امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

'سنڌي ادب' فورم ۾ عبدالوهاب طرفان آندل موضوعَ ‏6 آگسٽ 2010۔

  1. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    زليخا جي عزت سان کيڏندڙ ڏوهارين کي ڪير پيو بچائي؟




    ڇنڇر 15 مئي 2010ع



    مقامي ٿاڻو سندن کيسي ۾ هو...۽ حڪمران پارٽي جي مقامي نمائندن سان ياري باشي جو جهان الڳ آباد هو...حڪومت هونئن به سندن يارن جي هئي...”ٿاڻي جي خريد و فروخت ڪڏهن ڏکي رهي آهي“، جڏهن اها آٿت ڪنهن به گلي نڪڙ جي بدمعاش کي هجي ته ڏوهه بعد کيس رهنڊ به نه ايندي، تڏهن هو ائين ئي ڪندا، جيئن ڳوٺ بچل لغاري ۾ انهن مقامي بدمعاش گيرن ڪيو، جنهن کي سزا جي خوف کان وڌيڪ انتقام جي سرهائي هئي. هنن پندرنهن هٿياربند ساڻ کنيا هئا ۽ اٺ ڄڻا هٿياربند ٿي ان گهر جي چائنٺ ٽپيا هئا، جتي هنن هٿيارن جي زور تي چوڏنهن سالا نينگري کنئي هئي. هوءُ بنا ڪنهن ڊپ، ڊاءَ جي ٻه ڪلوميٽر هلي، ان نينگري سان اجتماعي جنسي ڏاڍائي ڪن ٿا. پوليس 15 تي اطلاع باوجود نه رڳو وقت سر نٿي پڄي، پر اها پورو موقعو ڏي ٿي ته جوابدار ڪارروائي کان فارغ ٿي فرار ٿي وڃن. دانهن ڪوڪ غريب جي هئي، انهن ستايلن جي هئي، جي وقت بوقت انهن بدمعاش گيرين جو نشانو بڻبا رهيا آهن. اها دانهن ڪوڪ آسمان ته ڀل ڪيرائي ڇڏي، پر سنڌ ۾ ٿاڻي تائين ان جو ٻڌجڻ مشڪل آهي ۽ ان کان به وڌ مشڪل آهي ته جڏهن اها ڏاڍائي کڻي ڪو انصاف لاءِ ٻاڪاري ۽ انصاف جي اها صدا ڪنهن حڪمران ڌر جي بااثر ماڻهوءَ تائين پڄي. سنڌ، عجيب ذلتن جو شڪار آهي، سنڌ عجيب شڪارين جي نشان تي آهي، ته ڏاڍ جي شڪار جي دانهن جا سڀ پڙاڏا پنهنجي سنڌي ميڊيا تائين پڄندا ۽ ٻئي پاسي ڏوهارين جا سڀ پيرا شهر جي حاڪم جي چائنٺ تي کٽندي نظر ايندا.

    سول سوسائٽي ڏوهارين پويان دونهون دکائي ويٺي هوندي ته ٻئي پاسي حڪمران ڌر جون سموريون توانايون چور جا پيرا ڊاهڻ ۾ صرف ٿيندي نظر اچن ٿيون، ۽ ائين ئي ڳوٺ بچل لغاري جي چوڏنهن سالا زليخان لغاري سان ٿيو. جن جا نالا ايف آءِ آر ۾ هيئن درج آهن، حسن لغاري، لائق لغاري، ايوب، الله ڏتو، الله ڏنو، محبوب، عمر ۽ علي حسن....اهي اٺ ڄڻا هئا، جن گهر ۾ داخل ٿي چوڏنهن سالا ٻارڙي کنڀي کنئي هئي. سندن ونگار ۾ اهڙي ڪڌي عمل ۽ وحشتاڪيءَ ۾ سندن ونگار وهندڙ ٻيا پندرنهن ڄڻا هئا، جن گهر ٻاهران ڪارروائي ڪامياب ڪرڻ ۾ ڏوهه ۾ شريڪ ڪار بڻيا...پندرهن منٽن ۾ اهو اطلاع 15 پوليس کي ڏنو ويو...ون فائيو، پوليس هيلپ لائين چئبي آهي، پر شايد اسان ڀليل آهيون، جو سنڌ جي پوليس هيلپ لائين عام شهري لاءِ نه...پر ڏوهارين لاءِ آهي. کين ڀڄائجي ڪيئن ۽ پوءِ ڪامياب ڪارروائي کانپوءِ ونڊي ورڇي ڪيئن کائجي...ها ون فائيو، توهان جي سنڌ ۾ اهڙن مامرن ۾ ڀڙ آهي. ائين هن ڪيس ۾ ڏسو، مقامي سطح تي حڪومت جي عملداري، ڪارڪردگي ڪيئن هئي!؟ وڏيري، پڳدار ۽ سردار ٿيڻ جي خواهش ڄڻ انهن اندر به جاڳي پئي ٿي، جيڪي حقيقي طور تي محنت مزدوريون ڪري رت پورهئي جي پگهر مان ٻه ڏوڪڙ ڪمائي اڇي ڪپڙي پائڻ جهڙا ٿي پون ٿا. سچ پڇو ته نه جدي پشتي جاگيردار، نه سردار، پر جڏهن پيپلز پارٽي ۾ بينظير ۽ ڀٽي جي صدقي ڪنهن ضلعي، ڪنهن تعلقي تان چونڊجي صوبائي يا قومي اسيمبلين ۾ پڄن ٿا ته سب ڪجهه وساري ويهن ٿا.

    جيڪي اسيمبلين ۾ سدائين داٻي هيٺ رهن، پنهنجي اتحادين هٿان مجبور ٿي پنهنجن ئي فيصلن تان دستبردار ٿي وڃن، ۽ اسلام آباد جي پاور ڪاريڊورس ۾ سندن هڪ به نه هلندي هجي، جڏهن ڳوٺ پهچن ٿا ته اتي مليل سمورين شڪستن جي ڪسر گهر جا ڪڪڙ ماري ڪڍن ٿا. سندن پاور نيٺ اتي وڃي دنگ ڪندو، جتان ڪنهن غريب جو لوڙهو، شروع ٿئي.

    ٿاڻو ۽ ڏوهاري عنصرن جي شموليت ۽ شرڪت کانسواءِ اسان جي چونڊيل نمائندن جي ”شير خاني“ جو داٻو ڀلا عام ماڻهو تي ڪيئن ٿو پئجي سگهي، جيڪڏهن هو ٿاڻي ۽ ڏوهه جي ڏهڪاءَ سان پنهنجي عوامي راڄ جي جهلڪ نٿا ڏيکارين. سندن اندر ۾ ”وڏيري“ ۽ ”سردار“ ٿيڻ واري خواهش ايئن ئي پوري ٿئي ٿي. يقينن جتي ٿاڻو ۽ ڳوٺ جا بدمعاش سندن مٺ ۾ هجن ته پوءِ ووٽر ڪيئن نه داٻي ۾ ايندا...۽ ان داٻي جي به سڀ کان ڪربناڪ ۽ وحشيانه صورت جيڪا هن عوامي راڄ ۾ سامهون آئي آهي، سا سنڌ ۾ بدمعاشن جي گينگ ريپ جي نه کٽندڙ سلسلي جيان اٿلي پئي آهي.

    خيرپور جي فيض گنج جي اسڪول ماسترن هٿان اجتماعي جنسي ڏاڍائي ڪندڙن جي پٺڀرائي جا سلسلا خيرپور جي بااثرن تائين پڳا هئا. ٻيو شرمناڪ واقعو ڪستوري ڪولهڻ سان هٿيارن جي زور تي ٿيل ڏاڍائي جو هو، جنهن ۾ پڻ جوابدارن جا پيرا حڪمران پارٽي جي چونڊيل نمائندي جي در تائين پڳا هئا ۽ تڏهن حيرت جي انتها نه رهي ته هڪ پاسي سول سوسائٽي ان گينگ ريپ تي سراپا احتجاج بڻيل هئي، ٻئي پاسي اسپيڪر صاحب، ان ساڳي ئي الزام ۾ ايندڙن جي پٺڀرائي ڪندڙ شخص جي دعوت تي ننگر اچي پڳو هو...هيءُ سنڌ ۾ ”عوامي راڄ“ جي هڪ صورت هئي. جوهي جي بچل جي ان معصوم نياڻي سان زيادتي ڪندڙن جا پيرا به عوامي راڄ جي نمائندي جماليءَ جي در تي پناهه پائين ٿا.

    دانهن جو ڪوئي در هو يا اهو هتان جي ماڻهن جو ڏندڪٿائي ويساهه ته بينظير تائين جي سندن دانهن پهچي ته هوءَ ان جو تدارڪ ڪندي....۽ ائين جڏهن هوءَ لاڙڪاڻي پنڌ پوندي هئي ته سڄي سنڌ مان ستايل ماڻهو دانهن کڻي وٽس پڄندا هئا ۽ موت کان پهرين آخري عيد تي به سندس نئين ديري جي در جون تاڪيون کليل رهيون هيون. ان ڏينهن هوءَ اٽڪل ٻن هزار ماڻهن سان فرداً فرداً ملي هئي ۽ اها ساڳي چائنٺ ۽ ساڳي چائنٺ، نئين ديري هائوس جي...جتي هن ”ميارون“ به ٻڌيون ته آٿتون به ڏنيو...ان ئي نئين ديري هائوس تي ”ادي فريال“ جي حڪم تي (بقول سندس) اها ايم اين اي تشريف فرما ٿي هئي، جيڪا پيپلز پارٽي جي روڊ سڙڪ تي نعرا هڻندڙ ڪارڪن لڏي مان ترقي ڪري ڪا منسٽري ماڻي ويٺي هئي. ادي فريال، جي حڪم تي هوءَ نئون ديرو هائوس تي ڪارڪنن جا مسئلا پڇڻ ۽ حل ڪرڻ آئي هئي، جتي بينظير صاحبه ستايلن جي دانهن ڪوڪ ٻڌائڻ جو سامان ڪندي هئي، اتي هيءَ محترمه پوليس موبائيل موڪلي، ڪنهن مسڪين جي نياڻي کي گهران گهرائي ٿي. پوليس جو داٻو، سردارن جو مرغوب هٿيار آهي، شايد جيالڻ مان سردارڻ بنجڻ جي خواهش سندس اندر ۾ دٻيل هئي. هن يارهين ڪلاس جي نينگري کي سڏرايو هو پڇاڻي لاءِ....پر سندس انداز پڇاڻي جو نه، پر حاڪماڻي تنبيهه ۽ داٻي جو هو. هن يارهين ڪلاس جي نئين ديري ڪاليج جي شاگردياڻي تي الزام هو ته هن پنهنجي ڄاڻ سڄاڻ جي ڇوڪري کي پسند جي شادي ڪرڻ ۾ ڪا مدد ڏني آهي. وفاقي منسٽرياڻي جو انداز گفتگو اهو هو ته ”ڇوڪري کيس ٻڌاءِ ته گهران نڪري شادي ڪندڙ کي ڪنهن ۽ ڪيئن ورغلايو. ڪنهن اغوا ڪيو؟؟“ ۽ جيڪڏهن اها نه ٻڌائيندي ته ان جو نالو ايف آءِ آر ۾ ڪٽرائي کيس جيل موڪليو ويندو.

    هيءُ نئون ديرو هائوس هو، بينظير ڀٽو جو منصب هو ۽ هيءُ ان تي براجمان وفاقي منسٽرياڻي جيڪا بقول سندس جي ته ”ادي فريال“ جي چوڻ تي جاچ ڪري رهي آهي. حقيقت ته اها آهي ته هن طرز حڪمراني ۾ وزيرن، مشيرن کي پاور جي هينگ اوور مان ڪڍي اچڻ جي ڪشٽ جي ضرورت آهي. اهو طرز حڪمراني، قيادت جي وزيرن/مشيرن تي ڪمزور گرفت جو عين نتيجو آهي، جو نئون ديرو هائوس تي ڪو منسٽر پاڻمرادو ”سردار“ بڻجي اهڙو لب و لهجو اختيار ڪرڻ جي جرئت ڪري سگهي، نه ته ”آپکي بيٽي، آپ کي بهن“ ۽ ڀٽو صاحب جو ”آپکا خادم“، ”توهان جو نوڪر“ وارو اندازِ مخاطب اڃا عوام کان وسريو ته ناهي. ان منسٽرياڻي جي طرزِ مخاطب ۾ جيڪو طاقت جو نشو هو، تنهن کيس سمجهڻ جي لائق نه ڇڏيو هو ته اها يارهين درجي جي شاگردياڻي، جنهن کي ڪوڙي الزام هيٺ ڌمڪايو ٿي ويو، سا اڃا ڪو مهينو پهرين هڪ رات پوليس جي لاڪپ ۾ بنا ڪنهن روزنامچي ۾ درج ڪرڻ جي لاءِ ”پچا ڳاڇا“ لاءِ آندي ويئي هئي ۽ ٿاڻي جو ايس ايڇ او وڏي بشيرمائي سان چوندو رهيو ته، ”صدر صاحب جو حڪم آهي“ ۽ هن اهو به نٿي سمجهيو ته اهو داٻو هو جيڪڏهن ڪنهن مسڪين تي ويهاري سگهي ٿو، پر سول سوسائٽي جي ماڻهن کي چڱي ريت پرک آهي ته ملڪ جي صدر کي ڪنهن به اهڙي ڪشٽ ۾ پوڻ جي ضرورت ناهي کيس ملڪ به هلائڻو آهي.“ هن منسٽرياڻي به ان ايس ايڇ او جيان اهو پئي ثابت ڪرڻ چاهيو ته ان ڇوڪري کي داٻو ڏيئي دراصل هو نئين ديري واسين کي اهو پيغام ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي ته هاڻ نئين ديري ۾ عوامي راڄ جي طرزِ حڪمراني سرداري نظام ۾ تبديل ٿي وئي آهي.

    حقيقت اها آهي ته هن عوامي راڄ ۾ اجتماعي جنسي ڏاڍائي جي شڪار ٿيندڙن لاءِ پاڻ سنڌ مان چونڊيل ڪنهن به عورت نمائندي جي اک آلي ٿيندي نه ڏٺي آهي. زليخان لغاري جي ڪيس لوڙهڻ ۾، ميڊيڪل رپورٽ جا جزا دير سان موڪلڻ ۾، ڪنهن جي ڪوتاهي آهي؟ سول اسپتال جي ڊاڪٽرياڻي جي؟ مقامي ٿاڻي جي، جن هٿ وٺي جوابدار ڀڄايا؟ يا وري ان عوامي راڄ جي سياسي پاور جي، جيڪو اڄ به جوابدارن کي پنهنجي پناهه ۾ رکيو ويٺو آهي؟

    ڪنهن عورت نمائندي وٽ، يقيناً ايترو وقت نه هوندو، جو اهي جوهي جي، فيض گنج ۽ ننگر جي لڄالٽ ٿيل نينگرين جي ڪيس ۾ دلچسپي ڏيکارين...هو جڏهن ڪڏهن به ميڊيا شو ۽ پاور جي هينگ اوور مان وانديون ٿين ته کين گذارش ته هيڏانهن، هيءُ پنهنجو ئي شهر پيو لٽجي، هي پنهنجي ئي گهر جون نياڻيون آهن، فوٽو سيشن کان واندڪائي ملي ته هيڏانهن به لوڻو هڻي ڏسو، جيڪڏهن ڪن تعريف ٻڌي ٻڌي واندا ٿين ته کين ڪنهن ڏاڍائي جي شڪار نينگري جي دانهن به ٻڌڻ گهرجي.

    آخر ۾ فقط حڪمران پارٽي جي ان شخص ڏانهن، جيڪو سنڌ جو پيپلز پارٽي جو جنرل سيڪريٽري آهي، جناب تاج حيدر صاحب! جيڪڏهن پارٽي جي وزيرن مشيرن جي ساراهن اجلاسن مان واندا ٿيو ته هڪ نگاهه ڪرم ان زليخان لاءِ به...جنهن جي جوابدارن جا پير تنهنجي پارٽي جي نمائندن جي در ڏانهن وڃن ٿا. تاج حيدر...فقط توکي گذارش، جو ڀٽ شاهه جي ميلي تي مون تنهنجي درد مند دل ۽ آلين اکين واري خطاب کي ٻڌو هو، جنهن ۾ تو پنهنجي منسٽر کي چيو هو ته ”سسئي! اڄ به سنڌ جون هزارين نياڻيون آهن، جيڪي شاهه جي سهڻي جيان آڌيءَ رات اونداهه جو گجگاهه ڪندي سياري ۽ پاري ۾ ڪچي گهڙي تي درياهه ۾ نڪري پون ٿيون، انهن جا ڪچا گهڙا وچ سير ۾ سندن زندگي ٻوڙيو ڇڏين.“ تاج حيدر تو آبديده ٿيندي چيو هو ته: ”سسئي پيپلز پارٽي جي نمائنده عورتن کي انهن ڪچي گهڙي تي زندگي جو سفر ڪندڙ نياڻين جي زندگي جي پارت هجي، اهي توهان جي ڌيان جون مطلوب آهن“. تاج حيدر سنڌ جي هزارين نياڻين جي توکي پارت آهي، اهي انصاف لاءِ تو ۾ نگاهه رکيو ويٺيون آهن...نه ته هتي ٻيا گهڻا حڪمراني جي نشي ۾ ڏوهارين کي پناهه ڏيڻ ۾ مصروف آهن.

    amarsindhu@yahoo.com
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    پنجابي طالبان واري حقيقت کان ڇو پيو لنوايو وڃي!




    اربع 9 جون 2010ع



    هو دنيا جي انتهائي جديد هٿيارن سان ليس ان عبادتگاهه جو گهيرو ڪرڻ آيا هئا، جڏهن ان عبادتگاهه ۾ شامل خلق پنهنجي رب آڏو مسجود هئي. هو، جيڪي هٿيارن سان ليس هئا، تن به شايد ڪيئي ڪڙهندڙ ڪاڙها ۽ ڪئي سياري جا برف پارا ان ويڙهاڪ تربيت ۾ گذاريا هوندا، جنهن ۾ گهيراءُ ڪري، جهڙپ ڏيئي باهه ۽ بارود سان زنده انساني جسم ساڙڻ، چيٿڙيون ڪري اڏائڻ ۽ رت جي درياهه ۾ رقص ڪري فتح جو جشن ملهائڻ جي تربيت ڏني ويندي هوندي. مون ڪٿي پڙهيو هو ته ”آني مان ڦٽل نون تازن چوزن سان ڀريل ڪمري ۾ ڀاري جوتن سان گهڙي چوزن کي چيڀاٽڻ“ انهن جي تربيت جو پهريون ڏاڪو هوندو آهي، جتان ويڙهاڪ سليڪٽ ڪيا ويندا آهن ته ”ڪنهن انتهائي گهٽ ٽائيم ۾ سڀ چوزا پيرن هيٺ چيڀاٽيا“...اهو رحم ۽ انساني دل جي قتل جو پهريون ڏاڪو آهي، جتان ويڙهاڪ پهرين پنهنجي انساني فطري جذبي جو قتل ڪندو آهي، پهرين پنهنجي اندر جي انساني دل جو قتل ڪندو آهي، پهرين پنهنجو قاتل بڻبو آهي ۽ ائين پوءِ ٻيا قتل هن لاءِ ڪو ڏکيو ٽاسڪ نه بڻبا آهن.

    انهن ڏينهن جڏهن هو اهڙين ئي تربيتن جي آخري مرحلن مان ٽپي پار ٿي، ان جو عملي مظاهرو ڏيکارڻ لاءِ احمدين جي عبادتگاهن تي ڪاهي آيا هئا، تڏهن کانئن شايد وسري چڪو هو ته ان ڏينهن سندن گولين جو نشانو، سندن ويڙهاڪ تربيت جو آخري تختهءِ عشق، اهي سربسجود نه هئا، جن جو فرقو، عقيدو، طريقهءِ عبادت مختلف هو، پر ان ڏينهن سندن تربيت جي آخري شق ۽ آخري عملي مظاهري جو نشان هن ملڪ جي قائد جي اها تقرير هئي، جنهن ۾ قيامِ پاڪستان بعد هن پاڪستان جي شهرين کي واڌايون ڏيندي چيو هو ته ”هاڻ هر شهري مندر، گرجا ۽ مسجد وڃڻ لاءِ آزاد هوندو“. جناح جي اها تقرير پاڪستان، گڏيل هندستان جي اقليت جي تخليق هئي ۽ اڄ جناح جا حامي بڻيل ان وقت رياست جي مخالف ڪيمپ جا شريڪ هئا. مذهبي اقليتن پاران جوڙيل هن رياست کي پوءِ ٻين مذهبي اقليت لاءِ دوزخ بنايو ويندو، اهو شايد ان قائدِ پاڪستان جي تصور ۾ به ڪٿي موجود نه هجي. هيءَ ڌرتي مذهبي اقيلت لاءِ تپائي ٽانڊو ڪجي ۽ کين گولين جي نشاني تي رکي انتهاپسند هئڻ جي مشق پڪي ڪجي، اهو آئين ۽ قانون ته پري، پر انساني اخلاقيات جي ڪنهن به ڪتاب ۾ جائز نه هو ۽ يقينن هر ڪنهن اهو به چڱي ريت ٿي ڄاتو ته هيءَ مذهب جي عقيدي جي تشريح نه، پر ان جو سياسي استعمال هو. پر ڪنهن ٿي ڄاتو ته سياسي مقصدن خاطر اقليت جو ڪوس ڪيو ويندو. پتو ناهي ته ان سياسي طريقهءِ استعمال ۾ اهل دل ۽ اهل مذهب جون دليون ڪهڙي نقطي تي پنهنجون سرحدون مٽائين ٿيون. پر اهو جيڪو ان بيهمانه ڪوس تي ۽ گوجره ۾ عيسائين جي گهرن ۽ گرجائن کي هڪ تيلي سان زنده انسانن سميت ساڙي رک ڪرڻ تي جيڪا دل بي اختيار روئي ويهي، ان ۾ ٻيو سڀ ڪجهه ته ٿي سگهي ٿو، پر انسانيت نالي ماتر به نه هوندي.

    هو جيڪي هٿيارن سان ليس آهن ۽ جن کي گهيراءُ ڪرڻ جي، ساڙي مارڻ جي، بارود سان انساني جسم ۾ باهه لڳائڻ جي تربيت ڏنل آهي، هاڻ ان پروپيگنڊا ۽ لٻاڙ کان باز اچجي ته اهي ڪٿان ٻاهران تربيت وٺي، هن ملڪ کي نقصان ڏيڻ جو سامان تيار ڪري ويٺا آهن ۽ جيڪڏهن اڄ وزيرِ داخلا رحمان ملڪ پاران پنجابي طالبان جو نانءُ کڄي ٿو ته نه وساريو ته پنجاب جو اهلِ دانش، اهلِ دل ۽ حساس دل رکندڙ سياسي دانشور توڙي تجزيه نگار ۽ لبرل ذهنيت رکندڙ ماڻهن پاران ڪي سال اڳ ان تشويش جو اظهار ڪيو ٿي ويو ته ڏکڻ پنجاب ۾ انتهاپسندن جي تربيت گاهن، مدرسن ۽ طالبان جي ڀرتي جي مرڪزن ۾ نه رڳو اضافو ٿي رهيو آهي، پر هڪ ڏينهن اهي پنجاب جي امن کي به ائين نشانو بڻائيندا، جيئن قبائلي علائقن جو طالبان پوري سرحد/خير پختونخوا جي امن کي چٽي نشاني تي رکيو آهي.

    پشاور جي قصه خواني بازار هجي يا آمريڪي قونصليٽ، ٽريگر تي سندن آڱر ڄميل ۽ ڪلهي تي پيل لانچر تر جيترو به نشاني تان گسڻ جيتري گنجائش نٿا رکن....خيبر پختونخوا وارا چچريل لاشن جا ٽڪر ميڙي ميڙي ٿڪجي پيا آهن ۽ پختون ڀائرن جا ڪلها پنهنجن پيارن جا جنازا کڻي کڻي ساڻا ٿي چڪا آهن، پشاور جي اسپتالن ۾ مائرون ڪهڙي دل سان پنهنجي معذور ٿيل ٽنگون، اکيون، يا ٻانهون وڃائي ويهندڙ ٻارن کي ڪيئن آٿت ڏينديون هونديون، اهو سندن ڳوڙهن ڀريل دلين کان پڇو.

    ها، پر گذريل سال ٻن کان پنجاب نشاني تي آيو ته انهن شريف برادران کان به دانهن نڪري ويئي ته ”طالبان کين بخش ڪن، ڇو ته پنجاب سندن جنگ ۾ ساڻن شريڪ آهي.“ ۽ اهو غلط به نه هو. شريف برادران جي سياسي مرڪز جا تانا بانا نيٺ ان دهشتگردي جي نرسرين تي دنگ ڪن ٿا، جن کي سندن سياسي پير و مرشد ضياءُ الحق صاحب افغانستان ۾ ويڙهه لاءِ ”جهاد“ جي فرض جي ادائيگي لاءِ تيار ٿي ڪيو. شريف برادران اڄ به اهو مڃڻ لاءِ تيار نه آهن ته پنجاب جي انهن نرسرين مان ڦٽي نڪرندڙ اها پوک هاڻ رياست تي قبضا گيري لاءِ مڪمل تياري ۾ آهي. جي ايڇ ڪيو تي حملي اهو به ثابت ڪيو ته دهشتگردي جي اها نرسري جيڪا ضياءُ الحق جهاد اڪانامي لاءِ لڳائي ويئي هئي، اها ٻيو ته ٺهيو، پر هاڻ ضياءُ الحق جي ان اداري کي به بخشڻ لاءِ تيار نه آهي، جنهن جهاد جي حمايت لاءِ جنرل حميد گل جهڙا مردِ مومن تيار ڪري پنهنجي اداري جا در سدائين سندن آجيان لاءِ تيار رکيا. ڪير نٿو ڄاڻي ته معاشري ۾ پاڙ ڪرڻ کان اڳ ”جهاد“ جي ان نقطهءِ نظر کي ان اداري پاران قبوليت جو سرٽيفڪيٽ ڏيندڙ به اهو ئي ادارو هو، جنهن جا جوان اڄ سوات ۽ وزيرستان ۾ انهن سان دوبدو آهن. ڪير ڄاڻي ته اڃا به چڱي خاصي اڪثريت ”طالبان“ کي چڱي ۽ بري طالبان جي درجهءِ بندي ۾ پنهنجي لاءِ دفاعي ساز و سامان جيتري اهميت ڏيندي هجي، پر شايد کين اهو سمجهڻ ۾ اڃا وقت لڳي ته هاڻوڪين حالتن ۾ انهن هٿيارن پنهوارن ۽ جنگي ساز و سامان جي استعمال جو مدو ختم ٿي چڪو آهي. Expiry date گذري وڃڻ کان پوءِ زندگي بچائيندڙ دوائون ڪيئن استعمال ڪرڻ تي جان ليوا ثابت ٿينديون آهن، طالبان جي هاڻوڪي پوسٽ ممبئي ڪاررواين کانپوءِ سمجهڻ گهڻو ڏکيو نه آهي. ائين به ناهي ته ڳجها ادارا ڪو ان صورتحال کان بي خبر آهن ته ڪيئن پنجاب ۾ مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي شفٽ ٿي رهي آهي، پر سوال آهي ته وفاقي توڙي صوبائي حڪومت ان کي Deal ڪرڻ لاءِ ڪنهن مناسب آپريشن جي پلان کي اڳتي وڌائڻ چاهين به ٿيون يا نه؟

    ڏکڻ وزيرستان ۾ فوجي آپريشن جي شروعات کان اڳ سيڪيورٽي ايجنسين ۽ پاڪستان رينجرس پاران هڪ رپورٽ مرتب ڪئي ويئي، جيڪا فوج، گهرو کاتي ۽ ٻين ڳجهن ادارن کي پڻ موڪلي ويئي هئي. ستن صفحن جي هن رپورٽ ۾ ٻه نقشا به شامل هئا، جن ۾ پنجاب جي ضلعي ڊيره غازي خان ۽ ضلعي راجن پور جي علائقن جي نشاندهي ڪيل هئي. سنڌ حڪومت سميت سڀني سنڌ واسين کين خبردار رهڻ کپي ته ان علائقي ۾ سنڌ جي ڪشمور ضلعي واري ڪچي جي پوري پٽي ڏيکاريل آهي. رپورٽ ۾ صاف چيل آهي ته وزيرستان جي آپريشن ۾ ڪيئن شدت پسند انهن علائقن ۾ موجود مدرسن ۾ داخل ٿين ٿا. ان رپورٽ ۾ انهن مدرسن جي پڻ نشاندهي ڪيل آهي، جيڪي ان قسم جي عسڪري ڪاررواين ۾ ملوث آهن. نه رڳو ايترو، پر رپورٽ ۾ اتي موجود ٽريننگ ڪيمپن جو ذڪر به ڪيل آهي. پاڪستان رينجرس جي ان رپورٽ ۾ واضع طور تي لال مسجد، وزيرستان ۽ هتان جي Training camps جي ويجهن لاڳاپن واري ٽرائيڪا جي نه فقط نشاندهي ڪئي، پر اهو پڻ چيو ويو ته شدت پسند ويڙهاڪن جي پاڙ پٽڻ لاءِ اهو انتهائي ضروري آهي ته ان ٽرائيڪا جي ڄار کي ٽوڙجي. رپورٽ ۾ پاڪستان رينجرس جي سربراهه واضح طور تي چيو ته ”اسان جو ڪم نشاندهي ڪرڻ آهي، ان جي خلاف ايڪشن کڻڻ حڪومت جي ذميواري آهي.“

    آخر پنجاب حڪومت نيٺ به ڇو بضد آهي ته اها پنجابي طالبان جي وجود کان انڪاري ٿي بيهي ۽ حقيقي طور تي نشاندهي ڪيل شدت پسندن جي ٺڪائڻ جي خاتمي بجاءِ وفاقي حڪومت تي ”صوبائيت“ پرستي وارو الزام هڻي چڙهت ڪري اچي.

    حقيقت اها آهي ته نواز ليگ بنيادي طور تي ساڄي ڌر سان وابستگي رکندي ان سياسي پير و مرشد هٿان پالي وڏي ڪئي وئي، جيڪو ان سڄي شدت پسندي جو خالق رهيو. ڀٽي خلاف هلايل تحريڪ دراصل ان ئي ساڄي ڌر جي تاجرن جي تحريڪ هئي، جيڪي گهڻو تڻو لاهوري هئا، يا سندن واسطو پنجاب جي واپاري طبقي سان هو. ضياءُ الحق سندن لاءِ مردِ مومن هو ۽ هي اهي ئي واپاري آهن، جن وٽ اڄ به جهاد جي چندي جون پيتيون توهان کي رکيل ملنديون. حقيقت اها آهي ته مرڪز ۾ حڪومت کي ڪيرائڻ ۾ جيڪي به تحريڪون هلن ٿيون، ان ۾ پنجاب جي واپاري ڪميونٽي جي سياست جو وڏو هٿ رهيو آهي. هاڻي به مجاهد حسين جي ڪتاب پنجابي طالبان ۾ انتهائي باخبر ذريعن موجب سڄي پنجاب مان هر مهيني چار کان پنج ارب رپيا مذهبي جماعتن لاءِ چندو ڪٺو ڪيو وڃي ٿو. هاڻي فيس بوڪ تي پنجاب گورنمينٽ جي تعاون سان لڳل انهن اشتهارن جون تصويرون به عام آهن، جن تي ٻين فرقن سان نفرت کي جو درس ڏيڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي وئي آهي. اهي به خود پنهنجي انٽيلجنس ادارن جون رپورٽون آهن ته ڏکڻ پنجاب جا لڳ ڀڳ نوَ هزار شدت پسند هن وقت به وزيرستان ۽ افغانستان ۾ اتحادين ۽ پاڪستاني فورسز خلاف ڪاررواين ۾ حصو وٺي رهيا آهن. ان ڳالهه جو ذڪر عوامي نيشنل پارٽي جو افراسياب خٽڪ به ڪري چڪو آهي ته سوات آپريشن ۾ پنج هزار پنجابي طالبان لڙائي ۾ شريڪ هئا. دراصل هيءُ وقت سندن پاران اقتدار تي قبضاگيري جو وقت آهي، ڇاڪاڻ ته هن وقت پنجاب حڪومت جو سهڪار ماڻڻ شامل آهي. سياسي مفادن جي اثر هيٺ اها مرڪزي حڪومت کي ڊاهڻ/ڪيرائڻ لاءِ اڄ به 77ع جهڙي ڪنهن مذهبي نعري جي ورجاءَ ۾ انهن شدت پسندن کي استعمال ڪري سگهڻ جو آپشن هٿان وڃائڻ نٿي چاهي.

    اهي پنجاب حڪومت جا پنجابي طالبان سان ڳنڍيل مستقل مفاد آهن، اهو ئي سبب آهي ته پنجاب ۾ اقليتن خلاف ڪارروائي ٿي رهي آهي. اقليتن لاءِ ۽ ٻين فرقي وارن لاءِ ڌرتي تپائي ٽانڊو ڪرڻ وارن کي يقينن انهن جي پٺڀرائي حاصل رهي هوندي، پر اها باهه هاڻي سندن دامن ساڙڻ لڳي آهي. وقت آهي ته کين خبردار ڪجي، وقت آهي ته کين اقليت جي قتل عام ختم ڪرڻ لاءِ خبردار ڪجي، نه ته باهه دامن کان ٿيندي جڏهن سندن ڳچين تائين پهچندي، تڏهن هو ائين رڙ، دانهن ڪرڻ جهڙا به نه رهندا، جيئن اڄ سول سوسائٽي دانهين رهي آهي. ان سان گڏ هيڏانهن ٿوري نظر سنڌ ڏانهن به...جيڪڏهن هو ڪشمور تائين روڪيا وڃن ٿا ته ٺيڪ، ورنه ياد رکو اهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن سنڌي سماج سان گڏ صوفي ازم جو درس ڏيندڙ درسگاهون به سندن نشاني تي هوندا.

    amarsindhu@yahoo.com
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    طالبان کي بچاءَ جي گهٽي ڏيڻ جون ڪوششون ڇو پيون ٿين؟




    اربع 7 جولاءِ 2010ع



    خالصتن مذهبي پسمنظر رکندڙ مضافاتي بستيون رکندڙ پنجاب جو ڪيپٽل اڄ ٺيڪ نشاني تي آهي. پنجاب جي ڪيپٽل ”لاهو“ ۾ نشاني خطا ٿيڻ جا امڪان بنهه گهٽ ان ڪري به آهن ته ”رائيونڊ“ ۽ ”جاتي امراءُ“ يعني بادشاهانِ پنجاب جي محل ڏانهن ويندڙ رستو ئي نه، پر دڳ به ساڳيو ئي آهي ۽ رستي واري اها سياست شريف برادران جي لاهوري سياست کان گهڻو اڳ سندن ”ابا جي“ جي پوکيل آهي. ”ابا جي“ جا اهي فرمانبردار پٽ ساڳي ”راهه و رسم“ نڀائيندا پيا اچن ۽ اها به سندن نڀائڻ واري ڳالهه ئي آهي، جنهن ڪري داتا درٻار تان ميڙيل لاشن کان پوءِ به هو ”طالبان“ سان نبرڻ بجاءِ کين ”بچاءَ“ جي گهٽي ڏيڻ ٿا چاهين. ان بچاءَ جي گهٽي، ان مذهبي عسڪريت ۾ ئي هاڻ تنهن پنجاب جي ضمانت پوشيده آهي. اها ڳالهه هاڻ سياسي طور نابين شخص به آساني سان ڏسي سگهي ٿو. طالبان سان ڳالهيون فقط ملڪي اسٽيبلشمينٽ جي خواهش پٽاندڙ آهن، جيڪڏهن واشنگٽن واقعي افغانستان مان فوجن جي اخراج جي باري ۾ سنجيده آهي ته کيس پاڪستان ۾ يقينن اهڙي سياسي قائد جي ضرورت رهندي، جيڪو ٽياڪڙي ۾ ”طالبان“ وٽ به قابل قبول هجي ۽ شريف برادران لاهور کي ڏنل تيلي تي سيڪ نه اچڻ ۽ وري به ”طالبان“ سان ڳالهين جي ڳنڍ ٻڌي بيهڻ کي جيڪڏهن ان پسمنظر ۾ ڏسجي ته ڳالهه وڌيڪ سمجهه ۾ اچڻ جوڳي آهي. لاهور کي ڏنل تيلي تي سيڪ نه اچڻ کي اڃا به جيڪڏهن پسمنظر ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪبي ته ”ابا جي“ جي ان سڪيلڌي جي سياست جو سمورو سٽ سلجهي پوندو.

    ان ڏينهن جڏهن سترهين آگسٽ تي فضا ۾ ڦاٽل هيليڪاپٽر جي خاڪ بهاولپور جي سرزمين تان کڻي هڪ تابوت وسيلي فيصل آباد مسجد جي ڪنڊ ۾ فوجي ۽ سرڪاري اعزاز سان دفن ٿيڻ لاءِ آندي وئي. ان ڏينهن تابوت کي سليوٽ ڪندڙ دستن سان گڏ صفن ۾ اقتدار جي گهٽين جا سدا حيات مُهرا بشمول سياسي شڪلين جي بيٺل هئا ۽ ان ڏينهن ان خاڪ کي آخري سلام پيش ڪرڻ لاءِ ۽ نمازِ جنازه لاءِ صف در صف بيٺل فرزندانِ ضياءُ الحق کان وڌ ڏکارو چهرو ميان نواز شريف جو هو. لٿل منهن سان نمازِ جنازه جي قيام لاءِ بيٺل صف ۾ هو صفِ اول ۾ بيٺل جنرل فضل الحق، وزير اعليٰ سرحد جي ڪن ۾ سرٻاٽن ۾ ڳالهائي رهيو هو. جيتوڻيڪ ان وقت ٺيڪ سندس پويان سنڌڙي جو محمد خان جوڻيجو به ساڳي تابوت کي سلامي جو شريڪ هو، پر پنجاب مان ڦٽندڙ اقتداري سرچشمي جون اکيون ميان صاحب تي کتل هيون. ان وقت تائين هو اسٽيبلشمينٽ جي اکين جو تارو بڻجي چڪو هو. سنڌ مان کين سنڌڙي انب ته منظور هئا، پر سنڌڙي جو وزير اعظم جرنيل جي نڙي کان هيٺ نه لهي سگهيو. ان قطار ۾ ”جوڙ توڙ“ واري ڳٺ جوڙ جو پيادو الاهي بخش سومرو به جيتوڻيڪ ان غلام اسحاق خان جي پٺ سان لڳو لڳ بيٺل هو، جنهن ڀٽي جا تختا ڪڍڻ ۾ ضياءَ کي وارو وٺرائڻ واري ڪم جي وصولي جي اوسيئڙي ۾ ڄمار ڏيئي ڇڏي هئي. اتفاقيه صدر جي شيرواني سندس بت تي فٽ آئي هئي. پيادي سپاهي جي مستقبل ۾ ڪا وڏي آسامي ته نه هئي، پر سنڌ ۾ ساڻن سر ملائڻ واري هر سائين سڳوري جو ملهه ڪٿيو ويو هو.

    پاور گيم جي نئين سيٽ اپ جي تياري ان تابوت جي آمد کان اڳ پنڊي ۾ پوري ٿي چڪي هئي. تابوت ۾ پيل خاڪ هئي يا رڳي جبڙو هو، پر اها حقيقت آهي ته ان ڏينهن فيصل مسجد جي ڪنڊ ۾ رڳي ” ضياءَ جي خاڪ“ ئي دفن ٿي هئي، سندس روح نه رڳو ان اداري، جنهن کيس پنجين جولاءِ جو فاتح بڻايو هو ان اداري جي جوڙجڪ جي سر سر ۾، پر سندس روح، رياست جي سڀني پيل پاون ۾ بشمول پارليامينٽ ۽ عدليه جي پاڙن ۾ ائين تحليل ٿيو، جو اڄ به ان جي بنيادي نظرياتي ڍانچن سان ڪير ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگهيو آهي.”اور پهر لائين کٽ گئي....جرنيلون کي رات کا آغاز هو چکا تها“ ٽرپل وَن برگيڊ جي ڪامياب آپريشن، آپريشن فيئر پلي جي پڄاڻي تي مولانا ڪوثر نيازي لکيو هو...۽ اهو پهريون ئي مولانا صاحب هو، جيڪو هڪ ئي وقت ڀٽي جي ڪابينا ۽ ضياءَ جي سالاري ۾ هلندڙ اداري جو مخبر هو. پوءِ ته اقتدار سان ڳنڍيل عوام جي لائين ڪٽجي چڪي هئي، هاڻ اقتدار جي نئين ڪهاڻي ”ان رات“ مان جنم وٺڻي هئي.

    جنرل غلام جيلاني معرفت ”ابا جي“ پنهنجي خدمت جي وصولي عيوض ميان نواز شريف جي سياست ۾ نه، پر ”اقتدار“ ۾ ڀرتي ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. پي اين جي سورش مچائڻ وقت آمريڪا جو ڊارلنگ ۽ مستقبل ۾ وزير اعظم جي منصب جا خواب ڏسندڙ اصغر خان جڏهن ضياءَ پاران اقتدار جي مڪمل قبضا گيري کانپوءِ ”اوور سمارٽ“ چئي ٻاهر اڇلايو ويو، تنهن وقت پنڊي کان چڪوال تائين جي گريزن بيلٽ کي پنهنجو من پسند سياستدان ان سڄي هڙ ۾ ڪٿي به نظر نه آيو، جيڪا ڀٽي ۽ جمهوريت خلاف ڀنڊي ٻارڻ لاءِ هتان هتان ڪٺي ڪري هڪ ڳنڍ ۾ ٻڌي ويئي هئي. اقتدار تي قبضا گيري وقت وردي واري ان جرنيل کي ڪٿان به اخلاقي ۽ معاشي تعاون جي اميد نه هئي، ان وقت سندس نگاهون واليانِ حرمين شريف ڏانهن اٿيون هيون. ايراني بنياد پرست اسلامي انقلاب پنهنجا جهنڊا کوڙي رهيو هو... ۽ ان مذهبي رياست جي تڪميليت ۽ ان جي اڳتي جي راهه کوٽي ڪرڻ لاءِ اهو انتهائي ضروري سمجهيو ويو ته پاڪستان کي ان سموري فرقي واريت واري جنگ جو ميدان ٺاهجي، جيڪا ان شيعه رياست کي منهن ڏيئي سگهي ۽ ان لاءِ فنڊنگ ۽ امداد عرب ملڪ سميت انهن سڀني مذهبي رياستن ٿي ڪئي، جن لاءِ شيعه رياست هڪ مذهبي ٿريٽ جي صورت ۾ اڀرڻ جا امڪان هئا. اهو چوڻ غلط هوندو ته ضياءَ جي حڪومت رڳو آمريڪا جي Proxy war افغانستان ۾ وڙهي، پر هن جي حڪومت مڊل ايسٽ ۽ سعودي عرب سميت انهن سڀني رياست جي جنگ لاءِ پنهنجي سرزمين آفر ڪئي، جن لاءِ ايراني سخت گير رياست هڪ چيلينج بنجي اڀري هئي. ان وقت ”جهاد“ پاڪستان لاءِ Political economy جو ذريعو بڻيو، نه رڳو مدرسا اها نظرياتي نرسري بڻيا، جن افغانستان جي جنگ لاءِ سپاهي پيدا ڪيا، پر هي Proxy war جي مليشيا تيار ڪندڙ تنظيمون عين ضياءَ جي اقتدار کي طول بخشڻ لاءِ پڻ وجود ۾ آيون. بيشڪ هڪڙي سرد جنگ، جيڪا آمريڪا ۽ سوويت يونين جي درميان هئي، تنهن پنهنجي سالاري قافلي کي استعمال ڪيو، پر ٻي سرد جنگ پڻ هن خطي ۾ پنهنجو آغاز ڪري چڪي هئي، جيڪا ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ هئي. ان سرد جنگ لاءِ پڻ سالاري قافلي ڌر ٿي پنهنجون خدمتون آڇيون. مدرسن جي ڄار وڇائڻ کان وٺي فرقيوارانه تنظيمن جي ترويج به ان دور ۾ شروع ٿي ۽ اڄ ڪالعدم تنظيمن جا پيدائشي سال جاچيا وڃن ته اهي لڳ ڀڳ ان ضياءَ جي اقتداري سياست جي اردگرد ئي هوندا. غير ملڪي قوتن لاءِ باقائده سپاهه گيري جي ابتدا به لڳ ڀڳ ان ئي عرصي ۾ شروع ٿي. Proxy war واري سپاهگيري لاءِ بيشڪ ته ٻروچ ۽ سنڌي انتهائي ناقابل اعتماد هئا، پر هن مذهبي فرقيواريت واري جهاد ۾ ته بريلوي ۽ شيعو به ناقابل قبول لکيا ويا. جهاد اڪانامي ۾ فقط سعودي جي تقليد ڪندڙ فرقا ئي اڳتي هلي سگهيا پئي، ان نظرياتي دائره ڪار ۾ ايندڙ مذهبي مرڪز آهن، جيڪي ضيا ۽ ضيائي سياست جي وارثن جي ذاتي دلچسپي سان وڌيا ۽ ويجهيا. اهو ضياءَ جو دور هو، جڏهن سالياني اجتماعي مان فيض وٺڻ لاءِ صدر ۽ وزيرن سميت فورسز جا ڪيئي عهديدار پڻ شريڪ ٿيندا رهيا آهن. رڳو ايترو ئي نه، پر افغانستان جي طالبان جو امير ملا عمر پڻ لاهور ۾ ٿيندڙ سالياني اجتماعن مان فيض وٺي چڪو آهي. جڏهن ته اسامه بن لادن لاءِ مشهور آهي ته اهو به ڪي ٻه ڀيرا مهمان ٿي چڪو آهي. ڪالعدم تنظيمن مان لشڪر طيبه جو اڄ به لاهور جي سياسي منظرنامي مڪمل ڪنٽرول آهي.

    نواز شريف جي سياست جي پاڙ جيڪڏهن اڄ به ضياءَ جي مارشل لا ۾ پيوست آهي ته سندس ترويج جا سلسلا ان ملڪ جي سياست سان ڳنڍيل آهن، جيڪو پڻ آمريڪا جيان هن خطي ۾ پنهنجي پاور جي سلامتي چاهي ٿي ۽ جيڪڏهن ڏسجي ته غلام جيلاني جي ڪرم سان سياست ۾ داخل ٿيندڙ نواز شريف جي سياست اڄ به انهن ئي پراڻن فڪري مرڪزن تي آڌاريل آهي، جيڪي سپاهه گيري جي فن سان سياست جا رشتا تلاشين ٿا. اهو ئي سبب آهي ته پنجاب جي دل لاهور سڙڻ تي به سندس دل کي سيڪ نٿو اچي. 2010ع تائين ميان صاحب جا مشرف معاهدي ڪري ڏهه سال سياست نه ڪرڻ تي هٿ ٻڌل هئا. هو سعودي سان ڪيل معاهدي جو پابند هو. 2010ع کانپوءِ جڏهن عملي سياست ۾ حصو نه وٺڻ واري شرط جو مدو ختم ٿيندو، تڏهن يقينن هيستائين چڪوال کان پنڊي تائين ۽ جي ٽي روڊ جو دادلو رهندڙ ”ميان صاحب“ هڪ نئين عوامي روپ ۾ اچڻ لاءِ تياري ۾ هوندو. جيتوڻيڪ ڪرڪيٽ جي ان پراڻي کلاڙي هينئر کان ئي رن اپ وٺڻ شروع ڪيو آهي، پر کيس سندس گهڻو ڳالهائڻ جو وڌيڪ موقعو ان ڪري به نه ملي سگهيو، جو اسلام آباد جي صدارتي هائوس تي پهچڻ کان اڳ ئي باهه سندس ئي گهر جي ڪنڊ وڪوڙي چڪي هئي.

    تبديلي جي امڪانن کي تيز ڪرڻ لاءِ عدليه ۽ اپوزيشن جو محاذ يقينن پراڻي I.J.I واري تجربي کان ڪو گهڻو مختلف نٿو لڳي، پر حالتون سندن لاءِ ائين سازگار بڻجي پون، اهو ضروري ناهي، پر هنن پنهنجي ليکي ۾ تياري ضرور وٺي ڇڏي آهي. اين آر او جي مئل گهوڙي ۾ رکي رکي ساهه وڌو پيو وڃي ۽ هاڻ ڪوڙين ڊگرين واري اشو کي هوا ڏيئي ميدان ۾ لاٿو ويو آهي...هوڏانهن ”اصلي تي وڏي مالڪان“ سان تاڙا ملائي نواز شريف به ميدان ۾ لهڻ جي تياري وٺي چڪو آهي. پنهنجي قومپرستن جو اتحاد به خير سان دونهين دکائڻ ۾ مصروف آهي. جيتوڻيڪ سڀ ڄاڻن ٿا ته سنڌ قومي اتحاد واري پليٽ فارم تان اهي ڌريون هڪٻئي سان ڇڪتاڻ ۾ اچي عوام کي مايوس ڪري چڪيون آهن...نواز شريف حادثاتي ليڊر ناهي، هو ڪيترن ئي هٿن، ڪيترين ئي قوتن پاران بار بار گهڙي تيار ڪيل اهڙو اڳواڻ آهي، جيڪو وقت تي پنهنجي محسن جو احسانمند ٿيڻ جو موقعو نه وڃائيندو. نه رڳو ايترو، پر جيئن سندس محسنن کيس ڏکين ۽ گرم پاڻين مان پي پار پجايو آهي، تيئن هن جي سموري سياست جو محور ۽ مرڪز به سندن ڪرم نوازي سان آڌاريل آهي ۽ جيڪڏهن ڪوڙين ڊگرين جي معاملي کي ڏسجي ۽ گڊ گورننس جي سوال تي نواز شريف جي مڇرجڻ جو اندازِ بيان ڏسجي ته نتيجا ڪڍڻ گهڻو مشڪل نه هوندو ته اها ڪهڙي نئين ٻارڻ جي تياري آهي. مولانا فضل الرحمان پاران به عليحدگي جي راڳ کي ان معنيٰ ۾ رکي ڏسجي ته ڳالهه واضح ٿي پوندي.

    ممڪن آهي ته داتا جي درٻار کي نشانو بنائيندڙن سان ”ڳالهيون“ ڪرڻ وارو بيان واشنگٽن سرڪار لاءِ مستقبل جي طالبان سان مذاڪرات واري سيٽ اپ ٺاهڻ لاءِ پنهنجي پاڻ کي ٻنهي ڌرين يعني طالبان ۽ واشنگٽن لاءِ ڀروسي جوڳو ساٿي ثابت ڪرڻ جو پيغام هجي پر ملڪي سياست جا رستا جرنيلي سڙڪ کان به ٻاهر وڃن ٿا، اها ڳالهه پنجاب جي ڊارلنگ کي سمجهڻ ئي کپي.

    amarsindhu@yahoo.com
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ذڪيه وساڻ جو قتل ۽ مقامي سياست جو الميو




    ڇنڇر 10 جولاءِ 2010ع



    ”.... ۽ جڏهن ڪڪڙ کي به سير وجهبي آهي ته اها دانهون ڪري توهان جو سک ڦٽائي سگهي ٿي، پر هنن منهنجي ٻچي کي تکي ڪاتيءَ سان ڪتر ڪتر ڪري ڪُٺو ۽ گهر ڀاتي چون ٿا ته اسان کي پتو ناهي پيو. ادي تون انصاف ڪر، ائين ٿي سگهي ٿو؟“. ذڪيه وساڻ، جنهن جو تعلق پيپلز پارٽي جي صوبائي وزير منظور وساڻ جي ڳوٺ جي سان هو. رات جو ڪمهلي پنهنجي مڙس ۽ سندس ساٿين هٿان ڪاسائين واري ڪات سان ڪهي ڪيترا ٽڪر ڪئي وڃي ٿي ته ڪير مڃيندو ته سندس دانهن گهر جي ڏيڍي نه ٽپي هوندي؟ هوءَ بدپيشي لاءِ راضي نه هئي... پنجن پٽن جي ماءُ، ننڍڙو چئن مهينن جو، سندس ٿڃ تي هو. کائنس نٿي پڳو ته گهر جي ڏيڍي ٽپي آيل ”مزمان“ جي سندس مرضي واري خاطر مدارت ڪري... کائنس نٿي پڳو، ان ڪري ئي هوءَ مڙس جي مار موچڙي جو شڪار هئي. ڪڏهن پٺن ۾ نيل ته ڪڏهن چهرو سڄيل. ڌيئرون به آنڊن جا ٽڪر ٿين ٿيون، ڌيئرن تي آنڊن ۾ وڍ پون ٿا... پر ساڳيون ئي ڌيئر، ساڳيون ئي پيٽ ڄايون، آنڊن جا ٽڪر ٻه ٻول نڪاح جا پڙهي جي ڪنهن سان رخصت ڪجن ته پل هڪڙي ۾ مامتا جي رت پگهر واري پالنا ۽ پيءَ جي ڪا شفقت ڀري، دل ڪو ٻاجهه جو هٿ مٿائن آسري جيان. آسودگي پل هڪڙي ۾ ئي سندن لاءِ اوپري بڻجي ٿي وڃي. رخصتي وقت مڙس جي گهران جنازي نڪرڻ جون دعائون ته ڪنهن جڳ جون مائرون ضرور ڪنديون هيون، پر هاڻ خبر ناهي اها ممتا کيس ڪيئن رخصت ڪندي آهي، جنهن اباڻي گهر ۾ کيس ڪوسي ٿڌي کان وس آهر بچاءُ پئي ڪيو آهي. نڪاح جي ٻن اکرن ۾ اها اجنبيت، اها اوپرائپ .... ۽ وري واپس ان در تي نه اچجائجانءِ ..... اهي نياڻيون اباڻي گهر جي چائنٺ ڪهڙي دل سان ڇڏينديون هونديون، سا ته کين ئي خبر، پر اوچتو ئي جڏهن روز روز جي جي مار موچڙي ۽ وک وک تي ذلتن جي زندگي جي بار کڻڻ کان ٿڪجي هارائي، پيئرن جي، ڀائرن جي در تي وري ورن ٿيون، تڏهن سندس ”اصل مالڪي“ جو سوال اوچتو ئي اچي کڙو ٿئي ٿو. هوءَ ڏوڪڙن ۾ کپائجي ٿي يا نڪاح جي ٻن ٻولن ۾.... پر مڙس جي گهران واپسي کيس سولو ساهه ڪڏهن به کڻڻ نه ڏيندي آهي. بت تي ڀل نيل جا نشان هجن... چهرو مار موچڙي ۾ سڄيل هجي، پر پيءُ ماءُ جا ايلاز هوندا ته، ” هن دفعي واپس وڃينس، اسان ڪيئن توکي کارائينداسين. ماڻهو ڇا چوندا ته ڇوڪريءَ گهر نه ڪيو .....“ ۽ کوڙ اهڙا اهانا بهانا، ايلاز، منٿون ميڙون... اصل مالڪي نڪاح واري مڙس جي ئي مڃبي ۽ نيٺ پوءِ پنهنجي هٿن سان نيل پيل ان روئندڙ نياڻيءَ کي ساڻس گڏ وڃڻ تي مجبور ڪبو، پنهنجو جگر ڪڍي نڪاح واري مالڪ جي هٿن ۾ڏبو ۽ اهو هڪ دفعو نه... پر بار بار ڪيو ويندو. سوکي ساهه لاءِ ڦٿڪندڙ نياڻي جيستائين قبر ڀيڙي نه ٿئي، تيستائين کيس ان اصل مالڪ جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويندو ۽ لڳ ڀڳ اهو ئي ڪجهه ڪنب جي ذڪيه وساڻ سان به ٿيو. ذڪيه، جيڪا بار بار بابل جي گهر ٿي واپس آئي ته کائنس هاڻ مار موچڙو سَٺو نٿو ٿئي.. ذلت جي گرهه واري تذليل کائنس برداشت نٿي ٿي... پر هر ڀيري ڪجهه دڙڪن داٻن تي، ڪجهه خاطرين، دلدارين تي کيس ساهراڻي گهر موڪليو پئي ويو ۽ ساهراڻو گهر نيٺ سندس لاءِ مقتل بڻايو ويو.

    ڪير ڪيئن ڄاڻي ته سندس مڙس جانور ذبح ڪرڻ واري اها تکي ڪاتي ڪاسائي کان ورتي هئي، يا گهر ۾ پيل ڪات تي سراڻ چڙهائي هئي، پر ذڪيه کي ذبح ڪرڻ کان اڳ هن اهي سمورا دوست ضرور گڏ ڪيا هئا. (ڪي نالا ته ايف آءِ آر ۾ سندس والد به کنيا) پر ڏسجي ته ڇا عورت کي، باهوش و حواس ذبيح جانور جيان سير وجهڻ لاءِ ٽي ڄڻا ڪافي هئا؟ اها اوچتو، ڪو ڪاوڙ، ڪنهن غمي ۾ آيل هوش و حواس وڃائي ويهندڙ شخص جي ڪارروائي نه هئي، پر ذڪيه جي قتل لاءِ ائين ئي سٽ سٽي ويئي، جيئن ڪنهن شڪار لاءِ شڪاري اٽڪلون ڪندا آهن. ڪاسائي جي ڪات کان وٺي ڦٿڪندڙ، سير وڌل ذڪيه جا هٿ پير پڪڙي رکندڙ فقط ٻه ڄڻا ته نٿا ٿي سگهن ۽ شايد سڄي گهر ڄاتو ٿي ته ذڪيه وساڻ سان رات جو ٻين وڳي ڪهڙو ڪِيس ٿيڻ وارو آهي. هنن گڏجي چئن ٻارن جي ماءُ کي ڪٺو، سسي لڳ ڀڳ ڌڙ کان ڌار ٿيل هئي، تيز ڌار واري اوزار سان کيس ڳچي، ڇاتي، پيٽ ۽ هيٺ ڪي سترهن وار ٿيل هئا، هن جون ڇاتيون به ڪپي ٻه اڌ ڪيون ويون هيون.

    ان ڪٺل ذڪيه جي اطلاع لاءِ جيڪو همراهه هن ماءُ جي در تي آيو، تنهن به کين اطلاع ڏنو ته لاش کڻائي وڃو، ۽ ڪيئن سندس ماءُ سان ان وقت به در جي ڏيڍي ٽپندي گارگند سان ڳالهايو ويو. (عورتن سان ڪيئن ڳالهائبو آهي، سا ته سنڌ ڪڏهن به ڄاڻي نه سگهندي، پر ڪٺل ڌيئرن جي مائرن سان ڳالهائڻ به کين نه آيو هو، لڳ ڀڳ چچريل، چيريل ۽ جهير جهير ٿيل رت ۾ ڳاڙهي ذڪيه وساڻ جي لاش کڻائڻ لاءِ پيءُ پهتو هو.

    هي وساڻن جو ڳوٺ هو، پيپلز پارٽي جي وساڻن جو، سندن رئيس منظور وساڻ سندن نمائنده اسيمبلي ئي نه هو، پر صوبائي وزير به هو پتو ناهي ته ذڪيه وساڻ واري قضيي جي خبر ڪراچي ۾ ويٺل وزير تائين پڳي نه پڳي پر سندن پويان سندن سياسي گدي جي ”ديک ڀال“ ڪندڙن کي ذڪيه جي پيرسن پيءُ جون دانهون ڪرڻ ايڏيون وڻيون ڪو نه....

    بظاهر ته سرداري نظام، نه قبائلي وهنوار، پر اها سياسي ٻولي ۾ راڄوڻي آهي ته ”سائين/رئيس“ جي رضا کانسواءِ ايف آءِ آر نه ڪٽبي. ”سائين“ جي چئي آکئي کانسواءِ راڄ ۾ پن به نه چرندو. ڀلا ٿاڻي جي صوبيدار جي بدليءَ کان ڊي پي او جي مقرريءَ تائين ساڳين ئي رئيسن ۽ صاحبن جي درن جون حاضريون ڏبيون هجن، اتي هڪ ايف آءِ آر پنهنجي مرضي جي ڪيئن ٿي لکرائي سگهجي!

    ذڪيه وساڻ جي پيءُ جي رهبري به ان ”ديک ڀال“ ڪندڙ ٿي ڪئي. ذڪيه جو پيءُ چئن پنجن همراهن جا نالا ايف آءِ آر ۾ ڏيڻ لاءِ ضد ٻڌي ٿو، پر رئيس پاران پارت لاءِ ايندڙ کيس سمجهائي ٿو ته رڳي ٽن ماڻهن جا نالا ڏي... گهڻا نالا ڏيندي ته سڀ بچي ويندا...

    ”ابا، ائين هن زوريءَ هڪڙو نالو ڪٽرائي ڇڏيو“ .... سندس والد دانهيندي چوي ٿو. ڪيس تي مٽي وجهڻ، راڄوڻي ڪرڻ، فيصلي ۾ نبيرو ڪرڻ جا نياپا، کين ڪراچي کان ملن ٿا.

    هي خيرپور ضلعو آهي، واليءِ سنڌ قائم علي شاهه جو اباڻو ضلعو، محترمه ڊاڪٽر نفيسه شاهه جو ضلعو، منظور وساڻ جو، پيپلز پارٽي جي جيالن جو ضلعو، پر عورتن تي تشدد جي حوالي سان اڄڪلهه سڄي پاڪستان ۾ ٽاپ تي بيٺل ضلعو آهي. 2009ع ۾ ڪل ملائي 284 عورتون سڄي سنڌ ۾ قتل ٿيون، ان ۾ سڀ کان اڳيان بيٺل ضلعو خيرپور هو ۽ گڏوگڏ انهن انگن اکرن اها به ڏند ڪٿا ٽوڙي ته ڪو عورتن جا قتل قبائلي ۽ سرداري نظام رکندڙ علائقن ۾ وڌيڪ ٿين ٿا. پنهنجي وزير اعليٰ جو ضلعو عورتن جي قتل ۽ عورتن تي ٿيندڙ تشدد ۾ اڄڪلهه سڀ کان گوءِ کنيل آهي ۽ ڏسجي ته خيرپور ضلعي ۾ نه ڪي روايتي سردار آهن ۽ نه ئي ذاتيون قبيلن آڌار ورهايل آهن. هن پيپلز پارٽي جي دور ۾ هن خيرپور ضلعي جي اها سڃاڻپ ٺهي آهي ته ڪاريون ڪري عورتن کي ماريندڙن ۾ هي ضلعو پاڪستان ۾ پنهنجي نئين تعارف سان سامهون اچي رهيو آهي، پر رڳي ڪاريون ڪري مارڻ ۾ ئي ڇو گينگ ريپ جون شڪار عورتن جي ظاهر ٿيندڙ ڪهاڻين ۾ پڻ هن ضلعي پنهنجي ساک برقرار رهي آهي. ڪنهن وقت خاتون ضلعي ناظمه نفيسه شاهه جي حوالي سان هن ضلعي جي سڃاڻپ هئي، پر اڄ اهو تسليمان سولنگي جو ضلعو سڏيو ٿو وڃي، جنهن تي ڪتا بڇائي کيس ماريو ويو ۽ هن ضلعي جي سڃاڻپ ذڪيه وساڻ به بڻجي ٿي، جيڪا مڙس هٿان ڪات سان ڳڀا ڳڀا ڪري ڪٺي ويئي.

    ائين تسليم سولنگي جي قتل مامري جي ويساهه نه ڪرڻ جوڳي جاچ رپورٽ جيان هن ذڪيه وساڻ واري مامري کي به پريس کان بچائڻ جي ڪوشش ورتي ويئي، پر خبر ناهي ڇو هاڻ کين ڪير ٻڌائي ڇو نٿو ته هي 1993ع ناهي، هي 2010ع جي سنڌ آهي، جتي ميڊيا سميت عورتن ۽ انساني حقن جا واچ گروپ خبرداري رکن ٿا. ائين قتل معاملا لئي مٽ ڪرڻ بجاءِ ۽ ضلعي جو، پنهنجي انتخابي تڪ جو سمورو ڪنٽرول پنهنجي هٿ وس هيٺ رکڻ بجاءِ، ٿاڻي ۽ اسپتال تي نظرداري رکي کين پنهنجي احڪامن جو پابند بنائڻ بجاءِ کين آزادگي سان ڪم ڪرڻ ڇو نٿو ڏنو وڃي؟ کين ڪير اهو ڇو نٿو سمجهائي ته سندن سياسي ساک ضلعي جي مامرن کي پنهنجي ڪنٽرول هيٺ رکڻ بجاءِ جيڪڏهن مامرن کي قاعدن قانونن موجب حل ٿيڻ ڏجي ۽ متاثر ڌر سان گڏ بيهڻ ۾ ساک يقينن گهڻي مٿانهين ٿيندي. هن باخبر ميڊيا جي دور ۾ سج کي کاري هيٺ لڪائڻ شايد هاڻ ائين ممڪن ناهي ۽ ائين سنڌ جي ٻين سڀني ضلعن جيان خيرپور جي مقامي سياست پڻ ڪورٽ، ٿاڻي جا مامرا پنهنجي اوطاق تي نبيريندي ته يقينن آڱر اٿڻ جا موقعا وڌندا. ضلعي دادو ۾ ڌاڙيلن جي راڄ کي هٿي ڏيڻ، کين پالڻ، تاتڻ ۽ سندن پٺڀرائي ڪرڻ ۾ جيتري ساک وزيرن وڃائي آهي، ان مان به کين سکڻ کپي ته هاڻ ”هُشي“ سان اٿي پوندڙ ۽ دڙڪي سان داٻي ۾ اچڻ وارو دور نه رهيو آهي. فقط اها سياست ئي ساک ماڻيندي، جيڪا عوام، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي ۾ شفافيت سان سامهون ايندي.

    ذڪيه وساڻ جي قتل ڪيس ۾ پڻ ائين ئي ٿيو. جنهن گهر اندر رات جو هڪ عورت ڪٺي ويئي، ان جي ايف آءِ آر ڪٽجڻ بعد به مقامي ٿاڻو ڪنهن به نامزد جوابدار جي گرفتاري ڏيکارڻ کان معذور رهيو. جاچ آفيسر کان به ڪير پڇاڻو ڪري ته آخر ڏهه ڏينهن گذرڻ بعد به اهي ”قتل جو اوزار“ به دريافت ڪرائڻ ۾ ناڪام ڇو آهن؟ ڇا هي عام ٿاڻي جو ڪلچر ناهي ته معمولي چوري جي شڪ ۾ به سڄي ڳوٺ جو ڳوٺ ٿاڻي تي واڙي کانئن ابتي پڇائن جو سلسلو شروع ڪيو ويندو آهي ۽ هتي رات اندر گهر ۾ ٿيل قتل تي ٻيو ته ٺهيو پر گهر ڀاتين کان به پڇا ۽ بيان مڪمل نه ٿي سگهيا، بيشڪ جي پويان مقامي سياسي پٺڀرائي نه هجي ته ڪو ائين ممڪن نه هجي ته ايڏو اهم ڪيس ائين ٿڌو ڪيو وڃي. اها مقامي سياست آهي، جيڪا مقتولا جي پيرسن پيءُ کي ”راڄوڻي نبيري“ تائين چپ رهڻ تي مجبور ڪندي رهي. مقامي ٿاڻي کان پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن کان رپورٽ جي ڪاپي وصول ڪرڻ وقت به کيس بار بار اهو ٻڌڻو پئي پيو ته، ”سائين منع ڪيو آهي“. اها ڪهڙي سائين جي سياست آهي، سو سٽ ته مقامي ماڻهو پاڻ سلجهائين پر حقيقت اها آهي ته پوسٽ مارٽم رپورٽ جي ڪاپي به مقتولا ذڪيه وساڻ جي والد کي ڊي پي او آفيس ۾ ڊي پي او کان درخواست ڏيئي وٺڻي ٿي پوي. حد ته اها آهي ته چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ سنڌ، آءِ جي سنڌ سميت ضلعي جي ڊي سي او ۽ ڊي پي او کي به ان ڪيس متعلق وومين ايڪشن فورم پاران خط لکيا ويا، پر اها مقامي پوليس جي نااهلي ۽ مقامي سياست جي لاپرواهي جي انتها چئبي ته ڏهه ڏينهن گذرڻ کانپوءِ به فقط هڪ نامزد جوابدار جو رمانڊ پيش ڪيو ويو آهي. جانو (جان محمد) جي گرفتاري به ڏهه ڏينهن کانپوءِ ظاهر ڪئي ويئي آهي، جڏهن ته ڪنهن ٻئي کي پڇا ڳاڇا لاءِ ٿاڻي تي وٺي اچڻ جا ڪي به اطلاع نه آهن. فقط ذڪيه وساڻ ڪيس ئي ناهي، سنڌ پوليس وٽ عورتن جي قاتلن جي گرفتاري جو رڪارڊ ڪو گهڻو ساراهه جوڳو نه رهيو آهي. عورتن جا ڪيس سچ به هن معاشري ۾ ”مدعي سست“ واري کاتي ۾ اڻ نبيرا ئي رهجي وڃن ٿا. اها پوءِ شازيه ابڙو هجي، جا ائين ئي بندوقن سان لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ملا ابڙي ۾ ماري ويئي، ان جو ڪيس هجي، لڄالٽ جو شڪار بڻايل جوهي جي زليخان لغاري جو ڪيس هجي... اهي سرڪار ۽ پوليس جي ڌيان تان سدائين لٿل ڪيس آهن. جن ۾ جوابدار ”مفرور“ ڄاڻائي ٿاڻي جو عملو سڪون جي ننڊ سمهڻ جي جرئت ڪري سگهي ٿو. ائين ئي ذڪيه وساڻ جي ڪيس ۾ هڪ جوابدار جي گرفتاري کانپوءِ ڊي پي او آفيس، مقامي پوليس ٿاڻو ۽ مقامي سياست ”ٻيو مڙيئي خير“ چئي سک جي ننڊ سمهي سگهي ٿو، ورنه هيءَ ڪم ڪو انساني حقن/عورتن جي حقن جي تنظيمن جو ته ناهي جو هڪ هڪ ڪيس پويان پوسٽ مارٽم رپورٽ کان وٺي ايف آءِ آر جي ڪاپي هٿ ڪرڻ تائين ڊي پي او ۽ چيف جسٽس کي دانهينديون وتن.

    هي ڪيس يقينن خيرپور ضلعي لاءِ تسليم سولنگي کانپوءِ هڪ ٻيو ٽيسٽ ڪيس آهي، جنهن ۾ انتهائي وحشيانه طريقي سان هڪ عورت ڪُٺي ويئي، ائين جو کيس چار ڄڻا جهلڻ وارا هئا ۽ هڪ سير وجهي سندس جسم کي ڳترا ڳترا ڪري ڪات سان ڪهڻ وارو هو ۽ گهر ڀاتي .... سي رڳو خاموش تماشائي ته نه هوندا، جن هڪ عورت جي ساڳي ئي گهر ۾ ڪسجڻ تي گهري ننڊ پئي ڪئي. يقينن اهي پڻ ان سازش، ان بيرحمانه قتل جا شريڪ هوندا. ايف آءِ آر ۾ کڻي سندن نالا نه به هجن پر ان عورت کي ڪيئن ۽ ڪنهن ڪٺو؟ اها ڄاڻ يقينن مقامي ٿاڻو ۽ جاچ آفيسر کانئن پڇي سگهي ٿو. اهي اڄ تائين پوليس ڪارروائي کان ڇو بچيل آهن؟ ڇا ان ۾ به توهان کي مقامي سياست جا هٿ نظر نٿا اچن؟

    مقامي سياسي اثر هيٺ ٿاڻي جي پاڻمرادو ڪارروائي کان نيٺ مايوس ٿي مقتولا ذڪيه وساڻ جو والد مختلف سماجي/عورتن جي حقن جي تنظيمن کان سهڪار وٺي ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائڻ جي تياري وٺي چڪو آهي، پر ڇا اهو بهتر نه ٿئي ها ته وزير اعليٰ سنڌ پنهنجي ئي ضلعي ۾ عورتن جي اهڙي بيرحمانه قتل واري ڪارروائي تي مقامي ٿاڻي جي گهربل ايڪشن نه کڻڻ تي کين سندن نااهلي تي معطل ڪري، نئين سر جاچ جو حڪم ڏئي، جنهن ۾ نئين سر پوسٽ مارٽم کان وٺي، جوابدار جي گهر ڀاتين کي به قتل جي سازش ۾ ملوث ڪري قاتلن کي ڪنهن ڪردار تائين پڄائي. ائين ڪرڻ سان نه رڳو سندن سياسي ساک رهجي ايندي، پر خيرپور ضلعي جي ٺهندڙ ان نئين سڃاڻپ جو پڻ اثر زائل ٿيندو ته خيرپور ضلعو ملڪ ۾ ڪاريون ڪري عورتون ماريندڙن ۾ سڀ کان اڳڀرو ضلعو آهي. ان ڪري جو عورتن جي قتل جي معاملي ۾ اڃا جنهن حساسيت ۽ فرضن جي ادائيگي جو مظاهرو هن ضلعي جي سياسي توڙي انتظامي، انتظاميه کي ڪرڻ کپي ان ۾ انهن جي ناڪامي واضح آهي.... پر عورتن جي ڪوس، تشدد ۽ لڄالٽ واري مامري تي فقط اقتداري سياست ئي نه پر سنڌ جي سموري سياسي ڌرين پاران ”چپ چپاتي“ وارو ڪلچر پڻ ڏکوئيندڙ آهي. سڀني سياسي اڳواڻن لاءِ عورتن جا قتل جيئن ته سياسي نه آهن، ان ڪري انهن جي مسئلن تي ڳالهائڻ سان سندن سستي سياست جي بازار گرم ٿي نه سگهندي. ڇا اها حيرت جوڳي ڳالهه نه آهي ته سنڌ ته سنڌ پر سنڌ کان ست سمنڊ پار ويٺل سنڌين جو جيءُ سنڌ جي ٻين سياسي مامري تي جهري ٿو ۽ سندن هنيانءُ ۾ وڍ پون ٿا، پر گذريل چئن پنجن سال ۾ هزارن جي تعداد ۾ ڪٺل عورتن تي سندن جيءَ کي جهٻو نٿو اچي. هاڻوڪي آمريڪا ۾ ٿيل سانا ڪانفرنس جي ٺهراءُ وارو ڊرافٽ ته پڙهي ڏسو ته ٽن چئن پنن تي لکيل انهن ٺهرائن ۾ هڪ لفظ به سنڌ جي عورتن جي حقن جي لتاڙ لاءِ مذمت طور موجود ناهي. هيترن ماڻهن جي ميڙ مان ڪنهن هڪ به سنڌي کي اهو نظر نه آيو ته گذريل ڪيترن سالن کان سنڌ عورتن لاءِ جهنم بڻجي رهي آهي ۽ اهو جهنم ٻاريندڙ ڪي ٻاهريان نه آهن، ان ڪري اهو مسئلو ڪڏهن به ”سنڌ پرستن“ جي ايجنڊا جو حصو نٿو بڻجي. سياسي حقن تي لتاڙ تي سياست ڀل ڪجي، پر جي سنڌ ۾ ڪٺل بينام، بي ڪفن عورتن لاءِ ٻه اکر ڪڇجن، سندن وارثي ڪجي ته اها سنڌ سان دشمني نه پر دوستي ۽ سڄڻائپ ئي ليکبي.

    amarsindhu@yahoo.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو