کپي. سردار احمد مغل مطابق بنياد لاءِ وڌ ۾ وڌ واڌو پاڻي جڏهن به اچي گڏ ڪرڻ، وڌ ۾ وڌ فائدو ۽ گهٽ ۾ گهٽ خرچ، غير تڪراري منصوبه ۽ قابل عمل ٿيڻ جي حالت ان جو بنياد هجڻ کپي. هو وڌيڪ چوي ٿو ته، ڊيم مان سرنگ ۽ اسٽب ٽنل نه نڪرڻ کپن، واهه نه نڪرڻ کپن ۽ پاڻي ورائڻ (diversion)جو بندوبست نه هئڻ کپي. عباسي صاحب مطابق ڊيمن جي منصوبه بندي، ترجيحات ۽ ترتيب ۾ هيٺين ڳالهين جو خيال رکڻ کپي.

    (1) وڌ ۾ وڌ واڌو پاڻي (جڏهن به اچي) گڏ ڪرڻ جي صلاحيت.

    (2) گهٽ ۾ گهٽ خرچ ۽ وڌ ۾ وڌ فائدو.

    (3) لٽ گهٽائڻ لاءِ (Low capacity inflow ratio

    (4) ٺهڻ لاءِ قابل عمل هجڻ.

    (5) پاڻي ۽ بجليءَ جي کپت وارين جاين جي ويجهو هجڻ.

    (6) ڊيم بابت انديشن ۽ خدشن جو نه هجڻ.

    انهيءَ بابت ته ڪهڙا ڊيم ٺهڻ جي پوزيشن ۾ آهن ۽ انهن جي ٺهڻ جي ترتيب ڇا ٿيڻ کپي، مٿين جا رايا هيٺين ريت آهن.

    پلاننگ ڊويزن ۽ واپڊا انهيءَ تي ڪا خاص ڳالهه نه ڪئي آهي. ست ميمبر چون ٿا ته جيڪي ڊيم نظر ۾ آهن، سي رڳو ڪالاباغ ۽ ڀاشا آهن. انهن ٻنهي جي پاڻ ۾ ڀيٽ نه ڪرڻي آهي، بلڪه ٻئي ضروري آهن ۽ 12 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي، جيڪو ٻنهي ۾ گڏ ٿيندو، سو پاڪستان جي کاڌي خوراڪ جي گهرجن ۽ اقتصادي واڌ لاءِ مس پورو ٿيندو. عباسي صاحب ڪالاباغ، ڀاشا ۽ ڪٽزارا يا ڀاشا کي ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ سمجهي ٿو، ڇاڪاڻ جو اهي سڌو سنڌو تي ٺهي سگهندا، جڏهن ته اکوڙي سنڌو کان پري ٺهندو. ڪالاباغ ڊيم جي فزيبلٽي 1988ع ۾ ۽ ڀاشا جي 2004ع ۾ پوري ٿي. اسڪردو جي پري فزيبلٽي 2005ع ۾ پوري ڪرڻي هئي، تنهن کان پوءِ ان جي فزيبلٽي ٿيندي. واپڊا وارا ڪالاباغ لاءِ چون ٿا ته، هي ڊيم ٺهڻ لاءِ بلڪل تيار آهي، ڇاڪاڻ جو هن جي فزيبلٽي ڊيزائن ۽ ٺيڪا ڏيڻ وارا ڪاغذ تيار آهن. هن ڊيم کي ٺهڻ ۾ 6 سال لڳندا. ستن ميمبرن به ڪالاباغ ڊيم بابت پراڻيون ڳالهيون ورجايون آهن ته هي هر ڪنهن لحاظ کان ٺهڻ لائق آهي. ڀاشا ڊيم بابت واپڊا وارا چون ٿا ته، هن جي فزيبلٽي سال 2004ع ۾ تيار ٿي ۽ هينئر ڊيزائن ۽ ٽينڊر جا ڪاغذ ٺهن پيا. هن تي ڪم سال 2007ع ۾ شروع ٿي سگهندو. ڪاميٽي جي ستن ميمبرن ڀاشا کي 908 فوٽ وارا رول ڪريٽ ڊيم ٺاهڻ تي اعتراض ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته اسان کي ڊيم کپي، نه ڪي راڪاس. انهيءَ زلزلي واري علائقي ۾ ايتري وڏي عميق وارو ڊيم ٺاهڻ خطرناڪ آهي، ٻيو ته هن ۾ شاهراهه ريشم کي به مٿي ڪرڻو پوندو ۽ تمام ڊگهي ٽرانسميشن لائين ٺاهڻي پوندي، ٻيو ته هي ڊيم 7 سالن ۾ نه ٺهي سگهندو. ڪٽزارا يا اسڪردو ڊيم بابت واپڊا وارا چون ٿا ته، هي سال 2015 کان پوءِ شروع ڪري سگهبو، ٺهڻ ۾ 8 سال لڳندا. هن جي تعمير سان اسڪردو جو ايئرپورٽ ۽ شهر ٻڏي ويندا ۽ ٻيهر آبادڪاريءَ وارا نه حل ٿيڻ وارا مسئلا پيدا ٿيندا. ستن ميمبرن به انهيءَ جي سخت مخالفت ڪئي آهي.

    اکوڙي ڊيم بابت واپڊا وارا چون ٿا ته ان جي فزيبلٽي ٺهي پئي، ان تي ڪم سال 2009ع ۾ شروع ڪري سگهبو ۽ سال 2015ع ۾ اهو ڪم پورو ٿيندو. هن جي بجلي پيدا ڪرڻ جي گنجائش رڳو 600 ميگاواٽ آهي. ستن ميمبرن اکوڙي ڊيم تي ڪجهه نه چيو آهي. پڇاڙي ۾ عباسي صاحب هن مول متي تي جيڪي نتيجا ڪڍيا آهن ۽ جيڪي سفارشون ڏنيون آهن، سي هن ريت آهن.

    (1) الهندي درياهن تي پاڻيءَ جي اچڻ جو نمونو اهڙو آهي، جو تربيلا ۽ منگلا کان پوءِ هڪ مند کان ٻي مند لاءِ پاڻي گڏ ڪري کڻي وڃڻ ممڪن ناهي. يعني پاڻي خريف ۾ ذخيرو ڪري ان کي ربيع ۾ کڻي وڃڻ ممڪن ناهي. پر ٻوڏ وارن سالن ۾ تمام گهڻو واڌو پاڻي ذخيرو ڪرڻ لاءِ موجود آهي، هي واڌو پاڻي تمام گهڻو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن اچي ٿو. اهو پاڻي رڳو هڪ وڏي گنجائش واري ڪيري اوور ڊيم ۾ ئي جمع ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن اهو هڪ عام رواجي ڊيم ۾ گڏ ڪيو وڃي، جنهن جي گنجائش 6 ملين ايڪڙ فوٽ هجي ته اهو ٻوڏ واري آيل پاڻيءَ جو رڳو 20 سيڪڙو گڏ ڪري سگهندو.

    (2) عام حالتن ۾ خريف جي مند ۾ جهلم ۽ چناب درياهن ۾ ايترو پاڻي آهي، جو معاون درياهن جي سڄي ايراضي لاءِ ڪافي آهي ۽ منگلا جي موجوده ڀرجڻ ۽ ليول چاڙهڻ کان پوءِ ڀرڻ لاءِ به پورو آهي. تنهنڪري معاون درياهن جي هيٺين ايراضي، جيڪا تونسا، پنجند ۽ چشما جهلم لنڪ ڪينالن مان پاڻي کڻي ٿي، تنهن کي سنڌو تي پڪي طرح نه رکيو وڃي، نه ته سنڌو تي نوان ڊيم ٺاهڻ خطري ۾ پئجي ويندو، ڇاڪاڻ جو سنڌو درياهه ۾ گڏ ڪرڻ توڙي ڊيم ٺاهڻ لاءِ واڌو پاڻي نه بچندو.

    (3) سنڌو تي اڪيلي ٺهي سگهندڙ ڪيري اوور ڊيم جي هينئر تائين فزيبلٽي نه ڪئي وئي آهي. رڳو پري فزيبلٽي ڪئي ٿي وڃي، جيڪا سال 2005ع ۾ پوري ٿيڻي آهي. اها ڳالهه اهم آهي ته انهيءَ جي فزيبلٽي ٻن ٽن سالن ۾ مڪمل ڪرڻ کپي، ڇاڪاڻ جو اهو ئي ڊيم آهي، جيڪو آيل ٻوڏ جو 84 سيڪڙو پاڻي گڏ ڪري سگهي ٿو.

    (4) ڪالاباغ ڊيم ۽ ڀاشا جي فزيبلٽي تيار آهي. ڪالاباغ ڊيم جي فزيبلٽي سال 1984ع کان 1988ع واري وقت ۾ ڪئي وئي هئي. انهيءَ کي نئين ڪرڻ جي ضرورت آهي، خاص طرح قيمتن جي ڪاٿي بابت ۽ ذخيري کي ڀرڻ واري اسٽڊي کي، جيڪا 1991ع واري پاڻي ٺاهه کان اڳ ڪئي وئي هئي. مون پنهنجي رپورٽ ۾ ڪالاباغ ڊيم ۽ ڀاشا جي مختلف ڳالهين جي ڀيٽ ڏني آهي. جيستائين اسڪردو/ ڪٽزارا ڊيم جي فزيبلٽي ٿئي ڀاشا ۽ ڪالاباغ ڊيمن مان هڪڙي ڊيم کي ٺاهڻ بابت سوچي سگهجي ٿو. اهو مناسب ٿيندو ته اهو فيصلو ڪالاباغ ڊيم جي فزيبلٽي Up date ڪرڻ کان پوءِ ڪيو وڃي. ڀاشا ڊيم ڪالاباغ کان انهيءَ ڳالهه ۾ بهتر آهي جو ان ۾ گڏ ڪيل پاڻي ۽ پيدا ٿيندڙ بجلي ڪالاباغ ڊيم کان وڌيڪ آهي. انهيءَ کان علاوه ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان نڪرندڙ واهن توڙي نوشهره شهر جي ٻڏڻ بابت صوبن جا خدشا دور ڪرڻ به ضروري آهن.

    (5) جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم يا ڀاشا ڊيم ٺاهيو وڃي ٿو ته اهو هر سال نه ڀري سگهبو ۽ ڪيترا سال ساندهه خالي رهندو. اهي ڊيم تنهنڪري پنهنجي گنجائش جيترو پاڻي (6 کان 7 ملين ايڪڙ فوٽ) ڪو نه ڏئي سگهندا، پر اٽڪل رڳو 2 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڏئي سگهندا. صوبن ۾ پاڻي ورهائڻ مهل اها ڳالهه نظر ۾ رکڻي پوندي. منهنجي صلاح آهي ته جيڪڏهن ٻنهي مان هڪڙو ڊيم ٺاهيو ٿو وڃي ته انهيءَ جو پاڻي ڊيمن جي لٽجڻ ۽ واهن جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ رکيو وڃي.

    (6 ) بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ واپڊا کي ٻين منصوبن جي به فزيبلٽي ڪرائڻ کپي ۽ رن آف رور منصوبا جهڙوڪ داسو، بُنجي، پتن ۽ ٿاڪوٽ تي به فزيبلٽي ڪرائڻ گهرجي. غازي /بڙوٿا کان پوءِ واپڊا ڪو به رن آف رور منصوبه نه کيون آهن.

    (7) واپڊا وٽ ٿرڪول مان 0 0 6 ميگا واٽ جا ڏهه منصوبا ٺاهڻ جو پروگرام آهي. انهن کي 2008ع کان 2019ع تائين شروع ڪرڻو آهي، جيڪو قابل تحسين آهي، پر انهيءَ پروگرام کي سال 2011ع کان اڳ ۾ تڪڙي ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن شروعات ۾ 1500 ميگاواٽ ۽ آخر ۾ 3000 ميگا واٽ تائين ان جي گنجائش وڌائي سگهجي. اهو ضروري آهي ته ديسي ٿرڪول کي مڪمل استعمال ڪجي ته جيئن ملڪ اندر ايندڙ مهانگي تيل جو خرچ گهٽائي سگهجي.
     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ادريس راجپوت جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    منگلا ڊيم ڀرڻ جو معيار ڇا ٿيڻ کپي؟



    آچر 07 مئي 2006ع

    منگلا ڊيم ڀرڻ بابت فني ڪاميٽيءَ کي ڏنل مول متي جو انگريزي متن هيٺين ريت آهي:

    "5(a) Examine the filling criteria of Mangla reservoir and make recommendations in this regard."

    (منگلا ديم جي ڀرڻ جي معيار جي جاچ لهڻ ۽ انهيءَ ڏس ۾ سفارشون ڪرڻ.)

    ڊيمن کي هلائڻ جي معيار جي اهميت:

    اي اين جي عباسي صاحب پنهنجي رپورٽ ۾ چوي ٿو ته، جڏهن به ڪنهن درياهه تي ڪو ڊيم ٺاهيو وڃي ٿو، ته اهو طئي ڪرڻ ضروري آهي ته انهيءَ کي ڪيئن هلائبو. اهو هلائڻ جو طريقو يا معيار، ڊيم ٺاهڻ جي منصوبابنديءَ دوران چٽيءَ ۽ مڪمل طرح ٻڌائڻ کپي. جيڪڏهن انهيءَ وقت ۾ نٿو ٻڌايو وڃي، ته گهٽ ۾ گهٽ ڊيم جي هلائڻ کان اڳ ۾ اهو ضرور طئي ٿيڻ کپي. منگلا ڊيم سال 1967ع ۾ ٺهي پورو ٿيو، جنهن کي اٽڪل 8 3 سال ٿي ويا آهن، پر اڃان تائين ان کي هلائڻ جو طريقو مقرر نه ڪيو ويو آهي. ڊيم دراصل پاڻيءَ جون بينڪون آهن، جن ۾ پاڻي ان وقت گڏ ڪبو آهي، جڏهن اهو واڌو هجي ۽ کوٽ واري وقت ۾ استعمال ڪري سگهجي. ڊيمن کي هلائڻ جا اصول ٺاهڻ مهل مٿين بنيادي ڳالهه کي خيال ۾ رکڻ کپي. منگلا ڊيم جا اڳواٽ قاعدا مقرر نه ٿيڻ ڪري ان کي وقتي بنيادن تي هلايو وڃي ٿو، جنهن تي هيٺين حصيدارن پنهنجي انديشن ۽ خدشن جو اظهار ڪيو آهي، خاص طرح کوٽ واري وقت ۾، جڏهن منگلا ڊيم ۾ پاڻي ڀريو وڃي ٿو. انهيءَ کان سواءِ منگلا ڊيم ڀرڻ واري نامناسب طريقي سبب مستقبل جي ذخيرن ٺاهڻ خلاف به آواز اٿاريا وڃن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو انهيءَ مول متي کي فني ڪاميٽيءَ جي مول متن ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

    فني ڪاميٽيءَ انهيءَ مول متي تي ارسا ۽ واپڊا کان پريزنٽيشن ورتي ۽ ڪاميٽيءَ انهيءَ تي تفصيلي غور به ڪيو. سنڌ جي هڪڙي ميمبر سردار احمد مغل، واپڊا ۽ ارسا جي پريزنٽيشن تي پنهنجا اعتراض لکت ۾ ڏنا، جن جو جواب ارسا ۽ واپڊا وارن ڏنو. تنهن تي سردار احمد مغل ٻيا اعتراض اُٿاريا، جن جو به جواب انهن ٻنهي ادارن ڏنو.

    انهيءَ سوال تي ته، 30 جون تائين منگلا ڊيم جو 80 سيڪڙو ڀرجڻ ضروري آهي؟ ارسا ۽ واپڊا وارن چيو ته، جيڪڏهن منگلا ڊيم 30 جون تائين 1180 فوٽ ليول تائين نٿو ڀرجي ته ان سال اهو مڪمل طرح نٿو ڀرجي سگهي، يعني پنهنجي ”فل ليول“ 1202 فوٽ نٿو ماڻي. جهلم درياهه هڪ تڪڙو اُٿندڙ درياهه آهي، جنهن ۾ خريف جي مند جو 57 سيڪڙو پاڻي اپريل کان جون واري وقت ۾ اچي ٿو ۽ باقي 43 سيڪڙو جولاءِ کان سيپٽمبر ۾ اچي ٿو. هنن، ڪاميٽيءَ کي هڪ جدول پڻ ڏيکاري، جنهن ۾ اهڙن 9 سالن جو رڪارڊ هو، جن ۾ منگلا ڊيم انهيءَ ڪري مڪمل طرح نه ڀريو هو، جو 30 جون تي انهيءَ جي ليول 1180 فوٽ کان گهٽ هئي. ڪاميٽيءَ جي ستن ميمبرن ارسا ۽ واپڊا جي ٻڌايل ڳالهين سان سهڪار ڪيو ۽ وڌيڪ چيو ته منگلا ڊيم جي مڪمل طرح نه ڀرجڻ ڪري پنجاب جي اُترين علائقي جي واهن ۾ ايندڙ ربيع ۾ تمام گهڻي کوٽ ٿئي ٿي.

    عباسي صاحب انهيءَ تي چوي ٿو ته اها تمام گهڻي غير حقيقي ۽ غير مناسب ڳالهه آهي ته، جيڪو ڊيم ٺاهيو وڃي، اهو ضرور ڀرجي، چاهي پاڻي هجي يا نه هجي، ۽ ڀلي موجود آبپاشي نظام جون گهرجون پوريون ٿين يا نه ٿين. ذخيرا پاڻيءَ جون بينڪون آهن، جن ۾ تڏهن پاڻي گڏ ڪبو آهي، جڏهن اهو واڌو هجي ۽ تڏهن ڪڍبو آهي، جڏهن کوٽ هجي. جيڪڏهن جهلم درياهه ۾ اپريل کان جون تائين وڌيڪ پاڻي اچي ٿو، ته پهرين آبپاشيءَ جون گهرجون پوري ڪيون وڃن، تنهن کان پوءِ ڀلي ذخيرو ڪيو وڃي.

    ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻين دوران ستن ميمبرن چيو هو ته، آبپاشيءَ جون 80 سيڪڙو ضرورتون پوريون ڪرڻ کان پوءِ منگلا ڊيم ڀريو وڃي ٿو، پر اهو ڏٺو ويو آهي ته انهيءَ معيار تي به عمل نه ڪيو ويو آهي. ڪاميٽيءَ جي ستن ميمبرن انهيءَ ڳالهه جي ته نشاندهي ڪئي ته 9 سال منگلا ڊيم مڪمل طرح نه ڀرجڻ ڪري پنجاب جي اترين علائقن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ٿي، پر انهيءَ ڳالهه کي وساري ويا آهن ته انهيءَ وقت ۾ ٻين صوبن ۾ به کوٽ ٿي. وري جن 9 سالن ۾ منگلا ڊيم نه ڀرجي سگهيو هو، انهن ۾ پنج سال اهڙا هئا، جن ۾ 31 مارچ تي ربيع جي مند پوري ٿيڻ کان پوءِ به منگلا ڊيم ۾ پاڻي بچي پيو. وري انهن 9 سالن ۾ ڪي سال اهڙا به آهن، جن ۾ پنجاب ٺاهه ۾ ڏنل پاڻيءَ کان به وڌيڪ پاڻي کنيو هو. پر اها ڳالهه به آهي ته سال 2000 کان پوءِ سوڪهڙي وارن سالن ۾ اُتي به کوٽ رهي، جيڪا سڄي ملڪ ۾ هئي ۽ سڀني کي سَهڻي پئي.

    منگلا ڊيم ڀرڻ جو معيار:

    ارسا ۽ واپڊا وارن ڪاميٽيءَ کي ٻڌايو ته، منگلا ڊيم ڀرڻ جو تفصيلي ۽ مڪمل معيار ڪونهي. انهيءَ جي ڀرڻ جو فيصلو هر سال ارسا جي صلاحڪاري ڪاميٽيءَ ۾ ڪيو ويندو آهي ۽ منگلا جي ليول وڌائڻ کانپوءِ به ساڳيو طريقو استعمال ڪيو ويندو. ستن ميمبرن پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته، منگلا ڊيم ڀرڻ جو هلندڙ طريقو ٺيڪ پيو هلي ۽ انهيءَ ۾ ڪنهن ڦير گهير جي ضرورت ناهي. اٺين ميمبر سردار احمد مغل چيو ته، موجود ڊيمن، لنڪ ڪئنالن ۽ مستقبل جي ڊيمن جي هلائڻ جو طريقو چٽيءَ طرح ٺاهڻ کپي ۽ انهيءَ لاءِ قانوني ضمانتون هجڻ کپن. اهڙو ادارو هجڻ کپي، جو انهن ڳالهين تي عمل ڪرائي سگهي. منگلا ڊيم جي هلائڻ واري معيار ۾ مکيه ڳالهه اها هجڻ کپي ته جيستائين ٺاهه ۾ ڏنل پاڻي پورو نه ٿئي، تيستائين ڊيم نه ڀريا وڃن. عباسي صاحب پنهنجي رپورٽ ۾ لکي ٿو ته، اها تمام گهڻي افسوس جي ڳالهه آهي ته منگلا ڊيم ٺاهڻ جي 38 سالن کان پوءِ به انهيءَ کي ڀرڻ جو معيار نه ٺاهيو ويو آهي ۽ اهو ڊيم عارضي بنيادن تي هلايو وڃي ٿو. وري انهيءَ کان وڌيڪ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته واپڊا ۽ ارسا انهيءَ کي ڀرڻ جو معيار ٺاهڻ ضروري نٿا سمجهن. جيڪڏهن ڪن سببن (يا بهانن) سبب اهي معيار نٿا ٺاهيا وڃن، ته گهٽ ۾ گهٽ بنا دير انهيءَ کي هلائڻ جا رهنما اصول ٺاهڻ کپن ۽ انهن تي عمل ڪيو وڃي.

    منگلا ڊيم ڀرڻ وارن واهن کي ٺاهه جو 80 سيڪڙو پاڻي ڏيڻ:

    واپڊا وارن چيو ته واهن ۾ ٺاهه جي 80 سيڪڙي کان گهٽ پاڻي نه ڏيڻ کپي، نه ته فصلن جي پيداوار تي اثر پوندو. ستن ميمبرن پنهنجي رپورٽ ۾ انهيءَ بابت ڪجهه به نه چيو، جڏهن ته عباسي صاحب پنهنجي رپورٽ ۾ لکي ٿو ته، واهن کي انهن جي گهرج جي 20 سيڪڙي کان وڌيڪ کوٽ نه ڏيڻ کپي. پر واپڊا جيڪي انگ اکر ڏنا آهن، انهيءَ مان اها ڳالهه چٽيءَ طرح نظر اچي ٿي ته واهن کي 60 سيڪڙو کوٽ ڏئي به منگلا ڊيم ڀريو ويو. انهيءَ مان ظاهر آهي ته منگلا ڊيم کي بنا ڪنهن اصول جي ڀريو وڃي ٿو.

    سنڌ طاس معاهدي مطابق منگلا ڊيم کي متبادل طور هلائڻ:

    ارسا ۽ واپڊا وارن پنهنجي پريزنٽيشن ۾ 1960ع واري سنڌ طاس معاهدي سان منگلا ڊيم جي لاڳاپي جو ذڪر نه ڪيو هو پر ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻين ۾ پنجاب جي ميمبر ايم ايڇ صديقي اهو چيو ته، منگلا ڊيم هڪ متبادل ڪم (Replacement work) آهي، تنهنڪري انهيءَ کي سنڌ طاس معاهدي مطابق هلائڻ کپي. تنهن کان پوءِ واپڊا وارن به ساڳي ڳالهه ورجائي. ڪاميٽيءَ جي ستن ميمبرن انهيءَ تي چيو ته منگلا ڊيم سنڌ طاس معاهدي مطابق هڪ متبادل طور ٺاهيو ويو هو ۽ انهيءَ جي هلائڻ جو طريقو، انهيءَ جي منصوبابندي ۽ ڊيزائن واري رپورٽ ۾ ڏنل آهي. پنجاب جو اتريون حصو رڳو جهلم ۽ چناب درياهن ۽ منگلا ڊيم مان پاڻي کڻي سگهي ٿو.

    سنڌ طاس معاهدي کان پوءِ پاڪستان جا واهه ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا. هڪڙا اهي، جيڪي جهلم- چناب زون مان پاڻي کڻندا ۽ ٻيا اهي، جيڪي انڊس زون مان پاڻي کڻندا. اهو به ڄاڻايو ويو ته سڀني لاءِ فائدي وارو ٿيندو ته چناب-جهلم زون کي رسول بيراج کان مٿي سنڌوءَ مان هڪ لنڪ ڪئنال ذريعي ڳنڍي ڇڏجي، ته جڏهن اتي کوٽ هجي ته سنڌوءَ مان پاڻي ڏئي سگهجي ۽ جڏهن سنڌ زون ۾ آڳاٽي خريف ۾ کوٽ هجي ته جهلم- چناب زون مان پاڻي ڏئي سگهجي. عباسي صاحب پنهنجي رپورٽ ۾ چوي ٿو ته، اها حقيقت آهي ته منگلا ڊيم سنڌ طاس معاهدي جي بنياد تي ٺهيو. انهيءَ معاهدي جي دستاويزن ۾ آهي ته متبادل ڪم يعني (Replacement works) انهيءَ لاءِ ٺاهيا وڃن، ته ٽن الهندي درياهن جو پاڻي، ٽن اُڀرندي درياهن جي انهن ايراضين کي ڏئي سگهجي، جيڪي اُتان پاڻي کڻنديون هيون ۽ هينئر اهي درياهه هندستان کي ڏنا ويا آهن. مٿئين ڳالهه مان صاف ظاهر آهي ته منگلا ڊيم ۽ ٻيا ”متبادل ڪم“ پاڪستان جي ٽن درياهن جو پاڻي پورو ڪرڻ لاءِ ٺاهيا ويا. معاهدي وقت ٽن اڀرندي درياهن جو سراسري پاڻي اٽڪل 33 ملين ايڪڙ فوٽ هو، جنهن مان هندستان 8 ملين ايڪڙ فوٽ کڻندو هو، باقي اٽڪل 5 2 ملين ايڪڙ فوٽ پاڪستان ۾ ايندو هو، جيڪو هاڻي نه ايندو آهي. جهلم درياهه ۾ سراسري ساليانو پاڻي 23 ۽ چناب درياهه ۾ 26 ملين ايڪڙ فوٽ اچي ٿو، يعني معاون درياهن جو ڪل پاڻي، جيڪو پاڪستان ۾ ايندو هو، سو 74 ملين ايڪڙ فوٽ هو. 1991ع وارو پاڻي ٺاهه، سنڌ طاس معاهدي کان اٽڪل 0 3 سال پوءِ ٿيو. پاڻي ٺاهه ۾ معاون درياهن تي آباد ٿيندڙ ايراضيءَ لاءِ 3 3 .3 4 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي رکيو ويو آهي، جڏهن ته پنجاب لاءِ ڪل رکيل پاڻي 55.94 ملين ايڪڙ فوٽ آهي، جنهن ۾ 12.61 ملين ايڪڙ فوٽ پنجاب جي سنڌوءَ مان پاڻي کڻندڙ واهن لاءِ آهي. هندستان ڏانهن ٽي درياهه وڃڻ کان پوءِ ۽ معاون درياهن واري ايراضيءَ کي ٺاهه ۾ ڏنل ”فل“ پاڻيءَ کان پوءِ به 31 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي پنجند کان هيٺ سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ ايندو هو، جيڪو ٺاهه ٿيڻ کان پوءِ سنڌ ۽ بلوچستان کي نٿو ملي. ٽي درياهه هندستان ڏانهن وڃڻ کان پوءِ نه رڳو پنجاب کي نقصان ٿيو پر ٻن هيٺين صوبن جو به پاڻي گهٽجي ويو. پنجاب ۾ وڌيڪ اثر رڳو اهو ٿيو ته واهن جي پاڻي کڻڻ جو ذريعو مٽجي ويو، الهندي درياهن مان لنڪ ڪينال ڪڍي انهن کي پاڻي ڏنو ويو، پر منهن مٽجڻ کان پوءِ هر ڪنهن واهه کي پاڻي ٺاهه مطابق حصو ملڻو آهي ۽ ڪنهن به واهه کي، چاهي اهو ٺاهه کان اڳ ٺهيل هو يا پوءِ ٺهيو، ڪنهن ٻئي واهه تي ترجيح ناهي.

    ستن ميمبرن پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته، منگلا ڊيم جي ڊيزائن جو بنياد ۽ هلائڻ جو طريقو، انهيءَ جي منصوبابندي واري رپورٽ ۾ ڏنل آهي، پر گهر ڪرڻ تي ارسا، واپڊا ۽ ست ئي ميمبر انهيءَ رپورٽ جي ڪاپي نه ڏئي سگهيا. جيڪڏهن اهو فرض به ڪجي ته اهو طريقو انهيءَ رپورٽ ۾ ڏنل به هجي، ته به انهيءَ ۾ هرگز اهو نه هوندو ته کوٽ واري وقت ۾ ڊيم ڀريو وڃي. ستن ميمبرن اهو به چيو ته پنجاب جو مٿيون حصو رڳو چناب، جهلم ۽ منگلا ڊيم تي مدار رکي ٿو، جنهن مان اهو غلط تاثر ملي ٿو ته ڄڻ جهلم ۽ چناب درياهن جو پاڻي انهيءَ ايراضيءَ لاءِ پورو ناهي، پر انهن جهلم ۽ چناب درياهن ۾ ايندڙ پاڻيءَ جو مقدار نه ٻڌايو آهي. جيڪڏهن انهن درياهن ۾ ايندڙ ساليانو سراسري پاڻي ۽ اُڀرندي درياهن ۾ هينئر ايندڙ پاڻيءَ جي مقدار کي ڏسجي ته خاطريءَ سان چئي سگهجي ٿو ته اهو پاڻي ايترو آهي، جو نه رڳو مٿين ايراضين لاءِ، بلڪه هيٺين ايراضين لاءِ به ڪافي آهي.

    عباسي صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته، ستن ميمبرن اهو به چيو ته ”متبادل ڪم“ (Replacement works) ٺهڻ کان پوءِ پاڪستان جو آبپاشي نظام پنهنجي نون پاڻيءَ جي ذريعن مطابق ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو آهي، يعني جهلم- چناب زون (منگلا ڪمانڊ) ۽ انڊس زون (تربيلا ڪمانڊ). سنڌ طاس معاهدي ۾ حصن (Zone) ۾ ورهائڻ جي ڪا ڳالهه ناهي. وري پاڻي ٺاهه ۾ به پاڻي ڪل پاڪستان جي بنياد تي ورهايل آهي، يعني جيڪو پاڻي الهندي درياهن ۾ آهي ۽ جيڪو هينئر به اڀرندي درياهن ۾ اچي ٿو، تنهن کي صوبن ۾، ٺاهه ۾ ڏنل حصن مطابق ورهائڻو آهي، پوءِ ڀلي کوٽ هجي يا واڌ. سنڌو، جهلم ۽ چناب درياهه اڳي ئي لنڪ ڪئنالن ذريعي ڳنڍيل آهن، جيڪي منصفاني نموني پاڻي ورهائي سگهن ٿا. تونسا- پنجند ۽ چشما- جهلم لنڪ ڪئنالن ذريعي سنڌوءَ مان ايترو پاڻي کڻي سگهجي ٿو، جو جيڪڏهن انهن درياهن ۾ انهيءَ تي رکيل ايراضيءَ ۾ صفا پاڻي نه به اچي، ته به اڪيلي سر سنڌوءَ جو پاڻي انهيءَ ايراضيءَ جي گهرجن جي پورائي ڪري سگهي ٿو. انهيءَ پسمنظر ۾ سنڌوءَ مان هڪ لنڪ ڪڍي رسول بيراج کان مٿي وجهڻ جو ڪو جواز ناهي. وري سنڌوءَ ۾ به اڻ کٽ پاڻي ڪونهي، ته جيترو وڻي، ورهائي ڇڏجي. اهو به چيو وڃي ٿو ته سنڌوءَ مان نئون لنڪ ڪڍڻ ڪري سنڌ کي فائدو ٿيندو. اها هڪ عجيب ۽ حيران ڪندڙ ڳالهه آهي. جيڪڏهن سنڌوءَ ۾ پاڻي آهي ته انهيءَ کي سنڌوءَ مان لنڪ ڪئنال ذريعي ڦيرائي هيٺ کڻي وڃي سنڌ جي واهن کي ڏيڻ بدران سڌو سنئون ڇو نه هيٺ کڻي وڃجي.

    عباسي صاحب اها ڳالهه به نوٽ ڪئي ته منگلا ڊيم ۾ 38 سال پاڻي ڀرڻ مان 27 سال اهڙا هئا، جن ۾ ان جو گڏ ڪيل پاڻي مڪمل طرح استعمال نه ڪيو ويو. وري 20 سال اهڙا هئا، جن ۾ اپريل کان جون واري وقت ۾ پاڻي ڀري ڇنڊڻ واهه (Spillway) ذريعي جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ ڪڍيو ويو. اها تمام حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته کوٽ واري وقت ۾ پاڻي ڀريو ويو ۽ واڌ واري وقت ۾، جڏهن ڊيم ڀرڻ کپندو هو، ڊيم مان پاڻي ڪڍيو ويو.

    مٿين سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکي عباسي صاحب موجوده منگلا ڊيم ۽ ليول وڌائڻ کانپوءِ جي منگلا ڊيم کي هلائڻ لاءِ ڪجهه سفارشون ڪيون.

    عباسي صاحب جون سفارشون:

    منگلا ڊيم کي هلائڻ لاءِ هيٺيان رهنما اصول هجڻ کپن:

    (1) ڊيم کي هلائڻ لاءِ هن بنيادي اصول تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ کپي، ته ڊيم هڪ بينڪ آهي ۽ انهيءَ ۾ انهيءَ وقت پاڻي گڏ ڪبو آهي، جڏهن پاڻي واڌو هجي ۽ ايندڙ وقت ۾ استعمال ڪبو آهي. منگلا ڊيم ۾ انهيءَ وقت تائين پاڻي گڏ نه ڪرڻ کپي، جيستائين صوبن جي پاڻي گهرج (Indent)، جيڪا پاڻي ٺاهه جي بنياد تي هجي، پوري نه ٿئي.

    (2) جيڪڏهن ڪن سببن ڪري کوٽ واري وقت ۾ منگلا ڊيم ڀرڻ اڻٽر ٿي پوي ته، صوبن جو پاڻي، ٺاهه ۾ ڏنل ڏهاڪن کان 0 2 سيڪڙي کان مٿي نه گهٽائڻ کپي.

    (3) جيڪڏهن منگلا ڊيم ۾ مناسب مقدار ۾ پاڻي گڏ ٿيل هجي، ۽ جڏهن سنڌو درياهه جا وهڪرا هيٺين صوبن جي گهٽ ۾ گهٽ گهرج پوري ڪرڻ لاءِ به ناڪافي هجن، ته اهو منگلا ڊيم ۾ گڏ ٿيل پاڻي هيٺين صوبن کي آڳاٽي خريف (اپريل ۽ مئي) ۾ ڏنو وڃي،

    (4) اهي رهنما اصول منگلا ڊيم جي ليول وڌائڻ کان پوءِ به لاڳو رهڻ گهرجن.
     
  9. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ادريس راجپوت جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ڇا ڀاشا ڊيم ٺهي سگهندو؟



    سومر 15 مئي 2006ع

    پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي هڪ گڏجاڻيءَ ۾ 9 مئي تي اسلام آباد وڃڻ ٿيو. گڏجاڻي کان پوءِ سنڌ جي هڪ پراڻي اخباري نمائندي سان سنڌ جي هڪ ”گمنام مجاهد“ جي جاءِ تي ملاقات ٿي. انهن ٻنهي ڄڻن سنڌ جي جيڪا خدمت ڪئي آهي، سا مون کي خبر آهي. اهو اخباري نمائندو سنڌ جي مفاد ۾ هر هنڌ پهچي ويندو هو ۽ اهڙيون ڳالهيون کوٽي ايندو هو، جو مان اچرج ۾ پئجي ويندو هئس. هو اهڙن هنڌن تي پهچي ويندو هو، جتي پهچڻ تقريبن ناممڪن هوندو هو. گمنام مجاهد هڪ سرڪاري ڪامورو هو، جيڪو سنڌ سان واسطو رکندڙ هر ڪا ڳالهه سنڌي گهڻ گهرن سان ونڊيندو هو. بلڪه پاڻ کوٽي ڪڍي ڏيندو هو. هينئر به هو اسلام آباد ۾ ويهي سنڌ جون حالتون ڏسي ڪنجهي ۽ ڪُرڪي پيو. ملاقات ۾ اخباري نمائندي مون کي چيو ته، ”اوهان پاران رڳو عباسي صاحب جي رپورٽ تي لکڻ سان Currant Issuse (ترت مسئلا) رهجي ٿا وڃن، جن تي لکڻ ضروري آهي. جيئن ڀاشا ڊيم، پاڻي کوٽ وغيره. مون کي سنڌ جي انهيءَ همدرد جي ڳالهه دل سان لڳي، انهيءَ ڏس ۾ ڀاشا ڊيم بابت ڪجهه ڳالهيون سنڌ وارن سان ونڊڻ چاهيندس.

    ڀاشا ڊيم اٽڪل 200 ڪلوميٽر تربيلا کان مٿي سنڌو تي ٺاهڻ جو پروگرام آهي. عباسي صاحب فني ڪاميٽي جي رپورٽ ۾ ڪالاباغ ۽ ڀاشا ڊيمن جي ڀيٽ ڏني آهي. انهيءَ مان ڪجهه خاص ڳالهيون هيٺ ڏيان ٿو ته جيئن اڳتي ڳالهيون سمجهه ۾ اچن.

    (1) ڀاشا ڊيم ۾ 7.34 ملين ايڪڙ فوٽ استعمال جوڳو پاڻي گڏ ڪري سگهبو، جڏهن ته ڪالاباغ ڊيم ۾ اهو 6.1 ملين ايڪڙ فوٽ هوندو.

    (2) ڀاشا ڊيم ۾ 4500 ميگا واٽ بجلي پيدا ٿيندي، جڏهن ته ڪالاباغ ڊيم مان 2400 ميگا واٽ بجلي حاصل ڪري سگهبي.

    (3) ڀاشا ڊيم ٺاهڻ جو ڪاٿو ساڍا 6 ارب آمريڪي ڊالر لڳايو ويو آهي، جڏهن ته ڪالاباغ ڊيم تي 6 ارب آمريڪي ڊالر خرچ ايندو.

    (4) ٻنهي جي فزيبلٽي تيار آهي، پر ڪالاباغ ڊيم جي فزيبلٽي کي نئون (update) ڪرڻو پوندو، جو اها فزيبلٽي 1988ع جي ٺهيل آهي.

    (5) ڪالاباغ ڊيم جي ڊيزائن ٿيل آهي، جڏهن ته ڀاشا ڊيم جي ڊيزائن ٿئي پئي ۽ سال 6 0 0 2 ع ۾ اها مڪمل ٿيندي.

    (6) ڪالاباغ ڊيم جي فزيبلٽي update ڪرڻ کان پوءِ ان تي ڪم شروع ڪري سگهجي ٿو، جيڪو ستن سالن ۾ پورو ٿيندو. ڀاشا ڊيم تي ڪم 7 0 0 2 ع ۾ شروع ڪري سگهجي ٿو، جيڪو 4 1 0 2 ع ۾ پورو ٿي سگهي ٿو.

    (7) ڪالاباغ ڊيم مان واهه نڪري سگهن ٿا، جڏهن ته ڀاشا ڊيم مان واهه نٿا نڪري سگهن.

    (8) ڀاشا ڊيم جي لٽجڻ جي رفتار گهٽ هوندي، جڏهن ته ڪالاباغ ڊيم جي لٽجڻ جي رفتار وڌيڪ هوندي.

    (9) ٻنهي ڊيمن کي هر سال ڀرڻ لاءِ پاڻي ڪونهي. سوڪهڙي وارن سالن ۾ ٻئي ڊيم ڪيترا سال ساندهه خالي رهندا.

    (10) ٻنهي ڊيمن کي ڀرڻ ۽ هلائڻ جو طريقيڪار طئي ناهي.

    عباسي صاحب سنڌو تي وڏا ڊيم ٺاهڻ بابت هيٺيون ڳالهيون لکيون آهن:

    ”اولهندي درياهن تي پاڻي جي اچڻ جي صورتحال اهڙي آهي، جو تربيلا ۽ منگلا ڊيم ٺهڻ کان پوءِ هڪ مند کان ٻئي مند لاءِ پاڻي گڏ ڪري کڻي وڃڻ ممڪن ناهي، پر ٻوڏ وارن سالن ۾ تمام گهڻو واڌو پاڻي ذخيرو ڪرڻ لاءِ موجود آهي. اهو واڌو پاڻي تمام گهڻي مقدار ۾ اچي ٿو، پر ڪڏهن ڪڏهن اچي ٿو. اهو پاڻي رڳو هڪ وڏي گنجائش واري ”ڪيري اوور ڊيم“ ۾ ئي جمع ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن اهو هڪ عام رواجي ڊيم ۾ گڏ ڪيو وڃي، جنهن جي گنجائش 6 ملين ايڪڙ فوٽ هجي ته اهو ٻوڏ واري آيل پاڻيءَ جو رڳو 0 2 سيڪڙو گڏ ڪري سگهندو. سنڌو تي اڪيلي ٺهي سگهندڙ ڪيري اوور ڊيم (يعني اسڪردو يا ڪٽزارا) جي اڃان تائين فزيبلٽي نه ڪئي وئي آهي. رڳو پري فزيبلٽي اسٽڊي ڪئي پئي وڃي، جيڪا سال 5 0 0 2 ع ۾ پوري ٿيڻي آهي. اها ڳالهه اهم آهي ته انهيءَ جي فزيبلٽي ٻن ٽن سالن ۾ مڪمل ڪرڻ کپي، ڇاڪاڻ ته اهو ڊيم آيل ٻوڏ جو 4 8 سيڪڙو پاڻي گڏ ڪري سگهي ٿو. ڪالاباغ ۽ ڀاشا ٻنهي ڊيمن جي فزيبلٽي تيار آهي. ڪالاباغ ڊيم جي فزيبلٽي 1984ع کان 1988ع واري عرصي ۾ ڪئي وئي هئي، اها فزيبلٽي نئين سر جوڙڻ جي ضرورت آهي. خاص طرح قيمتن جي ڪاٿي بابت ۽ ذخيري کي ڀرڻ واري اسٽڊي، جيڪا 1991ع واري پاڻي ٺاهه کان اڳ ڪئي وئي هئي. جيستائين اسڪردو/ڪٽزارا ڊيم جي فزيبلٽي ٿئي ڀاشا ۽ ڪالاباغ ڊيمن مان هڪڙي ڊيم کي ٺاهڻ بابت سوچي سگهي ٿو. اهو مناسب ٿيندو ته اهو فيصلو ڪالاباغ ڊيم جي فزيبلٽي نئين ڪرڻ (update) کان پوءِ ڪيو وڃي. ڀاشا ڊيم ڪالاباغ ڊيم کان انهيءَ ڳالهه ۾ بهتر آهي جو انهيءَ ۾ گڏ ٿيندڙ پاڻي ۽ پيدا ٿيندڙ بجلي ڪالاباغ ڊيم کان وڌيڪ آهي. انهيءَ کان سواءِ کاٻي ۽ ساڄي پاسي کان نڪرندڙ واهن ۽ نوشهره شهر ٻڏڻ بابت صوبن جا خدشا دور ڪرڻ ضروري آهن.“

    عباسي صاحب جي رپورٽ ۾ صاف ظاهر آهي ته هن هينئر ئي ڀاشا ڊيم ٺاهڻ لاءِ ڪو نه چيو آهي. هن جو زور هڪ وڏي گنجائش واري ڪيري اوور ڊيم تي آهي. پر جيڪڏهن سرڪار اسڪردو/ڪٽزارا جي فزيبلٽي مڪمل ڪرڻ کان اڳ ڪنهن ڊيم کي ٺاهڻ چاهي ٿي ته هن جي خيال ۾ ڀاشا ڊيم ڪالاباغ ڊيم کان بهتر آهي.

    پارلياماني ڪاميٽيءَ جو چيئرمين نثار ميمڻ وڏا ڊيم ٺاهڻ بابت پنهنجي رپورٽ ۾ لکي ٿو ته، جولاءِ 2004ع ۾ چئني صوبن جي چيف منسٽرز اتفاق راءِ سان وڏا ڊيم ٺاهڻ تي راضپور ڏيکاريو. جيستائين اوليت مقرر ڪرڻ جو سوال هو ته سرحد صوبو ۽ سنڌ ڀاشا ڊيم ٺاهڻ لاءِ چيو، پنجاب ڀاشا ڊيم ٺاهڻ تي انهيءَ شرط تي راضي ٿيو ته ان سان گڏ ڪالاباغ ڊيم به ٺاهيو وڃي. بلوچستان واري وڏي وزير چيو ته، جنهن تي ٻيا ٽئي صوبا راضي ٿيندا بلوچستان به انهيءَ ڊيم تي راضي ٿيندو. ڪنهن به چيف منسٽر ڀاشا ڊيم ٺاهڻ تي اعتراض نه ڪيو. هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته، وري جولاءِ 2004ع ۾ ئي پارلياماني ڪاميٽي جي هڪ گڏجاڻي ۾ ڪاميٽي جي ميمبرن جا مختلف رايا هئا. سڀئي ميمبر ڀاشا ڊيم ٺاهڻ تي راضي هئا، پر پنجاب واري ميمبر انهيءَ سان گڏ ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو به شرط وڌو. سنڌ ۽ سرحد صوبي جي ميمبرن مخالفت ڪئي، جڏهن ته بلوچستان واري ميمبر چيو ته جنهن تي ٽيئي صوبا راضي ٿيندا، انهيءَ تي هو به راضي هوندو. نثار ميمڻ انهيءَ تي پارلياماني ڪاميٽيءَ جو اهو فيصلو ڏنو ته يا ته انهيءَ جو فيصلو Executive Decision ذريعي يا قومي سلامتي ڪائونسل ذريعي يا عام مفادن واري ڪائونسل ذريعي ڪرايو وڃي. سنڌ جي لحاظ کان ڪالاباغ ۽ ڀاشا ڊيمن ۾ اهو فرق آهي ته ڪالاباغ ڊيم مان واهه نڪري سگهندا ۽ ڀاشا ڊيم مان واهه نه نڪري سگهندا. جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم مان واهه نه ڪڍڻ جي ضمانت هجي ۽ سنڌ وارا انهيءَ تي اعتبار ڪن ته ٻنهي ۾ ڪو فرق ڪونهي، پر انهيءَ ڳالهه جو پوءِ به خيال رهي ته ڪو به ڊيم پاڻي گهٽ وڌ ٿيڻ ڪري هر سال نه ڀرجي سگهندو ۽ ڪيترا سال ساندهه خالي به رهي سگهي ٿو، پر هيڏي وڏي قيمت وارو ڊيم خالي ڪيئن ٿو رکجي سگهجي، جو انهيءَ مان پيدا ٿيندڙ بجليءَ تي ڪارخانه هلندا ۽ ذخيري ٿيندڙ پاڻي تي آباديون ٿينديون، جن سالن ۾ ڊيم ڀرڻ لاءِ پاڻي نه هوندو ته ڪارخانا ڪيئن هلندا، آباديون ڪيئن ٿينديون. لازمي طور ڊيم کوٽ وارن سالن ۾ به ڀريا ويندا، انهيءَ جي نتيجي ۾ وڌ ۾ وڌ نقصان سنڌ کي ٿيندو، جو سنڌ صوبو سڄي آبپاشي نظام جي پڇڙي آهي. ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم مان واهه نه ڪڍيا وڃن ۽ اها خاطري سنڌ وارا مڃين ته کوٽ وارن سالن ۾ ڊيم نه ڀريا ويندا ته پوءِ ڪالاباغ ۽ ڀاشا ٻئي ڊيم ٺاهيا وڃن ته ڪو حرج ناهي، ڇو جو جن سالن ۾ پاڻي هوندو ۽ ڊيم ڀربا ته سڀني صوبن کي انهيءَ مان پاڻي ملندو ۽ بجليءَ جا اگهه گهٽبا. پر خاطري ۽ اعتبار ڪيئن پيدا ٿئي؟ ائين نه ٿئي جيئن هڪ شاعر پنهنجي بي وفا محبوب جي اچڻ جي واعدي تي سڄي رات اوجاڳا ڪرڻ کان پوءِ چيو ته:

    [​IMG]

    صدر پاڪستان جنرل پرويز مشرف 7 1 جنوري 6 0 0 2 ع ۾ هڪ ڊگهي ٽيليويزن تقرير ذريعي ڀاشا ڊيم سان گڏ چار ٻيا ڊيم سال 2016ع تائين ٺاهڻ جو اعلان ڪيو. اهي آهن ڪالاباغ، اکوڙي، منڊا ۽ ڪرم تنگي. اهو به چيو ويو ته ڪالاباغ ڊيم اتفاق راءِ پيدا ڪري ٺاهيو ويندو. انهيءَ اعلان کان پوءِ سنڌ ۾ ڪجهه ٺاپر ٿي، پر پنجاب وارا خوش نه ٿيا. هنن کي اهڙو ڊيم نه کپي، جنهن مان واهه نه نڪرن ۽ نيون زمينون آباد نه ٿين، ڇو جو واهن تي آباد ٿيندڙ زمينن لاءِ هن کي وڌيڪ پاڻي گهرجي. هنن کي نيون زمينون آباد ڪرڻ لاءِ پاڻي گهرجي. فيبروري 2006ع ۾ اسلام آباد وفاقي حڪومت جي رٽائر ٿيل سيڪريٽرين جي هڪ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ پاڻي ۽ بجليءَ جي رٽائر ٿيل سيڪريٽري ٻڌايو ته، صدر صاحب ته ڀاشا ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو، پر ڀاشا ڊيم موجوده هنڌ چلاس تي نه ٺهي سگهندو، ڇاڪاڻ جو اتي اٿل واهه جي بنياد لاءِ مضبوط ٽڪر ڪونهي. تنهنڪري اسان کي ڪالاباغ ڏانهن موٽڻو پوندو. صدر صاحب اعلان ڪيو هو ته هو ڀاشا ڊيم جي پيڙهه جو پٿر فيبروري 2006ع ۾ رکندو، پر سبب ڇا به هئا، هو فيبروري ۾ پيڙهه جو پٿر نه رکي سگهيو. پر پوءِ 26 اپريل تي هڪ ڌماڪو ڪري انهيءَ جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو. تازو خبر پئي آهي ته جرمن ڪمپني، جيڪا ڀاشا ڊيم جي ڊزائن ڪري رهي آهي، تنهن چيو آهي ته ڀاشا ڊيم ٺاهڻ جو هنڌ چلاس کان اٽڪل 30 ڪلو ميٽر هيٺ کڻي وڃڻ کپي، جو اتي پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش به وڌيڪ ٿيندي، بي گهر ٿيندڙ ماڻهن جو انگ به گهٽجي ويندو ۽ ڊيم ٺاهڻ تي خرچ به گهٽ ايندو. عام طور تي ڊزائن انهيءَ هنڌ ڪيو ويندو آهي، جتي فزيبلٽي ۾ ڏيکاري ويندي آهي، نئين جڳهه ڊيم ٺاهڻ ڪري فزيبلٽي ٻيهر ٿيڻ کپي، جنهن ۾ وقت لڳندو ۽ ڊيم تي اڏاوت وارو ڪم ٻن ٽن سالن تائين نه ٿي سگهندو. مٿيان تفصيل ڏيڻ کان پوءِ مان انهيءَ سوال تي اچان ٿو ته ڇا ڀاشا ڊيم ٺهي سگهندو؟

    اهو ڏکيو سوال آهي، پر مون کي هڪڙو مرحوم دوست ياد اچي ٿو، جيڪو انهيءَ صورتحال ۾ نکٽ ملائڻ لاءِ چوندو هو. جنهن مان ان جو مطلب اهو هو ته جيئن نجومي قسمت جو حال تارن جي چرپر، انهن جو ڪنهن ٻئي نکٽ جي اثر هيٺ اچڻ، رفتار ۾ سستي يا تيزي اچڻ ۽ ٻين ڪيترن ئي ڳالهين تي مدار رکي ٿو، ائين صورتحال جو جائز وٺجي ۽ پوءِ ڪو نتيجو ڪڍجي. ڀاشا ڊيم ٺهڻ بابت هيٺيون ڳالهيون نوٽ ڪرڻ لائق آهن.

    (1) اڳوڻي ڊزائن کي آيل زلزلي جي حساب سان ٻيهر ڊيزائڻ ڪرڻو پوندو، جنهن ۾ ان جي قيمت ۽ فائدي وارو تناسب گهٽجي سگهي ٿو.

    (2) ڊيم جي پاڻي ۾ شاهراهه ريشيم جا 110 ڪلوميٽر ٻڏي ويندا. هن شاهراهه کي چين وارن کي بهتر ڪرڻو آهي، جيئن چين گوادر تائين پهچي سگهي. اڃا چين سان انهيءَ ڏس ۾ ڪو معاهدو نه ٿيو آهي.

    (3) ڊيم تائين پهچڻ لاءِ 3 2 3 ڪلوميٽر موجوده روڊن کي ويڪرو ۽ بهتر ڪرڻو پوندو، جنهن ۾ ٻه ٽي سال لڳندا.

    (4) هندستان وارن اتي ڊيم ٺاهڻ تي اعتراض ڪيو آهي، جو ان ڊيم جي ڍنڍ ڪشمير ۾ وڃي ٿي، جنهن تي جهيڙو آهي.

    (5) ڊيم بجلي استعمال ڪرڻ وارن ڪارخانن کان پري ٿيندو، جنهن ڪري بجلي ورهائيندڙ لائنن تي تمام گهڻو خرچ ايندو.

    (6) اترين علائقن کي ڊيم جي رائلٽي مان حصو کپي، جيڪو موجوده آئين مطابق انهن کي نٿو ڏئي سگهجي ۽ آئين ۾ ترميم ڪرڻي پوندي، جيڪا ڏکي آهي ۽ سرحد صوبي وارا ناراض ٿيندا.

    (7) پنجاب اڪيلي ڀاشا ڊيم ٺاهڻ تي خوش ناهي، جيستائين ڪالاباغ ڊيم به گڏوگڏ نه ٺاهيو وڃي. پنجاب وارن کي ناراض ڪرڻ ممڪن ناهي، جو فوج به گهڻي ڀاڱي انهن جي آهي ۽ وفاقي حڪومت ۾ به انهن جا ماڻهو گهڻا آهن. ٻئي پاسي ٻيا صوبا ڪالاباغ ٺاهڻ تي اصل راضي نه ٿيندا.

    (8) اڃان ڊيم ٺاهڻ لاءِ ٻين شين جو بندوبست نه ٿيو آهي. مستقبل ۾ ڇا ٿيندو، اهو الله سائين کانسواءِ ڪنهن کي خبر ناهي، پر صورتحال جي تجزئي مان اها ڳالهه لڳي ٿي ته ڀاشا ڊيم تي اڏاوت جو ڪم ٻن ٽن سالن ۾ شروع ڪرڻ ته ممڪن ئي ناهي، پر اڳتي به ٺاهڻ ڏکيو آهي ۽ خدشو اهو آهي ته هو نيٺ ڦري گهري وري به ڪالاباغ ڊيم تي ئي ايندا.
     
  10. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ادريس راجپوت جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    [​IMG]
     
  11. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ادريس راجپوت جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    سياڻن ماڻهن جي غلطين کي بيوقوف ورجائيندا آهن!



    ڇنڇر 13 جنوري 2007ع

    گذريل سال سانوڻيءَ جي دير سان پيل تيز ۽ تکيءَ برسات حيدرآباد جي سُهڻي ۽ ٿڌي هوائن واري شهر کي ٻوڙي ڇڏيو. عام طرح سانوڻيءَ جا مينهن جولاءِ ۽ آگسٽ جي مهينن ۾ پوندا آهن، ۽ اُنهن جو سراسري ساليانو مقدار رڳو 7 انچ آهي. پر گذريل 7 ۽ 8 سيپٽمبر تي 170 ملي ميٽر يعني اٽڪل 6.7 انچ ساندهه مينهن پيو، جيڪو 15 ڪلاڪ هليو. يعني اهو 15 ڪلاڪن ۾ سالياني پوندڙ مقدار جيترو هو. اهو مينهن ته نه هيو ڄڻ طوفانِ نوح هو، جيڪو حيدرآباد تي پلٽي پيو. روڊ رستا ٻڏي ويا، گهٽين ۾ 4 کان 6 فوٽ پاڻي بيهي ويو ۽ اهو پاڻي 15 کان 30 ڏينهن تائين بيٺو رهيو. ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ فوج ٻيڙيون استعمال ڪيون، يعني حيدرآباد شهر اٽليءَ جي وينس شهر جو ڏيکاءُ ڏنو، جتي روڊن بدران پاڻي بيٺو هوندو آهي ۽ ماڻهو ٻيڙين رستي سفر ڪندا آهن. جن کي مقامي ٻولي ۾ گنڊولا چئبو آهي. حيدرآباد ۾ ماڻهن جا گهر ٻڏي ويا، هيٺين منزلن تي پاڻي اچي وڃڻ ڪري ماڻهن مٿين منزلن ۽ ڇتن تي پناهه ورتي. اسپتالن مان مريضن کي ڄامشوري منتقل ڪيو ويو. راڻي باغ جي جانورن کي ڪراچيءَ جي چڙيا گهر نيو ويو. مطلب ته انسانن ۽ جانورن کي تمام گهڻي تڪليف آئي. اهي تڪليفون رڳو انهيءَ ڪري آيون ته مينهن جو پاڻي تڪڙو نڪري وڃڻ بدران 15 کان 30 ڏينهن تائين بيٺو رهيو. سوال اهو ٿو اڀري ته اهو پاڻي تڪڙو ڇو نه نڪتو، يا ڇو نه ڪڍيو ويو ۽ ڇو 15 کان 30 ڏينهن تائين بيٺو رهيو، جنهن ڪري ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو. نتيجي ۾ ماڻهن شهري انتظام سنڀاليندڙ ادارن يعني ايڇ ڊي اي، واسا ۽ شهري انتظاميه تي الزام هنيا ۽ انهن کي جوابدار قرار ڏنو. وري انهن ادارن پنهنجي بچاءَ ۾ بيان ڏنا ۽ ادارن وٽ پئسا نه هجڻ واري شڪايت ڪئي، يعني ”الزام هڻڻ ۽ بچاءَ ڪرڻ وارو سلسلو“ هلندو رهيو. جذباتي بيانن ۽ الزام هڻڻ ۽ جواب ڏيڻ وارين ڳالهين کي ڇڏي اچو ته ٿڌي دل ۽ دماغ سان سوچيون ته ايئن ڇو ٿيو؟ ڪير جوابدار آهي، ۽ ڪهڙي نموني ڪم ڪجي ته اڳتي اهو ساڳيو معاملو نه ٿئي. مٿين صورتحال جي جائزي لاءِ هيٺان سوال مددگار ثابت ٿيندا.

    (1) ڇا اهڙي صورتحال اڳي ڪڏهن ٿي آهي؟

    (2) اُنهيءَ وقت ۽ اُنهيءَ کان پوءِ ڇا ڪيو ويو؟

    (3) جيڪو انهيءَ کان پوءِ ڪيو ويو، اهو هينئر ڇو ڪم نه آيو؟

    (4) انتظام سنڀاليندڙ ادارن جون ذميواريون ۽ مشڪلاتون ڇا آهن؟

    (5) اڳتي ڇا ڪجي؟

    اچو ته مٿين سوالن تي ڪجهه ويچار ڪيون.

    (1) ڇا اهڙي صورتحال اڳي ڪڏهن ٿي آهي؟

    26 جولاءِ 1978ع تي حيدرآباد شهر ۾ 16 ڪلاڪن ۾ 5.25 انچ مينهن پيو، جنهن ڪري گنجي ٽڪر، پراڻي شهر ۽ لطيف آباد جي ڪن يونٽن مان لهندڙ پاڻي لطيف آباد کي ٻوڙي ڇڏيو. برساتي پاڻي سبب لطيف آباد ۾ تمام گهڻا ننڍا گهر ختم ٿي ويا، ۽ هزارين ماڻهن کي ٻڏل علائقن مان ڪڍيو ويو، جن لاءِ ٻيڙيون به استعمال ڪيون ويون. لطيف آباد ۾ يونٽ نمبر 9،8،2 ۽ 12 مڪمل ٻڏي ويا ۽ يونٽ نمبر 10 ۽ 11 جا ڪجهه حصا ٻڏا. انهيءَ کان علاوه مڪراني پاڙو، ريس ڪورس ۽ شهباز ٽائون وغيره وارا علائقا به پاڻي هيٺ اچي ويا.

    (2) انهيءَ وقت ۽ انهيءَ کان پوءِ ڇا ڪيو ويو؟

    انهيءَ وقت جي انتظاميه فوج کان مدد وٺي پهرين ماڻهن کي پاڻي وارن علائقن مان ڪڍيو ۽ پوءِ نيڪاليءَ واري نظام ۽ پمپن ذريعي پاڻي ڪڍيو. ياد رهي ته 1977ع ۾ ملڪ ۾ مارشل لا لڳي چڪو هو. اُنهيءَ وقت جي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جنرل ضياءُ الحق 2 آگسٽ 1978ع تي حيدرآباد شهر جو دورو ڪيو. هن ماڻهن کي ڪڍڻ ۽ پاڻي ڪڍڻ جا تڪڙا انتظام ڪرايا ۽ واپڊا وارن کي اهڙن مينهن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ اهڙو ماسٽر پلان ٺاهڻ لاءِ چيو، جنهن ۾ گهٽ عرصي ۽ ڊگهي عرصي وارا اپاءَ هجن. واپڊا وارن گهٽ عرصي وارو پلان 1978ع ۾ تيار ڪيو، جيڪو ايڇ ڊي اي 1980ع ۾ پورو ڪيو. ڊگهي عرصي واري پلان ۾ واپڊا وارن مينهن جي پاڻيءَ کي ڪڍڻ لاءِ کليل نالين ذريعي مينهن جي پاڻيءَ کي مناسب هنڌن تي گڏ ڪري زميني وهڪري يا پمپن ذريعي ڦليلي ۽ پنڃاري واهن ۽ درياهه ۾ وجهڻ جو چيو. هُن هڪڙي اسڪيم 1980ع ۾ ٺاهي، جنهن جي ڪُل قيمت 11 ڪروڙ ٽيهه لک رپيا هئي، جنهن مان 7 ڪروڙ 5 8 لک نالين، پمپن، پاڻي گڏ ڪرڻ وارين جاين ۽ ٻين ڪمن لاءِ هئا. واپڊا وارن چيو ته اها اسڪيم ٽن سالن ۾ پوري ڪرڻ کپي. هن اسڪيم مطابق سڄي شهر کي 12يونٽن ۾ ورهايو ويو. يعني يونٽ نمبر(1) راجپوتانه اسپتال، يونٽ نمبر(2) عامل ڪالوني هيرآباد، يونٽ نمبر(3) لياقت ڪالوني، ڪاري موري، يونٽ نمبر (4) پريٽ آباد، يونٽ نمبر (5) اميريڪن ڪوارٽر، رشي گهاٽ، يونٽ نمبر (6) گنجو ٽڪر ۽ سائٽ وارو علائقو، يونٽ نمبر(7) پراڻو شهر ۽ قلعو، يونٽ نمبر (8) ريس ڪورس گرائونڊ ۽ ڪينٽونمنٽ وارو علائقو، يونٽ نمبر(9) لطيف آباد جا يونٽ 8 ،9 ، 11 ۽ 2 1 ، يونٽ نمبر(10) لطيف آباد جا يونٽ 2،3، 4، 5، 6 ۽ 7، يونٽ نمبر (11 ) جي او آر گارڊن ۽ جي ٽي ايس ۽ يونٽ نمبر (12) وحدت ڪالوني.

    ياد رهي ته اُنهيءَ زماني ۾ قاسم آباد نه ٺهيو هو. واپڊا مطابق انهيءَ اسڪيم تي ٽن سالن ۾ ڪم پورو ڪرڻو هو، پر اسڪيم ٺاهڻ کان پوءِ پنجن سالن تائين پئسا نه ملڻ ڪري ڪم ئي شروع نه ڪيو ويو. 1985ع ۾ ڪم شروع ڪيو ويو، پر اڃا تائين ڪم پورو نه ٿيو آهي. منهنجي ناقص ڄاڻ مطابق ڪو به يونٽ مڪمل طرح نه ٺاهيو ويو آهي، جيئن پئسا مليا تيئن ضرورت آهر ڪم ڪرايا ويا آهن. پهرين مرحلي ۾ ايئرپورٽ، لوپ بند ۽ ٽنڊي يوسف واريون ناليون ٺاهيون ويون. ٻئي مرحلي ۾ ٺنڊي سڙڪ ۽ آٽو ڀان واريون ناليون ٺاهيون ويون. ٽئين مرحلي ۾ راجپوتانا، لطيف آباد يونٽ نمبر 10 ۽ 5 واريون ناليون ٺاهيون ويون. چوٿين مرحلي ۾ ماروي ٽائون، ڀٽائي ٽائون، گلستان سجاد، يونٽ نمبر 2 ۽ لطيف آباد ۽ جي او آر ڪالوني واريون ناليون ٺاهيون ويون.

    (3) جيڪو انهيءَ کان پوءِ ڪم ڪيو ويو، اهو هينئر ڪم ڇو نه آيو؟

    برسات جي پاڻيءَ کي ڪڍڻ لاءِ جيڪو نظام تجويز ڪيو ويو، جيڪڏهن اُهو سڄو ٺهيل هجي ها ته 1978ع واري برسات جو آيل پاڻي ته ڪڍي ها، جيڪو 5.25 انچ جي مينهن لاءِ ٺاهيو ويو هو، پر پوءِ به سڄو پاڻي نه نڪري سگهي ها، ڇو جو هن سال وارو مينهن 6.7 انچ يا 28 سيڪڙو وڌيڪ هو. ٻيو اهو منصوبو قاسم آباد لاءِ هيو ئي ڪو نه. پر جيڪڏهن سڄو ٺهيل هجي ها ته ماڻهن جون تڪليفون تمام گهٽجي وڃن ها. سوال ٿو اڀري ته جتي سم ناليون ٺهيل هيون ۽ پمپ لڳل هئا، اتي پاڻي ڇو نه نڪري سگهيو. اُنهيءَ جو هڪڙو سبب ته اهو هيو ته ڪو به يونٽ پورو ٺهيل ڪو نه هو ۽ وچ ۾ ڪجهه ڪم يا لنڪ کُٽل هئا. ان کان سواءِ ڪيترا سال مينهن نه پوڻ ڪري جيڪو نظام ٺهيل هو، انهيءَ جي به صحيح سار سنڀال نه رکي وئي، جو ڪيتريون ناليون گند سان ڀريل هيون ۽ پاڻي کڻڻ جي گنجائش ڪو نه هئي. اوچتي ۽ تکي برسات لاءِ سار سنڀال لهڻ وارو عملو به مڪمل طور تيار نه هيو. وري پاڻي نه نڪرڻ جو مکيه سبب اهو هو ته پاڻي ڪڍڻ وارن پمپن جا موٽر ٻڏي ويا. اهي پمپ ته زمين جي سطح کان هيٺ رکيل هئا، پر انهن جا موٽر، جيڪي بجليءَ تي هلندا هئا، سي زمين کان 2 فوٽ کن مٿي رکيل هئا. اوچتي ۽ تيز برسات سبب انهن موٽرن وٽ 4کان 6 فوٽ پاڻي گڏ ٿي ويو ۽ اهي ٻڏي ويا. ٻيا پمپ ۽ موٽر ڪو نه هئا، جيڪي ترت لڳائي سگهجن. اهي حسن ابدال (پنجاب) کان گهرائڻا پيا، جن جو بندوبست ڪرڻ ۾ وقت لڳو، تنهن ڪري پاڻي نه نڪري سگهيو. انهيءَ ۾ بجليءَ جي اک ٻوٽ جو به عنصر شامل رهيو.

    (4) سنڀاليندڙ ادارن جون ذميواريون ۽ مشڪلاتون ڇا آهن؟

    شهر کي پيئڻ جو پاڻي ڏيڻ، گندو پاڻي ۽ مينهن جو پاڻي ڪڍڻ حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ اُن جي ذيلي اداري واسا جي ذميواري آهي. سڌو سنئون چئجي ته اهي ٻئي ادارا حيدرآباد شهر جو پاڻي ڪڍڻ ۾ ناڪام ٿي ويا، پر سڄي جوابداري انهن تي وجهڻ زيادتي ٿيندي. جڏهن مينهن جي پاڻي ڪڍڻ جو نظام مڪمل ٺهيل ئي ناهي ته پاڻي ڪيئن نڪري سگهي ها، ۽ جيڪو ٽڪرو ٺهيو هو، اهو ڊيزائين وارو پاڻي ڪڍي سگهي ها، پر مينهن رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا ۽ جنهن مقدار لاءِ نظام ڊيزائين هو، انهيءَ کان مٿي مينهن پيا. اداري کي پاڻيءَ جي بلن جي وصولي ايتري گهٽ ٿئي ٿي، جو اسٽاف کي پگهارون ڏيڻ به مسئلو آهي، پوءِ اسپيئر پمپ ڪٿان وٺن؟ باقي ايتري جوابداري انهن جي آهي ته ٺهيل نظام جي سار سنڀال صحيح نموني ۾ ڇو نه ڪيائون ۽ پمپن جا موٽر مٿي ڇو نه رکيائون ته جيئن نه ٻڏن ها. ٻيو مکيه مسئلو نظام هلائڻ جو آهي، يعني governance جو. ادارن ۾ ٽيڪنيڪل عملي جي گهٽتائي آهي. ڊي سي او وٽ جيڪو ترقياتي ڪمن لاءِ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر آهي، رڳو هڪڙو 18 گريڊ جو انجنيئر آهي. اها سطح وڌائڻ جي ضرورت آهي. ساڳي نموني ايڇ ڊي اي ۽ واسا ۾ 19 ۽ 20 گريڊ جا آفيسر کپن ته اهي فني طرح مضبوط ٿين. ضلعي ناظم، ايڇ ڊي اي ۽ واسا ۾ ٽيم ورڪ کپي ته هو گڏجي آيل مهل کي منهن ڏين. ايئن نه ته هڪ ٻئي ڏي واجهائين ته ڇا ڪجي؟

    (5) اڳتي ڇا ڪجي؟

    سياڻا اُهي ٿا ليکجن، جيڪي ٿيل غلطين ۽ ڪمزورين تي روئڻ ۽ پٽڻ بدران انهن مان سبق حاصل ڪن. واسطيدار ڌرين کي کپي ته ٿڌي دماغ سان سوچين ته حيدرآباد جهڙي سهڻي ۽ هوادار شهر جي بربادي ڇو ٿي ۽ ڪهڙا اُپاءَ وٺجن ته اڳتي اها صورتحال نه ٿئي. واپڊا جي 1980ع واري ماسٽر پلان مطابق گهٽ عرصي وارا ۽ ڊگهي عرصي وارا پلان ٺاهيا ويا. هاڻي به ايئن ڪرڻ کپي. گهٽ عرصي وارو پلان اهڙو هُجي جو ايندڙ سال جي برساتن کان اڳ انهيءَ تي عمل ڪجي. يعني اهي ڪم جون 2007ع کان اڳ پورا ڪري سگهجن. انهيءَ لاءِ پئسا ڪنهن هلندڙ پروگرام مان ڪڍجن. ڊگهي عرصي واري پلان لاءِ واپڊا جي تيار ڪيل پروگرام کي موجوده حالتن موجب نئون ڪجي، ڇاڪاڻ جو هينئر نيون ڪالونيون (جيئن قاسم آباد) ٺهي ويون آهن ۽ سر زمين تي ڪيتريون تبديليون آيون آهن. اهو پلان جلد ٺاهي انهيءَ کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ پئسن جو بندوبست ڪرڻ کپي. ايئن نه ٿئي جو اسان جي سسُتي سبب گذريل سانوڻيءَ واري صورتحال ٻيهر ٿئي ۽ دُنيا اسان کي بيوقوف چوي، ڇو جو انگريزيءَ ۾ چوندا آهن ته:

    Wise men commit mistakes and fools repeat them

    (سياڻا ماڻهو غلطيون ڪندا آهن، ۽ بيوقوف انهن کي ورجائيندا آهن.)
     
  12. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ادريس راجپوت جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    برسات ۾ ٻڏڻ کان بچاءَ وارا منصوبا ڪيئن جوڙجن؟



    اڱارو 23 جنوري 2007ع

    گذيل سال سانوڻيءَ جي ساندهه15 ڪلاڪ پوندڙ برسات حيدرآباد شهر کي ٻوڙي ڇڏيو. روڊ ۽ رستا ٻڏي ويا، گهرن جي گرائونڊ فلور تي پاڻي بيهي ويو. وڌيڪ مصيبت انهيءَ ڪري ٿي جو اهو پاڻي ڪيترا ڏينهن بيٺو رهيو، نه نڪري سگهيو، نه ڪڍيو ويو. پاڻي سنڀاليندڙ ادارا يعني ايڇ ڊي اي ۽ واسا پاڻي ڪڍڻ ۾ 15 ڏينهن تائين ڪامياب نه ٿي سگهيا، جنهن ڪري لطيف آباد، قاسم آباد ۽ ٻين هيٺين علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي تمام گهڻي تڪليف پهتي. اها صورتحال پهريون دفعو نه ٿي، پر سال 1978ع ۾ به ذري گهٽ ساڳي صورتحال ٿي هئي. انهيءَ سال به حيدرآباد شهر ٻڏو هو ۽ ڪيترا ڏينهن پاڻي بيٺو رهيو. 1978ع جي برساتن کان يڪدم پوءِ انهيءَ وقت چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جنرل ضياءُ الحق شهر جو دورو ڪيو ۽ واپڊا وارن کي برساتن کان بچڻ وارو پلان ٺاهڻ لاءِ چيو. واپڊا وارن هڪڙو منصوبو ٺاهيو، جنهن ۾ گهٽ عرصي وارا اُپاءَ ۽ ڊگهي عرصي وارا اُپاءُ ٻڌايا ويا. گهٽ عرصي واري پلان تي ايڇ ڊي اي وارن عمل ڪيو، پر ڊگهي عرصي واري پلان تي مڪمل طرح ٽيهن سالن ۾ عمل نه ٿي سگهيو، جنهن جي نتيجي ۾ گذريل سال برساتن سبب وري شهر ٻڏو. مستقبل ۾ اهڙين برساتن جي تباهيءَ کان بچڻ لاءِ ٻه ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون. هڪڙو ته واپڊا جي اڻپوري پلان کي پورو ڪجي، ٻيو ته نئون پلان ٺاهجي. اچو ته انهن تي وڌيڪ ويچار ڪريون.

    واپڊا جي اڻپوري منصوبي کي پورو ڪرڻ:

    جيڪڏهن واپڊا جي ٺاهيل منصوبي تي پوري طرح عمل ڪيو وڃي ها ۽ ٺهيل شين جي صحيح نموني ۾ سار سنڀال لڌي وڃي ها ته گذريل سال جي برسات ۾ ايتري تڪليف نه ٿئي ها، جيتري ٿي. پر سوال ٿو اُڀري ته واپڊا واري منصوبي تي هينئر عمل ڪرڻ سان گهربل نتيجا نڪري سگهندا؟ حيدرآباد جا اهي رهواسي، جن 1978ع وارو وقت ڏٺو هو، سي چڱي نموني ڄاڻن ٿا ته اُنهيءَ عرصي کانپوءِ ڪيتريون ئي ڪالونيون ٺهي پيون آهن، ۽ اڃا به ٺهن ٿيون پيون. ڪيترا رستا، پليون ۽ عمارتون ٺهي ويون آهن، جو شهر جي شڪل ئي مٽجي وئي آهي. انهيءَ ڦير گهير سبب واپڊا جي منصوبي تي عمل ڏکيو آهي. وري واپڊا جي ٺاهيل منصوبي ۾ نئين ٺهيل ڪالونين جي پاڻي ڪڍڻ جو بندوبست ڪونهي، ڇاڪاڻ جو اهي اُنهيءَ وقت هيون ئي ڪو نه. مثال طور 8 71978ع ۾ قاسم آباد هيو ئي ڪو نه. وري اهو منصوبو 5.25 انچ جي برسات کي منهن ڏيڻ لاءِ ٺاهيو ويو، جڏهن ته گذريل سال ساڳي وقت ۾ 6.7 انچ مينهن پيو. نتيجو اهو نڪتو ته واپڊا جي اڻپوري منصوبي کي مڪمل ڪرڻ سان گهربل نتيجا نه نڪري سگهندا.

    نئون منصوبو ٺاهڻ:

    موجوده حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ نئين منصوبي ٺاهڻ جي ضرورت آهي، پر اهو اهڙي نموني ۾ ٺاهڻ کپي جو هينئر تائين ٿيل ڪم ۽ نئين ڪم جو ڳانڍاپو هجي. يعني پراڻو ٿيل ڪم اهڙي نموني ۾ استعمال ڪجي جو نئين ڪم سان ملي هڪ ٿي وڃي. وري واپڊا جي ٺاهيل منصوبي مان سبق وٺندي انهيءَ منصوبي جا ٻه جزا هئڻ کپن. هڪڙو گهٽ عرصي وارو پلان، ٻيو ڊگهي عرصي وارون پلان. اسان کي ايندڙ سال جي برسات کان اڳ اهڙا اُپاءَ وٺڻ کپن جو جيڪڏهن ساڳي برسات وري پوي ته شهر وارن کي وڌيڪ تڪليف نه ٿئي، يعني پاڻي پنجن کان ستن ڏينهن ۾ نڪري وڃي. اهو ڪم هن سال جون مهيني تائين مڪمل ڪرڻ کپي. انهي کي گهٽ عرصي وارو پلان چئجي ٿو. پنجن کان ستن ڏينهن ۾ پاڻي نڪرڻ ۾ به ماڻهن کي تڪليف ٿيندي، پاڻي ٻن ٽن ڏينهن ۾ نڪرڻ کپي. اهو منصوبو جنهن جي ٺاهڻ سان پاڻي ٻن ٽن ڏينهن ۾ نڪري انهيءَ کي ڊگهي عرصي وارو پلان چئجي ٿو ۽ جنهن کي ٺاهڻ سان حيدرآباد شهر جا رهواسي مستقل بنيادن تي برسات جي تڪليفن کان بچي ويندا.

    ڇا پيو ٿئي؟

    حيدرآباد سان گذريل برساتن ۾ جيڪا ويڌن ٿي، انهيءَ لاءِ هر ڪو ماڻهو پريشان رهي ٿو، پر عام طرح ڏٺو ويو آهي ته جڏهن ڪا آفت يا مصيبت اچي ٿي ته هر ڪو ماڻهو چست ٿي وڃي ٿو، پر جيئن جيئن وقت گذري ٿو ماڻهو ڳالهيون وساري ڍرا ۽ سست ٿي وڃن ٿا. ساڳيو حال ادارن ۽ حڪومتن جو آهي. جڏهن تڪليف اچي ٿي ته هر ڪو همدردي ۽ مدد لاءِ اچي ٿو، پر وقت گذرڻ سان هر ڪو ٿڌو ٿي ويهي ٿو رهي. پر اسان کي حيدرآباد تي ايندڙ مصيبت کان بچڻ لاءِ سُستي ۽ ويسر جي نذر نه ٿيڻ کپي، ۽ مناسب اُپاءَ ۽ جوڳا بندوبست ڪرڻ کپن ته جيئن ساڳيو قصو ٻيهر نه ورجائجي سگهي.



    مون جاچ ڪئي آهي ته ايڇ ڊي اي اهو ڪم حيدرآباد ڊيولپمنٽ پيڪيج وارن ڪنسلٽنٽس جي حوالي ڪري ڇڏيو. 26 آگسٽ 2003ع تي صدر پاڪستان حيدرآباد آيو ۽ حيدرآباد ضلعي جي ترقي ۽ ان کي سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ ساڍا ڏهه ارب رپين جو پيڪيج ڏئي ويو. انهيءَ مان اڌ رقم پاڪستان سرڪار ۽ اڌ سنڌ سرڪار ڏيندي ۽ اها اسڪيم 4 سالن ۾ مڪمل ڪئي ويندي. انهيءَ پروگرام ۾ 1.56 ڪروڙ ماسٽر پلان ٺاهڻ لاءِ ۽ 5 7 3 ڪروڙ گندو پاڻي ڪڍڻ ۽ پاڻي جي نيڪال لاءِ رکيا ويا آهن. جنهن مان 32 ڪروڙ رڳو مينهن جي پاڻي سان واسطو رکندڙ ڪمن لاءِ رکيا ويا آهن. حيدرآباد ترقياتي پيڪيج لاءِ عثماني اينڊ ڪمپني کي ڪنسلٽنٽ رکيو ويو آهي. گذريل سال جي سانوڻي واري برساتن کانپوءِ هنن کي ماسٽر پلان ٺاهڻ جو ٽاسڪ مليو، ۽ کين گهٽ عرصي واري پلان هن سال جون تائين ٺاهڻ لاءِ چيو ويو. هنن گهٽ عرصي واري پلان لاءِ جيڪو هن سال جون تائين مڪمل ٿيڻ کپي، لطيف آباد، قاسم آباد ۽ شهر جي ٻين حصن ۾ چئن قسمن جا ڪم تجويز ڪيا آهن.

    (1) ٺهيل پمپنگ اسٽيشن جو درست ڪرڻ.

    (2) نيون پمپنگ اسٽيشنز ٺاهڻ.

    (3) پاڻي مٿي چاڙهڻ لاءِ پائپ وجهڻ.

    (4) نيون ناليون ٺاهڻ.

    انهن ڪمن جي ڪل خرچ جو ڪاٿو 5 5 ڪروڙ 30 لک رپيا لڳايو ويو آهي. جنهن مان لطيف آباد لاءِ 3 3 ڪروڙ 0 8 لک، قاسم آباد لاءِ 13 ڪروڙ 70 لک ۽ باقي شهر لاءِ 5 ڪروڙ 80 لک ۽ زمين وٺڻ لاءِ 2 ڪروڙ رپيا آهن. ڊگهي عرصي وارو پلان اڃا نه ٺاهيو ويو آهي. انهيءَ ۾ واپڊا جي ٺهيل پلان کي نئون (Update) ڪرڻو پوندو ته جيئن اڳي ٺهيل ڪم زيان نه ٿين ۽ نيون گهرجون به پوريون ٿي سگهن.

    پئسن جو بندوبست:

    ڪو به ڪم پئسن کانسواءِ نٿو ٿي سگهي جو انگريزي ۾ چوندا آهن ته (Money makes the mane go) يعني هجي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو. عثماني اينڊ ڪمپني مطابق گهٽ عرصي واري پلان لاءِ اٽڪل 5 5 ڪروڙ رپيا کپن. صدر صاحب جي ڏنل پيڪيج مان اهي ڪم ڪرائي سگهبا، پر رقم هن سال جون تائين کپي. سرڪار وارا پئسن ڏيڻ جو اعلان ته وقتي مصلحتن مطابق ڪري ڇڏيندا آهن، پر فنڊ تمام ڏکيائي سان رليز ڪيا وڃن ٿا ۽ اهي به تمام گهٽ. نتيجي ۾ وقتائتا ڪم نه ٿا ٿين، جنهن ڪري انهن جي قيمت به وڌي وڃي ٿي ۽ فائدا به وقت سر نٿا پهچن. حيدرآباد ترقياتي پيڪيج ۾ رڳو 32 ڪروڙ رپيا مينهن جي پاڻي ڪڍڻ لاءِ رکيا ويا آهن، جڏهن ته جون تائين ڪمن لاءِ کپن 5 5 ڪروڙ رپيا. ڊگهي عرصي واري پلان ٺاهڻ لاءِ به پئسا کپن، جو حيدرآباد پيڪيج ۾ سڀني ڪمن جي ماسٽر پلان لاءِ رڳو 6 5 .1 ڪروڙ رکيا ويا آهن. انهيءَ رقم کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. وري ڊگهي عرصي واري پلان کي ٺهڻ کانپوءِ عمل ۾ به آڻڻو آهي، جنهن لاءِ حيدرآباد پيڪيج ۾ پئسا رکيل ڪونهن. انهيءَ لاءِ به مناسب منصوبه بندي جي گهرج آهي.

    انتظامي مسئلا:

    حيدرآباد ترقياتي پيڪيج جو پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊي سي او آهي، جيڪو انجنيئر ناهي. انهيءَ سان رڳو هڪڙو گريڊ 8 1 جو انجنيئر آهي. اها سطح ايتري وڏي ڪم لاءِ تمام گهٽ آهي. انهيءَ کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ گريڊ 20 جو چيف انجنيئر سطح جو آفيسر کپي. پلان ٺاهڻ ۽ انهيءَ کي عمل ڪرائڻ لاءِ وري رڳو سرڪاري ڪامورا ناڪافي آهن. نوڪرين ۾ ايتري Deterioration آهي، جو رڳو انهن تي ڀاڙڻ ڪرڻ ناڪافي آهي. فيلڊ ۾ ڪيترا هوشيار ۽ تجزيي ڪار انجنيئر موجود آهن. ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته انهيءَ لاءِ سياڻن ۽ سمجهو ماڻهن جي مدد ورتي وڃي. ڪم ڀلي سرڪاري ڪامورا ئي ڪرائين، پر انهن جي ڪم تي نظر رکڻ لاءِ جهونن ۽ جهان ديده انجنيئرن کي رکڻ کپن، جيڪي وقت بوقت انهن آفيسرن جي رهنمائي ڪري سگهن، مناسب مشورا ڏئي سگهن ۽ ڪم جي ڪوالٽي ٺيڪ ڪرائي سگهن.

    اچو وري ايڇ ڊي اي ۽ واسا تي. انهن ادارن ۾ به آفيسر گهٽ ليول جا آهن ۽ انهن ۾ ذميوارين جي صحيح ورهاست ڪونهي. يعني ڪير ماڻهو ڪنهن ڪم لاءِ ذميوار آهي. انهن ٻنهي ادارن کي مٿين سطح جا آفيسر رکي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. وري واسا کي نظام هلائڻ لاءِ پئسن جو مسئلو آهي. وصولي ايتري گهٽ آهي جو اسٽاف جي پگهارن لاءِ پئسا مس پورا ٿا ٿين ته پوءِ ايڏي وڏي نظام کي ڪيئن هلائن. يا ته وصولي وڌائڻ جا جوڳا اُپاءَ ورتا وڃن، يا هنن کي سرڪار گرانٽ ڏي. اوهان ڪنهن ماڻهو يا اداري جو احتساب تڏهن ڪري سگهو ٿا، جڏهن ان جون ضرورتون پوري ڪيو.

    سفارشون:

    مٿين سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکي هيٺيون سفارشون ڪجن ٿيون.

    (1) حيدرآباد ترقياتي پيڪيج جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر کي 20 گريڊ جو هڪ چيف انجنيئر ڏيڻ کپي.

    (2) ايڇ ڊي اي ۽ واسا ۾ چيف انجنيئر سطح وارا انجنيئر رکڻ کپن ۽ وڌيڪ سپرنٽينڊنگ انجنيئر سطح جا آفيسر ڏئي انهن کي مضبوط ڪيو وڃي.

    (3) واسا کي نظام هلائڻ لاءِ مناسب پئسا ڏنا وڃن.

    (4) عثماني اينڊ ڪمپني ڪنسلٽنٽ جيڪو گهٽ عرصي وارو پلان ٺاهيو آهي، ان منصوبي جي جهونن ۽ تجربيڪار انجنيئرن کان نظرثاني ڪرائي وڃي.

    (5) نظرثاني ڪيل مٿين منصوبي تي حيدرآباد ترقياتي پيڪيج جي فنڊن مان ڪم ڪرايو وڃي ۽ انهيءَ ڪم لاءِ پئسن جو اهڙو بندوبست ڪيو وڃي جو هي ڪم جون تائين ضرور پورا ٿين.

    (6) ڪم جي نگراني لاءِ جهانديده ۽ تجربيڪار ماڻهو رکيا وڃن.

    (7) عثماني اينڊ ڪمپني ڪنسلٽنٽ کان ڊگهي عرصي وارو منصوبو جهونن انجنيئر جي نظر هيٺ حيدرآباد ترقياتي پيڪيج جي فنڊن مان جون تائين ٺهرايو وڃي.

    (8) ڊگهي عرصي واري پلان کي ٽن سالن ۾ مڪمل ڪيو وڃي.

    جيڪڏهن مٿين سفارشن تي سچي دل سان عمل ڪيو ويو ته حيدرآباد جو سهڻو ۽ ٿڌين هوائن وارو شهر هن سال ۽ ايندڙ سالن ۾ سانوڻيءَ جي مينهن جي آندل مصيبتن کان بچي ويندو. مون پنهنجي ڄاڻ آهر حيدرآباد کي سدائين شاد ۽ آباد رکڻ لاءِ تجويزون ڏئي ڇڏيون آهن. هاڻي اقتدار ڌڻين جو ڪم آهي ته انهن تي عمل ڪن، نه ته پاڻ ڄاڻن. ايئن نه ٿئي جو لطيف آباد جي ڪا مائي وري چيف منسٽر جي دوري تي اهو چوي ته، ”اسان کي اوهان کان ڪجهه نه کپي، رڳو پاڻي ڪڍرائي ڏيو.“
     
  13. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ادريس راجپوت جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    جنرل مشرف جي ڪتاب ۾ سنڌ بابت ڪيل ڳالهين جي حقيقت!



    سومر 5 فيبروري 2007

    صدر پرويز مشرف پنهنجي انگريزي ڪتاب In The Line Of Fire ۾ سنڌ جي آبپاشي ۽ پاڻي نيڪال واري نظام بابت ٻن هنڌن تي ذڪر ڪيو آهي. هڪ ٻوڏن جي باري ۾، ۽ ٻيو آر بي او ڊي اسڪيم بابت. مان انهن ٻنهي جو انگريزي متن ۽ سنڌي ترجمو هيٺ ڏيان ٿو، جنهن کان پوءِ ان اشو تي تفصيل سان ڳالهايون ٿا. ٻوڏن بابت صفحي نمبر 9 5 تي صدر صاحب لکن ٿا ته:

    Another memorable experience was my brigade's assistance in flood relief operations. Pakistan was hit by one of its worst floods in 1976, when the melting snow and glaciers combined with unprecedented rains caused all rivers, specially the indus, to overflow. Sindh was worst affected. Our brigade was moved to Sukkur, which faced the most devastation. My brigade commander detailed me to take charge of filling a breach in a canal. This was beyond the purview of my responsiblilities as a staff officer, but understanding the confidence that was vested in me, as well as the challenge the task posed, I accepted responsiblity. The command placed under me was unique. Other than the army engineers, I was given about 200 Hurs and 250 shackled prisoners from Sukkur jail. I managed this disparate force, gelled them into a team and worked the whole night to close the breach by morning. When the brigade commander came to inspect the situation in the morning, he was surprised and pleased. He commended me for my performance.

    (منهنجي برگيڊ جو ٻيو يادگار تجربو ٻوڏن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد بابت هو. 1975ع ۾ پاڪستان ۾ تمام وڏي ٻوڏ آئي. جبلن تي برف ۽ گليشئر رجڻ ۽ ساڳي وقت سانوڻيءَ جي زبردست برساتن سبب سڀئي درياهه اُٿلي پيا، خاص طرح سنڌو درياهه. انهيءَ ڪري سنڌ ۾ تمام گهڻي تباهي ٿي. منهنجي برگيڊ کي سکر وڃڻ جو حڪم ٿيو، جتي تمام گهڻي تباهي ٿي هئي. منهنجي برگيڊ ڪمانڊر مونکي هڪ واهه ۾ پيل کنڊ کي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو. اها ڳالهه منهنجي ذميواري کان مٿڀري هئي، پر جيئن ته مون مٿان اعتبار ڪيو ويو هو، ان ڪري انهيءَ ڪم جي چيلنج کي ڏسي مون اها ذميواري قبول ڪئي. منهنجي هيٺان ڪم ڪرڻ لاءِ جيڪا ٽيم رکي وئي، سا ڏاڍي عجيب هُئي. فوجي جوانن کان علاوه مونکي 200 حر مجاهد ۽ سکر جيل مان 250 زنجير پاتل قيدي ڏنا ويا. مون انهن مختلف ماڻهن کي سنڀالي اُنهن جي هڪ ٽيم ٺاهي، سڄي رات ڪم ڪيو ۽ صبح جو اهو کنڊ ٻڌرائي ڇڏيم. صبح جو جڏهن برگيڊ ڪمانڊر صورتحال ڏسڻ لاءِ آيو ته حيران ٿي ويو ۽ منهنجي ڪم کي تمام گهڻو ساراهيائين.)

    جنرل مشرف اڳتي هلي آر بي او ڊي بابت صفحي 147 تي لکيو آهي ته:

    Once could write volumes on the rempant corruption, but for want of space, a few examples must suffice. One of the erliest briefings I received at the governor’s house in Sindh was on the construction of the Right Bank Outfall Drain (RBOD), a pipeline for taking effluent to the sea. One point made in this presentation was that those involved had very conscientiously reduced the construction cost from 116 billion to 75 billion rupees. My gut feeling was that it was still too high. I detailed army engineers to survey the whole length of the RBOD and give me an accurate assessment of the cost. They worked through six months of sweltering heat, from March to August 2000, and concluded that the project could be done for only 16 billion rupees. Even after a few adjustments, the cost came to just 18 billion rupees, and the project is now under construction for the amount. The difference in the budget would have been pocketed as graft.

    (ملڪ ۾ انڌا ڌنڌ بدعنوانين بابت گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو، پر انهيءَ لاءِ جڳهه گهٽ هجڻ سبب هڪ ٻه مثال ئي ڪافي ٿيندا. حڪومت جون واڳون سنڀاليندي ئي مون گورنر هائوس سنڌ (ڪراچي) ۾ جيڪي شروعاتي بريفنگز ورتيون اُنهن مان هڪ آر بي او ڊي بابت هئي. اهو هڪ مکيه سم نالو هو، جنهن ذريعي ساڄي پاسي کان نيڪال وارو پاڻي سمنڊ ڏانهن کڻي وڃڻو آهي. انهيءَ بريفنگ ۾ جيڪا خاص ڳالهه ڪئي وئي، سا اها هئي ته هنن تمام ايمانداري سان ڪم ڪندي منصوبي جي قيمت 116 ارب رپين مان گهٽائي 75 ارب رپيا ڪري ڇڏي هئي. منهنجي پنهنجي خيال مطابق اها گهٽ ڪيل قيمت به تمام گهڻي هئي. مون فوج جي انجنيئرن کي انهيءَ ڪم تي لڳايو ته هو آر بي او ڊي جي سڄي ڊيگهه جي سروي ڪن ۽ انهيءَ جي ٺاهڻ جي خرچ جو صحيح ڪاٿو لڳائين. هنن مارچ کان آگسٽ تائين 6 مهينا ساڙيندڙ گرميءَ ۾ سروي ڪئي ۽ ٻڌايو ته اها 6 1 ارب رپين ۾ ٺهي سگهي ٿي. ٿوري جاچ کانپوءِ اها قيمت وڌي 8 1 ارب رپيا ٿي ۽ اهو منصوبو هينئر انهيءَ قيمت تي ٺاهيو پيو وڃي. جيڪڏهن اهو هنن جي ٻڌايل قيمت تي ٺاهڻ ڏنو وڃي ها ته وچ وارا پيسا هو کائي وڃن ها.)

    1976ع ۾ سکر بيراج کان مٿي روهڙيءَ ويجهو علي واهڻ وٽ درياهه جي بند کي کنڊ لڳو، جنهن ڪر ي نارا ڪينال ۽ ٻين ڪيترن واهن کي کنڊ پيا. واهن مان پيل ڪنهن هڪڙي کنڊ کي بند ڪرڻ ۾ صدر صاحب انهيءَ زماني ۾ ميجر طور حصو ورتو هو. جيستائين گورنر هائوس ڪراچي ۾ آر بي او ڊي جي بريفنگ جو تعلق آهي ته مان انهيءَ ۾ سيڪريٽري آبپاشي طور موجود هيس. اها بريفنگ واپڊا جي مقرر ڪيل ڪنسلٽنٽ نيسپاڪ پاران ڏني وئي هئي، ۽ اهو ڪم واپڊا کي ڪرڻو هو. مان آر بي او ڊي واري منصوبي سان فوجي حڪومت جي اچڻ کان پوءِ پنهنجي رٽائرمينٽ يعني 19 نومبر 2001ع تائين لاڳاپيل رهيس. مان انهيءَ جو حال احوال سنڌ واسين سان ونڊڻ چاهيان ٿو ته جيئن هنن کي خبر پوي ته ڪيتري ڪوشش ۽ مشڪلن سان اسان اهو منصوبو سنڌ وارن لاءِ منظور ڪرايو هو.

    1976ع ۾ واپڊا وارن سنڌو درياهه جي ساڄي ڪپ وارين ايراضين جي سم جو پاڻي ڪڍڻ لاءِ نارٿ دادو سرفيس ڊرينيج اسڪيم ٺاهي، جنهن جو ڇوڙ مين نارا ويلي ڊرين ذريعي منڇر ڍنڍ ۾ تجويز ڪيو ويو. سنڌ وارن انهيءَ تي اعتراض ڪيو. چيو ويو ته انهيءَ سان منڇر ڍنڍ جي لوڻياٺ واري سطح ۾ في 10 لک حصن (Per Million) تي 700 ڀيرا اضافو ٿيندو. جڏهن نوي واري ڏهاڪي ۾ اها اسڪيم پوري ٿي، ۽ اسيڪم شروع ڪئي وئي ته منڇر ڍنڍ جي لوڻياٺ واري ليول وڌي في 10لک حصن تي 0 0 5 3 ڀيرا وڌي وئي. ياد رهي ته پيئڻ جي پاڻي لاءِ اها سطح 1000 حصا في ڏهه لک (Per Million) کان مٿي ۽ زراعت لاءِ 1500 حصا في ڏهه لک (Per Million) کان مٿي نه هجڻ کپي. لوڻياٺ جي ليول وڌڻ ڪري منڇر ۽ منڇر وارا يعني آبادگار توڙي مهاڻا برباد ٿي ويا. سائبيريا کان سياري ۾ ايندڙ پکي گهٽجي ويا ۽ ٻيا ڪيترائي معاشرتي ۽ ماحولياتي مسئلا پيدا ٿيا. جڏهن سنڌ وارن رڙيون ڪيون ته واپڊا وارن انهيءَ کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ آر بي او ڊي (ون) جي نالي سان ٻي اسڪيم ٺاهي ۽ منڇر کي بچائڻ لاءِ انهيءَ جو ڇوڙ سنڌو ۾ سيوهڻ شريف کان مٿي ڪرمپور ڳوٺ وٽ رکيو ويو ۽ مين نارا ويلي ڊرين کان سنڌو تائين هڪڙو لنڪ ٺاهيو ويو. سنڌ وارن انهيءَ تي به اعتراض ڪيو، پر اهو اعتراض ڪنهن به نه ٻڌو. انڊس لنڪ ٺاهڻ کانپوءِ جڏهن انهيءَ ذريعي سنڌو ۾ پاڻي وجهڻ لاءِ ريگوليٽر ٺاهڻ جو پروگرام ٺاهيو ويو ته اسان انهيءَ تي سخت اعتراض ڪيو، پر انهيءَ وقت واپڊا جي فوجي سربراهه جنرل ذوالفقار علي (جنهن لاءِ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته هن گورنر دائود پوٽي ۽ اي اين جي عباسي صاحب کي استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ڪيو هو.) ڪنهن جي نه ٻڌي ۽ هو هر قيمت تي ريگوليٽر ٺهرائڻ پيو چاهي. پر اسان به چپ ڪري نه ويٺاسين. نيٺ معاملو فيصلي لاءِ انهيءَ وقت جي فوجي سربراهه پرويز مشرف وٽ پهتو. هن ايوانِ صدر ۾ هڪ گڏجاڻي سڏائي، جنهن ۾ سنڌ مان گورنر محمد ميان سومرو، وزير آبپاشي علي مير شاهه ۽ مان بطور سيڪريٽري آبپاشي شريڪ ٿياسين. واپڊا وارن، ڪنسلٽنٽ، پلاننگ ڪميشن وارن ۽ ڪيترن ٻين کي واپڊا جو چيئرمين جنرل ذوالفقار تيار ڪري وٺي آيو. پلاننگ ڪميشن جي بريفنگ ملڪ سعيد ڏني، جنهن ٻڌايو ته آر بي او ڊي جو پاڻي سيوهڻ شريف کان مٿي سنڌو ۾ وجهڻ سان ڪو به نقصان نه ٿيندو. مون گهڙي گهڙي اُٿي انهيءَ جي بريفنگ تي اعتراض ڪيا، ۽ انهيءَ ۾ علي مير شاهه صاحب منهنجي مڪمل حمايت ڪئي. صدر صاحب کي به منهنجو گهڙي گهڙي اُٿڻ چڱو نه پيو لڳي، پر دل ۾ سوچيو هوندائين ته ضرور ڪجهه گڙ بڙ آهي، جو واپڊا، وفاقي سرڪار هڪڙي پاسي هئا ۽ سنڌ جا ٻه ماڻهو ٻئي پاسي هئا. مون ان وقت هڪڙي ڳالهه نوٽ ڪئي ته فوجي سربراهه بريفنگ تمام ڌيان سان پيو ٻڌي. انهيءَ ڏس ۾ قدرت اسان جي مدد ڪئي. آر بي او ڊي جي بريفنگ کان اڳ واپڊا وارن نيشنل ڊرينيج پروگرام، يعني اين ڊي پي تي بريفنگ ڏني هئي. انهيءَ ۾ هنن هڪ سلائيڊ ذريعي اين ڊي پي جا رهنما اصول به ٻڌايا هئا. انهيءَ ۾ ٻڌايو ويو هو ته اين ڊي پي پروگرام تحت ڪٿي به سم جو لوڻياٺ وارو پاڻي مٺي پاڻين يعني واٽر باڊيز ۾ نه وجهندا. پرويز مشرف صاحب اها بريفنگ تمام ڌيان سان ٻڌي هئي ۽ کيس ياد هئي. هن اسان جي اعتراضن کي نظر ۾ رکندي واپڊا وارن کي اين ڊي پي جون اڳي ئي ڏيکاريل سلائيڊيون ٻيهر ڏيکارڻ لاءِ چيو. جڏهن انهيءَ رهنما اصول واري سلائيڊ تي پهتا ته فوجي سربراهه چيو ته جڏهن اين ڊي پي جو رهنما اصول آهي ته لوڻياٺ مٺين واٽر باڊيز ۾ نه وجهڻ کپي ته پوءِ واپڊا وار آر بي او ڊي او جو لوڻياٺ وارو پاڻي سنڌو جي مٺي پاڻي ۾ وجهڻ تي ڇو زور ڏئي رهيا آهن؟ اهڙي سوال تي سڀ ٻڌندڙ حيران ٿي ويا ۽ واپڊا وارا به ڪو جواب نه ڏئي سگهيا. فيصلو ڪيو ويو ته آر بي او ڊي جو پاڻي سيوهڻ شريف مٿان درياهه ۾ نه وڌو وڃي ۽ متبادل بندوبست ڳوليا وڃن. هاڻي اوهان صدر صاحب، جيڪو پنهنجي ڪتاب ۾لکيو آهي سو پڙهو.

    آر بي ڊي او جو منصوبو آبپاشي کاتي ۽ فوجي انجنيئرن گڏجي ٺاهيو هو. حقيقت اها آهي ته آر بي او ڊي جي لنگهه جو رستو (alignment) مان فوج جي پنجين ڪور جي برگيڊيئر آصف غزالي کي سيوهڻ شريف ويجهو ڪرمپور ڳوٺ کان وٺي گهارو کوري تائين ٻه دفعا هيلي ڪاپٽر ۾ چڙهي ڏيکاريو هو. تنهن کانپوءِ فوج وارن کي خاطري ٿي ته اها اسڪيم ٺهي سگهي ٿي ۽ پوءِ تمام تفصيلي سروي ڪري اسڪيم ٺاهي منظور ڪرائي وئي. اسڪيم چئن سالن ۾ پوري ڪرڻي هئي، نه ته چتاءُ ڏنو ويو هو ته قيمت وڌي ويندي. انهيءَ کي ٺهندي چار سال ٿي ويا آهن ۽ انهيءَ جي قيمت وڌي 0 3 ارب رپيا ٿي وئي آهي. انهيءَ جا مکيه ٻه ڪارڻ آهن. هڪڙو ٺاهڻ جو وقت وڌڻ ۽ ٻيو هن جي گنجائش 0 0 0 2 ڪيوسڪ مان وڌائي 3500 ڪيوسڪ ڪئي وئي آهي، جو ڪن ٻين ايراضين جو پاڻي به انهيءَ ۾ ايندو.

    هينئر ڪيترا ماڻهو، جن جون زمينون، گهر يا ٻيون ٺهيل شيون انهيءَ جي رستي ۾ اچن ٿيون، سي اعتراض ٿا ڪن ته آر بي او ڊي هڪ تباهه ڪندڙ منصوبو آهي، ۽ انهيءَ جو حشر به ايل بي او ڊي وارو ٿيندو. سنڌ سياڻن سان ڀري پئي آهي. هر ڪو سمجهي ٿو ته جيڪڏهن آر بي او ڊي جو کارو پاڻي درياهه ۾ وجهي ڇڏجي ها ته انهيءَ جو اثر حيدرآباد جي پيئڻ جي پاڻيءَ تي ڪهڙو پوي ها. سال 5 0 0 2 ع ۾ رڳو هڪ يا ٻه ڏينهن منڇر جو پاڻي درياهه ۾ وڌو ويو ته اهو پاڻي واپرائڻ سان حيدرآباد ۾ ڪيترائي ماڻهو مري ويا. هينئر تائين ذميوار ماڻهن تي ڪورٽ ۾ ڪيس پيو هلي. جيڪي انهي جي لنگهه واري رستي تي اعتراض ٿا ڪن، اهو متبادل رستو ٻڌائين. آر بي او ڊي جو منصوبو بلڪل صحيح آهي. ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته جن ماڻهن جون زمينون گهر يا ٻيون ملڪيتون انهي ءَجي رستي ۾ اچن ٿيون، حڪومت انهن کي مناسب معاوضو ڏي ۽ عالمي بينڪ جي ٻيهر آبادڪاري واري پلان (Resettlement Action Plan) جي اصولن مطابق انهن کي ٻيون سڀ سهولتون به مهيا ڪري ڏي.
     
  14. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ادريس راجپوت جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    بغليار ۽ ڪالاباغ ڊيم جي ڀيٽ



    اربع 14 فيبروري 2007ع

    عالمي بينڪ جي مقرر ڪيل غير جانبدار ماهر جناب ريمنڊ لِفٽي سومر 12فيبروري 2007ع تي پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ چناب درياهه تي ٺهندڙ بغليار ڊيم بابت اُٿاريل پاڪستان جي اعتراضن تي پنهنجو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي. جناب ريمنڊ جو تعلق يورپ جي ملڪ سوئٽزرلينڊ سان آهي ۽ هو صاحب اُتي هڪ پروفيسر آهي. پاڪستان جو پهريون اعتراض اهو هيو ته ڊيم جو فري بورڊ گهرج کان مٿي رکيو ويو هو، جنهن ڪري هندستان کي مصنوعي طور پاڻي جي ليول وڌائڻ جي صلاحيت حاصل ٿي ويندي، تنهن ڪري انهيءَ جي سطح 4.5 ميٽرن (15 فوٽ) مان گهٽائي 3 ميٽر (10 فوٽ) ڪئي وڃي. اهڙي ڳالهه اڻ ڌرئي ماهر مڃي. ٻيو اعتراض پاڻي کڻڻ جي سطح بابت هو، جنهن کي انگريزي ۾ Dead Storage Level چئبو آهي. پاڪستان چيو هو ته، اها سطح مٿي رکي وڃي يعني 818 ميٽرن ( 2683 فوٽ) بدران 821 ميٽر (2693 فوٽ) يعني 10 فوٽ مٿي رکي وڃي. اهڙي ڳالهه به مڃي وئي. ٽيون اعتراض ڍنڍ ۾ ذخيرو ڪرڻ بابت هو. هنن مطابق ڍنڍ جي ذخيري ڪرڻ جي صلاحيت، جيڪا 37.722 ملين ڪيوبڪ ميٽر (30310 ايڪڙ فوٽ) هئي، سا تمام گهڻي هئي. اها گهٽائي 32.56 ملين ڪيوبڪ ميٽر (26.162 فوٽ) ڪئي وڃي. اها ڳالهه به هن مڃي. چوٿون اعتراض اُٿل واهه (spillway) ۾ گيٽ هڻڻ بابت هو. پاڪستان ان بابت چيو هو ته اُٿل واهه ۾ گيٽ نه لڳڻ کپن، پر ماهر اها ڳالهه نه مڃي ۽ چيائين ته دُنيا ۾ هر هنڌ اُٿل واهن کي گيٽ لڳل آهن. تنهن ڪري هتي به گيٽ لڳڻ کپن. مطلب ته پاڪستان جون چئن مان ٽي ڳالهيون مڃيون ويون ۽ هندستان جي هڪڙي. ٻنهي ملڪن انهيءَ فيصلي کي پنهنجي پنهنجي ڪاميابي قرار ڏنو آهي. مطلب اهو ته هندستان کي بغليار ڊيم ٺاهڻ جي اجازت ملي پر ڊيم ٺاهڻ ۾ مٿين ڳالهين تي عمل ڪرڻ جي شرط سان يعني هندستان جيڪڏهن مٿيون ٽي ڳالهيون ڪري ته عالمي بينڪ جي ماهر مطابق هو ڊيم ٺاهي سگهي ٿو.

    ڪن ماڻهن انهيءَ ڊيم ٺاهڻ جي اجازت کي پاڪستان ۾ ٺهندڙ ڊيمن خاص طرح ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. يعني جيئن ڪجهه شرطن سان هندستان کي بغليار ڊيم ٺاهڻ جي اجازت ملي آهي، تيئن ڪجهه شرطن سان ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جي به اجازت ملي سگهي ٿي. انهيءَ ڳالهه تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ کان اڳ اچو ته سنڌ طاس معاهدي جو ڪجهه ذڪر ڪريون، جنهن مطابق معاون درياهن کي بجلي پيدا ڪرڻ وارا ڊيم ٺاهڻ جي اجازت مليل آهي.

    سنڌ طاس معاهدو:

    1948ع ۾ هندستان اڀرندي ٽن درياهن جو پاڪستان ۾ ايندڙ پاڻي بند ڪري ڇڏيو هو. تنهن کان پوءِ عالمي بينڪ جي سهڪار سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ درياهن بابت هڪ معاهدو ٿيو، جنهن کي 0 6 9 1 ع وارو سنڌ طاس معاهدو چئجي ٿو. انهيءَ معاهدي مطابق ٽي اڀرندا درياهه يعني ستلج، بياس ۽ راوي مڪمل طور هندستان کي ڏنا ويا ۽ ٽي الهندا درياهه يعني چناب، جهلم ۽ سنڌو پاڪستان کي ڏنا ويا، پر مڪمل طور تي نه، پر انهن درياهن تي هندستان کي ڪجهه حق ڏنا ويا، جيڪي پيئڻ جي پاڻي، نه کپائيندڙ استعمال يعني (Non-consumption use) زراعت لاءِ پاڻي ۽ پن بجلي پيدا ڪرڻ وارا حق هئا. مٿين معاهدي ۾ درياهن جو پاڻي ورهائڻ بدران درياهه وراهايا ويا ته جيئن پوءِ اٿندڙ مامرا گهٽ کان گهٽ ٿي سگهن. جن درياهن تي هڪڙي ملڪ جو حق مڃيو ويو، اُتي ڪو مامرو ڪونهي، پر جتي ٻنهي ملڪن کي حق ڏنا ويا، اُتي مامرا اُٿيا آهن ۽ اهي الهندي درياهن تي پن بجلي پيدا ڪرڻ واري هندستان جي حق جي ڪري پيدا ٿيا آهن. معاهدي ۾ پن بجلي گهر ٺاهڻ لاءِ هيٺان شرط رکيا ويا آهن.

    بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ وهندڙ پاڻي تي هلندڙ بجلي گهر يعني (run-of-river) منصوبا ٺاهيا وڃن، جيڪي هيٺين معيارن مطابق هئڻ کپن.

    (1) انهن بجلي گهرن ۾ پاڻي جي سطح هٿرادو نموني نه وڌائڻ کپي ۽ ڊيزائين ۾ ڏنل سطح مطابق هئڻ کپي.

    (2) استعمال جوڳي پاڻي جي ليول (Dead Storage Level) کان هيٺ لٽ ڪڍڻ يا ٻئي ڪنهن فني سبب کان سواءِ ڪو ماڊول (Outlet) نه هجڻ کپي. اهو ماڊول به گهٽ ۾ گهٽ سائز جو ۽ مٿي کان مٿين سطح تي هجڻ کپي ۽ هلائڻ جي لحاظ کان اقتصادي طور مناسب هجڻ کپي.

    (3) جيڪڏهن دروازن وارو اُٿل واهه (Spillway) ٺاهڻ ضروري هجي ته دروازن جي هيٺين سطح مٿي کان مٿي رکڻ کپي.

    (4) بجلي گهرن ڏي پاڻي کڻي ويندڙ سرنگ جي سطح مٿي کان مٿي رکڻ کپي ته جيئن هو ”رن آف رور“ واري اصول تي ڪم ڪن ۽ ٺاهڻ ۽ هلائڻ ۽ اقتصادي طور مناسب هجن.

    پاڪستان سرڪار جي اطمينان لاءِ ته پن بجلي گهر مٿين معيارن مطابق ٺاهيو ويندو. هندستان اڏاوت شروع ڪرڻ کان 6 مهينا اڳ انهيءَ جي ڊزائين پاڪستان کي ڏيندو، جيڪو ٽن مهينن اندر پنهنجا اعتراض موڪليندو. جيڪڏهن پاڪستان ٽن مهينن اندر پنهنجا اعتراض نٿو موڪلي ته ايئن سمجهيو ويندو ته انهيءَ کي ڪو به اعتراض ڪونهي. جيڪڏهن ٻئي ڌريون ڪنهن ڳالهه جو فيصلو پاڻ نه ڪري سگهن ته پوءِ يا ته اهو معاملو غير جانبدار ڄاڻو ماڻهو (Neutral expert) کي ڏنو ويندو، يا ڪنهن فيصلي ڪرائيندڙ (Negotiator) جون خدمتون ورتيون وينديون يا فيصلي ڪرائڻ واري عدالت (arbitration court) کي موڪليو ويندو. معاهدي ٿيڻ کان پوءِ چار وڏا مامرا اُٿيا آهن. اهي آهن وولر بيراج، ڪشن گنگا، ڊل هستي ۽ بغليار وارا مامرا.

    بغليار ڊيم وارو مامرو:

    هي ڊيم چناب درياهه تي سلال ڊيم کان 80 ڪلوميٽر مٿي ٺاهيو پيو وڃي. هن بابت پاڪستان کي 1992ع ۾ ٻڌايو ويو هو ته هن ۾ 321000 ايڪڙ فوٽ پاڻي گڏ ڪري سگهجي ٿو ۽ 295000 ايڪڙ فوٽ پاڻي ڊيڊ اسٽوريج ليول تائين روڪبو. مٿين صلاحيت سبب هندستان 6 2 ڏينهن تائين درياهه جو پاڻي بند ڪري سگهندو، جنهن ڪري پاڪستان جي مرالا بيراج مان نڪرندڙ واهن تي اثر پوندو. مٿئين بندوبست سان دفاعي طرح (Defence Poin view) هندستان هڪ دفاعي روڪ (Barrler) ٺاهي سگهي ٿو، جنهن جي ذريعي هو هيٺين سطح جي سلوسن جي مدد سان 30 ڏينهن تائين پاڻي روڪي سگهي ٿو. مٿين ڳالهين کي نظر ۾ رکي معاهدي مطابق پاڪستان عالمي بينڪ کي غير جانبدار ماهر رکڻ جو چيو، جيڪو سال 2005ع ۾ مقرر ٿيو ۽ هن پنهنجو فيصلو ڏنو آهي.

    فيصلي جو تجزيو:

    پاڪستان جا چار اُٿاريل اعتراض سنڌ طاس معاهدي جي عين مطابق هئا ۽ چئني جو فيصلو پاڪستان جي حق ۾ ٿيڻ کپندو هو. پر ٽن اعتراضن جو فيصلو پاڪستان جي حق ۾ ٿيو ۽ چوٿين جو هندستان جي حق ۾ ٿيو. جيڪڏهن فيصلو سنڌ طاس معاهدن جي شقن مطابق ٿئي ها ته اهو به پاڪستان جي حق ۾ ٿئي ها، پر ماهر ٻين ملڪن ۾ ٺهندڙ بجلي گهرن جو مثال سامهون رکي، اهو فيصلو هندستان جي حق ۾ ڏنو. اها ڳالهه نظر ۾ رکڻ کپندي هئي ته ٻين ملڪن ۾ جتي اهي بجلي گهر ٺهن ٿا، اُتي به سدائين تڪرار ۾ آيل ملڪ ڪونهن، تنهن ڪري اسپل وي ۾ هيٺ گيٽ وجهڻ ڪري ڪنهن ٻئي ملڪ تي اثر نٿو پوي، پر هندستان جي ڊيم ۾ اها گنجائش رکڻ سان پاڪستان تي اثر پوندو. منهنجي خيال ۾ فيصلو پاڪستان جي حق ۾ ئي آهي ۽ انهيءَ لاءِ مان انڊس واٽر ڪمشنر سيد جماعت علي شاهه کي جس ڏيندس، جنهن انهيءَ معاملي تي ڏاڍي محنت ڪئي. مان ذاتي طرح شاهه صاحب کي سڃاڻان ٿو، جو مان به انهيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ انڊس واٽر ڪميشن جي هڪ گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿي دهلي ويو هوس. هو هڪ ايماندار، نيڪ، محنتي ۽ ڄاڻو ماڻهو آهي.

    فيصلي تي عمل:

    سنڌ طاس معاهدي جي ضميمي (Annexure) F مطابق غير جانبدار ماهر جو فيصلو فائنل آهي ۽ ڌريون انهيءَ تي عمل ڪرڻ جون پابند آهن. مان انهيءَ جي شق 11 جو انگريزي متن هيٺ ڏيان ٿو.

    ii.The decision of Neutral Expert on all matters within his competance shall be final and binding, in respect of the particular matter on which decission is made upon parties and upon any court of Arbitiration established under the provisions of Article ix(5)

    غير جانبدار ماهر عالمي بينڪ طرفان مقرر ڪيو ويو هو، تنهن ڪري انهيءَ فيصلي تي عمل ڪرائڻ جي ذميواري عالمي بينڪ جي آهي.

    بغليار ڊيم ٺاهڻ جي فيصلي جو ڪالاباغ ڊيم تي اثر:

    بغليار ڊيم ٺاهڻ جي فيصلي جو ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ سان ڪو تعلق يا واسطو ڪونهي. بغليار ڊيم جو واسطو ٻن ملڪن سان آهي، جن وچ ۾ هڪ معاهدو ٿيل آهي، جنهن جي خاطري ڏيندڙ عالمي بينڪ آهي. اهو ڊيم رڳو بجلي پيدا ڪندو، يعني رن آف رور منصوبو آهي، جنهن ۾ پاڻي ذخيرو نٿو ڪري سگهجي. انهيءَ تي اُٿندڙ مامرن کي منهن ڏيڻ جو بندوبست (Mechanism) ٻڌايل آهي. ڪالاباغ ڊيم ٻن ملڪن بدران رڳو هڪ ملڪ پاڪستان جو معاملو آهي. انهيءَ جي ٺاهڻ جو ڪو معاهدو ڪونهي. پاڻي ٺاهه ۾ هڪ عام شق آهي ته جتي به feasible هجي، ڊيم ٺاهڻ کپن. جيڪڏهن ڊيم ڀرڻ لاءِ پاڻيءَ جي موجودگيءَ تي اختلاف هجن ته اهو ڪيئن feasible ٿيو؟ جڏهن ته صوبن جو عوام اسيمبلين ذريعي انهيءَ رٿا خلاف ٺهراءَ به پاس ڪري ويٺا آهن. انهيءَ معاملي کي عام مفادن واري ڪائونسل ۾ اُٿاري سگهجي ٿو، جيڪا ڏيکارڻ لاءِ جڙيل آهي، پر ڪم نٿي ڪري. انهيءَ مان واهه ڪڍي نيون آباديون ڪرڻ جو پروگرام آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ ٺهيل بيراجن ۽ انهن مان نڪرندڙ واهن تي رکيل ايراضيءَ لاءِ به هينئر پاڻي ڪونهي، انهيءَ کي مشروط نموني ٺاهڻ به ممڪن نه آهي جو شرطون تڏهن قبول ڪبيون آهن، جڏهن ڪجهه ڏي وٺ ٿي سگهي. جڏهن رڳو ڏيڻ ئي هجي ته ڪير شرطون قبول ڪندو.

    ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو بغليار ڊيم ٺاهڻ واري فيصلي سان ڪو واسطو ناهي ۽ منهنجي خيال ۾ سنڌ وارا انهيءَ جي ٺاهڻ تي ڪڏهن به راضي نه ٿيندا.
     
  15. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ادريس راجپوت جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ماڻهن جي خوشحاليءَ جو خاتمو آڻيندڙ رٿائون!



    اڱارو 27 فيبروري 2007ع

    منڇر هڪ قدرتي ڍنڍ آهي، جيڪا کير ٿر جبلن تي پوندڙ برسات جو پاڻي گڏ ڪندي هئي ۽ جڏهن انهيءَ جي ليول وڌي ويندي هئي ته پاڻي اُٿلي درياهه ۾ پوندو هو. انهيءَ ۾ پاڻي گڏ ڪرڻ جي گنجائش تمام ٿوري هئي. انگريزن جڏهن سکر بيراج جو منصوبو پئي ٺاهيو ته هنن انهيءَ قدرتي ڍنڍ کي به ترقي وٺرائڻ جو سوچيو. انهيءَ هنڌ تي جتي پاڻي اٿلي پوندو هو، هڪ بند اٽڪل ويهن ميلن ۾ ٺاهيو ويو، جنهن کي منڇر بند يا انگريزي ۾ (Manchar Containing Bund) چئجي ٿو. منڇر جي وڌايل گنجائش کي پوري ڪرڻ لاءِ به ريگيوليٽر ٺاهيا ويا ته جيئن ٻوڏ واري وقت ۾ درياهه مان پاڻي کڻي سگهجي. اهي هئا ارل منڇر ۽ ارل-لڪي ريگيوليٽر. ارل لڪي ريگيوليٽر ڇنڊڻ جو ڪم به ڏئي ٿو. يعني اهو ڍنڍ ڀرڻ کان علاوه ڍنڍ خالي ڪرڻ جو ڪم ڏئي ٿو. ايئن ڪرڻ سان منڇر ايشيا جي وڏي ۾ وڏي مٺي پاڻي جي ڍنڍ ٿي وئي. منڇر جي پاڻي تي آباديون ٿيڻ لڳيون ۽ مکڻ لسي جام ٿي ويا. ڍنڍ مان مڇي مرڻ لڳي ۽ ماڻهن لاءِ روزگار جو ذريعو ۽ کائڻ لاءِ ججهي خوراڪ ملڻ لڳي. سياري ۾ سائيبريا کان ايندڙ پکي آڙيون، نيرڳ اتي پنهنجو ديرو ڄمائڻ لڳا ۽ ماڻهن لاءِ کاڌي خوراڪ ۽ ناڻي ڪمائڻ جو ذريعو بڻيا. مطلب ته منڇر وارا ڏاڍا سُکيا ۽خوشحال هئا.

    پر هر قت هميشه هڪ جهڙو نٿو رهي. وڌندڙ آبادي جي ضرورتن کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌو درياهه تي مٿين ڀر نوان بيراج، واهه ۽ ڊيم ٺهندا ويا. انهن ڪري سنڌو درياهه جا وهڪرا گهٽبا ويا ۽ نتيجي ۾ منڇر ڍنڍ کي ڀرڻ جو هڪ ذريعو ذري گهٽ ختم ٿي ويو. وري موسمن ۾ تبديلي سبب مينهن پوڻ يا ته گهٽجي ويا، يا وري انهن جي پوڻ ۾ تمام گهڻي وٿي پئجي پئي وئي، جنهن ڪري جبلن تان لهندڙ پاڻي جو اچڻ به گهٽجي ويو. پر انهيءَ هوندي به منڇر ۾ گهڻي ڀاڱي پاڻي هوندو هو ۽ ماڻهن جو گذر سفر سٺو هوندو هو. پر پڇاڙي ۾ ٻيڙو ٻوڙيو واپڊا وارين پاڻي نيڪالي وارين اسڪيمن، يعني شڪارپور، لاڙڪاڻو ۽ دادو وارين اسڪيمن، جن جو لوڻياٺ وارو پاڻي مين نارا ويلي ڊرين ۾ وڌو ويو، جنهن جو ڇوڙ منڇر ڍنڍ ۾ هو. ياد رهي ته مين نارا ويلي ڊرين سکر واري منصوبي هيٺ ٺاهي وئي هئي ۽ اها حمل ڍنڍ جو مٺو پاڻي منڇر ۾ وجهندي هئي. چيو ويو ته انهن اسڪيمن جي لوڻياٺي پاڻيءَ جي ڇوڙ سبب منڇر جو پاڻي خراب نه ٿيندو ۽ انهيءَ جي لوٺياڻي سطح 700 پارٽ پر ملين کان مٿي نه ٿيندي. ياد رهي ته پيئڻ جي پاڻي لاءِ اها سطح 1000 ۽ زراعت لاءِ اها 1500 آهي. پر انهن اسڪيمن جي پاڻي سبب منڇر جي لوٺياڻي سطح 3500 ٿي وئي آهي. انهيءَ گدلاڻ جي ڪري ايڪشن ايڊ جي هڪ سروي مطابق هيٺان اثر ٿيا آهن.

    (1) سال 1950ع ۾ ساليانو 3000 ٽن مڇي مرندي هئي، جيڪا سال 2001ع ۾ 100 ٽن وڃي بچي.

    (2) مٺي پاڻي تي پيدا ٿيندڙ پٻڻ، لوڙهه، ٻوراڻي ۽ بيهه ختم ٿي ويا، جنهن ڪري ماڻهن جي روزگار جو ذريعو ختم ٿي ويو.

    (3) سال 2001ع ۾ ڍنڍ جو زهريلو پاڻي واپرائڻ سبب سئو ماڻهو مري ويا.

    (4) سائبيريا کان ايندڙ پکي آڙيون، نيرڳ وغيره اچڻ بند ٿي ويا.

    “5 ) ڍنڍ جي مڇي تي گذر ڪرڻ وارن هڪ لک مهاڻن مان اٽڪل چاليهه هزار ٻين هنڌن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري ويا، جن مان ڪجهه ته منگلا ۽ تربيلا تائين پهتا آهن.

    (6) منڇر واري علائقي ۾ غربت جي شرح وڌي وئي آهي.

    (7) علائقي جي پکي پکڻ، جيت جڻين تي ماحولياتي اثر پيو آهي ۽ ڪيترن نسلن جي ناپيد ٿيڻ جو خطرو آهي.

    مٿيان نقصان انهيءَ ڪري ٿيا آهن، جو پاڻي نيڪالي وارين اسڪيمن جو زهريلو پاڻي سنڌ جي اعتراضن کي نظر انداز ڪري منڇر ۾ وڌو ويو. ترقي وٺرائيندڙ ادارن جي لابي ايتري مضبوط آهي، جو جيڪڏهن ڪنهن منصوبي جا ماڻهن تي خراب اثر پون ٿا ته پهرين ان جو ازالو ڪرڻ کپي ۽ پوءِ انهيءَ منصوبي کي ٺيڪ ڪرڻ کپي، يا نئون منصوبو ٺاهڻ گهرجي. پر ايئن نٿو ٿئي. منڇر جي بدحال ماڻهن کي ڪو معاوضو ڏيڻ بدران ٻيو منصوبو آندو ويو، جنهن جو ڇوڙ منڇر کان ڦيرائي سنڌو ۾ تجويز ڪيو ويو. يعني منڇر وارن کي برباد ڪري هاڻي حيدرآباد شهر ۽ ڪوٽڙي بيراج جي ڪمانڊ وارن کي اهو زهريلو پاڻي درياهه ۾ وجهي برباد ڪرڻو هو. وڏي ڪوشش سان اهو پاڻي درياهه ۾ ڇوڙ ڪرائڻ بدران گهاري وٽ گهاري ڪريڪ ۾ وجهڻ جو منصوبو تيار ڪرايو ويو. انهيءَ منصوبي جو نالو ”آر بي او ڊي جو سيوهڻ کان سمنڊ تائين وڌاءُ“ يا مختصر طرح آر بي او ڊي ٽو (RBOD-ii) رکيو ويو. ياد رهي ته پهريون منصوبو جنهن جو پاڻي منڇر کان هٽائي درياهه ۾ وجهڻو هو، تنهن جو نالو RBOD-i ۽ جيڪو هينئر سنڌ ۽ بلوچستان جو پاڻي آڻي ميرو خان زيرو پوائنٽ تي وجهندو RBOD-iii آهي. يعني RBOD جي نالي سان ئي منصوبا هلن پيا.

    RBOD-ii جو منصوبو سال 02-2001ع ۾ 14 ارب رپين جي قيمت سان شروع ڪيو ويو، جيڪو چئن سالن ۾ پورو ڪرڻو هو. اهو ڪم سنڌ جي ايريگيشن کاتي کي فوج جي مدد سان ٺاهڻو هو. فوج جو ڪم سپورٽ (Support) ۽ مانيٽرنگ (Monitoring) هو. يعني جتي به ڪا ڏکيائي آڏو اچي ته فوج وارا مدد لاءِ ايندا ۽ جانچ توڙي نظر رکندا ته ڪم ڪار ٺيڪ هلي ٿو يا نه.

    (5) منصوبي تي عمل جي رفتار:

    ڪنهن به منصوبي کي رٿيل قيمت ۾ ٺاهڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته ان کي رٿيل وقت ۾ پورو ڪجي، جنهن لاءِ هر سال گهربل پئسا ملڻ کپن. ٻي ڳالهه اها ته ان جي Scope ۾ ڦير گهير نه ٿيڻ کپي. ”پي سي ون“ مطابق منصوبي کي پوري ڪرڻ لاءِ چئن سالن مان پهرئين سال 2 ارب رپيا ۽ باقي ٽن سالن ۾ هر سال 4 ارب رپيا گهربل هئا. پر پهرئين سال مليا 40 ڪروڙ، ٻئي سال مليا 50 ڪروڙ، ٽئين سال مليا 70 ڪروڙ، چوٿين سال مليا هڪ ارب پنجاهه لک يعني ڪل مليا اٽڪل 2 ارب 5 6 ڪروڙ، جيڪي ٿيا ڪل اسڪيم جو 19 سيڪڙو. نتيجي ۾ اسڪيم چئن سالن ۾ پوري نه ٿي سگهي. هن سال هي ڇهين سال ۾ هلي پئي ۽ ڊسمبر 2006ع تائين خرچ اٽڪل 6 ارب رپيا ٿيو آهي، يعني 43 سيڪڙو. انهيءَ وچ ۾ ان جو اسڪوپ به مٽايو ويو. 14 ارب رپين واري اسڪيم سنڌ جي 12 لک 80 هزار ايراضي جي پاڻي نيڪال لاءِ هئي، جنهن لاءِ اسڪيم 2271 ڪيوسڪ لاءِ ئي ٺاهڻي هئي. انهيءَ وقت جي بلوچستان سان تعلق رکندڙ وزير اعظم ظفر الله جمالي جي هدايتن تي انهيءَ ۾ 19 لک ايراضي وڌيڪ شامل ڪئي وئي، جنهن ۾ هڪ لک 70 ستر هزار بلوچستان جي ايراضي هئي. انهيءَ وڌيڪ ايراضي کي شامل ڪرڻ سان ان جي ڊسچارج وڌي 3525 ڪيوسڪ ٿي وئي، جنهن لاءِ اسڪيم Revise ڪئي وئي ۽ ان جي قيمت وڌي 29 ارب رپيا ٿي وئي آهي ۽ هاڻي اها چئن بدران ستن سالن ۾ پوري ڪرڻي آهي. هينئر ڊسمبر 2006ع تائين ڪل خرچ ٿيو آهي 6 ارب رپيا. اسڪيم کي هلندي پنج سال ٿي ويا آهن. باقي ٻن سالن ۾ 23 ارب رپيا کپن، جيڪي ملڻ ڏکيا آهن. وري جيڪڏهن اهي پئسا ملي به وڃن ته ٻن سالن ۾ ايترو ڪم ڪرڻ ڏکيو آهي ۽ اسڪيم ٻن سالن بدران وڌيڪ وقت کائيندي. وري جيستائين اسڪيم پوري نه ٿيندي آر بي او ڊي جو پاڻي منڇر ۾ پيو پوندو ۽ منڇر جي حالت نه سڌرندي. نتيجي ۾ منڇر تي رهندڙن جي حالت به نه سڌرندي. ذري گهٽ 0 2 سال ٿي ويا آهن، جو آر بي او ڊي جي زهريلي پاڻي وجهڻ سبب مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍ منڇر خراب ٿي وئي آهي. ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته جلد ۾ جلد RBOD-ii جي اسڪيم مڪمل ڪري منڇر ۾ پوندڙ پاڻي گهارو ڪريڪ ذريعي سمنڊ ۾ وڌو وڃي ته جيئن منڇر وارا سک جو ساهه کڻي سگهن.

    منهنجي خيال ۾ اها اسڪيم ٻن سالن بدران تڪڙي پنجن سالن ۾ پوري ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن هيٺين ڳالهين تي ڌيان ڏجي ته:

    (1) وفاقي سرڪار کي گهرجي ته هر سال اٽڪل 4 ارب رپيا ان لاءِ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي ۽ اهي پئسا وقت تي ڏي.

    (2) ڪن هنڌن تي انهيءَ جي لنگهه لاءِ زمين حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون آهن. فوج جي مدد جو مطلب ئي اهو هو ته جتي به ڪا ڏکيائي اچي هو پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري انهن مشڪلاتن کي حل ڪري. انهيءَ مان منهنجو هرگز اهو مطلب ناهي ته ڊرين لاءِ جيڪو رستو نه ڏي تنهن سان زوري ڪجي، پر زمين وٺڻ لاءِ ماڻهن کي مناسب معاوضو ڏيڻ کان علاوه اهو بندوبست به ڪجي ته جيئن لڏايل ماڻهن جي حالت مسقبل ۾ خراب نه ٿئي ۽ انهن کي روزگار جا متبادل ۽ مناسب ذريعا ٻڌائي ۽ هٿ ڪرڻ ۾ مدد ڪجي.

    (3) ڊرين کي ڪجهه تمام ڏکين هنڌن تي موجوده نظام کي ڪراس ڪرڻو آهي، جيئن سپر هاءِ وي بائي پاس، حيدرآباد ۽ ڪراچي مين ريلوي لائين، ڪلري بگهار فيڊر، نئين باران سپر پيسيج، مير رسول بخش واهه ۽ ڪينجهر ڪينال. وري گهاري وٽ آئوٽ فال ريگيوليٽر ٺاهڻو آهي. اهي تمام وڏا پاڻي جا ڪم يعني Hydranlic Structures آهن. اهي ناممڪن ناهن، پرانهن کي ٺاهڻ ۾ تمام گهڻو وقت کپي. انهن کي هنگامي بنيادن تي پلاننگ، ڊزائين ۽ عمل ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي.

    (4) پهرين درياهه جي رڳو ٽن هنڌن تي ٻوڏ کان بچاءَ جا هنڌ هئا. پر ڊرين جي رستي ۾ ڦير گهير ڪري هاڻي يارهن هنڌن تي Flood Protection Works ٺاهڻا آهن. انهن ڪمن کي به تڪڙي اڪلائڻ جي ضرورت آهي.

    واپڊا وارن جي غلط اسڪيم سبب منڇر ۽ منڇر وارا برباد ٿي ويا ۽ ويهن سالن کان انهيءَ جي سڌاري لاءِ واجهائين پيا. اسان جي ڪوشش سان انهيءَ معاملي کي سڌارڻ جي ذميواري سنڌ آبپاشي کاتي کي ملي آهي، جنهن جي مدد لاءِ فوج به انهن سان شامل آهي. هاڻي ڏسڻو آهي ته هو ڪيتري همٿ ٿا ڪن. جيڪڏهن هو سچائيءَ سان هنگامي بنيادن تي ڪم ڪن ته پنجن سالن ۾ منڇر کي پراڻي اوج تي پهچائي منڇر وارن کي وري سُکيو ۽ خوشحال ڪري سگهن ٿا. الله سائين ڪري ايئن ٿئي.
    idrisrajput@hotmail.com
     
  16. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ادريس راجپوت جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ لاءِ عالمي بينڪ جي نئين چرپر



    جمع 9 مارچ 2007ع

    واشنگٽن مان منهنجي هڪ همدرد ۽ سنڌ دوست جي اي ميل آئي آهي، جنهن جو انگريزي متن هيٺ ڏجي ٿو:

    Subject:Kalabagh being repackagedIt has come to my attention that Kalabagh is being repackaged.The idea will be that sindh will be given part onwership of Kalabagh-say 40%. As an owner, Sindh will supposedly have share in royalty and operations of Kalabagh. In practice how will sindh exercise its operation control over a long period of time, is not clear. I understand that certain people and agencies are very excited about this approach and are pushing it. A donor delegation scheduled to visit Pakistan in early March will push for this solution.

    I also understand that certain objections to Basha dam by india, may also be used as an argument for supporting repackaged kalabagh. What should be done? your input and help towards development of Sindh is always welcome.

    (منهنجي ڌيان ۾ اها ڳالهه آئي آهي ته ڪالاباغ ڊيم جو نئون پيڪيج ٺاهيو پيو وڃي. انهيءَ مطابق سنڌ کي ڪالاباغ ڊيم جي جُزوي مالڪي ڏني ويندي. سمجهو ته 0 4 سيڪڙو. مالڪ هئڻ جي حيثيت ۾ سمجهيو وڃي ٿو ته سنڌ انهيءَ جي رائلٽي ۽ هلائڻ ۾ ڀائيوار هوندي. عملي طور اها ڳالهه واضح نه آهي ته سنڌ گهڻي وقت تائين اهو ڪنٽرول پاڻ وٽ رکندي. مان سمجهان ٿو ته ڪجهه ماڻهو ۽ ادارا انهيءَ پيڪيج ٺاهڻ بابت تمام جذباتي آهن ۽ انهيءَ کي اڳتي پيا وڌائن. پئسا ڏيندڙن جو هڪ وفد مارچ جي شروع ۾ پاڪستان ايندو ته جيئن انهيءَ معاملي کي اڳتي وڌائي. مان اهو پڻ سمجهان ٿو ته هندستان پاران ڀاشا ڊيم تي ڪجهه اعتراضن کي دليل بڻائي ڪالاباغ ڊيم کي نئين پيڪيج مطابق ٺاهڻ واري ڳالهه کي هٿي وٺائي ويندي. پوءِ ڇا ڪرڻ کپي؟ سنڌ جي ترقي لاءِ اوهان جي مدد ۽ سهڪار جو هميشه وانگر آڌر ڀاءُ ڪندس.)

    مون کي پنهنجي همدرد ۽ سنڌ دوست جي ڳڻتي جو احساس آهي. مان چاهيندس ته ان جي ڳڻتي لاهيان ۽ سنڌ وارن کي به آگاهه ڪريان ته ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ لاءِ پردي پٺيان ڇا پيو ٿئي ۽ اسان کي پنهنجي جياپي لاءِ ڪيئن هوشيار رهڻ گهرجي. اچو ته پهريون اهو ڏسون ته اسان جا اعتراض ڇا آهن ۽ ڇا اهي اعتراض عالمي بينڪ جي ڏنل پيڪيج ڪري دور ٿي سگهندا.

    سنڌ جا ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ تي اعتراض:

    (1) درياهه جا وهڪرا ڦرندڙ گهرندڙ ۽ سال به سال گهٽجندڙ آهن. ماضيءَ جو ريڪارڊ به ٻڌائي ٿو ته هر سال ڊيم ڀرڻ لاءِ واڌو پاڻي ڪونهي.

    (2) جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم، جنهن جي قيمت اٽڪل 5 1 ارب ڊالر هوندي، سو ٺاهيو ويو ته انهيءَ کي هر سال ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. جن سالن ۾ پاڻي گهٽ هوندو ۽ ڊيم ڀرڻ لاءِ واڌو پاڻي نه هوندو ته به ڊيم ڀريو ويندو. انهيءَ ڪري خريف جي مند ۾ سنڌ جي آبپاشيءَ جون ضرورتون پوريون نه ٿينديون ۽ سنڌ جي زراعت تي اثر پوندو.

    (3) ڊيم جي پاڻي گڏ ڪرڻ جي گنجائش 6.1 ملين ايڪڙ فوٽ رکي وئي آهي، پر ان مٿان چار چار ملين ايڪڙ فوٽ جا واهه ڪڍڻ جو پروگرام آهي. انهن واهن ۾ پاڻي کڻڻ سبب سنڌ جو پاڻي گهٽبو.

    (4) ڊيم ۾ 6.1 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي گڏ ڪرڻ سان سنڌ ۾ ايندڙ وهڪرا گهٽبا، جنهن ڪري هيٺان اثر پوندا.

    (i) درياهه جي ڪچي ۾ اُٿل کي آباد ٿيندڙ ايراضي، جيڪا اڳ ئي گهٽجي وئي آهي، سا وڌيڪ گهٽبي.

    (ii) انڊس ڊيلٽا ۾ تمر جا ٻيلا سُڪي ويندا.

    (iii) مڇيون، جهينگا ۽ گهانگهٽ گهٽجي ويندا. پلو جيڪو هينئر ئي صفا گهٽجي ويو آهي، سو ناپيد ٿي ويندو.

    (iv) انڊس ڊيلٽا ۾ چوپايو مال صفا ختم ٿي ويندو.

    (v) جيت، پکي پکڻ ۽ ٻين آبي جانورن جو نسل ناپيد ٿيڻ جو خطرو آهي.

    (vi) ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي ملڻ ڏکيو ٿي ويندو.

    (vii) درياهه ۾ اُٿل تي آباد ٿيندڙ ٻيلا ختم ٿي ويندا.

    (viii) سمنڊ چڙهي ايندو، جنهن ڪري آباد ٿيندڙ ايراضيون ختم ٿي وينديون.

    (ix) درياهه جو پيٽ سوڙهو ٿي ويندو، جنهن ڪري ٻوڏ وارن سالن ۾ پاڻي اُٿلڻ ڪري کنڊ پوندا.

    (x)درياهه جي پاڻي تي هلندڙ ڪچي جا ٽيوب ويل کارا ٿي ويندا.

    (xi) ماڻهن جي روزگار جا ذريعا ختم ٿيڻ ڪري غربت وڌندي ۽ ڏوهه وڌندا.

    مٿين اي ميل مان ٻه ڳالهيون سامهون اچن ٿيون. هڪ رائلٽي ۽ ٻي ڪالاباغ ڊيم کي هلائڻ جو ڪنٽرول. آئين مطابق رائلٽي انهيءَ صوبي کي ملندي، جتي بجلي گهر ٺاهيو ويندو. ڪالاباغ ڊيم جو بجلي گهر پنجاب صوبي ۾ ٺهندو، تنهن ڪري ته آئين مطابق رائلٽي پنجاب جو حق آهي. جيڪڏهن رائلٽيءَ جو 0 4 سيڪڙو سنڌ کي ڏنو ويندو ته آئين ۾ ترميم ڪرڻي پوندي، پر انهيءَ تي ٻيا صوبا اعتراض ڪندا. وري سوال ٿو اڀري ته ڇا سنڌ رائلٽي وٺڻ کان پوءِ ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ تي راضي ٿي ويندي؟ منهنجي خيال ۾ اهو ايئن آهي، جيئن ڪو ماڻهو مون کي چوي ته، ”مان توکي مارڻ ٿوچاهيان ٻڌاءِ گهڻا پئسا کپن؟“ سنڌو جو پاڻي سنڌ لاءِ جيئڻ ۽ مرڻ جو مسئلو آهي. مان سمجهان ٿو ته سنڌ وارا رائلٽي وٺي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ تي ڪڏهن به راضي نه ٿيندا. هاڻي اچو ڊيم هلائڻ جو ڪنٽرول سنڌ کي ڏيڻ واري ڳالهه تي.

    پهريون ته اهو ٻڌايان ته ڊيم مان واهه نڪرندا يا نه. جيڪڏهن واهه نڪرندا ته سنڌ کي هلائڻ جو ڪنٽرول ڏيڻ سان ڇا ٿيندو. واهه نڪرندا ته پاڻي به کڻندا. پاڻي کڻندا، معنيٰ ڊيم ڀريو ويندو ۽ انهن سالن ۾ به ڀريو ويندو، جن ۾ درياهه ۾ وهڪرا گهٽ هوندا. يعني ڊيم ڀرڻ وقت سنڌ جو پاڻي خريف ۾ گهٽ ٿيندو. جيڪڏهن ڊيم نه ڀريندا ته بجلي به پيدا نه ٿيندي. جيڪڏهن ايئن ٿئي ٿو ته پوءِ بجليءَ تي ٺهندڙ ڪارخانا ڇا تي هلندا؟ وري ڪنٽرول ڏيڻ تي ڪهڙو اعتبار، ڊيم ٺاهڻ لاءِ ڪنٽرول ڏيڻ تي راضپي کان پوءِ جيڪڏهن ڊيم ٺهڻ کان پوءِ ڪنٽرول ڏيڻ واري ڳالهه تان ڦري ويندا ته ڇا ڪنداسين. ٿي سگهي ٿو ته عالمي بينڪ انهيءَ جي گارنٽي ڏي، پر عالمي بينڪ به پنهنجن مفادن خاطر ڪم ڪري ٿي ۽ ڏٺو ويو آهي ته هو به گهڻو ڪري طاقتور ڌر جو پاسو کڻي ٿي. انڊس بيسن معاهدو ڪرائڻ ۾ عالمي بينڪ ٽياڪڙيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو هو، پر هو ثالث طور غير جانبدار نه هئا. واپڊا جي هڪ ريٽائرڊ ٿيل ملازم جناب بي اي ملڪ، جيڪو سنڌ طاس منصوبي جي ڳالهين ۾ شامل هو، تنهن پنهنجي ڪتاب Indus Waters Treaty in Retrospect ۾ عالمي بينڪ جي جانبدار ڪردار تي هيٺين ريت روشني وڌي آهي:

    ”7 4 9 1 ع ۾ چين جي ڪميونسٽ ٿيڻ کان پوءِ آمريڪا اها پاليسي ٺاهي ته هندستان سان دوستي وڌائجي ته جيئن چين کي به ڦهلاءَ کان روڪيو وڃي ۽ هندستان کي به چين جي اثر کان بچائجي. انهيءَ زماني ۾ هندستان جو جهيڙو پاڪستان سان درياهن جي پاڻيءَ بابت هيو. انهيءَ ڏس ۾ پهريون مسٽر Lilienthal کي موڪليو ويو، جنهن انڊس نظام کي هڪ يونٽ طور ترقي وٺرائڻ جي سفارش ڪئي. انهيءَ کان پوءِ عالمي بينڪ اچي وئي، جنهن اوڀر وارا ٽي درياهه هندستان کي ڏيڻ جو چيو ۽ دليل اهو ڏنائون ته درياهن جي پاڻيءَ جي ورهاست ۾ جهيڙن کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڻي ورهائڻ بدران درياهه ورهايا وڃن، پر اهو دليل اولهه وارن درياهن تي به لڳڻ کپندو هو ۽ انهن تي پاڪستان جو مڪمل حق هئڻ کپندو هو. پر چيائون ته هندستان کي انهن درياهن تي والاريل ڪشمير ۾ آبپاشي ۽ پن بجلي گهر ٺاهڻ جو حق هيو. پاڪستان اها ڳالهه نه پيو مڃي ته عالمي بينڪ ڳالهيون فيل ٿيڻ جو خوف ڏياري زوري اها ڳالهه معاهدي ۾ شامل ڪرائي. نتيجي ۾ پاڪستان ۽ هندستان جو پاڻيءَ واري معاملي تي تڪرار اڃا پيو هلي. ڪڏهن وولر بيراج جو تڪرار آهي ته ڪڏهن وري بگليار ڊيم جو مامرو پيو هلي. هاڻي جڏهن پس منظر ۾ ڏسجي ٿو ته اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته عالمي بينڪ جهڙي غير سياسي اداري اهڙي سختيءَ سان مهم ڇو هلائي ته پاڪستان الهندي درياهن تي هندستان جي ڊيم ٺاهڻ واري غير منصفانه ڳالهه مڃي؟ انهيءَ مان اها ڳالهه ظاهر هئي ته عالمي بينڪ هر طريقي سان هندستان کي ريجهائڻ پيو چاهي ۽ انهيءَ ۾ ان کي پنهنجي ڪردار مشڪوڪ ٿيڻ جي به پرواهه نه هئي. عالمي بينڪ ڏيتي ليتي، وهنوار ۽ شرافت جون سڀ حدون لنگهي وئي. اها ڳالهه اخلاقي، ادارياتي، اصولي ۽ عملي طرح غلط هئي.“

    مٿين حوالي مان صاف ظاهر آهي ته عالمي بينڪ جي گارنٽي تي اعتبار نٿو ڪري سگهجي، تنهن ڪري هينئر چوڻ سان ته ڪنٽرول پاڪستان کي ڏينداسين، مستقبل ۾ انهيءَ تي عمل ڏکيو ٿيندو. ماضي ۽ حال جو ڪردار مستقبل جي لاڙي جي خبر ڏئي ٿو. لکت ۾ انجام ڪيا وڃن ٿا، پر انهن کي پاڙيو نٿو وڃي. مان ڪجهه مثال ڏيندس.

    (1) 1945ع واري سنڌ-پنجاب معاهدي تي صحيحون ڪيائون، پر مالي معاملن جي نه طئي ٿيڻ جو بهانو ڪري ڦري ويا.

    (2) 1973ع ۾ چشما-جهلم ڪوٽڙي کان هيٺ وڃڻ جي حالت ۾ هلائڻ جو معاهدو ڪيو ويو، پر جڏهن ڪوٽڙيءَ کان هيٺ پاڻي نه ويو، تڏهن به چشما-جهلم لنڪ هلايو ويو.

    (3) 1991ع ۾ پاڻي ٺاهه ٿيو، پر انهيءَ تي صحيح نموني ۾ عمل نٿو ڪيو وڃي، جنهن جون خاص ڳالهيون هي آهن.

    (i) ٺاهه ۾ ڏنل ڏهاڪن مطابق ورهاست نٿي ٿئي.

    (ii) سرحد ۽ بلوچستان صوبن کي کوٽ واري وقت ۾ کوٽ کان آجو ڪيو ٿو وڃي.

    (iii) منگلا ڊيم سنڌ ۾ کوٽ واري وقت ۾ ڀريو ٿو وڃي.

    (iv) سنڌ ۾ کوٽ واري وقت ۾ لنڪ ڪينال هلايا ٿا وڃن.

    (v ) ڪڏهن ڪڏهن ڊيم آبپاشيءَ جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ بجاءِ بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ هلايا وڃن ٿا.

    وري اچو هندستان پاران ڀاشا ڊيم ٺاهڻ تي اعتراض واري ڳالهه تي، ته انهن اعتراضن جي بنياد تي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ تي زور ڏنو ويندو. هندستان جي اعتراضن جي ڪا حيثيت ناهي، نه پاڪستان کي آزاد ڪشمير ۾ ڪنهن ترقياتيءَ عمل کان روڪيو ويو آهي، نه هندستان کي والاريل ڪشمير ۾ ڪنهن ترقياتي عمل کان روڪيو ويو آهي، بلڪه هندستان کي ته اسان کي ڏنل ٽن درياهن تي پن بجلي وارا ڊيم ٺاهڻ جي اجازت سنڌ طاس معاهدي ۾ ڏنل آهي. الهندا درياهه پاڪستان کي مليل آهن ۽ اسان انهن تي جيڪا ترقي چاهيون ڪري سگهون ٿا.

    منهنجي خيال ۾ ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ لاءِ عالمي بينڪ جي تازي چُرپر، جنهن ۾ مالي آڇون ۽ ڊيم هلائڻ جو ڪنٽرول سنڌ کي ڏيڻ وارو آسرو شامل آهن. سي ڳالهيون سنڌ وارن کي لُڀائي نه سگهنديون، ۽ نه ئي وري هو ڪالا باغ ڊيم بابت پنهنجي موقف ۾ ڪا تبديلي آڻيندا، ڇاڪاڻ جو ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ سان سنڌ جو پاڻي گهٽبو ۽ سنڌ جو جياپو سنڌو جي پاڻيءَ سان آهي. ڪو به سياڻو ماڻهو پنهنجي حياتي مالي آڇ ۽ مستقبل جي آسري تي داءَ تي لڳائڻ لاءِ تيار نه ٿيندو.

    idrisrajput@hotmail.com
     
  17. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ادريس راجپوت جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    پاڻي مامرن بابت انگ اکر ۽ سفارشون ڇا ٿيون چون؟



    خميس 29 مارچ 2007ع

    صدر پرويز مشرف 17 جنوري 2006ع تي 5 ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو، جن ۾ ڀاشا، ڪالاباغ، اکوڙي، منڊا ۽ ڪرم تنگي شامل آهن. انهن مان پهريان ٽي ڊيم سنڌو درياهه تي، منڊا ڊ:م سوات درياهه تي، ۽ ڪرم تنگي ڊيم جي تعمير ڪرم نئين تي رٿيل آهي. صدر صاحب موجب ڀاشا ڊيم جو ڪم يڪدم شروع ڪيو ويندو، ڪالاباغ ڊيم اتفاق راءِ ٿيڻ کان پوءِ ٺاهبو، پر سمورن پنجن ڊيمن جي تعمير سال 2016 تائين مڪمل ڪئي ويندي. ڇا صدر صاحب جي مٿين اعلان کان پوءِ صوبن ۾ پاڻيءَ جا مامرا حل ٿي ويا؟ اچو ته انهيءَ جو جائزو وٺون.

    پاڪستان جي دريائي نظام ۾ پاڻيءَ جي ورهاست جا مامرا هينئر جا ناهن، پر انهيءَ وقت کان هلندڙ آهن، جڏهن کان انگريزن ننڍي کنڊ جي آبپاشي نظام کي ترقي وٺرائڻ لاءِ واهه، بيراج ۽ تنهن کان پوءِ ڊيم ٺاهڻ شروع ڪيا. انهن مامرن کي حل ڪرائڻ لاءِ ڪيتريون ڪميشنون ۽ ڪاميٽيون جوڙيون ويون، جيئن 1935ع واري اينڊرسن ڪاميٽي، 1941ع واري رائو ڪميشن، (جنهن جي نتيجي ۾ 1945ع وارو سنڌ-پنجاب معاهدو ٻنهي صوبن جي چيف انجنيئرن صحيح ڪيو.) 1968ع واري اختر حسين ڪاميٽي، 1970ع واري فضل اڪبر ڪاميٽي، 6 7 9 1 ع واري انوار الحق ڪميشن ۽ 3 8 9 1 ع واري حليم ڪميشن. پر ڪا به ڪاميٽي يا ڪميشن پاڻي تڪرار وارن مامرن جو مڪمل حل ڏئي نه سگهي.

    سنڌ طاس معاهدو:

    1948ع ۾ هندستان پاران پاڪستان جي ٽن اُڀرندي درياهن جو پاڻي بند ڪيو ويو. اهو معاملو ٻئي ملڪ نه نبيري سگهيا ۽ نيٺ عالمي بئنڪ جي ثالثي ۾ 1960ع ۾ سنڌ طاس معاهدو ٿيو، جنهن مطابق ٽي اُڀرندا درياهه يعني ستلج، بياس ۽ راوي هندستان کي مڪمل طرح ڏنا ويا ۽ ٽي الهندا درياهه يعني جهلم، چناب ۽ سنڌو پاڪستان کي ڏنا ويا، پر مڪمل طرح نه، بلڪه انهن درياهن تي هندستان کي ڪجهه آباد ڪرڻ ۽ بجلي ٺاهڻ جا حق ڏنا ويا. ٽن اڀرندي درياهن جو مڪمل ڪنٽرول هندستان کي ڏيڻ ڪري پاڪستان ۾ موجود صوبن ۾ پاڻي جي ورهاست جا مسئلا وڌيڪ ڏکيا ٿي ويا.

    1991ع وارو پاڻي ٺاهه:

    1991ع ۾ انهيءَ وقت جي وزير اعظم جي ذاتي ڪوشش سان چئني صوبن جي وچ ۾ پاڻيءَ جي ورهاست جو مسئلو اتفاق راءِ سان طئي ٿي ويو، جنهن جي پيرا 2 ۾ ٺهيل ڪينالن لاءِ پاڻي 117.35 ملين ايڪڙ فوٽ ورهايو ويو. پيرا 4 مطابق نون ڊيمن ۽ ٻوڏ وارو پاڻي ورهائڻ جو سيڪڙو ٻڌايو ويو، پيرا 4 1 ۾ کوٽ ۽ واڌ کڻڻ جو طريقو ٻڌايو ويو، ۽ پيرا 7 ۾ ڪوٽڙيءَ کان هيٺ پاڻيءَ جي گهرجن لاءِ اڀياس ڪرائڻ جو چيو ويو.

    ارسا جو ٺاهڻ:

    1992ع ۾ پاڻيءَ ٺاهه تي عمل ڪرائڻ لاءِ انڊس رور سسٽم اٿارٽي (ارسا) ٺاهي وئي، جنهن ۾ ڪُل پنج ميمبر رکيا ويا. هر صوبي مان هڪ هڪ نمائيندو ارسا جو ميمبر هوندو، جڏهن ته هڪ ميمبر وفاقي حڪومت جي طرفان به ان ۾ شامل هوندو. اٿارٽي کي فيصلو اڪثريت جي بنياد تي ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي، ۽ فيصلي تي اعتراض جي صورت ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل وٽ اپيل ڪرڻ جو حق ڏنل آهي.

    اتفاق راءِ ۽ 1991ع واري پاڻي ٺاهه ٿيڻ کان پوءِ اها اُميد ڪئي پئي وئي ته صوبن وچ ۾ پاڻيءَ جي ورهاست وارا مامرا هميشه لاءِ نبري ويندا، پر بدقسمتيءَ سان ايئن نه ٿي سگهيو. ٺاهه ٿيڻ کان پوءِ به اهي مامرا اُٿندا رهيا، جن ۾ پاڻي جي ورهاست، سنڌو تي نون ڊيمن جو ٺاهڻ، کوٽ واري وقت ۾ منگلا ڊيم جو ڀرڻ، کوٽ واري وقت ۾ لنڪ ڪينالن جو هلائڻ ۽ ڪوٽڙيءَ کان هيٺ پاڻي جي گهرجن جو تعين ڪرڻ ۽ پاڻي ڇڏڻ جهڙا تڪراري نڪتا شامل آهن. منگلا ڊيم 1969ع ۾ هلڻ شروع ٿيو ۽ تربيلا ڊيم 1976ع ۾. ٻنهي ڊيمن جي ڪري ربيع ۽آڳاٽي خريف لاءِ پاڻي اٽڪل 15 ملين ايڪڙ فوٽ وڌي مليو. پر هوريان هوريان ڊيمن ۾ لٽ وهڻ ڪري هنن جي پاڻي ذخيرو ڪرڻ واري گنجائش گهٽجي اٽڪل 12 ملين ايڪڙ فوٽ رهجي وئي ۽ اها اڃا گهٽجي پئي. اها کوٽ منگلا ڊيم جي اوچائي وڌائڻ سان پوري ٿي ويندي، جنهن ۾ 2.9 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي وڌيڪ گڏ ڪري سگهبو. پر انهيءَ هوندي به پنجاب وارن زور وڌو ته سنڌو تي وڏا ڊيم ٺاهجن، خاص ڪري ڪالا باغ ڊيم، ته جيئن کوٽ به پوري ڪري سگهجي ۽ واهه ڪڍي نيون زمينون آباد ڪجن. باقي ٽنهي صوبن انهيءَ تي اعتراض ڪيو ۽ انهن جي اسيمبلين انهيءَ جي تعمير خلاف قراردادون پاس ڪيون. انهن ڳالهين کي نظر ۾ رکي صدر پرويز مشرف جي حڪم تي ٻه ڪاميٽيون سال 2003ع ۾ جوڙيون ويون. هڪڙي قومي اسيمبليءَ جي پارلياماني ڪاميٽي، ۽ ٻي فني ماهرن جي فني ڪاميٽي. انهن ٻنهي ڪاميٽين جا سربراهه سنڌ مان کنيا ويا ۽ ميمبر سڀني صوبن مان. پارلياماني ڪاميٽي جو چيئرمين سينيٽر نثار احمد ميمڻ ۽ فني ڪاميٽي جو چيئرمين جناب اي اين جي عباسي کي مقرر ڪيو ويو.

    پارلياماني ڪاميٽي:

    اٽڪل سال کن جي محنت کان پوءِ پارلياماني ڪاميٽي پنهنجي رپورٽ ڏني، جنهن جون خاص سفارشون هيٺين ريت آهن.

    (1) پاڻي ٺاهه تي يڪدم ۽ مڪمل طرح عمل ڪرڻ کپي، جنهن ۾ هيٺان طريقه اختيار ڪري سگهجن ٿا.

    -فني ڪاميٽي جي رپورٽ جي بنياد تي انتظامي فيصلو ڪيو وڃي.

    -قومي سلامتي ڪائونسل فيصلو ڪري.

    -عام مفادن جي ڪائونسل فيصلو ڪري.

    (2) ڊيم ٺاهڻ بابت فيصلو:

    چار ڊيم نظر ۾ آهن، يعني ڀاشا، ڪالا باغ، اکوڙي ۽ اسڪردو يا ڪٽزارا. صوبن جي ڪنهن به چيف منسٽر ڀاشا ڊيم ٺاهڻ جي مخالفت نه ڪئي آهي. پنجاب جو زور آهي ته ڀاشا ڊيم سان گڏ ڪالا باغ ڊيم به ٺاهيو وڃي. ڊيم ٺاهڻ جو فيصلو به اتفاق راءِ سان ڪيو وڃي، يا قومي سلامتي ڪائونسل کان ڪرايو وڃي يا گڏيل مفادن جي ڪائونسل کان ڪرايو وڃي.

    (3) اعتماد بحال ڪرڻ وارا اپاءَ:

    اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ هيٺيون ڳالهيون ڪرڻ کپن.

    -صوبن جا اعتراض ۽ خدشا دور ڪيا وڃن.

    -ٽيليميٽري نظام کي يڪدم لاڳو ڪيو وڃي ۽ ان کي صحيح نموني هلايو وڃي.

    -ارسا کي ٺيڪ ڪيو وڃي. انهيءَ کي مالي ۽ انتظامي طرح خودمختيار ڪيو وڃي.

    -واپڊا کي ٺيڪ ڪيو وڃي ته جيئن انهيءَ ۾ صوبن جي مناسب نمائندگي هجي.

    فني ڪاميٽي:

    فني ڪاميٽي ٻن سالن جي جاکوڙ کان پوءِ پنهنجيون سفارشون 25 آگسٽ 2005ع تي ڏنيون. ان جون خاص ڳالهيون هن ريت آهن.

    (1) پاڻي ٺاهه 1991ع:

    (i) ارسا ٺاهه ۾ ڏنل ڳالهين جي کليل ڀڃڪڙي ڪري پئي. (ii) پاڻيءَ جي ورهاست ٺاهه ۾ ڏنل ڏهاڪن مطابق ٿيڻ کپي ۽ ڪنهن به صوبي کي کوٽ کان آجو نه ڪرڻ کپي.

    (2) نون ڊيمن جي ٺاهڻ جي ضرورت ۽ انهن جي ٺاهڻ جي ترتيب:

    (i) عالمي ڊيمن جي ڪميشن جي رپورٽ کي ڪا اهميت نه ڏني وئي آهي. (ii) ڊيم ڀرڻ لاءِ هر سال واڌو پاڻي ڪونهي، پر ٻوڏن وارن سالن ۾ ڪافي پاڻي آهي. (iii) جيئن ته جهلم ۽ چناب درياهن ۾ خريف جي مند ۾ گهڻو ڪري وافر مقدار ۾ پاڻي هوندو آهي، جيڪو معاون دريائن جي هيٺين ۽ مٿين ايراضي کي آباد ڪرڻ لاءِ ججهو آهي، تنهن ڪري سنڌو مان لنڪ ڪينالن وسيلي معاون دريائن جي هيٺين ايراضي لاءِ پاڻي کڻي وڃڻ جو ڪو جواز ناهي. (iv) اسڪردو وٽ ڊيم ٺاهڻ جي فزيبلٽي ٻن ٽن سالن ۾ مڪمل ڪرڻ کپي جو اهو ڊيم ٻوڏ وارن سالن جو 4 8 سيڪڙو پاڻي گڏ ڪري سگهي ٿو. (v) جيستائين اسڪردو وٽ ڊيم جي فيزبلٽي پوري ٿئي، ٻنهي ڊيمن مان هڪڙو ڊيم ڀاشا يا ڪالا باغ تي ٺاهڻ بابت سوچي سگهجي ٿو، پر ڀاشا ڊيم کي ڪالا باغ ڊيم تي برتري حاصل آهي. (vi) ڀاشا يا ڪالاباغ ڊيم تي ٺهندڙ هڪڙو ڊيم هر سال ڀرجي نه سگهندو ۽ سراسري طرح 6 ملين ايڪڙ فوٽ بدران رڳو 2 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڏئي سگهندو.

    (3) ڪوٽڙيءَ کان هيٺ پاڻي جي گهرجن جي اڀياسن جي رفتار:

    انهن اڀياسن جي رفتار اطمينان جوڳي آهي.

    (4) a - مستقبل جي ذخيرن ۽ آبپاشي منصوبن لاءِ پاڻي جو هجڻ:

    (i) نون ڊيمن کي ڀرڻ لاءِ هر سال واڌو پاڻي ڪونهي. پر ٻوڏ دوران سالن ۾ ججهو پاڻي هوندو آهي. (ii) 6 ملين ايڪڙ فوٽ وارو هڪڙو ڊيم رڳو ٻوڏ وارن سالن جو 22 سيڪڙو پاڻي ذخيرو ڪري سگهندو ۽ 6 ملين ايڪڙ فوٽ وارا ٻه ڊيم 41 سيڪڙو پاڻي گڏ ڪري سگهندا. تنهن ڪري ٻوڏ وارن سالن جو آيل 59 سيڪڙو پاڻي گڏ نه ڪري سگهبو. انهيءَ جي ڀيٽ ۾ 5 3 ملين ايڪڙ فوٽ وارو ڪيري اوور ڊيم 4 8 سيڪڙو پاڻي گڏ ڪري سگهندو. (iii) کوٽ گهڻو ڪري خريف واري مند ۾ رهي ٿي ۽ ربيع ۾ گهڻو ڪري نٿي رهي، تنهن ڪري هڪڙي خريف ۾ پاڻي گڏ ڪري ايندڙ ربيع لاءِ رکڻ جو ڪو جواز ناهي. (iv) ڪيري اوور ڊيم ۾ گڏ ٿيندڙ پاڻي ايندڙ ڪيترن گهٽ پاڻي وارن سالن جي کوٽ کي پوري ڪرڻ لاءِ رکيو وڃي.

    (4)b- ڪوٽڙي کان هيٺ ويندڙ پاڻيءَ جو ڪاٿو:

    انهيءَ جو سراسري انگ سال 77-1976ع کان سال 03-2002ع تائين 35.2 ملين ايڪڙ فوٽ آهي.

    (5)a- منگلا ڊيم جو ڀرڻ:

    (i) آبپاشيءَ جي پاڻيءَ جون گهرجون پوري ٿيڻ تائين منگلا ڊيم ۾ پاڻي نه ڀريو وڃي. (ii) جيڪڏهن ڪن سببن جي ڪري منگلا ڊيم ۾ پاڻي ڀرڻ اڻٽر هجي ته ايترو ڀرڻ کپي جو آبپاشيءَ جي پاڻي جون گهرجون 20 سيڪڙي کان گهٽ نه ٿين، جيڪو پاڻي ٺاهه ۾ ڏنل آهي ۽ اهو به صوبن جي مرضيءَ سان ٿيڻ کپي. (iii) جيڪڏهن آڳاٽي خريف ۾ سنڌو ۾ پاڻي گهٽ هجي ۽ منگلا ڊيم ۾ پاڻي ڀريل هجي ته اهو هيٺين ڀائيوارن کي ڏيڻ کپي. (iv) مٿيان اصول منگلا ڊيم جي پاڻيءَ جي گنجائش وڌائڻ کان پوءِ به لاڳو ٿيندا.

    (5)b- لنڪ ڪينالن ۽ مستقبل جي ڊيمن کي هلائڻ وارا اصول:

    (i) جيستائين سنڌو مان سڌو نڪرندڙ واهن جون گهرجون ٺاهه ۾ ڏنل ڏهاڪن مطابق پوريون نه ٿين سنڌو جو پاڻي چشما-جهلم ۽ تونسا-پنجند لنڪ ڪينالن وسيلي معاون دريائن جي هيٺين ايراضين لاءِ نه نيو وڃي. (ii) عام طرح جهلم ۽ چناب دريائن ۽ منگلا ڊيم ۾ ججهو پاڻي هجي ٿو، تنهن ڪري چشما-جهلم ۽ تونسا-پنجند لنڪ ڪينالن ذريعي سنڌو مان پاڻي نه وهايو وڃي. پر جيڪڏهن اُتي کوٽ هجي ته مٿيون شرط پوري ٿيڻ کان پوءِ پاڻي وهائي سگهجي ٿو. (iii) منگلا ڊيم ڀرڻ جي وقت ۾ چشما جهلم ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪينال نه هلائڻ کپن.

    (iv) چشما-جهلم ۽ تونسا-پنجند بين الصوبائي واهه آهي، تنهن ڪري اهي هڪڙي صوبي جي چوڻ سان هلائڻ بدران ٻين صوبن جي مرضي به ان ۾ شامل ٿيڻ گهرجي.

    مستقبل جي ڊيمن جي هلائڻ جا اصول:

    (i) جيستائين ٺاهه ۾ ڏنل ڏهاڪن موجب صوبن جون پاڻيءَ جون گهرجون پوري ٿين ۽ ڪوٽڙي کان هيٺ به گهرج مطابق پاڻي نه ڇڏيو وڃي، ڊيمن ۾ پاڻي نه ڀرڻ کپي.

    (ii)پهرين تربيلا ڊيم ۾ پاڻي ڀرڻ کپي. جيڪڏهن تربيلا ڊيم ڀرڻ کان واڌو پاڻي هجي ته پوءِ ٻين ڊيمن ۾ ڀري سگهجي ٿو.

    (iii) جون ۽ جولاءِ وارن مهينن ۾ ڊيم کي انهيءَ نموني ۾ هلائڻ کپي ته جيئن ان مان لٽ ڪڍي سگهجي.

    (iv) ڊيم مان ايئن پاڻي ڪڍجي ته پهرين ٺاهه ۾ ڏنل ڏهاڪن مطابق پاڻي جي کوٽ پوري ڪجي ۽ پوءِ پيرا 4 موجب پنجاب، سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان ۾ 12،14،37،37 جي حصي مطابق ورهائجي. اهي ٻئي ڳالهيون ڊيمن جي گنجائش بدران ڊيمن جي گڏ ٿيل پاڻيءَ کي نظر ۾ رکي ڪرڻ کپن.

    ڪوٽڙيءَ کان هيٺ پاڻيءَ جي گهرجن لاءِ ٿيل اڀياس:

    انهيءَ لاءِ ٻه اڀياس ڪيا ويا. هڪڙو پاڻيءَ جي چڙهي اچڻ کي روڪڻ لاءِ، ٻيو ماحولياتي گهرجن لاءِ. پهرين اڀياس ۾ انگريزي اکر Sea Intrusion هجڻ بدران Sea Water Intrusion جو اڀياس ڪيو ويو آهي. ٺاهه ۾ اکر Sea Intrusion آهي.

    پهرين اڀياس ۾ ٿيل سفارشون:

    (i) ڪوٽڙيءَ کان هيٺ صفا پاڻي نه ڇڏڻ واري ڳالهه نه ٿيڻ کپي. سوڪهڙي وارن سالن ۾ به گهٽ ۾ گهٽ 0 0 0 1 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏڻ گهرجي.

    (ii) سمنڊ کان 5 3 ڪلوميٽر مٿي ڍنڍو (شيرازي بندر) کان مٿي سمنڊ جو پاڻي نه چڙهڻ کپي. انهيءَ کي اتي روڪڻ لاءِ ڪوٽڙيءَ کان هيٺ 10،000 ڪيوسڪ پاڻي سڄو سال ڇڏڻ گهرجي.

    (iii) ڪوٽڙيءَ کان هيٺ سوڪهڙي وارن سالن ۾ 3.09 سراسري سالن ۾ 5.46 ۽ ٻوڏ وارن سالن ۾ 7.24 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇڏڻ کپي.

    (iv) في الحال سمنڊ جي پاڻيءَ کي مٿي اچڻ کان روڪڻ لاءِ ڪنهن بيراج ٺاهڻ جي ضرورت ناهي. وڌيڪ ڊيم ٺهڻ کان پوءِ انهيءَ تي سوچجي.

    ٻئي اڀياس ۾ ٿيل سفارشون:

    مختلف ماحولياتي گهرجن لاءِ هيٺين ريت پاڻي کپي.

    دريائي ٻيلن لاءِ واهن مان 0.4 ملين ايڪڙ فوٽ، تمر جي ٻيلن لاءِ درياهه مان 7 .4 ملين ايڪڙ فوٽ. پلي لاءِ درياهه مان 0.9 ملين ايڪڙ فوٽ، ٻي مڇيءَ لاءِ درياهه مان 1.8 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ واهن مان 2.7 ملين ايڪڙ فوٽ. پيئڻ لاءِ درياهه مان 0.007 ۽ واهن مان 0.0008 ملين ايڪڙ فوٽ

    انهن ٻنهي اڀياسن جي نظرداري ۽ جاچ کان پوءِ پنهنجون سفارشون ڏيڻ لاءِ ٽي عالمي سطح جا ماهر (Panel of experts) رکيا ويا. انهن جون سفارشون هيٺين ريت آهن.

    (i) سڄو سال 5000 ڪيوسڪ پاڻي ڪوٽڙيءَ کان هيٺ هيٺين گهرجن لاءِ ڇڏيو وڃي.

    (i) سمنڊجي پاڻيءَ جي چڙهي اچڻ کي روڪڻ لاءِ.

    (ii) ماحولياتي جٽاداري لاءِ.

    (iii) دريائي پيٽ کي چست رکڻ لاءِ.

    خريف ۾ 1.8 ، ربيع ۾ 8 .1 ، ڪل 3.6 ملين ايڪڙ فوٽ کوٽ.

    (2) کوٽ وارن سالن ۾ مٿيان انگ آبپاشي جي کوٽ مطابق گهٽائي سگهجن ٿا.

    (3) 5 سالن ۾ ڪل 25 ملين ايڪڙ فوٽ ڇڏڻ کپي ته جيئن، (i) سمنڊ جي ڪناري جي کاڌ روڪڻ لاءِ لٽ ڊيلٽا ۾ وهندي رهي. (ii) درياهه کي زندهه رکي سگهجي. (iii)جٽادار تمر جي ٻيلن جي واڌ ٿئي.

    پارلياماني ڪاميٽي، فني ڪاميٽي ۽ ڪوٽڙيءَ کان هيٺ پاڻيءَ جي گهرجن جا اڀياس انهيءَ لاءِ ڪرايا ويا ته جيئن پاڻيءَ جا مامرا ختم ڪري صوبن ۾ ويڇا گهٽائي ۽ ڀائيچارو پيدا ڪري سگهجي. پر سڀني ڳالهين جو فيصلو ڪرڻ بدران صدر صاحب 7 1 جنوري 2006ع تي پنج ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جيڪي سال 2016 ۾ پورا ڪيا ويندا. پر ٻين مامرن جو ڇا ٿيندو؟ ڇا پاڻيءَ جي ورهاست صحيح ٿيندي، ڇا منگلا ايئن ڀريو ويندو؟ ڇا لنڪ ڪينال ايئن ئي هلايا ويندا، ڇا آڳاٽي خريف ۾ اسان پاڻيءَ لاءِ سڪندا رهنداسين؟ ڇا ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي رڳو تڏهن ڇڏيو ويندو، جڏهن گهرجن کان وڌندو؟ جيستائين سڀني مامرن جو انصاف وارو فيصلو نه ٿيندو، صوبن وچ ۾ ويڇا وڌندا رهندا، محبت ۽ هم آهنگي پيدا نه ٿيندي.

    منهنجي صدر صاحب کي اپيل آهي ته پاڻيءَ جي سڀني مامرن جو انصاف وارو فيصلو ڪري ته جيئن صوبن ۾ محبت ۽ قرب وڌي ۽ پاڪستان مضبوط ۽ خوشحال ٿئي.
     
  18. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ادريس راجپوت جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    درياهن جي بادشاهي ۽ بيراجن جي اهميت!



    جمع 6 اپريل 2007ع

    26 مارچ 2007ع جي ڪاوش ۾ ڇپيل هڪ خبر مطابق سنڌ مان ارسا جي اڳوڻي ميمبر مسٽر نور محمد بلوچ چيو آهي ته سنڌ ۾ ٺهيل ٽنهي بيراجن جي حالت تشويشناڪ آهي. ڏهاڪو سالن ۾ گڊو بيراج جي مٿين وهڪري ۾ شول (مٽيءَ جو ٻيٽ) ٺهي ويو آهي، ان ڪري جڏهن هڪ لک ڪيوسڪ پاڻي هجي ٿو ته بيراج جي رڳو هڪ پاسي دروازن تي دٻاءُ پوي ٿو ۽ اهو دٻاءُ اڌ بيراج تي ٿئي ٿو. ان سان بيراج لڙهڻ جو خطرو آهي، جڏهن ته ريڻي ڪينال ٺهڻ جي صورت ۾ ان کي شول جي موجودگي ۾ پاڻي ملڻ ممڪن ناهي، ان لاءِ بيراج جي هڪ پاسي جو ڪينال ۽ دروازا گهڻو وقت بند رکڻا پوندا. گڊو بيراج جي دروازن جي اڌ عمر ختم ٿي وئي آهي. ان ڪري گڊو بيراج جي مٿاهين پاسي شول ختم ٿيڻ کپي ۽ ان جا دروازا ٺهڻ کپن. سکر بيراج جا بند ٿيل ڪجهه دروازا فنڪشنل ڪري سلٽ ڪڍڻي پوندي ۽ ڊيم ٺاهڻا پوندا. خبر ناهي ته سنڌ جا انجنيئر بيراجن لاءِ وفاقي سرڪار کان گهر ڇو نٿا ڪن؟ پي سي ون ڇو نٿيون ٺهن؟

    پنجاب جي 5 بيراجن لاءِ ويجهي ماضي ۾ 11 ارب رپيا ڏنا ويا آهن. ڪوٽڙي بيراج جي حالت گهڻي سٺي ناهي ان جي لهواري پاسي پاڻيءَ جي کوٽ سبب سلٽ گڏ ٿي وئي آهي، ان ڪري بيراج جي هڪ پاسي دٻاءُ رهي ٿو. سنڌو ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سبب بيراجن کي نقصان ٿي رهيو آهي.

    جيئن شينهن جهنگل جو بادشاهه آهي، تيئن درياهه به بادشاهه آهي. بادشاهه پنهنجي مرضيءَ تي هلندا آهن، پنهنجا فيصلا پاڻ ڪندا آهن ۽ پنهنجي بادشاهي ۾ ڪنهن جي به مداخلت برداشت نه ڪندا آهن. درياهه جڏهن موج ۽ مستي ۾ وهندا آهن ته ڪٿي پاسي واري زمينن کي پائيندا آهن، جنهن کي فني ٻولي ۾ Erosion چئبو آهي ۽ ڪٿي کاڌ ڪندا آهن، يا ترو پٽيندا آهن. جنهن کي Scour چئبو آهي. جڏهن اشرف المخلوقات يعني انسان درياهه کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته اها ڳالهه انهن (درياهن) جي آزادي ۾ مداخلت ٿئي ٿي ۽ درياهه اُنهي کي پسند نه ڪندا آهن ۽ ڪاوڙ ۾ ور وڪڙ کائيندا آهن. درياهه تي بيراج ٺاهي واهن ۾ پاڻي ورائڻ سان درياهه انهيءَ هنڌ تي ته قابو ٿي وڃي ٿو، پر بيراج کان مٿي ۽ هيٺ پنهنجي حرڪت برقرار رکي ٿو. ڪڏهن کاٻي پاسي رخ رکي ٿو، ڪڏهن ساڄي پاسي، ڪڏهن شاخن ۾ ورهائجي ٻنهي پاسي وهي ٿو ۽ وچ ۾ ٻيٽ ٺاهي ٿو. بيراج جي صحيح هلڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته درياهه بيراج ڏي سڌو هجي، ور وڪڙ نه کائي، کاٻي ساڄي نه لڙي. انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ بيراج جي مٿين ۽ هيٺين ڀر اسپر (پٿر جا بند) ۽ گائيڊ بينڪ (پاڻي سڌو ڪرڻ وارا بند) ٺاهبا آهن ته جيئن درياهه بيراج ڏانهن سڌو اچي ۽ بيراج کان هيٺ به سڌو نڪري وڃي. انگريزي ۾ ان کي درياهه کي سڌائڻ وارا ڪم (River Training Works) چئبو آهي. بيراجن جو ڊيزائن ڪرڻ ۽ درياهه کي سڌائڻ وارا ڪم هڪ Exact Science ناهن، بلڪه Empirical يا تجزئي وارا ڪم آهن ۽ هوريان هوريان انهن جي ڊيزائن ۾ تجربي جي بنياد تي ڦير گهير ايندي رهي ٿي. بيراج جي پاڻي اندر پڪو فرش پهرين بلائي واري ڪريپ ٿيوري (Bligh's Creep Theory) تي ڊيزائن ٿيندو هو، جنهن ۾ پڪو فرش ڊيگهه ۾ وڌيڪ، ٿولهه ۾ گهٽ ٿيندو هو. سکر بيراج انهيءَ ٿيوري تي ڊيزائن ٿيل ۽ ٺهيل آهي. 5 3 9 1 ع ڌاران هندستان جي هڪ مشهور انجنيئر راءِ بهادر کوسلا پنهنجي ٿيوري ڪڍي، جنهن ۾ پڪي فرش جي ڊيگهه گهٽ ۽ ٿولهه وڌيڪ ٿئي ٿي ۽ انهيءَ ٿيوري مطابق ٺهيل بيراج سٺا ۽ وڌيڪ مضبوط ٿين ٿا. سکر بيراج 1932ع ۾ ٺهي پورو ٿيو. کوسلا واري ٿيوري 1935ع ۾ آئي، تنهنڪري سکر بيراج کوسلا بدران بلاءِ واري ٿيوري تي ٺهيل آهي. گڊو بيراج ۽ ڪوٽڙي بيراج ترتيبوار 1962ع ۾ ٺهيا، يعني 1935ع کان پوءِ ۽ ٻئي کوسلا واري ٿيوري تي ٺهيل آهن.

    درياهه تي ٺهندڙ پل، بيراج ۽ ڊيم ٻين ٺهندڙ عمارتن کان مختلف ٿين ٿا. جن کي ٺاهڻ ۾ هڪڙو دفعو ڏکيائي ٿئي ٿي، پر انهيءَ کان پوءِ گهڻو ڪري اهي اسڪيمون مسئلا پيدا نٿيون ڪن ۽ معمول واري سار سنڀال سان ٺيڪ هلن ٿيون. پر درياهه تي ٺهندڙ شيون ٺهڻ کان پوءِ به وقت بوقت مسئلا کڙا ڪن ٿيون، جو درياهه جو پاڻي چوويهه ڪلاڪ هلي ٿو ۽ سمهي نٿو ۽ انهن تي ضرورت آهر ڪم ٿيندا رهن ٿا. ٻيو مسئلو اهو آهي ته انهن جا مکيه جُز پاڻيءَ کان هيٺ رهن ٿا ۽ هلندڙ پاڻي ۾ چيڪ ڪرڻ ڏکيا آهن. پر تجربو ٻڌائي ٿو ته ڪا به ڳالهه اوچتي نٿي ٿئي، ٿيڻ ۾ وقت وٺي ٿي. جيڪڏهن انهن کي وقت به وقت چڪاس ڪندو رهجي ته خبر پوڻ کان پوءِ ٺيڪ ڪري سگهجي ٿو. وري هڪڙي ڳالهه آهي عمر جي-

    نئين گاڏي وٺجي ٿي ته اها ڦرڙاٽ ڪندي هلي ٿي، بلڪه اُڏري ٿي، پر جڏهن ان کي هلندي 15 کان 20 سال ٿين ٿا ته ڪڏهن نٽ بولٽ کڙڪن ٿا، ڪڏهن آئل سل ليڪ ٿين ٿيون، ڪڏهن ريڊي ايٽر مان پاڻي ليڪ ٿيڻ ڪري گرم ٿئي ٿي وغيره غيره. منهنجو هڪ مهربان آفيسر ۽ پوءِ دوست مرحوم مير محمد علي ٽالپر، جنهن جو تعلق سنڌ جي حڪومت ڪندڙ ٽالپر گهراڻي سان هيو ۽ جيڪو آبپاشي کاتي ۾ چيف انجنيئر رهيو هو، بيماري دوران ڊاڪٽر ڏي ويو ۽ پڇيائين ته ڊاڪٽر! مون کي الله سائين گنج ڏنا آهن، عزت آهي، اولاد آهي، ملڪيت آهي، ڪو غم ۽ فڪر ناهي، پوءِ مان بيمار ڇو ٿو ٿيان؟ ڊاڪٽر جواب ڏنس ته مير سائين توهان هڪ جزو وساري ٿا وهو، يعني عمر-ساڳئي نموني جيئن وقت گذري ٿو، بيراجن جي جزن ۾ به ڪمزوري ٿئي ٿي. سکر بيراج کي تعمير ٿئي 5 7 سال، گڊو بيراج کي 45 سال ۽ ڪوٽڙي بيراج کي 1 5 سال ٿي ويا آهن.

    مٿين ڳالهين کي نظر ۾ رکي اچو ته سنڌ جي ٽنهي بيراجن تي هينئر تائين ٿيل مسئلن ۽ انهن جو ڪيل حل ۽ هينئر ڪم ڪرڻ جي ضرورت جو ان حُالي سان ورتل اپائن جو جائزون وٺون.

    گڊو بيراج:

    هي بيراج 1962ع ۾ ٺهي پورو ٿيو، هن ۾ 65 در آهن ۽ 12 لک ڪيوسڪ جي ٻوڏ پاس ڪرڻ جي گنجائش آهي. درياهه کي بيراج ڏانهن سڌو آڻڻ لاءِ مٿاهين ڀر اسپرن جا ٽي سيٽ يعني ٽي ساڄي پاسي ۽ ٽي کاٻي پاسي ٺاهڻا هئا، پر انهن مان رڳو هڪڙو سيٽ يعني هڪڙو ساڄي پاسي ۽ ٻيو کاٻي پاسي ٺاهيو ويو ۽ سمجهيو ويو ته انهيءَ مان ڪم ٿي ويندو. پر ايئن نه ٿيو، درياهه کي انهن اسپرن کان مٿي هٿ چراند جو موقعو ملي ويو، ۽ درياهه ساڄي پاسي کائڻ لڳو. پهرين رائٽ گائيڊ بينڪ تي حملو رهيو، جيڪو هر سال پٿرن سان ڪنٽرول ڪيو ويو، پر پوءِ درياهه ايتري کاڌ ڪئي جو بيراج کي ڇڏي ساڄي پاسي وهڻ جو خطرو پيدا ٿي يو. انجنيئرن سڄو ڏينهن بيهي، سڄي رات جاڳي آيل مهل کي منهن ڏنو. درياهه جي ساڄي پاسي چُرپر سبب درياهه ۾ بيراج جي سامهون مٿين ڀر ٻيلو ٺهي ويو. حل ڪڍڻ لاءِ ماڊل ايڪسپريمينٽ ڪرايا ويا، جن ساڄي پاسي هڪڙو اسپر ٺاهڻ لاءِ چيو. 20 ڪروڙ رپين جي خرچ سان اهو اسپر ٺاهيو ويو. ساڄي پاسي درياهه جي کاڌ ته رُڪجي وئي، پر ٻيلو پٽجي نه سگهيو ۽ هينئر به درياهه جو زور ساڄي پاسي آهي. آبپاشي کاتي وارن وري ماڊل ايڪسپريمينٽ ڪرائڻ لاءِ سوچيو، پر ريڻي ڪينال جو منهن ٺاهڻ لاءِ واپڊا وارن آبپاشي کاتي کان پڇيو. اهو منهن گهوٽڪي فيڊر جي منهن سان گڏ کاٻي پاڪٽ ۾ ٺاهڻو هو، جنهن لاءِ ماڊل ايڪسپريمينٽ ڪرڻا هئا. آبپاشي کاتي وارن چيو ته جيستائين درياهه جو رخ سڌو نه ڪبو، ريڻي ڪينال کي پاڻي نه ڏئي سگهيو. ماڊل ايڪسپريمينٽ ۾ اها ڳالهه به شامل ڪئي وئي. اهو ماڊل پنجاب جي نندي پور واري اسٽيشن کي ٺاهيو ويو. مان به اهو ماڊل اُتي هڪ خانگي ماڻهو جي حيثيت ۾ ڏسي آيو آهيان. ماڊل وارن پنهنجي رپورٽ ڏئي ڇڏي آهي. پهرين ڊسمبر 2006 تي صدر پاڪستان وٽ هڪ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ريڻي ڪينال جو منهن ٺاهڻ سان گڏ درياهه کي به سڌو ڪيو ويندو. انهيءَ ڏس ۾ 26 ڊسمبر 2006ع تي واپڊا وارن هيٺان ڪم ڪرائڻ جي لاءِ سنڌ وارن کان اجازت ورتي.

    (i) کاٻي پاسي واري ڊيوائيڊ وال وڌائڻ.

    (ii) کاٻي پاسي واري پاڪٽ ۾ جيڪڏهن ضرورت هجي ته سلٽ excluder ٺاهڻ.

    (iii) درياهه کي سڌي ڪرڻ وارا ڪم.

    (iv) موجوده بندوبستن ذريعي شول جو ڪڍڻ.

    آبپاشي کاتي وارن مٿين ڪم ڪرڻ جي منظوري 17 جنوري 2007ع تي ڏئي ڇڏي آهي. اُميد ته اهي ڪم ٿيڻ سان گڊو بيراج جي حالت ٺيڪ ٿي ويندي. رهيو دروازن جو سوال ته انهن کي بدلائڻ جي ايتري تڪڙي گهرج ناهي، پهرين انهن جي حالت ڏسي فيزيبلٽي ڪرائڻ جي ضرورت آهي.

    سکر بيراج:

    هي بيراج 1932 ۾ ٺهي پورو ٿيو. هن ۾ 66 در آهن، هن جي ٻوڏ پاس ڪرڻ جي گنجائش 5 لک ڪيوسڪ رکي وئي.

    (i) 1932ع ۾ واهه هلڻ لڳا، واهه لهڻ کان پوءِ خبر پئي ته ساڄي ڪپ وارن واهن ۾ تمام گهڻي لٽ پئي وڃي. انهيءَ کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ پونا ۾ ماڊل تجربا ڪيا ويا، جن جي بنياد تي بيراج جا 10 در بند ڪري مٿاهين ڀر ٻيٽ ٺاهيو ويو. ٻيٽ جي ڪنڊ تي هڪ ٽيل چينل ٺاهي وئي ته جيئن گهٽ لٽ وارو پاڻي واهن ۾ وڃي. انهن ڪمن سبب ساڄي ڪپ وارن واهن ۾ لٽ وڃڻ گهٽجي وئي، پر بيراج جا 10 در بند ٿيڻ ڪري بيراج جي ٻوڏ پاس ڪرڻ واري صلاحيت 15 لک ڪيوس مان گهٽجي 9 لک ڪيوسڪ رهجي وئي.

    (ii) 1949ع ۾ بيراج جي ڪن پلرن ۾ ڪريڪ ظاهر ٿيا. انهن کي guniting ذريعي ڀريو ويو ۽ پلرن جي مٿين ڀر وارا پاسا سمينٽ ڪانڪريٽ سان ڀريا ويا.

    (iii) 1950ع ۾ بيراج جي آرچن ۾ به ڪريڪ ظاهر ٿيا ۽ اهي به guniting ذريعي ڀريا ويا. پر 1956ع ۾ اهي وري ظاهر ٿي ويا. انهن تي گهڻا بحث مباحثا ٿيا. 1964ع ۾ هڪ ڪاميٽي جوڙي وئي. پڇاڙي ۾ اهي 4 8 9 1 ع کان 6 8 9 1 ع واري وقت ۾ ڀريا ويا.

    (iv) 1982ع ۾ سکر بيراج جي گولڊن جوبلي ملهائي وئي، پر انهيءَ سال ئي گولڊن جوبلي ملهائڻ کان پوءِ بيراج جو 1 3 هون در اوچتو ڪري پيو. وڏي ايمرجنسي ٿي وئي، پر الله سائين رحمت ڪري انهي وقت جي سيڪريٽري آبپاشي جناب حاجي محمد ڏهر تي، جنهن بند ٿيل درن مان هڪڙو در ڪيرائي ڀڳل در جي جاءِ تي لڳرايو ۽ مصيبت ٽري وئي، پر انهيءَ مان سبق پرائي انهيءَ وقت جي انگلينڊ جي او ڊي اي جي مدد سان بيراج ۽ ڪينالن جا سڀ دروازا ۽ ڪائونٽر ويٽ سڀ مٽايا ويا. اهو ڪم 1995ع ۾ پورو ڪيو ويو.

    (v) جنوري 2004ع جي واهن جي بندي ۾ بيراج جي مٿين ڀر واري ساڄي پاڪٽ ۾ پڪي فرش ۾ کڏو پئجي ويو. انهيءَ کي يڪدم پٿرن سان ڀريو ويو ۽ پوءِ هڪ اسڪيم ٺاهي وئي، جنهن لاءِ 74ڪروڙ وفاقي سرڪار جا ۽ 15 ڪروڙ سنڌ سرڪار جا هئا. اهو ڪم سنڌ آبپاشي کاتي جي مالڪي ۾ ايف ڊبليو او ٺيڪيدار جي حيثيت ۾ ۽ نيشنل ڊولپمينٽ ڪنسلٽنٽ صلاحڪاري حيثيت ۾ ڪرايو ويو. جيڪي ڪم ڪرايا ويا، سي هن ريت آهن.

    -مٿين ڀر واري پهرين شيٽ پائل، جيڪا ٽُٽي پئي هئي، انهيءَ کان 5 4 فوٽ مٿي نئين شيٽ پائل هڻڻ.

    -پاڪٽ مان لٽ ڪڍڻ.

    -انهن شيٽ پائلن وچ ۾ 4 فوٽ عميق ۾ پڪو فرش وجهڻ.

    -نئين شيٽ پائل کان مٿي 40 فوٽ ويڪر ۾ ڪنڪريٽ جا بلاڪ وجهڻ.

    -انهن بلاڪن کان مٿي پٿر وجهڻ.

    -پراڻي شيٽ پائل کان پلرن تائين پڪو فرش وجهڻ.

    -دادو ڪينال جي فرش هيٺان خالن کي ڀرڻ.

    -دادو ڪينال جي سامهون نئين شيٽ پائل هڻڻ.

    -دادو ڪينال جي ڪريڪ ٿيل فرش کي ڊاهي نئون فرش هڻڻ.

    -پلرن جي وچ ۾ پڪي فرش هيٺان خالن کي ڀرڻ.

    -پهرين نمبر پلر ۾ ڪريڪ کي اٻاڪسي سان ڀرڻ ۽ سيخون ويجهي مضبوط ڪرڻ.

    -سڀني کان هيٺين شيٽ پائل کان اٽڪل 6 فوٽ هيٺ نئين شيٽ پائل هڻڻ.

    -هيٺين نئين شيٽ پائل کان هيٺ فلٽر بلاڪ وجهڻ.

    -فلٽر بلاڪن کان هيٺ پٿر وجهڻ.

    ڪنسلٽنٽس کي مرمت واري ڪم جي نگرانيءَ کان علاوه سڄي بيراج لاءِ فزيبلٽي ٺاهڻ لاءِ به چيو ويو، جنهن ۾ اهو ڏسڻو هو ته بيراج ۾ ڪهڙن ڪمن جي ضرورت آهي. آگسٽ 2006ع ۾ هنن اها فيزبلٽي ٺاهي ۽ انهيءَ جي بنياد تي هڪ پي سي ون به ٺاهيو، جنهن جو نالو هنن رکيو سکر بيراج ٺيڪ ڪرڻ ۽ سڌارڻ ”Rehabilitation and Improvement“ هيٺين ڪمن جي قيمت 3 ارب رپيا ٻڌائي وئي آهي، جيڪي ٽن سالن ۾ ڪرڻا آهن. مٿين ڪمن جي تفصيل هيٺين ريت آهي.

    -بيراج جي هيٺين ڀر ۽ کاٻي پاڪٽ ۾ انهيءَ نموني جا ڪم ڪرڻ، جيڪي ساڄي پاڪٽ ۽ ان جي هيٺين ڀر ڪيا ويا.

    -ڊيوائيڊ والن جو عميق 2 فوٽ وڌائڻ ته جيئن 2 1 لک ڪيوسڪ واري ٻوڏ انهن مٿان نه ٽپي سگهي.

    -مٿين ڀر ”رور ٽريننگ ورڪ“ ڪرڻ ته جيئن 2 1 لک ڪيوسڪ واري ٻوڏ پاس ٿي سگهي.

    -روهڙي ڪينال جي پڪي فرش کي 0 1 فوٽ وڌائي شيٽ پائل هڻڻ.

    -پيراميٽرو هڻڻ.

    -گيٽن کي رنگ ڪرڻ ۽ جتي ضرورت هُجي ٺيڪ ڪرڻ.

    مٿين ڪمن مان ظاهر آهي ته ڪو به هنگامي بنيادن تي ڪرڻ وارو ناهي، پر سکر بيراج 57 سال پراڻو ٿي چڪو آهي ۽ جيڪڏهن اهي ڪم ڪيا وڃن ته سکر سراج کي نئين حياتي ملي سگهي ٿي. پنجاب وارا پنهنجي 1958 ۾ ٺهيل تونسا بيراج کي 14 ارب رپين جي خرچ سان ٺيڪ ڪري رهيا آهن، جنهن لاءِ هُنن عالمي بينڪ کان قرض ورتو آهي. خبر پئي آهي ته سنڌ گورنمينٽ به مٿين پي سي ون جا فنڊ حاصل ڪرڻ لاءِ پروپوزل موڪلي ڇڏيا آهن، ڇاڪاڻ جو فنڊنگ جا پروپوزل مارچ ۽ اپريل ۾ موڪلبا آهن.

    ڪوٽڙي بيراج:

    هي سنڌو تي آخري بيراج آهي، جيڪو 1956ع ۾ ٺهي پورو ٿيو. هن ۾ 44 در آهن ۽ بيراج جي ٻوڏ پاس ڪرڻ جي صلاحيت 8 لک 75 هزار ڪيوسڪ آهي، پر ٺهڻ کان پوءِ پهرين ئي سال يعني 1956ع ۾ هي اٽڪل ڏهه لک ڪيوسڪ جي ٻوڏ پاس ڪري چڪو آهي. شروع کان ئي وٺي بيراج تي وهڪرو کاٻي پاسي رهي ٿو، جنهن لاءِ بيراج جا در کاٻي پاسي گهٽ ۽ ساڄي پاسي وڌيڪ کوليا وڃن ٿا ۽ انهيءَ بندوبست سان 1956ع ۾ ڊيزائن کان به مٿي واري ٻوڏ پاس ڪئي. ٻيو مسئلو هن جي ڪٽ آف جو هيو، بيراج 1 3 فوٽ ڪٽ آف لاءِ ٺاهيو ويو، پر 4 2 فوٽ کان مٿي ڪٽ آف نه رکي سگهيا. وري سکر بيراج جي گيٽ ڪرڻ سبب هن بيراج جا گيٽ به ٺيڪ ڪرائڻا هئا. مٿين ٻنهي ڳالهين کي منهن ڏيڻ لاءِ 1990ع جي ڏهاڪي ۾ ڊي ڊي اي جي مدد ۽ ايشين ڊولپمينٽ بينڪ کان قرض وٺي هن بيراج جا سڀ دروازا مٽايا ويا ۽ بيراج جو هيٺيون پڪو فرش مضبوط ڪيو ويو. هي بيراج هاڻي پنهنجي ڊيزائين ڪٽ آف يعني 31 فوٽ تي ڪم ڪري ٿو.

    مٿين ڳالهين مان خبر پئي ته ٽنهي بيراجن جي حالت ايتري خراب ناهي، جيترو خوف ڏياريو ويو آهي. بيراجن تي وقت به وقت مسئلا اُٿن ٿا، انهن جي باري ۾ هوشيار رهڻ جي ضرورت آهي، جيئن ڳالهه ڌيان تي اچي ۽ انهن کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪجي ته ڳالهه وڌي نه اتي ئي ڪنٽرول ٿي وڃي. جو انگريزي ۾ چوندا آهن ته A Stitch in time, saves nine يعني ”وقائتو هڪڙي ٽاڪو ايندڙ نون ٽاڪن جو بچاءُ ڪري ٿو.“

    هڪڙي ٻي ڳالهه جي به وضاحت ڪندو هلان، جنهن مطابق چيو ويو آهي ته پنجاب جي پنجن بيراجن لاءِ ويجهي ماضي ۾ 1 1 ارب رپيا ڏنا ويا آهن. اها ڳالهه صحيح ناهي، وفاقي حڪومت پنجاب جو هڪ منصوبو جنهن جو نالو Punjab Barrages Rehabilitation and Modernisation Project Phase-1 آهي. 5 6 .1 ارب رپين جو منظور ڪيو ويو آهي، جنهن تي اڃا تائين ڪُل خرچ 75 ڪروڙ ٿيو آهي. ياد رهي ته سنڌ جي ٽن بيراجن جي ڀيٽ ۾ پنجاب ۾ 16 بيراج آهن ۽ رڳو سکر بيراج لاءِ ساڄي پاڪٽ جي ڪم کي درست ڪرڻ لاءِ وفاقي سرڪار 8 8 ڪروڙ روپيا ڏنا. ارسا جي اڳوڻي ميمبر جناب نور محمد بلوچ جا اسان ٿورائتا آهيون، جنهن هڪ مُک ڳالهه يعني سنڌ جي بيراجن جي حالت بابت ڳڻتي جو اظهار ڪري اسان کي صحيح صورتحال معلوم ڪرڻ جو موقعو ڏنو، جنهن مطابق بيراجن تي مسئلا آهن، پر گڏو گڏ انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪوششون به جاري آهن. بس اسان ايئن ئي جاڳندا رهياسين ته هر مسئلو نبري ويندو. بيراج واهن کي پاڻي ڏيندا رهندا، جهنگ جهر آباد رهندا ۽ سنڌ جا جهانگيئڙا ۽ ماروئڙا خوشحال ۽ سُکي رهندا.
     
  19. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ادريس راجپوت جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    پاڪستان ۾ بجليءَ جي بحران کي ڪيئن منهن ڏجي؟



    خميس 19 اپريل 2007ع

    اپريل جي مهيني ۾ گرمي شروع ٿيڻ سان ئي بجليءَ جي لوڊ شيڊنگ شروع ٿي وئي آهي. ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند رهي ٿي، سو به هڪڙو دفعو نه بلڪه ٻه ٻه ٽي ٽي دفعا. ان لاءِ به ڪو وقت مقرر ناهي. ڪڏهن ڏينهن جو، ڪڏهن رات جو ۽ ڪڏهن ڏينهن جو به ۽ رات جو به. اسڪولن ۾ ٻارن جي پڙهائي صحيح نموني نٿي ٿي سگهي. گهرن ۾ پاڻي مٿي چاڙهڻ وارا موٽر ڪم نه ڪرڻ ڪري، رڌ پچاءُ وقت سر نٿو ٿي سگهي. آفيسن ۾ ڪمپيوٽر ڪم نٿا ڪن ته ڪم متاثر ٿئي ٿو. گرميءَ سبب ڪم جي رفتار سُست ٿي وڃي ٿي. ڪٿي وري سرڪاري ڪامورا ماڻهن سان وڙهي پون ٿا، جو گرمي ماڻهن کي بيزار ڪري ٿي ڇڏي. ڪارخانن ۾ مال صحيح طرح ۽ گهربل تعداد ۾ تيار نٿو ٿي سگهي. ٻنين ۾ ٽيوب ويل نٿا هلن ۽ زراعت تي اثر پوي ٿو. عرض ته زندگيءَ جو ڪهڙو شعبو آهي، جيڪو بجليءَ جي اکٻوٽ ڪري متاثر نٿو ٿئي. ٻئي طرف واپڊا جو چيئرمين چوي ٿو ته جيستائين ڊيم نه ٺهندا، بجليءَ جي کوٽ پوري نه ٿيندي.

    تازو واپڊا وارن ارسا جي صلاحڪار ڪاميٽيءَ کي ٻيهر چيو آهي ته 21 اپريل کان تربيلا مان وهڪرو 45000 ڪيوسڪ مان وڌائي، 55000 ڪيوسڪ ڪيو وڃي. انهيءَ جي ابتڙ سنڌ وارن چيو ته تربيلا مان پاڻي ڪڍڻ صفا بند ڪري ڇڏيو، جو ڪابل درياهه ۾ وڌيڪ پاڻي اچڻ ڪري سنڌوءَ مان نڪرندڙ واهن جي گهرج ڪابل درياهه ۾ واڌو پاڻي اچڻ مان پوري ٿي ويندي ۽ تربيلا وارو بچايل پاڻي ايندڙ مهينن ۾ پاڻيءَ جي وهڪرن جي گهٽ وڌائي کي پوري ڪرڻ ۾ ڪم آڻي سگهبو. پنجاب واري صلاحڪار به تربيلا مان وهڪرو وڌائڻ تي اعتراض ڪيو ته ايئن ڪرڻ سان تونسا بيراج جي مرمت وارو ڪم متاثر ٿيندو. گڏجاڻيءَ ۾ اهو به الزام لڳايو ويو ته واپڊا جي خراب ڪارڪردگيءَ ڪري منگلا ڊيم مان ڇڏيل 37000 ڪيوسڪ بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال نه ڪيو ويو. ياد رهي ته واپڊا جا منگلا تي بجلي پيدا ڪرڻ وارا ٻه يونٽ خراب آهن ۽ تربيلا ۽ چشما بيراج تي هڪ هڪ يونٽ خراب آهن. ارسا وارن في الحال واپڊا جو وڌيڪ پاڻي ڇڏڻ وارو مطالبو رد ڪري ڇڏيو آهي، جو صوبن وچ ۾ ٿيل 1991ع واري پاڻي ٺاهه مطابق ڊيمن کي آبپاشيءَ جي استعمال جي ترجيح کي هلائڻو آهي. مان اها شق هيٺ انگريزيءَ ۾ ڏيان ٿو:

    14(C)The existing reservoirs would be operated with priority for irrigatior uses of the provinces.

    معنيٰ ته ڊيمن ۾ ذخيرو ٿيل پاڻي آبپاشيءَ جي استعمال لاءِ ڇڏيو ويندو (نه ڪي بجلي پيدا ڪرڻ واسطي.) ياد رهي ته واپڊا وارن ارسا جي 4 اپريل تي ٿيل گڏجاڻيءَ ۾ به منگلا جو وهڪرو 30،000 مان وڌائي، 45000 ڪيوسڪ ڪرڻ ۽ تربيلا جو 28000مان 35000 ڪيوسڪ ڪرڻ جي گهر ڪئي هئي، پر ارسا وارن اهڙي گهر نه مڃي. چون ٿا ته حڪومت جي زور ڀرڻ تي منگلا جو وهڪرو 40،000 ۽ تربيلا جو 37،000 ڪيوسڪ ڪيو ويو، يعني ٿيل معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ۽ تنهن کان پوءِ به پورت نه ٿي.

    واپڊا جي ناقص ڪارڪردگيءَ جو هڪڙو سبب ته اهو آهي ته انهيءَ اداري تي گهڻي ڀاڱي پنجاب جي هڪ هٽي آهي. انهيءَ ۾ چوٽيءَ تي هڪ چيئرمين ۽ ٽي ميمبر آهن. هڪڙو ميمبر واٽر، ٻيو ميمبر پاور ۽ ٽيون ميمبر فنانس. چيئرمين پنجاب ۽ سرحد مان رهيا آهن. 1958ع کان جڏهن کان هي ادارو وجود ۾ آيو آهي، سنڌ ۽ بلوچستان مان ڪڏهن به چيئرمين مقرر نه ڪيو ويو آهي. ٻين ٽن ميمبرن مان به رڳو ميمبر واٽر سنڌ ۽ بلوچستان مان هڪ ٻه وقت لاءِ رکيو ويو آهي، نه ته سنڌ ۽ بلوچستان مان ٻيا ميمبر نه رکيا ويا آهن. هينئر ڪو به ميمبر سنڌ مان ناهي ۽ موجوده چيئرمين ۽ هن کان اڳ وارو چيئرمين پنجاب مان رکيا ويا. ڀٽي صاحب جي چوڻ مطابق هي ادارو هڪ white elephant آهي يعني اڇو هاٿي، جنهن تي سار سنڀال جو خرچ تمام گهڻو آهي. ياد رهي ته ٿائيلينڊ ۾ هاٿي تمام گهڻا ٿين ٿا ۽ بادشاهه جي سواريءَ لاءِ به اڇا هاٿي رکيل هئا. شاهي هاٿين تي عام هاٿين جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو خرچ ايندو هو. بادشاهه جڏهن ڪنهن درٻاريءَ تي ناراض ٿيندا هئا ته پنهنجو شاهي هاٿي سار سنڀال لاءِ انهيءَ درٻاريءَ کي ڏئي ڇڏيندا هئا، جنهن جي سار سنڀال شاهي معيار تي ڪرڻي هوندي هئي. انهيءَ تي ايترو خرچ ايندو هو جو همراهه کي گهر جا ٽپڙ به وڪرو ڪرڻا پوندا هئا. جيڪڏهن سنڀاليندڙ هاٿيءَ جي انهيءَ معيار تي سنڀال نه ڪئي ۽ بادشاهه کي شڪايت پهتي ته هن بادشاهه جي هاٿيءَ سان صحيح ورتاءُ نه ڪيو آهي، ته بادشاهه جڻ ٻچو رلائي ڇڏيندو هئس.

    بجليءَ جي هلندڙ ۽ ايندڙ سالن جي بحرانن کي منهن ڏيڻ لاءِ منهنجي خيال ۾ هيٺين ٽن ڳالهين جي ضرورت آهي:

    (1) واپڊا کي سچ پچ هڪ وفاقي ادارو ٺاهڻ.

    (2) بجلي پيدا ڪرڻ جي ترجيحات ٺيڪ ڪرڻ.

    (3) جيستائين گهربل مقدار ۾ بجلي پيدا ڪجي، تيستائين موجود بجليءَ کي بچائڻ وارا اپاءَ وٺڻ.

    اچو ته مٿين ٽن ڳالهين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪريون.

    (1) واپڊا کي سچ پچ هڪ وفاقي ادارو ٺاهڻ:

    انهيءَ لاءِ ان جي چوٽيءَ واري جوڙجڪ ۾ صوبن کي صحيح نمائندگي ڏيڻ گهرجي. ٽاپ واريون 4 جايون آهن، هڪ چيئرمين ۽ ٽي ميمبر يعني واٽر، پاور ۽ فنانس. انهن تي صوبن جي واري وٽيءَ مطابق نمائندگي هجڻ کپي. انگريزي الفابيٽيڪل آرڊر ۾ پهرين چيئرمين بلوچستان مان ٿئي ۽ ٽي ميمبر باقي هرهڪ صوبي مان. تنهن کان پوءِ چيئرمين سرحد مان ٿئي ۽ باقي ٽي ميمبر باقي صوبن مان. ٽئين دفعي چيئرمين پنجاب مان ٿئي ۽ باقي ٽي ميمبر ٻين صوبن مان ۽ پڇاڙيءَ ۾ چيئرمين سنڌ مان ٿئي ۽ باقي ٽي ميمبر باقي صوبن مان. انهيءَ نموني جي جوڙجڪ سان صوبن ۾ حصيداريءَ جو احساس پيدا ٿيندو ۽ ڪم بهتر نموني ۾ هلندو.

    (2) بجلي پيدا ڪرڻ جون ترجيحات ٺيڪ ڪرڻ:

    پهرين اچو ته ڏسون ته دُنيا جي ٻين ملڪن ۾ بجلي جي پيداوار ڪهڙن ذريعن مان ٿئي ٿي ۽ ان اپت جو سيڪڙو ڇا آهي. سال 2004ع جي انگن اکرن مطابق دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ بجلي ڪوئلي مان پيدا ٿئي ٿي، جنهن جو سيڪڙو 48.7 آهي. ٻيو نمبر ايٽمي ٻارڻ مان ٿئي ٿي، جنهن جو سيڪڙو 19.6 آهي. ٽيون نمبر قدرتي گئس مان ٿئي ٿي، جنهن جو سيڪڙو 17.7 آهي. چوٿون نمبر پن بجلي مان ٿئي ٿي، جنهن جو سيڪڙو 6.8 آهي. پنجون نمبر تيل مان، جنهن جو سيڪڙو 3.1 آهي. ڇهون نمبر هر هر پيدا ٿيندڙ (renewable) آهي، جنهن جو سيڪڙو 2.2 آهي. باقي 0.4 سيڪڙو شمسي توانائي ۽ هوا مان ٿئي ٿي ۽ باقي بچيل 2.2 سيڪڙو ٻين مختلف ذريعن مان ٿئي ٿي. آمريڪا ۾ ڪوئلي مان 23 سيڪڙو، ايٽمي ۽ پن بجلي مان 14 سيڪڙو، قدرتي گئس مان 23 سيڪڙو ۽ تيل مان 40 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وڃي ٿي. چائنا ۾ ڪوئلي مان 67 سيڪڙو، قدرتي گئس مان 2.6 سيڪڙو، تيل مان 23.8 سيڪڙو ۽ باقي 6.6 سيڪڙو. هندستان ۾ ڪوئلي مان 55 سيڪڙو، قدرتي گئس مان 7 سيڪڙو، تيل مان 35 سيڪڙو ۽ باقي ٻين ذريعن مان 3 سيڪڙو بجلي پيدا ٿئي ٿي. پاڪستان ۾ ڪوئلي مان 6.5 سيڪڙو، قدرتي گئس مان 50 سيڪڙو، تيل مان 30 سيڪڙو ۽ باقي ٻين ذريعن مان 13.5 سيڪڙو بجلي پيدا ٿئي ٿي. مٿين انگن ا کرن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪنهن به ملڪ ۾ هڪڙي شيءِ مان بجلي پيدا نٿي ٿئي. بلڪه مختلف ذريعن مان پيدا ٿئي ٿي ۽ انهن جو سيڪڙو اُنهيءَ ذريعي جي دستيابي ۽ پيداواري قيمت تي مدار رکي ٿو، پر سڀني جزن کي نظر ۾ رکي معلوم ٿئي ٿو ته دنيا ۾ پهريون نمبر بجلي ڪوئلي مان، ٻيو نمبر قدرتي گئس مان ۽ ٽيون نمبر تيل مان پيدا ڪئي وڃي ٿي. انهيءَ جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ پهريون نمبر قدرتي گئس مان، ٻيو نمبر تيل مان ۽ ٽيون نمبر ٻين ذريعن مان پيدا ڪئي وڃي ٿي. جڏهن ته سڀ کان گهٽ ڪوئلي مان پيدا ٿئي ٿي.

    ڇا انهيءَ جو سبب اهو آهي ته اسان وٽ ڪوئلو ڪونهي يا گهٽ آهي؟. ايئن يقينن ناهي. پاڪستان ۾ ڪوئلو 185 ارب ٽن آهي ۽ دنيا ۾ پاڪستان انهيءَ حساب سان چوٿين نمبر تي آهي، پر اسان وٽ ڪوئلي کي بجلي ٺاهڻ ۾ گهڻي ڀاڱي استعمال نٿو ڪيو وڃي، جو اسان جو سڄو زور وڏا ڊيم ٺاهي بجلي پيدا ڪرڻ تي آهي. ڪوئلي کي ڄاڻي واڻي به استعمال نه پيو ڪيو وڃي، جو ان صورت ۾ ڊيمن ٺاهڻ وارو معاملو پٺتي پئجي ويندو. حالانڪه اتفاق راءِ نه ٿيڻ ڪري انهن تي به ڪا خاص ترقي نه ٿي آهي. ڄاڻو ماڻهن جو چوڻ آهي ته مختلف بجلي پيدا ٿيندڙ ذريعن مان ڪوئلي جي پيداوار وڌائڻ جي ضرورت آهي، جو ڪوئلو هڪ اعتبار جوڳو ديسي ذريعو آهي، جنهن ۾ تيل وارا خطرا ڪونهن. هڪڙو ته تيل جي قيمت ۾ تمام گهڻا لاها چاڙها اچن ٿا. ٻيو ته جنگ جي صورت ۾ انهيءَ جي سپلاءِ ڏکي ٿي پوي ٿي. انهيءَ جي مقابلي ۾ هينئر قدرتي گئس مان پيدا ٿيندڙ بجلي سستي پوي ٿي، پر انهيءَ جا ذخيرا هوريان هوريان ختم پيا ٿين. اها ئي ڳالهه آهي جو اسان ايران مان گئس پائيپ لائين ذريعي گئس وٺڻ جي ڪوشش پيا ڪريون. ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ ڪري هڪ ته اسان کي امپورٽ ڪرڻ لاءِ ڊالر نه خرچ ڪرڻا پوندا، ٻيو ته انهيءَ ۾ تمام گهڻن ماڻهن کي روزگار ملندو ۽ ٽيون ته سپلاءِ جو رسڪ يا خطرو ڪونهي. اسان کي اٽڪل 50 سيڪڙو بجلي ڪوئلي مان پيدا ڪرڻ کپي. ياد رهي ته هينئر رڳو 6.5 سيڪڙو آهي. وري سڀني کان سستي بجلي پن بجلي گهرن مان پيدا ٿئي ٿي. مثلن تربيلا مان تربيلا جي قيمت وصول ٿيڻ کان پوءِ اها رڳو 80 پئسا في يونٽ پوي ٿي، جڏهن ته غازي بروٿا مان اها ساڍا ٽي رپيا في يونٽ پوي ٿي، جو اڃا انهيءَ سيڙپڪاريءَ واري قيمت وصول نه ٿي آهي. اسان کي پن بجلي وارا اهڙا منصوبا ٺاهڻ کپن، جن تي مامرا نه هجن. اِهي اُهي آهن، جتي پاڻي گڏ نه ڪجي ۽ رڳو وهندڙ پاڻيءَ تي هلن، جن کي run of river منصوبا چئبو آهي. هڪڙو اهڙو منصوبو سنڌوءَ تي بنجي وٽ آهي، جتي 5400 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. ٻيو ننڍن نيُن تي بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي . سرحد صوبي ۾ انهيءَ جو تمام گهڻو اسڪوپ آهي. اُتي جي صوبائي حڪومت 546 ميگا واٽ جا منصوبا عمل ۾ آڻي ٿي ۽ 6000 ميگا واٽ جا منصوبا منصوبي بنديءَ هيٺ آهن. پن بجلي جيتوڻيڪ سڀني کان سستي آهي، پر سڄو سال ساڳي مقدار ۾ نٿي ملي. درياهن ۾ وهڪرا گهٽجڻ ڪري انهيءَ جي پيداوار به گهٽجي وڃي ٿي. وري رڳو هڪڙي شيءِ تي ڀاڙڻ بدران اسان کي ٻين ذريعن تي به ڌيان ڏيڻ کپي. انهن جي پيداواري قيمت هينئر وڌيڪ آهي، پر وقت سان جيئن نيون ٽيڪنالاجيز اچن ٿيون ته انهن جي قيمت به گهٽجي ويندي.

    تجربيڪار ماڻهن جو چوڻ آهي ته مستقبل جي بجلي جي گهرجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي 50 سيڪڙو بجلي ڪوئلي مان پيدا ڪرڻ کپي. ٻيا متبادل ذريعا جن تي زور ڏيڻ کپي، اهي آهن: پن بجلي، ايٽمي هوا ۽ سج. ايئن ڪرڻ سان ضرورت آهر بجلي پيدا ڪري سگهبي ۽ اها ريٽ جي لحاظ کان به affordable هوندي.

    (3 ) بجلي بچائڻ وارا اپاءَ:

    اسان بجليءَ جي استعمال جا ايترا عادي ٿي ويا آهيون، جو هاڻي بجليءَ کان سواءِ رهڻ ڏکيو آهي. اهو سوچڻ ته بجلي نه استعمال ڪري بجلي بچائجي، اهو ممڪن ناهي. مثلن ڪارن ۽ بسن ۾ هلڻ بدران سائيڪل تي هلون يا پنڌ ڪريون، لائٽن جي روشني گهٽ ڪريون يعني Dim ڪريون. گهٽ ايئرڪنڊيشن جي پد تي هرون، ٿڌن علائقن ۾ گهٽ گرم پاڻيءَ سان وهنجون، وغيره. اڄڪلهه بجلي بچائڻ معنيٰ پنهنجو آرام گهٽائڻ بدران بجلي جي ڪارڪردگي (efficiency) وڌائڻ آهي. يعني گهربل آرام يا فائدو ٿوري بجليءَ مان ئي حاصل ڪجي. سال 2002 ۾ يورپ جي ملڪ جرمنيءَ ۾ هڪڙي هوٽل جو ڌنڌو گهٽجي وڃڻ ڪري مالڪن لاءِ فائدي وارو نه رهيو. هُنن انهيءَ نقصان جي پورت ڪرڻ لاءِ عام رواجي بلب مٽائي، انهن جي جاءِ تي بجلي بچائڻ وارا بلب يعني energy saver لڳائي ڇڏيا، جنهن ڪري انهن کي بجليءَ جي 80 سيڪڙو بچت ٿي. بوائيلرن ۾ هنن خودڪار پمپ هڻي، پائيپن مٿان خاص ڪپڙو ويڙهي ڇڏيو، جيڪو insultation جو ڪم پيو ڪري، جنهن ڪري ساڳي معيار کي برقرار رکندي خرچ 60 سيڪڙو گهٽجي ويو. جيتوڻيڪ بجليءَ جي ڪارڪردگي وڌائڻ تي ڪجهه خرچ به ٿئي ٿو، پر حساب لڳايو ويو آهي ته جيڪڏهن هڪ رپيو خرچ ٿئي ٿو ته چار رپيا بچن ٿا ۽ خرچ ڪيل رقم 4 سالن ۾ وصول ٿي وڃي ٿي. دنيا ۾ بجلي بچائڻ جا هيٺيان ڪامياب تجربا ڪيا ويا آهن:

    (i) انسوليشن ذريعي جاين کي گرم ڪرڻ يا ٿڌو ڪرڻ:

    دنيا ۾ 36 سيڪڙو بجلي جاين کي گرم ڪرڻ يا ٿڌي ڪرڻ ۾ ڪتب اچي ٿي. انهيءَ جي استعمال کي گهٽائڻ جو تمام گهڻو اسڪوپ آهي. انهيءَ ۾ اندرين ٿڌ يا گرميءَ کي روڪڻ جو بندوبست هڪ ڪيميائي مرڪب کي پينٽ ڪرڻ سان حاصل ڪجي ٿو ته جيئن جايون ايئر ٽائيٽ ٿي وڃن يا وري اهڙو ڪيميائي مرڪب ڇتين ۽ ڀتين تي هڻي ڇڏبو آهي، جيڪو ٻاهرين گرمي يا ٿڌ کي موٽائي ٿو يعني reflect ڪري ٿو. آمريڪا ۾ هن نموني 30 سيڪڙو بجلي بچائي وئي.

    (ii) بلبن جو مٽائڻ: روشنيءَ لاءِ دنيا ۾ 20 سيڪڙو بجلي استعمال ٿئي ٿي، جنهن مان 40 سيڪڙو پراڻن نمونن جي بلبن ۾ استعمال ٿئي. اهي بلب اڻويهين صديءَ ۾ ايجاد ڪيا ويا هئا ۽ انهن ۾ روشنيءَ لاءِ بجلي گهٽ ۽ گرمي پيدا ڪرڻ ۾ وڌيڪ ڪم اچي ٿي. انهن جي ڀيٽ ۾ نوان انرجي سيور بلب 75 کان 50 سيڪڙو بجلي گهٽ استعمال ڪن ٿا ۽ هلن به وڌيڪ ٿا. آمريڪا ۾ وال مارٽ ۽ هالينڊ ۾ فلپس وارن نوان بلب ٺاهيا آهن ۽ پاڪستان ۾ به عام جام ملن ٿا.

    (iii) آرام ڏيڻ واريون شيون: پاڻي گرم ڪرڻ وارا بوائلر جاين کي گرم ۽ ٿڌي ڪرڻ وارا هيٽر ۽ ايئر ڪنڊيشنر تمام گهڻي بجلي واپرائين ٿا، جنهن مان تمام گهٽ جاين جو گرمي پد وڌائڻ يا گهٽائڻ ۾ ڪم اچي ٿو. هڪڙو نئون پمپ ايجاد ڪيو ويو آهي، جيڪو ڀر واري ايراضيءَ جي ٿڌ يا گرمي کڻي، جاءِ کي ٿڌو يا گرم ڪري ٿو. آمريڪا جي صدر جارج ڊبليو بش جي ٽيڪساس ۾ رينچ انهيءَ طريقي سان ٿڌي ۽ گرم رکي وڃي ٿي. انهيءَ ۾ ڪا خاص بجلي خرچ نٿي ٿئي. انهيءَ ۾ فرج واري نموني فريان قدرتي پاڻياٺ گئس استعمال ٿئي ٿي ۽ ڪمپريسر کي چالو رکڻ لاءِ بجليءَ جو رڳو هلڪو ڪرنٽ کپي.

    (iv) ڪارخانن جو ٻيهر ٺاهڻ:

    دنيا ۾ ڪارخانا بجليءَ جي پيداوار جو ٽيون حصو کپائن ٿا. انهن ۾ ڪجهه تبديلي آڻي، تمام گهڻي بجلي بچائي سگهجي ٿي. جاپان ۾ مسو پيشي وارا اسٽيل ملن ۾ 70 سيڪڙو بجلي بچائين ٿا. هو پنهنجون ٽربائن هلائڻ لاءِ اسٽيل جي بٺين (Furnaces) ۾ گرمي کڻي بجلي پيدا ڪن ٿا. ٻيا به ڪيترا طريقا استعمال ڪري، ڪارخانن ۾ ئي بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي.

    (v) گاڏيون هلائڻ:

    دنيا ۾ پيدا ٿيندڙ توانائيءَ جو چوٿون حصو گاڏين هلائڻ ۾ ڪم اچي ٿو، انهيءَ ۾ تيل جي پيداوار جو 67 سيڪڙو شامل آهي. رڳو گاڏين جي ٽائرن ۾ مناسب هوا رکڻ سان 6 سيڪڙو توانائي بچائي سگهجي ٿي. پيٽرول جا نوان قسم ايجاد ڪيا ويا آهن، جيڪي عام پيٽرول جي ڀيٽ ۾ 20 سيڪڙو ٻارڻ بچائين ٿا. اندازو لڳايو ويوآهي ته بهتر ڪارڪردگيءَ سان تيل جو خرچ 56 سيڪڙو گهٽائي سگهجي ٿو.

    مٿي ڪجهه نوان طريقا ٻڌايا ويا آهن، جن سان بجلي بچائي پئي وڃي. اسان کي به ٻين ملڪن کان سبق سکڻ گهرجي. هڪڙو سولو طريقو بجلي کڻي وڃڻ ۽ ورهائڻ ۾ زيان (Line losses) جو به آهي، جيڪي اسان وٽ 35 کان 40 سيڪڙو آهن. انهن ۾ بجليءَ جي چوري به شامل آهي. اهي گهٽائي 15 سيڪڙي تائين آڻي سگهجن ٿا ۽ اٽڪل 5 2 سيڪڙو بجلي بچائي سگهجي ٿي.

    دنيا ۾ ڪا به شيءِ ناممڪن ناهي. جيڪڏهن نيت سچي آهي ته سڀ ڪجهه ڪري سگهجي ٿو. انگريزيءَ ۾ چوندا آهن ته where there is will,there is a way اسان به جيڪڏهن سچائي ۽ نيڪ نيتيءَ سان ڪم ڪريون ته گهربل بجلي پيدا به ڪري سگهون ٿا ۽ جيستائين اها پيدا ٿئي، بجلي بچائي کوٽ کي منهن به ڏئي سگهون ٿا. دعا ڪيو ته الله سائين اسان کي سچائي ۽ نيڪ نيتيءَ سان ڪم ڪرڻ جي توفيق ڏئي.
     
  20. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ادريس راجپوت جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    پاڻيءَ کان سواءِ سنڌ ڇاهي؟



    اربع 2 مئي 2007ع

    سنڌ صوبي جو جياپو سنڌو درياهه جي پاڻيءَ تي آهي. پاڻي آهي ته سنڌ آهي، پاڻيءَ کان سواءِ سنڌ رڻ، ٿر، صحرا يا چولستان آهي. انهيءَ ڪري ئي سنڌ جو نالو سنڌو درياهه جي نالي پٺيان رکيل آهي. جيستائين سنڌو موج ۽ مستيءَ ۾ وهندو رهندو، سنڌ وارا به خوشحال رهندا، جيئن جيئن سنڌو جي موج ۽ مستي ڍري ٿيندي ويندي. سنڌ وارن جي حالت به بري ٿي ويندي. شاعرِ مشرق علامه اقبال چوي ٿو ته،

    ساحلِ اُفتاده گُفت، گرچه بسي زِيستم

    پيچ نه معلوم شد آه که من کيستم

    موج زخود رفته اي، تيز خراميد و گفت

    هستم اگر ميروم، گر نه روم نيستم

    جنهن جو ترجمو آهي ته، ”سمنڊ جي بيٺل ڪناري چيو ته جيتوڻيڪ مان گهڻي وقت کان آهيان، پر مون کي اڃان تائين خبر ناهي ته مان ڇا آهيان. سمنڊ جي چڙهندڙ ڇوليءَ بيٺل ڪناري کي جواب ڏنو ته، منهنجو وجود هلڻ سان آهي، جيڪڏهن مان چُرپُر ڪيان ٿي ته مان آهيان، جيڪڏهن ماٺ ٿي ڪريان ته مان آهيان ئي ڪو نه.“ معنيٰ ته زندگي حرڪت ۽ چُرپُر سان آهي ۽ چوندا آهن ته حرڪت ۾ برڪت آهي.

    سنڌو کي موج ۽ مستيءَ سان هلڻ ۽ سنڌ وارن کي فائدو ڏيڻ لاءِ ٻن شين جي ضرورت آهي. هڪڙي اها ته ان جو مٿان کان ايندڙ پاڻي نه گهٽجي ۽ ٻيو ته انهيءَ تي ٺهيل اثاثا (assets) ٺيڪ ٺاڪ ۽ سلامت رهن.

    (1) چشمه بيراج کان نئون واهه ڪڍڻ واري ڳالهه:

    هڪ انگريزي اخبار جي 22 اپريل 2007ع واري خبر مطابق حيدرآباد ۾ سنڌ فارمرز ايسوسيئيشن انهيءَ ڳالهه تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي ته پنجاب وارا واپڊا جي سهڪار سان چشما بيراج وٽان هڪ نئون واهه ڪڍن پيا ته جيئن راولپنڊي ۽ گجر خان جون زمينون آباد ڪري سگهن. جيئن سنڌو ۾ سنڌو درياهه تي ٽي بيراج آهن، تيئن پنجاب ۾ به سنڌو تي ٽي بيراج آهن. پهرين جناح (ڪالا باغ) بيراج، جيڪو ڪالاباغ شهر وٽ آهي. ٻيو چشما بيراج جيڪو ميانوالي شهر جي ويجهو آهي، ۽ ٽيون تونسا بيراج جيڪو ڪوٽ ادو ويجهو آهي. جناح بيراج مان رڳو هڪڙو واهه کاٻي پاسي نڪري ٿو، جنهن جو نالو ٿل ڪينال آهي. چشما بيراج کان ساڄي پاسي هڪڙو واهه نڪري ٿو، جنهن جو نالو چشما رائٽ بينڪ ڪينال (CRBC) آهي ۽ کاٻي پاسي کان به هڪڙو ڪينال نڪري ٿو، جنهن جو نالو چشما-جهلم لنڪ ڪينال آهي. انهيءَ لنڪ ڪينال جي آر ڊي 180 وٽان ساڄي پاسي ڏي ڪوٽ ويجهو گريٽر ٿل ڪينال ٺاهيو پيو وڃي. تونسا بيراج جي ساڄي پاسي کان ڊي جي خان ڪينال ۽ کاٻي پاسي کان مظفر ڳڙهه ڪينال ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪينال نڪرن ٿا.

    منهنجي ڄاڻ ۾ چشما بيراج کان پنجاب جي ايراضين لاءِ نئون واهه ڪڍڻو ناهي، تنهن هوندي به مون صوبائي ۽ وفاقي واسطيدار عملدارن کان انهيءَ بابت پڇا ڪئي. هنن ٻڌايو ته اهڙو ڪو به منصوبو هنن جي ڄاڻ ۾ ڪونهي. هونئن به چشما بيراج ميانوالي ويجهو آهي ۽ گجر خان ۽ راولپنڊي چشما بيراج کان مٿين ڀر آهن. چشما بيراج مان واهه ڪڍي اُبتو پاڻي کڻي وڃڻ سان قدرتي وهڪري واري اپت نه ٿي سگهندي. سنڌ فارمرز ايسوسيئيشن کي کپي ته انهيءَ بيان جي وضاحت ڪن ۽ هروڀرو سنڌ وارن کي جيڪي اڳي ئي پريشان آهن، اهڙي ڳڻتي واريون خبرون ٻڌائي وڌيڪ پريشان نه ڪن.

    (2) سنڌو تي ٺهيل اثاثن جي حفاظت:

    سنڌ سان محبت ڪندڙ ۽ همدردي رکندڙ ماڻهو سنڌ جي معاملن بابت تمام حساس آهن. خاص طور انهن معاملن ۾، جن ۾ هو ٻين کي اڳتي وڌندڙ ۽ سنڌ کي ڍرو يا پوئتي پيل ڏسن ٿا. تازو پنجاب وارن عالمي بينڪ کان پئسا قرض تي وٺي پنهنجي 8 5 9 1 ع ۾ ٺاهيل تونسا بيراج کي گڏي ٺاهڻ وارو ڪم شروع ڪيو. جنهن کي سنڌ جي هڪ گهڻ گهري ۽ محبت ڪندڙ سنڌ جي سابق ميمبر ارسا مسٽر نور محمد بلوچ به مون سان گڏ ڏٺو. اُتي ئي خبر پئي ته وفاقي سرڪار پنجاب جي پنجن بيراجن کي نئين ڪرڻ لاءِ پئسا ڏنا آهن. اُتي بلوچ صاحب کي ڏاڍي ڳڻتي ٿي ته اسان جا بيراج به پراڻا آهن، اسان انهن کي ڇو نٿا ٺاهيون؟ هو خاص طرح گڊو بيراج لاءِ ڏاڍو پريشان هو، ڇاڪاڻ جو هو ان تي اوور سيئر، ايس ڊي او، انجنيئر، ايس اي ۽ چيف انجنيئر رهي چڪو هو. انسان جي پنهنجي هٿن سان نپايل ٻارن ۽ پنهنجي هٿن سان ٺاهيل ۽ سنڀال ڪيل شين سان وابستگي ۽ پيار قدرتي آهي. جن ماڻهن انگريزي فلم Bridge on River Kwii ڏٺي آهي، تن کي ياد هوندو ته انگريز قيدين کان انگستان جو دشمن زوري پل ٺهرائي ٿو، جيڪا پل هو شروع ۾ نٿا ٺاهڻ چاهين، پر جڏهن ڏسن ٿا ته اها انهن کي ٺاهڻي ئي پوندي ته پوءِ دل و جان سان اها پل ٺاهين ٿا. جڏهن سخت محنت ۽ ڏکائين کان پوءِ اها پل تيار ٿي وڃي ٿي ته انگلستان پنهنجن فوجين، جن اها پل ٺاهي هئي، ۽ اڃا دشمن جا قيدي هئا، تن کي پل اڏائڻ جو حڪم ڏنو. پر هنن کي انهيءَ پل سان ايتري وابستگي ٿي وئي جو هو انهيءَ کي اڏائڻ نه پيا چاهين. پر فوج ۾ حڪم نه مڃڻ معنيٰ ڪورٽ مارشل ۽ موت. لاچار هنن حڪم تي عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، پر پل اڏائڻ کان اڳ وڏي شان سان انهيءَ پُل تي مارچ ڪيائون ۽ پنهنجي راڊ پل کان هيٺ درياهه ۾ اڇلايائون، جنهن جو مطلب ته فوج جي نوڪري کان استعيفيٰ ۽ پوءِ پُل اڏايائون.

    بلوچ صاحب به گڊو بيراج سان پيار ۽ وابستگيءَ جي جذبي هيٺ اها ڳالهه ڪڍي ته جڏهن پنجاب وارا قرض وٺي به پنهنجي بيراج کي ٺاهن ٿا ته اسان ڇو چپ ڪري ويٺا آهيون. مان بلوچ صاحب جي انهيءَ جذبي جو قدر ڪريان ٿو، پر هر هڪ اثاثي جي پنهنجي خاص اهميت ۽ ترجيح هوندي آهي. تونسا بيراج تي بريفنگ دوران اسان کي ٻڌايو ويو ته بيراج جي هيٺين ڀر واري ليول غلط ڊيٽا سبب چار فوٽ مٿي رکي وئي ۽ سر زمين تي درياهه انهيءَ ليول کان چار فوٽ هيٺ پيو وهي، جنهن ڪري درياهه ۾ Netrogrenion ڪري بيراج جي مٿين جزن تي اثر پئي پيو. انهيءَ ڳالهه کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ هڪڙو هيٺيون وير (Subsidiary Weir) ٺاهڻ ضروري هو، جيڪو هينئر ٺاهيو پيو وڃي. انهيءَ سان گڏ ٺهيل بيراج ۾ به جيڪي وقت گذرڻ سان گڏ ڪمزوريون پيدا ٿي ويون هيون، اُهي به ٺيڪ ڪيون پيون وڃن. اسان جي ٽن بيراجن مان ڪوٽڙي بيراج کي هينئر ڪو خاص مسئلو ڪونهي. گڊو بيراج ۽ سکر بيراج تي مسئلا آهن، جن جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو ۽ اهو به ٻڌائبو ته انهيءَ ڏس ۾ ڇا پيو ڪيو وڃي.

    گڊو بئراج:

    انهيءَ بيراج جو بنيادي مسئلو اهو هيو ته بيراج جي مٿين ڀر درياهه کي بيراج ڏي سڌو آڻڻ لاءِ ٽي سيٽ اسپرن جا ٺاهڻا هئا، پر ڪن سببن ڪري رڳو هڪڙو سيٽ ٺاهيو ويو، جنهن ڪري درياهه ساڄي پاسي رخ رکي ٿو ۽ بيراج ڏي سڌو نٿو اچي. ٻيو مسئلو بيراج جي پانڊ ليول جو آهي. بيراج جي پانڊ ليول 255.5 فوٽ رکي وئي. اڳي اپريل ۽ مئي وارن مهينن ۾ سٺو پاڻي ايندو هو، پر مٿي ڊيم ۽ بيراج ٺهڻ ڪري، ٽي درياهه هندستان ڏي وڃڻ ڪري ۽ موسمي ڦيرن گهيرن سبب انهن مهينن ۾ پاڻي گهٽ ٿو اچي. پاڻي دير سان اچڻ ڪري ساريال پوک صحيح وقت تي نٿي ٿئي ۽ پاڻي دير سان اچڻ تي هرڪو تڪڙ ٿو ڪري ۽ پاڻي جي گهرج وڌي وڃي ٿي. انهيءَ ڪري چوٽ گهرج واري وقت ۾ بي ايس فيڊر ۾ 14000 ڪيوسڪ ڊيزائن بدران 21،000 ڪيوسڪ پاڻي هلايو ٿو وڃي. اهو تڏهن ممڪن آهي، جڏهن پانڊ ليول وڌائي وڃي ۽ هاڻي هوريان هوريان پانڊ وڌي 260 فوٽ ٿي ويو آهي. گهڻو وقت اها پانڊ ليول رکڻ سان درياهه جو سلوپ گهٽجي وڃي ٿو ۽ درياهه ۾ مٿين ڀر لٽ وهي وڃي ٿي، جيڪا گڊو بيراج جي مٿين ڀر ٻيلا فارميشن يا ٻيٽ جي صورت ۾ ظاهر آهي. انهن ڳالهين کي نظر ۾ رکي وقت بوقت ڪم ٿيندا رهيا آهن. تازو جڏهن واپڊا وارن ريڻي ڪينال جو نئون منهن بيراج مان ٺاهڻ چاهيو ته ماڊل تي اهي مٿيان مسئلا به ڏٺا ويا. ماڊل وارن جي رپورٽ مطابق هيٺيان ڪم ڪرڻا آهن.

    (i) درياهه کي سڌي ڪرڻ وارا ڪم.

    (ii) درياهه ۾ ٺهيل ٻيٽ جو ڪڍڻ.

    (iii) ريڻيءَ جو نئون منهن ٺاهڻ.

    (iv) گهوٽڪي فيڊر جي منهن سامهون سلٽ ايڪس ڪلوڊر ٺاهڻ.

    (v) کاٻي ڊيوائيڊ وال 400 فوٽ مان وڌائي 1200 فوٽ ڪرڻ.

    مون ڪجهه ڏينهن اڳ گڊو بيراج جو معائنو ڪيو. ليفٽ پاڪٽ ۾ ريڻي ڪينال جو منهن ٺاهڻ لاءِ ٺيڪيدار ڪافر ڊيم ٺاهي ڇڏيو آهي. پهرين مٿي لکيل ڪمن مان ٽي هيٺيان ڪم ڪيا پيا وڃن. پهريان ٻه مٿيان ڪم ايندڙ سال شروع ڪيا ويندا، اهي سڀ ڪم واپڊا وارا ڪرائيندا ۽ پئسا به اهي خرچ ڪندا ۽ سنڌ حڪومت کي ڪجهه نه ڏيڻو پوندو.

    سکر بيراج:

    سنڌو تي ٺهيل 6 بيراجن مان اهو سڀني کان پراڻو آهي، جنهن کي ٺهي ۽ سنڌ کي فائدو ڏيندي 5 7 سال ٿي ويا آهن. انهيءَ تي ٿيندڙ آبادي باقي ٻن بيراجن جي گڏيل آباديءَ کان گهڻي آهي. 2 8 9 1 ع ۾ جڏهن سکر بيراج جو هڪ گيٽ ٽُٽي پيو هو ته ماڻهو مون کان پڇندا هئا ته جيڪڏهن بيراج نه ٺهي سگهيو ته ڇا ٿيندو؟ مان سوچ ۾ پئجي ويندو هئس ته ماڻهن جي آبادين، پيئڻ جي پاڻي، فيڪٽرين ۽ ڪارخانن جو ڇا ٿيندو؟ پر الله تعاليٰ جي رحمت سان اها مصيبت ٽري وئي. سکر بيراج ڪيترين خراب حالتن مان گذري چڪو آهي، جيئن ساڄي پاسي وارن واهن ۾ وڌيڪ سلٽ وڃڻ، ارچن، پلرن ۾ ڪريڪ، هڪڙي درجو ڪرڻ ۽ تازو ساڄي پاڪٽ ۾ ٿيل نقصان. جن ڪنسلٽنٽس انهيءَ جي مرمت واري ڪم جي نگراني ڪئي هئي، تن کي سڄي بيراج کي مضبوط ڪرڻ لاءِ به تجويزون ڏيڻ لاءِ چيو ويو آهي. هنن پنهنجيون هيٺيون تجويزون ڏنيون آهن.

    (i) کاٻي پاڪٽ ۾ به ساڳيا ڪم ڪرڻ، جيڪي نقصان ٿيل ساڄي پاڪٽ ۾ ڪيا ويا آهن.

    (ii) ڊيوائيڊ والن جو عميق 2 فوٽ وڌائڻ.

    (iii) 12 لک ڪيوسڪ واري ٻوڏ پاس ڪرڻ لاءِ مٿين ڀر درياهه سڌائڻ وارا ڪم ڪرڻ.

    (iv) روهڙي ڪينال جي پڪي فرش کي 10 فوٽ وڌائڻ ۽ لوهي ڀت هڻڻ.

    (v) پيروميٽر هڻڻ.

    (vi) گيٽن کي رنگ ڪرڻ ۽ ضروري مرمت ڪرڻ.

    مٿين ڪمن تي 3 ارب رپيا خرچ ايندو. ياد رهي ته ساڄي پاڪٽ واري ٿيل نقصان کي ٺيڪ ڪرڻ تي 7 8 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيا. صوبائي حڪومت وفاقي حڪومت کان مٿين تجويز ٿيل ڪمن لاءِ فنڊ گهريا آهن. سنڌ ۾ فني ماهرن جي کوٽ ناهي، جيڪڏهن سکر بيراج کي نقصان کان بچائڻ لاءِ 3 اربن بدران 10 ارب گهربا ته خرچ ڪرڻا پوندا، پر اهو ضروري آهي ته انهن ڪمن جي ضرورت جو يقين ٿيڻ کپي. تجربو ٻڌائي ٿو ته ٺيڪيدار ۽ ڪنسلٽنٽس اهڙا دليل ڏيندا آهن ته جيئن مالڪن کي ايترو خوف ڏيارجي ته هو اهي ڪم ضرور ڪرائين. جڏهن ڪنهن خطرناڪ بيماريءَ جو پتو پوي ٿو ته ٻئي ڊاڪٽر کان Second Opinion وٺبو آهي.

    مٿين ڳالهين کي نظر ۾ رکندي سنڌ آبپاشي کاتي انهيءَ رپورٽ ۾ ڏسيل ڪمن جي ضرورت جو يقين ڪرڻ لاءِ جناب اي اين جي عباسي جي سربراهي ۾ هڪ ڪاميٽي 23 اپريل تي جوڙي آهي، جنهن ۾ 8 ٻيا ميمبر آهن. ٽي اڳيان آبپاشي سيڪريٽري مسٽر مزمل حسين قريشي، محمد ادريس راجپوت ۽ بشير احمد ڏهر، ٻه اڳيان چيف انجنيئر مسٽر سردار احمد مغل ۽ محمد نواز ميمڻ ٻه موجوده چيف انجنيئر مسٽر آغا اعجاز احمد خان ۽ منظور احمد شيخ ۽ هڪڙو اڳوڻو فني ڪاميٽي جو سيڪريٽري مسٽر غلام سرور کچي شامل آهن. انهيءَ ڪاميٽيءَ جي رپورٽ کان پوءِ جيڪي ڪم سکر بيراج جي سلامتي لاءِ ضرور هوندا، سي ڪرايا ويندا. اميد ته مٿين ڪمن ۽ بندوبستن سان اسان جا سنڌو تي ٺهيل اثاثا يعني بيراج صحيح سلامت رهندا ۽ سنڌ واسين کي اڳ وانگر فائدو ڏيندا رهندا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو