محترم اسحاق سميجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

'سنڌي ادب' فورم ۾ عبدالوهاب طرفان آندل موضوعَ ‏7 آگسٽ 2010۔

  1. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ڪامڻ ڪر گيو ڙِي!



    اڱارو 14 فيبروري 2006ع

    ڪائنات جي يادگيريءَ واري صندوق جي جهڙتي وٺجي، ته ان مان هٿ لڳندڙ وڌ ۾ وڌ ڳهه ڳٺا ۽ مال ملڪيتون شايد عشق ۽ آرٽ جو ئي سرمايو نظر اچن. مري ته عقل ۽ ادراڪ به نٿو، پر عشق ۽ آرٽ جو اثر ۽ سحر ته نئين ڏينهن نرالو آهي. ٿري لوڪ گيت وانگر عشق ته آهي ئي ڪامڻ. جڏهن ڪنهن ڀِٽ جو لَڪ پار ڪندي، وڄ جهڙو وراڪو ڏئي لنگهندڙ ٿرياڻي:

    ”ڪامڻ ڪَر گيو ڙي....“

    جهونگاريندي آهي، ته بلهي شاهه جو گهنگهرو ٻڌي، گهٽي گهٽيءَ ۾ رقص ڪرڻ واري مامَ ڳجهه رهي ناهي سگهندي. جنهن شخص پنهنجو سفر ”بُلهيا! ڪي جاڻان مين ڪون“ سان شروع ڪيو هو، سو انت تي پهچي ايئن چوڻ لڳو هو:

    گور گيا ڪوئي هور،

    بلهي شاهه اسين مرڻا ناهين!

    آخر اهڙو ڪهڙو جادو هٿ لڳو هو بلهي شاهه کي، جنهن کيس اهڙو حيرت جهڙو اعتماد بخشيو هو؟ اهو جادو، ڀلا عشق کان سواءِ ٻيو ٿي به ڪهڙو ٿو سگهي؟!. اهو عشق ئي ته آهي، جنهن ڪيئي زمانه اڳ جي عام ۽ معمولي ڪردارن کي به اڄ تائين زندهه پئي رکيو آهي. نه ليليٰ وٽ لتا منگيشڪر جهڙو آواز هيو، نه مجنونءَ وٽ ڪبير ۽ ڀٽائيءَ جهڙي ڏات. ميهار هڪڙو عام مينهون چارڻ وارو هيو، ته سهڻي هڪ سادي سودي شڪل صورت واري ڳوٺاڻي عورت، سڏو نت ۽ سارنگا جا خاندان کڻي ڏوڪڙ پئسي وارا سهي، پر اڄ انهن جي ملڪيت ته ڪنهن کي ياد ناهي رهي، نه ئي ان جو ڪٿي نالو نشان ئي باقي آهي. پر پوءِ به ڇو ڪارونجهر واسي ايئن ٿا چون، ته جڏهن سانوڻيءَ ۾ مينهن اوڙڪون ڪري وسندو آهي، تڏهن ڪارونجهر جا مورَ پهاڙن ۾ سڏونت ۽ سارنگا لاءِ رڙيون ڪندي ٻڌبا آهن؟. اهو جادو نه آهي ته ڇا آهي؟ هڪڙا عام، روايتي، سادا سودا، غربت ۾ گذاريندڙ ڪردار تاريخ، سماج ۽ زندگيءَ لاءِ انقلاب جو نعم البدل بڻيلآهن. انهن ڪردارن انتهائي غير محسوس طريقي سان سماجي تاڃي پيٽا بدلايا آهن. روايتن جي بچاءَ بند کي کاڌ هنئي آهي، انهن جا بنياد لوڏيا آهن. شاهه جا ڪردار، جيڪي محبت جي ڪنهن به سائنسي فلسفي کان اڻ واقف آهن، سي اڄ سنڌي سماج جي ذهني، شعوري ۽ نفسياتي ڀرجهلائيءَ جو سبب آهن. جيڪڏهن اهي ڪردار ڏند ڪٿائون نه به آهن، تڏهن به وقت جي ڦيري ۽ سگهڙن جي فن انهن کي يوناني ۽ هندي ديو مالا جي ڪردارن برابر ضرور آڻي بيهاريو آهي. پر اهي ڪردار اڄ به سنڌي سماج ۾ Exist ڪن ٿا، پنهنجي هجڻ جو احساس ڏيارين ٿا ۽ پنهنجي سماج لاءِ زندهه فردن کان به وڌيڪ اثرائتو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. نيٺ به، عشق جي اهڙي اسرار کي، ڪهڙو نالو ڏجي؟! سچ پچ به، عشق پنهنجي جوهر ۾ ڪنهن پهتل بزرگ ۽ وليءَ جهڙو ئي آهي. جڏهن اهو پنهنجي عصا سڌي ٿو ڪري، ته درياهه هٽي، کيس رستو ڏئي ٿا ڇڏين. هو جڏهن مايوسين، محرومين، ناڪامين ۽ نظر اندازيءَ جي ڪوڙهه ۾ ورتل دلين تي هٿ ٿو ڦيري، تڏهن اهي پل کن ۾ شفاياب بڻجي ٿيون وڃن. روايت آهي ته جڏهن ڪبير گذاري ويو، ته سندس پوئلڳ پاڻ ۾ اٽڪي پيا. هڪڙن چيو، کيس ڌرتيءَ جي هنج ۾ ڏينداسين، ٻين جو ضد هيو ته کيس اگنيءَ حوالي ڪري، سندس ارٿيءَ وسيلي به جوت پکيڙينداسين. اوچتو ڇا ٿيو، ته کٽ تي رکيل ڪبير جو لاش ڏسندي ئي ڏسندي گلن جي ڍير ۾ بدلجي ويو. اڌ گل ساڙيا ويا، اڌ گلن جي تدفين ڪئي وئي. جيڪڏهن هيءَ رڳي روايت آهي، تڏهن به عشق جي معجزن ۾ ايمان جو ئي هڪ مثال آهي. ڇو ته عشق اهڙا معجزا ڏيکاري سگهندو آهي. سنڌ جي هڪ شاعر مشتاق قريشيءَ کي، دنيا جڏهن وفا ناٿن شاهي سڏڻ لڳي هئي، ته هن ان جو ڪريڊٽ به عشق کي ئي ڏنو هيو:

    مونکي دنيا وفا وفا ٿي سڏي،

    معجزو تنهنجي پيار جو آهي!

    عشق جون هزار تشريحون ٿي سگهن ٿيون، پر دل جي اکين سان ڏسبو، ته اهڙي هر تشريح عشق جي اصُل کان هزارين ميل پري ئي بيٺل نظر ايندي. سائنس چوي ٿي، ته جن ماڻهن جا جينس هڪ ٻئي کي ڪشش ڪن ٿا، تڏهن ڪشش جي ور چڙهيل دليون هڪ ٻئي جي ڌُن تي ڌڙڪڻ لڳن ٿيون. صوفي چون ٿا، ته عشق پاڻ کي دريافت ڪرڻ جو عمل آهي. پاڻ کان پاڻ تائين پهچڻ جو رند ۽ پنڌ آهي. سچل ان کي ”هڪ خيال جو ٻئي خيال سان ملي هڪ ٿيڻ“ سڏي ٿو. ڪوئي چوي ٿو، ته عشق پنهنجيءَ ذات تي ڪنهن ٻئي جي ذات کي ترجيح ڏيڻ جو نالو آهي.... ٿي سگهي ٿو، اهو سڀ ڪجهه صحيح به هجي، پر دل جي ان ڪيفيت کي اڃا تائين ته ڪا به تشريح اظهار ڏيڻ ۾ ناڪام ئي رهندي پئي اچي، جيڪا جڏهن وچڙندي آهي، ته کڄندڙ ساهَه ٽٽل مالها بڻجي ويندا آهن. جيڪا چئن نيڻن جي هڪ ٿيڻ سان، ڪائنات جي سموري بي چيني پنهنجي روح ۾ لهندي محسوس ڪندي آهي ۽ ان بي چينيءَ ۾ ئي چين محسوسڻ لڳندي آهي. بسنت جي آمد، دلين جي آجيان جو انتظام ڀانئبي آهي. چريائيءَ جو اهو الائي ته ڪهڙو قسم آهي، ۽ نفسياتي ماهرن وٽ ان سموريءَ ذهني صورتحال جو الائي ته ڪهڙو نالو هجي، پر جڏهن به ڪٿي ڪنهن دل جو پير ٿِڙي ٿو، اکين ۾ سمنڊ ڇلڪڻ ٿا لڳن، تڏهن نه اوندهه اوندهه ٿي رهي، نه روشني روشني. زندگيءَ کي رنگن ۾ بي رنگي ۽ بي رنگيءَ ۾ رنگ ڏسڻ ۾ ٿا اچن. پر ڇا بسنت کان هڪ ڏينهن جي پنڌ تي بيٺل محبتن جو هي ڏينهن، ڪنهن جي زندگيءَ ۾ محبتن جي سرخوشي به آڻي سگهي ٿو؟اهو ڪيئن ٿو چئي سگهجي. محبت ته وقت ۽ وٿيءَ جي قيد کان گهڻي مٿانهين آهي. اها ته هجر ۽ وصال جي فرق ۾ به يقين نٿي رکي. رسول حمزه توف جي لکيل هڪ حڪايت ٿي ياد اچي. پهرئين پيار ۾ ورتل هڪ الهڙ ڇوڪري، برفباريءَ جي صبح جو جڏهن ڪمري جي دري کولي آرس ڀڳو، ته چيائين: مار! ٻاهر ڪيڏا نه گل ٽڙيا آهن. سندس ماءُ حيرت مان چيو: ”ڪٿي آهن گل؟ ٻاهر ته رڳي برف ئي برف آهي“. اهو ئي فرق آهي محبت ۽ بي محبت اکين جي وچ ۾. محبت کي هر طرف گل ئي ٽڙيل نظر ايندا آهن، بي محبت اکيون برف ئي برف پيون ڏسنديون آهن. هر مند ۾ گلن کي ٽڙندو ڏسڻ واري ئي حالت آهي، جنهن ۾ محبوب جي صورت ڏسڻ کان سواءِ ڏيئا به روشني ڏيڻ کان نابري واري بيهندا آهن.

    بِن پيا، جوت مندر اندهيارو

    ديپ دائي نه آوي.

    (پِيا جي جوت سواءِ، مندر ۾ اوندهه ئي اوندهه آهي-ڏيئو به ڪم ڇڏي ويو آهي- ميران ٻائي)

    هيءَ اها ئي ميران ٻائي آهي، جنهن کي پنجن سالن جي عمر ۾ ڪو ساڌو ڪرشن جي مورتي ڇا ڏئي ويو هو، هيءَ ته جهڙوڪ سراپا ڪرشن ٿي وئي هئي. هوءَ راجپوتانه جي رياست ميڙتا جي مشهور راٺوڙ راجا ويرم ديو جي ننڍي ڀاءُ رتن سنگهه جي اڪيلي ڌيءُ هئي ۽ سندس شادي چَتور جي راجا رانا سانگا جي وارث ڀوڄراج جهڙي وڏي راجا سان ٿي هئي-پر هن ته، سڀ راجائي ريتن رواجن کي هڪ ٺوڪر سان ٺڪرائيندي چيو هو:

    رانا جي، مجهي يه بدنامي لگي ميٺهي

    ڪوئي نِندو، ڪوئي وِندو،

    مين تو چلون گي چال انوٽهي!

    ۽ هن عشق جي اها ”چال انوکي“ اپنائي، جو ڪرشن جي عشقَ هن کي نگر نگر گهنگهرو ٻڌي نچايو.چون ٿا، ته پنجابيءَ جو وڏو شاعر وارث شاهه عشق جي راهه اختيار ڪرڻ کان اڳ ۾ ڪن ٻين رمزن کي ڄاڻڻ ۾ رڌل هيو، پر جڏهن هڪ اٺڻيون چاريندڙ خانه بدوش بلوچن جي شادي شده عورت ڀاڳ ڀريءَ جي عشق ۾ وڃي اڙيو، تڏهن چوندو ٿي وتيو:

    سانُون جوگ دي رِيجهه تروڪني سي

    جَدون هير سيال محبوب ڪِيتي

    ڇَڊ ديس شريڪ قبيلڙي نُون

    اسان شرم دي ترڪ حجوب ڪِيتي.

    بنگال جو پنج سئو سال اڳ جو شاعر چنديداس هڪ ڌوٻڻ راميءَ جي عشق ۾ رڱجي، نيهن جا لازوال نغمه تخليق ڪرڻ لڳو هو. اردوءَ جو مشهور شاعر ثناءُ الله ڊار، هڪ ڇوڪري ميرا سين جي محبت جو شڪار ٿي، سڄي حياتيءَ لاءِ ميراجي بڻجي ويو. عشق اهو ڪجهه ئي ڪندو رهيو آهي. ماڻهُوءَ جي اڳين شخصيت ۽ سڃاڻپ کي ڌوئي رکندو آهي. هڪ عام، سطحي، رواجي ۽ ڊڄڻي شخص کي ماري، ان منجهان ئي هڪ نئون، نرالو، غير روايتي ۽ اڏول شخص کي ڳولي سامهون آڻيندو آهي. اهو سڀ ڪجهه ڄاڻڻ کان پوءِ به ڪيئن چئجي، ته اڄ جڏهن محبتن جو عالمي ڏينهن سنڌ ۾ به هلي آيو آهي، تڏهن ان جي هٿن ۾ جهليل گلاب رڳي ان ڪري وٺڻ کان انڪار ڪجي، ڇاڪاڻ ته ”ويلنٽائن“ مغربي رسم آهي؟!.
    ishaqsamejo@yahoo.com
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم اسحاق سميجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    عشق کان مختلف، فلسفو عشق جو!



    اڱارو 3 جنوري 2007ع

    شاعرن کان نفسياتي ماهرن تائين، فلسفين کان درويشن تائين، سڀني”عشق جي مامَ“ کي پروڙڻ ۽ پرکڻ لاءِ، لفظ ميڙيندي ۽ ڪاڳر ڪارا ڪندي، عمريون ڳاري ڇڏيون آهن، پر عشق آهي ڪهڙي بلا؟ تنهن جو جواب، شايد هڪ گيان جهڙي خاموشي ئي ٿي سگهي ٿي. غالب ته ان کي نفسياتي ماهرن وانگر ”دماغ جو خلل“ سڏيو هيو، ۽ لطيف ڪنهن عاشق وانگر ان کي ”راند“ سمجهڻ کان روڪيو هيو. پر پوءِ به ڪيئن سمجهجي، ته اهو پنهنجي اصليت ۾ آهي ڇا؟ هونئن غالب عشق کي اهڙيءَ باهه سان به ڀيٽيو آهي:

    جو لگائي نه لگي، اور بُجهائي نه بُجهي!

    شايد عشق لاءِ باهه کان بهتر تشبيهه ٻي ڳولي به نه سگهجي. جو فقط باهه ئي آهي، جيڪا هڪ ئي وقت زندگي، روشني، توانائي ۽ تباهيءَ جي تشريحن تي پوري لهي ٿي. مون کي خبر نه آهي، ته زرتشت باهه کي ڇو پوڄيندا آهن، پر سوچيان ٿو، ته باهه کي نه پوڄين، ته ڇا کي پوڄين؟ جو باهه قدرت جو حسين معجزو ئي ته آهي. جيئن عشق به هڪ معجزو آهي:

    مونکي دنيا وفا وفا ٿي سڏي

    معجزو تنهنجي پيار جو آهي!

    وفا ناٿن شاهيءَ جي زندگي، باهه جو نعم البدل ئي هئي. هو ڀٽائيءَ جي لفظن ۾ ”ٻري جن ٻاري“ واري قافلي جو فرد هيو. جنهن وٽ زندگيءَ، حسن، سنڌ ۽ زماني لاءِ نئون ۽ شاعراڻي تخيل جهڙو تصور هيو. عشق لاءِ به هن چيو:

    عشق کان مختلف، فلسفو عشق جو

    ڪنهن کي شايد پتو، ڪونه پيو عشق جو!

    سچي ڳالهه به اها آهي، ته وفا جي عشق کان جڳ جهان بي خبر ئي رهيو. هن جو عشق هيو به ته اهڙو ئي! عشق جي عام ۽ روايتي فلسفي کان مختلف ۽ انوکو. هن جي عشق ۾ هڪڙي چريائي، هڪڙو جنون ۽ پاڻ ارپڻ واري جذبي جي اٿاهه گهرائي هئي. سندس شاعراڻي انداز ۾ قلندرانه وڏائيءَ سان گڏ صوفيانه بي نيازي به هئي. تنهن ڪري هن ڇا وڃايو، ڇا حاصل ڪيو، ان جو ليکو ڪڏهن نه ڪيائين. مرڻ کان اڳ ۾ آخري ڀيري به، هن کي لکندي ڏٺو ويو هيو. پر دل جي حضور ۽ جذبي جي سچائيءَ سان ڪيل ان ارپنا عيوض، هن سنڌ کان ڪڏهن به، ڪجهه به نه گهريو. هن جي خواهش هئي، ته هن جي جسم کي وڪوڙي ويندڙ ڀانت ڀانت جي بيمارين جو ڪو بِلو ٿئي. هن پنهنجي عشق وچان جيڪي ڪاڳر ڪارا ڪيا آهن، سي ڪتابن جي صورت ۾ محفوظ ٿي وڃن. پر ان ڳالهه جو ڏک ڪيئن نه ڪجي، ته اسين هن جي ايترين محبتن جو قرض ايتري ننڍڙي فرض جي ادائگيءَ وسيلي به لاهي نه سگهياسين!

    نه فرض پالي سگهان ٿو، نه پيار ساهيڙي

    ٻڌاءِ، اهڙي جيئڻ مان مراد ڇاهي ڙي؟

    ڊهي پئي آن، ته چئو هاڻ پنهنجي قسمت کي

    نئين سنئين کان وري، ڪير توکي ٺاهي ڙي!

    ساڍن چئن سالن جي عمر ۾ ورهاڱي جو تير سيني تي سهي، هن لطيف جي سنڌ کي ايئن اچي پنهنجو ڪيو هيو، جيئن 7 4 9 1 ع کان پوءِ هتان جي سنڌين پنهنجيءَ دل ۾ ڏک جو طوفان سانڍي وڃي ڪبير جو وطن وسايو هيو. امرتسَر هڪڙو غير رواجي علائقو آهي. سڄي دنيا جي سکن وٽ هن شهر جو وڏو تقدس آهي. وفا جو وطن، اهو ئي امرتسر هيو، جنهن جي لفظي معنيٰ به ڪڍجي، تڏهن به، ”امرتا بخشيندڙ تلاءُ“ جي ٿئي ٿي. پر وفا، معصوم وهيءَ ۾، لاٽون ڦيرائڻ ۽ بلورين کيڏڻ جي ڏينهن ۾ اڃارو ئي اڃارو، ان تلاءَ تان ڌڪاريو ويو هيو. ورهاڱي هن جي ڪٽنب جا ڪجهه فرد به وڍي ڇڏيا. هن جي هڪ ماسي، سکن اغوا ڪري ورتي هئي ۽ ان کي زبردستي هڪ سک سان پرڻايو به ويو هيو. وفا، پنجاب جو هڪ قوم جي صورت ۾ ڪردار پنهنجي ذاتي مشاهدي ۽ ڀوڳنا مان ئي پرکي ورتو هيو، تنهنڪري هن کي سنڌ سان عشق لاءِ ڪنهن ٻئي دليل ۽ ثبوت جي ضرورت نه هئي. سنڌ هن کي ۽ هن جي ڪٽنب کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀريو، سندن ڳوڙها اگهيا، گهاون تي پَها رکيا، نتيجي ۾ هنن به سنڌ سان ئي نينهن جو ناتو ڳنڍي ڇڏيو. هن انتظار حسين وانگر سڄي زندگي جلاوطنيءَ جو ورد نه ڪيو، نه ئي ماتمي شعر لکيائين. ان جو سبب شايد اهو به هجي، ته انتظار حسين کي ”لاهور“ ۾ پناهه ملي هئي ۽ وفا کي خيرپور ناٿن شاهه ۾. اهي ٻه شهر ته آهن، پر الڳ الڳ ڌرتيون، ٻه الڳ الڳ مزاج ۽ ٻه الڳ الڳ تهذيبون به آهن. لاهور ۾ پنهنجي قوم جي ماڻهن وچ ۾ رهڻ باوجود، انتظار حسين جي ننڊ سڄي زندگي پنهنجي”بستيءَ“جي ياد ڦٽائيندي رهي. کڻي جو هن به باقي پنجابين وانگر”پاڪستانيت“ ۽ ”اردوءَ“ جي نمائندگيءَ کي ئي پسند ۽ اختيار ڪيو، پر هند جي سار اوسار، هن جي دل کان ڪڏهن ڌار ٿي نه سگهي. پر وفا جي شاعريءَ، تحريرن ۽ انٽرويوز مان محسوس ٿئي ٿو، ته هن پنهنجي امرتسر کي ڪڏهن مُڙي به نه ڏٺو هيو. پنهنجي ديس ۽ مٽيءَ جي ياد کي خراب ڪير ٿو چئي سگهي، ۽ وفا ته وري شاعر به هيو، جنهن جي رَت جزن ۾ ئي وطن سان محبت ساهه کڻندي رهندي آهي. پوءِ به سنڌ سان هن جي وابستگي، مثالي ئي نه، قابل فخر به هئي.

    وفا هڪ اهڙو شاعر آهي، جنهن جي زندگيءَ جي ڪل ڪمائي فقط هن جي شاعري هئي. صحت هن بچائي ڪونه، ملڪيت هن ٺاهي ڪونه، زمانيداري هن کي آئي ڪونه. هن جي پونجي، ملڪيت ۽ ورثو اها شاعري ئي آهي، جنهن کي هو چاهڻ جي باوجود رڳي ڇپائي به نه سگهيو. هو چريائيءَ جي حد تائين شاعر هو، هر پل ۽ هر مهل شاعر. سچ به ته شاعري هن جو پهريون ۽ آخري عشق هئي. هن جو کائڻ پيئڻ، پائڻ اوڍڻ، اٿڻ ويهڻ، جاڳڻ جلڻ، سڀ ڪجهه شاعريءَ لاءِ هيو. جيڪڏهن ڪو چوي ته، نه ”زندگيءَ“ لاءِ هيو، تڏهن به ڳالهه ساڳي ئي آهي. ڇاڪاڻ ته هن جي زندگي به ته شاعريءَ لاءِ هئي. ”ڪُل وقتي شاعر“ جو اصطلاح فرسوده آهي، تنهنڪري مان هن کي هڪ ”سراپا شاعر“ يا ”مجسم شاعر“ چوڻ کي اوليت ڏيان ٿو. توڙي جو شاعريءَ سان عشق، هن کي ڏاڍي دربدري به ڏياري. هو پوليٽيڪل سائنس ۾ ايم اي هيو، پر نوڪري مئٽرڪ جي سرٽيفڪيٽ تي وٽرنري کاتي ۾ ڪندو رهيو. هو ان ۾ به خوش هيو، جو کيس ان جي صدقي سنڌ جا جهر جهنگ، وسيتون واهڻ، پٽ ۽ پهاڙ ڏسڻ نصيب ٿيا هئا. هن زندگيءَ کي ڀوڳي ماڻي هيو، ڪنهن زخم ملڻ تي محسوس ڪيو هيو ۽ نظر انداز ڪرڻ تي، ان جي اهميت کي سمجهيو هيو. ائين هن جي شاعري تجربن جي چِيچڙي مان پيڙجي نڪتي هئي. دوکا کائي، دنيا کي سمجهيو هيائين. تڏهن ئي هو پنهنجي اظهار لاءِ نوان نوان استعارا ۽ اهڃاڻ ڳولي سگهيو هيو.

    پر شاعري ئي هن کي بچايو هيو. زمانو هن کي نشي پتي، خراب صحبت، خراب صحت جي رستي طرف وٺي آيو، شاعري هن کي سڃاڻپ، نالي ۽ وقار سان نوازيو . وفا، 1943ع ۾ امرت سر جي ڳوٺ ڪڪڙان والا بنڊيالا ۾ خيرات علي قريشيءَ جي گهر جنم وٺندڙ ”مشتاق علي قريشيءَ“ سان ڏاڍو خراب ورتاءُ ڪيو هو. ان کي زماني وانگر ئي نظر انداز ۽ تباهه ڪيو هئائين، پر هن پنهنجي ”وفا ناٿن شاهيءَ“ کي ڪڏهن به نظر انداز نه ڪيو.ڇاڪاڻ ته هن کي خبر هئي، ته سنڌ وفا ناٿن شاهيءَ کي ئي سڃاڻي ٿي ۽ ان سان پيار به ڪري ٿي. جڏهن به صادق فقير جي آواز ۾ سنڌ جي جواني وفا جا اهي ٻول ٻڌا آهن:

    توسان پل پل جو رابطو آهي،

    ڇا ڪيان دل جو فيصلو آهي!

    تڏهن بي انداز دليون، ڪنهن نه سمجهه ۾ ايندڙ ڪيفيت منجهان لڇڻ پڇڻ لڳيون آهن، جنهن ڪيفيت کي خود وفا به نه سمجهي سگهيو هيو:

    توسان ئي ٿو جيئڻ، مرڻ چاهيان

    تو الئي ڇا ڪري ڇڏيو آهي!

    ”مشتاق“ منجهان”وفا“ تائين جو اهو سفر هن کي ان ئي ”الئي ڇا ڪري ڇڏڻ“ واري ڪيفيت ئي ڪرايو هيو، جنهن تي ماڻهن هڪڙو نالو ”عشق“ به رکي ڇڏيو آهي.

    سڄو سنسار ئي پيارو لڳي ٿو

    جڏهن کان پيار سان پيارا ڏٺو ٿئي!

    سنڌ ۾ پنجابين جي هڪ وڏي آبادي زمانن کان رهي ٿي. انهن جا ڪيئي”چڪ“ آهن، پر وفا وانگر گهڻا آهن، جيڪي ان جي عشق ۾ سرشار نظر ايندا هجن؟ انهن مان اڪثر اهي آهن، جن کي سرڪار سنڌ جون زمينون خيرات يا انعام طور عطا ڪيون هيون. پر پوءِ به اهي، خيرات علي قريشيءَ جي پٽ وفا ناٿن شاهيءَ وانگر سنڌ جو اولاد ٿي ناهن سگهيا. مولانا عبيدالله سنڌي، وفا ناٿن شاهي، ادريس راجپوت، سرمد سنڌي ۽ اي ڪي لوڌي کي ته هاڻ پنجابي چوڻ به انهن جي جذبن جي توهين ٿيندي. ڇاڪاڻ ته اهي پنجابي ماءُ جي پيٽان ڄمڻ جي باوجود، دلي، جذباتي، ذهني توڙي عملي طور پاڻ کي سنڌي ثابت ڪري چڪا آهن، ۽ ڪري رهيا آهن. انهن جي عزت ۽ حيثيت ڪنهن به سنڌيءَ کان گهٽ نه آهي، پر هنن جي سنڌ سان اهڙيءَ محبت جو سبب شايد اهو آهي، ته سنڌ انهن کي انعام يا خيرات ۾ ناهي ملي، نصيب سان ملي آهي، ڀاڳ طور ملي آهي. تنهن ڪري انهن سنڌ سان، سنڌ جي ماڻهن سان، سنڌ جي وڻن ۽ هوائن سان، سنڌو نديءَ سان، شاهه لطيف سان ۽ سنڌي ٻوليءَ سان دل جو رشتو ڳنڍيو آهي. هونئن به سنڌ شايد دنيا جو واحد ديس آهي، جنهن جو عشق لڳي ته ماڻهوءَ کان ٻئي جهان وسري به وڃن، ته ٺهي به وڃن. وفا به پنهنجي روح تائين ان ئي سنڌ جي عشق ۾ رتل ۽ رڱيل هيو. تنهن ڪري هن سڄي حياتيءَ جو پل پل سنڌي ٻوليءَ جي جهولي خوبصورت، نرالن ۽ سدا حيات شعرن سان ڀرڻ ۾ خرچ ڪري ڇڏيو:

    سنڌ جي آب و هوا

    جنت الفردوس ڇا؟

    هر باشعور ليکڪ وٽ لکڻ ڪا بي معنيٰ پريڪٽس نه آهي، هڪ بامعنيٰ رياضت آهي. وفا وٽ به ان جو هڪ مخصوص تصور ۽ مقصد آهي. هڪ انٽرويوءَ ۾ اهڙي سوال جو جواب ڏيندي، هن چيو هيو:”مان ڇا چوان، ته مان ڇو ٿو لکان؟ ان هوندي به مان اهو ٻڌائي سگهان ٿو ته مان پنهنجي ٻوليءَ لاءِ ٿو لکان. پنهنجن ماڻهن لاءِ ٿو لکان، پنهنجي ڌرتيءَ، پنهنجي ٻوليءَ ۽ پنهنجيءَ قوم لاءِ ٿو لکان- ۽ جڏهن مان ڌرتي، ٻولي ۽ قوم چوان ٿو، ته اها صرف ئي صرف سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي قوم ئي آهي.“

    وفا هونئن ته هڪ مڪمل شاعر هيو، پر پوءِ به هن جي سڃاڻپ غزل ئي رهيو. هن سنڌيءَ ۾ هڪ سئو بندن تي مشتمل غزل لکڻ جو به تجربو ڪيو هيو ۽ ظاهر آهي، ته اهو هڪ تجربو ئي هيو. غزل اها صنف آهي، جنهن جي زلفن جي اسيريءَ ۾ اردو جا وڏا شاعر مير ۽ غالب کان وٺي ناصر ڪاظمي ۽ فراز به رهيا آهن، ته سنڌيءَ ۾ خليفي گل کان سانگي، شيام، ايم ڪمل، حاسد، موهي، اياز گل، صدف، سعيد ميمڻ ۽ علي دوست جهڙا شاعر به شامل آهن. غزل ئي انهن کي سڃاڻپ ڏني، غزل ئي انهن جو حوالو آهي- پر وفا انهن شاعرن مان هيو، جنهن خود غزل کي به هڪ نرالو تعارف ۽ سڃاڻپ بخشي. پنهنجي مخصوص ترڪيبي، تشبيهي ۽ تخليقي نظام وسيلي، هن سنڌي غزل کي هڪ پنهنجي ۽ الڳ روايت عطا ڪئي.

    اڳياڙي، پوياڙيءَ جو

    جيون ڌڪ ڪهاڙيءَ جو

    ---

    سڄي جهان کي آزادگيون عزيز آهن،

    نڪو غلام ٿجان ۽ نڪو غلام ڪجان.

    ---

    وفا جو بيوفا سان پيار ٿي ويو،

    سياڻو ڪانگ هو، ڦاٿو ٻه ٽنگو.

    ڪنهن مشهور غير ملڪي شاعر لاءِ ڪٿي پڙهيو هيم، ته هن جو پسنديده مشغلو، عورت اديبائن کي خط لکڻ هيو. سنڌيءَ ۾ اهڙو شوق وفا جهڙو ٻيو ڪير ڪري. هن ڪيئي مقبول ليکڪائن، شاعرائن ۽ نامور سنڌي عورتن کي ڊگها ڊگها خط لکيا. ان ڪري اڪثر اديبائون هن جي نالي تي ڏند ڪرٽينديون هيون. خطن لکڻ ۾ ته هن جو هونئن به ڪو ثاني نه هو. هر اهو ماڻهو، جنهن سان هن جي ٿوري به واقفيت هوندي، وٽس وفا جا خط ضرور پيل هوندا. هن جا ڪي ڪي خط ته سئو سئو ۽ ٻه ٻه سئو صفن تي به مشتمل آهن، جيڪي وفا جي فرسٽريشن، ذهني پيڙائن، زماني جي تلخين ۽ اذيتن جو دستاويز آهن. ڪاش! ڪو اهي خط گڏ ڪري سهيڙي، ته شايد پنهنجي دور جي نهايت نرالي شاعر جي ذهني ۽ جذباتي آتم ڪهاڻي مرتب ٿي پوي.

    جيتوڻيڪ دربدر ته هن جي شاعري به ٿي چڪي آهي. ڪي رجسٽر ڪنهن وٽ رهيا، ته ڪي ڪنهن وٽ. هن جي هزارين صفحن تي مشتمل شاعريءَ جا ڪل ٻه ڪتاب”اکين ۾ الماس“ ۽ ”وفا“ جي نالي سان ڇپجي سگهيا آهن. پر جيڪڏهن وقت سر هن جي ڪلام کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش نه ورتي وئي، ته سنڌي شاعري پنهنجي هڪ اهم ورثي کان محروم ٿي ويندي.

    نامور نقاد انند کيماڻيءَ پنهنجي تنقيدي مضمونن واري ڪتاب”ڪنڊن جي سڳنڌ“ ۾ موهن ڪلپنا جي ڪتاب ”جهاز جي ڊيڪ تي“ راءِ ڏيندي، لکيو آهي:”ادب به هڪ بي ترتيب ڀيڙ آهي، جتي شور، شور ۽ شور آهي. ان شور ۾ ڪهڙو آواز معنادار آهي، نه جلدي خبر ٿي پوي ۽ نه جلدي اهو پنهنجي پوري ادب جي حوالي ۾ Decode ڪري ٿو سگهجي.“ ويهين صديءَ جي سنڌي شاعري به اهڙو ئي هڪ شور ۽ اهڙي ئي هڪ پِيهَه آهي، پر پوءِ به وفا جو آواز ان ۾ آسانيءَ سان ٻڌي ۽ سڃاڻي سگهجي ٿو. اهو آواز بي معنيٰ ۽ اجايو نه آهي، تنهن ڪري ان کي هر حال ۾ محفوظ ڪرڻ جي ضرورت آهي. اڄ وفا جي وڇوڙي کي هڪ سال پوري ٿيڻ تي، مون کي قديم هندستاني شاعر جئه ديو جي ”گيت گووند“ جون هيٺيون سٽون ٿيون ياد پون:

    جڏهن ڏاکڻين پهاڙن مان هوائون اچن ٿيون

    ۽ محبت جي ديوتا کي به ساڻ آڻين ٿيون

    جڏهن گلن جا انبار

    چاهيندڙن جي دلين ۾ ڏارون وجهڻ لاءِ

    تڙڻ پکڙڻ ٿا لڳن

    تڏهن ڪو تنهنجي وڇوڙي سبب

    ڏکوئجي ٿو وڃي!

    ishaqsamejo@yahoo.com
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم اسحاق سميجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    پنهنجي ئي ميلي ۾ وڃائجي ويل لطيف!



    اربع 15 مارچ 2006ع

    عرب جي قديم جاهلي دور جي شاعره خنساءَ پنهنجي ڀاءُ صخر لاءِ جيڪو مرثيو لکيو هو، تنهن ۾ هڪ شعر اهو به هو: صخر اها روشن ۽ تابناڪ شخصيت آهي، جنهن وٽان راهه ڏسيندڙ به روشني حاصل ڪندا آهن ۽ ائين ٿو لڳي، ته ڄڻ هو هڪ اونچو جهنڊو آهي، جنهن جي اونچائي تي باهه پئي ٻري.

    هي مرثيي جو شعر نه هجي، ته لطيف جي شخصيت توڙي ڪم جي تعارف ۽ تشريح لاءِ نهايت جامع ۽ ڀرپور آهي. مرثيي کي شاهه سائين لاءِ استعمال ڪرڻ ان ڪري به مناسب نه ٿو لڳي، جو شاهه سائين پنهنجي فڪر،، تخيل ۽ لافاني تخليق سبب اڄ به زنده آهي. اها زندگي، جيڪا هن پنهنجي تخيل ۾ موجود سنڌ کي تخليقي صورت عطا ڪرڻ واري رياضت کي ارپي، تنهن هن کي ”سدا حيات“ بڻائي ڇڏيو آهي. هن پاڻ به ته چيو هو:

    مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿيا نه مات!

    لطيف کان اڳ ۾ توڙي لطيف جي دور ۾ سنڌ هڪ پيڙيل، لتاڙيل ۽ بار بار اجاڙيل ديس رهي هئي. سنڌ جنهن جي تهذيبن کي دنيا جي چند اعليٰ ترين تهذيبن مان هڪ هجڻ جو شرف حاصل هو، تنهن جو سينو هر دور ۾ ڌارين جي گهوڙن جي سُنبن هيٺ لتاڙبو رهيو هو. جيڪڏهن ڪجهه عرصي لاءِ، ڪي مقامي حڪمران آيا به هئا ته اهي ڪڏهن دهلي جا، ته ڪڏهن ڪابل جا ڏَن ڀرو هئا. غلام ذهنيت واري سياست ۽ ڳيجهو حڪمراني، سنڌ کي هڪ ڌنڌلي تصوير بڻائي ڇڏيو هو، جنهن کي واضح ۽ چٽو ڪرڻ لاءِ ڪيئي ماڻهن پنهنجو سڀ ڪجهه ٻارڻ پئي ڪيو. مخدوم بلاول کان شاهه عنايت جي شهادت تائين جو سفر سنڌ جو پنهنجي تشخص جي ڳولا جو سفر آهي. مخصوص طبعي ڀاڱن، مقامي ڪلچرن،علائقائي اختلافن ۽ لهجن ۾ ورهايل سنڌ کي هڪ وحدت بنائڻ لاءِ ڏات ۽ ڏانءُ ئي نه سخت محنت ۽ وابستگي به گهربل هئي. سنڌ، جيڪا ٿوري ٿر ۾ هئي، ته ٿوري سمنڊ جي ڪنارن سان، ٿوري سنڌوءَ جي ڪچي ۾ هئي، ته ٿوري ڪاڇي جي پَٽن ۾، ٿوري اُتر جي گرم موسمن ۽ تتل طبيعتن ۾ هئي ته ٿوري لاڙ جي ٿڌين راتين ۽ ڪوهستان جي اونچن پهاڙن ۽ سخت جان ماڻهن ۾، شاهه لطيف ان کي ٿورو ٿورو ڪري ميڙيو، گڏ ڪيو، ٺاهيو ۽ ”ڪثرت مان وحدت“ بڻايو. هن سنڌ جي چَتيون چَتيون ٿيل چولي کي ڳنڍيو ۽ ٽوپيو به، ته سماج جي آزاريل، نظرانداز ڪيل ۽ زيادتين جو شڪار طبقن ۽ فردن جا لڙڪ به اگهيا. انهن کي پنهنجي هجڻ جو احساس ڏياريو. منجهن اعتماد ئي نه، فخر به پيدا ڪيو. ايئن هڪ مڪمل، اصل ۽ مضبوط سنڌ جو ظهور ٿيو. نوبل انعام کٽندڙ گنٿر گراس چيو هو:”ادب وڃائجي ويل ديس جي نئين سر ڳولا ڪندو آهي.“ شاهه لطيف پنهنجي ديس کي ڳولڻ جو ئي ڪم ڪيو، پر افسوس آهي، ته اسين هاڻ لطيف کي هوريان هوريان وڃائڻ لڳا آهيون. اهو لطيف، جنهن کي ايڇ ٽي سورلي چند عظيم شاعرن مان هڪ ڪري ليکي ٿو، جنهن کي سائين جي ايم سيد ”روحاني رازن“ واري محدود دائري مان ٻاهر ڪڍي ”عالم سڀآباد ڪرين“ جو شاعر ٻڌايو هو، جنهن کي رسول بخش پليجي، تنوير عباسي، محمد ابراهيم جويي ۽ ٻين زندگي ۽ سماج جو نمائندا ۽ اعليٰ قدرن جو شاعر ثابت ڪيو هو، اڄ اهو ٻيهر پنهنجي ئي ميلي ۾ وڃائجڻ لڳو آهي. اڄوڪي دور ۾ ٿيندڙ ڪانفرنسون، سيمينار ۽ لطيف جي نالي ۾ شخصي نماءَ لاءِ ٿيندڙ ”لطيف ڊي“ ان جي ڪلام جي وسعتن ۽ عظمتن کي محدود، روايتي ۽ گٺل پيٺل موضوعاتي چوديواري اندر بند ڪرڻ جو ڪم ڪري رهيا آهن.

    لطيف هڪ شاعر ئي آهي، سو ان کي هڪ شاعر طور ڏسڻ، ڳالهائڻ ۽ ان جي ڪلام تي تحقيق ڪرڻ ڪنهن به ريت غلط چئي نٿو سگهجي ،پر سچ اهو به آهي ته لطيف کي رڳي شاعر طور پيش ڪرڻ ۽ مٿس هر ڀيري فقط شاعرن ۽ ”نالي ۾ محققن“ کي سڏائي ڳالهرائڻ زيادتي ناهي، ته انصاف به نه آهي. ڇاڪاڻ ته شاعري ته هن جي اظهار جو هڪڙو ميڊيم يا ذريعو ئي آهي. (توڙي جو ان ”ذريعي“ کي به جيڪو ڪمال يا معيار هن عطا ڪيو، سنڌي شاعري ٻيهر ان بلاغت جي نهج کي پهچڻ لاءِ سڪندي ئي رهندي)، پر ڀٽائي جهڙي ڪنهن به شاعر کي، رڳي”شاعر“ طور ڏسڻ ڪنهن به ريت مناسب رويو ٿي نٿو سگهي. سماجيات، سياست، ثقافت، ٻولي، ادب ۽ شعور سميت اڄ سنڌي سماج جو هڪ به اهڙو شعبو نه آهي، جنهن تي ڀٽائيءَ جو اثر نه هجي. نه رڳي ايترو، پر اهو به ته ايتري وسعت ۽ گهڻ طرفائي جيتري ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ آهي، شايد ئي ڪنهن ٻئي سنڌي شاعر منجهه ملي سگهي. پنهنجي همعصر دور ۾ ته هو ”اک الٽي ڌار“۽ ”لوڪ وهي لهوارو، تون اونچو وهه اوڀار“ جهڙي روايت جو بنياد وجهي رهيو هو، پر اڄوڪي ڊڄڻي، روايتي، ٻين جي پير تي پير رکي هلندڙ، مصلحت پسند دور ۾ به سنڌ اندر فقط اهي ئي ماڻهو هر شعبي ۾ ثابت قدميءَ سان بيٺا آهن، جن وٽ ڀٽائي جي ڀرجهلائي آهي. جيڪڏهن ڪٿي، ٿورو گهڻو سچ ڳالهائڻ جي رسم اڃا جيئري آهي ته ان ۾ به ڀٽائيءَ جي ٻاريل باهه جو ئي ڪمال آهي. هن نه ڀٽن، ڀانن ۽ چارڻن وانگر رڳي سورهيائي جا قصا يا رومانوي داستان ڳائي واهه واهه ورتي هئي، نه ئي روايتي صوفي شاعرن وانگر ”مُونن ۾ منهن هڻي“ فقط”پاڻ منجهان پاڻ کي ڳولڻ“ ۾ مصروف رهيو هو. هن پاڻ کي به پنهنجي سماج مان ڳولڻ جو غير روايتي ڪم ڪيو هو. جوڳين، ڪاپڙين، سنياسين، پورهيتن، عورتن، فقيرن ۽ سورهينجي ڪردارن جي تمثيلن وسيلي پاڻ کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هن صوفين ۽ سماج کي هڪ ٻئي جي ويجهو آندو هو ۽ مٿن هڪ ٻئي جي اهميت آشڪار ڪئي هئي.
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم اسحاق سميجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    جلاوطن ٿيندڙ محبتون



    خميس 23 مارچ 2006ع

    مڌر ٽريسا ڪيڏي نه سٺي ڳالهه چئي هئي: ”ماڻهن کي کاڌي جي بک ناهي ماريو، محبت جي بک ماريو آهي“. پر اسان، جيڪي پاڻ به ان بک جو شڪار آهيون، تن ڪڏهن هڪ پل لاءِ به سوچيو آهي، ته اها محبت آهي ڇا، جنهن جي بک يا اڻ هوند زندگيءَ کي ڪنهن جهنم ۾ بدلائي ٿي ڇڏي؟ يا اهو، ته اها محبت رڳي وٺبي نه آهي، پر ڏبي به آهي؟ پنهنجي بيحد مصروف معمول مان، فقط هڪ پل ڪڍي، محبت جي ان مامري تي ويچارڻ جي اشد ضرورت آهي. ڇوته، اهو هڪڙو پل، اسان سميت اسان سان لاڳاپيل ڪيئي زندگين جي پن ڇڻ ۾ ڪنهن بهار جي آمد جي ابتدا بڻجي سگهي ٿو. پر هن بي مصرف مصروفيت، اجائي ڀڄ ڀڄان، معاشي ڊوڙ، هڪ ٻئي کي پٺتي ڇڏڻ جي وحشت ۽ وڌ ۾ وڌ حاصل ڪرڻ جي حوَس جي زماني ۾، اهو هڪ پل به ڪنهن وٽ آهي؟

    زندگيءَ جي بي ثباتيءَ جو ذڪر مايوسي ۽ قنوطيت پسنديءَ جي الزام هيٺ اچي سگهي ٿو، پر اهو حساب ڪتاب ته سولو پيو آهي، ته زندگيءَ جي برف جو نصيب ٽيپو ٽيپو ٿي ڳڙڻ ئي آهي. بقول مير جي:

    جِينا ڪيا هي جهانِ فاني مين

    مرتي جاتي هين ڪچهه، مَري هين ڪچهه!

    مطلب ته جنهن تي اسين ”جيئڻ“ جو دوکو ٿا کائون، سو ته مرڻ جو سفر آهي. هر گذرندڙ گهڙي، گذري نٿي، مري رهي آهي. گهڙين جي لاڏاڻن جو اهو لاڳيتو سلسلو، سيڪنڊن، منٽن، ڪلاڪن، ڏينهن، مهينن ۽ نيٺ سالن جي لاشن جو هڪ ڍڳ لڳائي ٿو ڇڏي، جنهن هيٺان آخرڪار زندگيءَ کي به دٻجي وڃڻو آهي. پر ان ۾ پريشانيءَ جي ته ڪائي ڳالهه ڪونهي، جو فطرت توڙي سماج ۾ موجود هڪ به اهڙي شيءَ نه آهي، جنهن جو سفر ان کان مختلف هجي. سڀني جو سفر ساڳيو آهي، رستو به ساڳيو آهي، رڳي رفتار جو فرق آهي. ماڻهو ٿورو تيز ٿو ڊوڙڻ چاهي، تنهنڪري ان جو سفر به جلدي ختم ٿي ٿو وڃي. هونئن ان کان وڌيڪ چڱي ڳالهه ٿي به ڪهڙي ٿي سگهي، ته جيئڻ کي سَهندو رهڻ لاءِ به هڪ حد مقرر هجي، جو ان جا ڪمزور ڪلها ڏکن جو ڳرو بار نيٺ به ڪيستائين ڍوئي ٿا سگهن؟ سو زندگي ڪيتري به آهي، ان جي پريشاني فضول ۽ اجائي آهي، پريشانيءَ جي ڳالهه اها آهي، ته جيستائين به ماڻهو جيئرو آهي، ان ۾ به ڪري ڇا پيو يا ڪرڻ به چاهي ٿو، ته ڇاٿو ڪرڻ چاهي؟ ڇو ته کائڻ کان پائڻ ۽ ڪتاب پڙهڻ کان فلم ڏسڻ تائين، جڏهن اسان جي هڪ چونڊ ۽ پسند آهي، تڏهن ”جيئڻ“ لاءِ ڪنهن به اوليت يا چونڊ جو نه هجڻ، صحيح ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟

    دراصل وڏي کان وڏي ۽ ننڍي کان ننڍي ماڻهوءَ جي ضرورت توڙي خوشي هڪ ڪَري ۽ بيحد ٿوري آهي. اها ايتري ته ٿوري آهي، جيڪڏهن سوچجي، ته پنهنجي سموري وٺ وٺان بي معنيٰ ئي محسوس ٿئي. آسائشن، مرتبن ۽ اڳتي وڌڻ جي ڊوڙ ۾ ڇا ڇا پٺتي رهجندو پيو وڃي، ان جو اندازو لڳائڻ ۾ ڪنهن کي به دلچسپي ڪونهي. دل جي رشتن ۽ ضرورتن تي شين ۽ سهولتن جي حاصلات کي اوليت ڏيئي، اسان اندر جي آئيني تي جيڪا دز چاڙهي رهيا آهيون، ان ۾ پنهنجو ئي چهرو ڪيئن ڏسي سگهنداسين؟ ان تي سوچڻ لاءِ ڪير وقت ڪڍي به، ته ڇو؟ حاصلات جي حوس انڌ جو گهوڙو ئي ته آهي، جنهن جي ڊوڙڻ تي سندس سُنب احساسن جون سرزمينون لتاڙيندا اڳتي وڌندا آهن. پر پوءِ به اسان کي ان گهوڙي جي سواري ايتري پياري آهي، جو سڀ ڪجهه اجاڙي به، اڳتي وڌڻ کي ترڪ ڪرڻ نٿا چاهيون! وڌ ۾ وڌ خوشي ۽ خوشحاليءَ جي خواهش ۾ اسين پنهنجو هر اهو پل مارڻ جو ڪم ڪري رهيا آهيون، جيڪو ٻيهر ڪڏهن به موٽي ناهي اچڻو. هر شيءَ واپس موٽائي سگهجي ٿي، سواءِ ان گهڙيءَ جي جيڪا، اسين گذاري رهيا آهيون. ان گهڙيءَ ۾ به ڪنهن کي مات ڏيئي يا هارائي، ڇا ٿا حاصل ڪرڻ چاهيون؟ ڌرتي هجي يا جسم، ان جي فتح پنهنجين محرومين جي تسڪين کان سواءِ ٻيو ڏئي به ڇاٿي سگهي؟ ڪاميابين جو اهو تصور جيڪو ڪنهن کي هارائڻ يا پٺتي ڇڏڻ سان لاڳاپيل آهي، سو محبت ۽ ماڻهپي جو دشمن آهي . محبت نه ڪنهن کان اڳتي وڌڻ چاهيندي آهي، نه ڪنهن کي پٺتي ڇڏڻ پسند ڪندي آهي، اها ته گڏگڏ هلڻ ۾ ئي ايمان رکندي آهي، پير پير سان، وک وک سان ملائي هلڻ ئي محبت جي پنڌ جي نرالائي آهي، پر اسان ڪاروباري زماني جا ماڻهو، محبت ۾ به ٻين کي پٺتي ڇڏي وڃڻ چاهيون ٿا، جو زمانو ڪاروبار تي يقين رکي ٿو ۽ ڪاروبار اهو، جيڪو دنيا جي ٻوليءَ ۾ توهان کي”مٿي“ يا ”اڳتي“ وٺي وڃي.. محبت ته هيٺ مٿي ۽ اڳتي پٺتي ۾ يقين نٿي رکي، اها ته ماڻهوءَ کي ٻين جي برابر آڻي ٿي بيهاري، ٻين سان گڏ هلڻ ٿي سيکاري ۽ ٻين جي اهميت کي سمجهڻ جي اهل ٿي بڻائي. اسان کان اها ئي سمجهه کسجڻ لڳي آهي. اسين سڄي زماني کي پٺتي ڇڏي، اڪيلي سر اڳتي وڌڻ جي عالمي ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻ چاهيون ٿا، اهو ڄاڻندي به ته اسان اڪيلا نه آهيون. هڪ ڪٽنب کان هڪ سماج تائين، رشتن جي هڪ ڏور اسان سان وچڙيل آهي، جن ۾ ماءُ کان محبوب ۽ دوستن کان ٻارن تائين جهڙا حسين رشتا به شامل آهن، پر اسان مان هرهڪ اها ڏور ٽوڙڻ چاهي ٿو. ڇاڪاڻ ته اها ڏور بسنت ۾ اڏامندڙ لغڙن جي ڏورن وانگر ماڻهوءَ کي وڍڻ جو ڪم به ڪندي آهي. ڪٿي زخمي ٿي ڪري، ته ڪٿي ڪنهن کي ڪيرائي، ماري به ٿي وجهي. پر سوال اهو به آهي نه، ته اها ڏور ٽٽڻ کان پوءِ، اسين اڏامنداسين ڪيئن؟! اڏامڻ لاءِ ته ڏور جو هجڻ ضروري آهي ۽ اها ڏور اسان جا رشتا ئي آهن. اهي رشتا، جن کي اڳتي وڌڻ جي ڊوڙ ۾ اسين بي درديءَ ۽ بي حسيءَ سان پٺتي ڇڏيندا پيا وڃون. پنهنجين ذاتي خواهشن، حسرتن ۽ شوقن جي پورائي ۾، اسان کان اهو وسري ٿو وڃي، ته اسان جي ئي آس پاس اسان جي وجود جا ڪي ٻيا حصا به پکڙيل آهن، جن کي اسان جي معمولي ڌيان ۽ محبت جي ضرورت آهي. انهن کي نه اسان ۾ ڪا لالچ آهي، نه اسان کي مات ڏيڻ جي نيت، نه اسان جا پير ڪڍڻ چاهين ٿا، نه اسان تي برتري حاصل ڪرڻ جي جنون ۾ ورتل آهن، پر پوءِ به اسين انهن کي پنهنجي ڪنهن ناروا سلوڪ، نظراندازيءَ يا برتر هجڻ واري هَٺ جي آريءَ سان ڪَٽڻ جو ڪم ڪري رهيا آهيون. هو اسان سان گڏجي هلڻ چاهين ٿا، اسين انهن کي پٺتي ڇڏڻ چاهيون ٿا. اسان جي ماءُ چاهي ٿي، ته پنهنجي جهوليءَ ۾ ويهاري، اسان جي وارن ۾ ميندي وجهي، پر اسان کي اها هڪ فضول سرگرمي لڳي ٿي. ٻار چاهن ٿا، ته ڪڏهن ڪڏهن اسان سان به گڏجي راند کيڏن، پر اسان وٽ وقت ئي ڪٿي آهي، اهڙين ”ٻاراڻين“ ڪرڻ لاءِ. دوست چاهن ٿا، ته مهيني ماسي ملي دل جا حال اورجن، پر اهي ته واندا آهن، کين ڪهڙي خبر ته اڄ جي زماني ۾ جيئڻ لاءِ ڪيتري نه جاکوڙ ڪرڻي ٿي پوي. ڪوئي چاهي ٿو ته جڏهن بسنت اچي، ته کيس هڪ گل ڏيئي اچجي، پر اهي ته پراڻيون روايتون آهن.....هو اسان سان محبت جو اظهار ڪرڻ چاهين ٿا، پر هن سخت مصروفيت واري زماني ۾ ڪنهن وٽ وقت آهي اهڙين افسانوي ڳالهين لاءِ؟. سڀ ڪجهه صحيح آهي، ڪجهه به غلط ڪونهي، پر سوال اهو به آهي، ته جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه زندگيءَ مان ڪڍي ڇڏجي، ته باقي زندگيءَ ۾ بچندو ئي ڇا؟ هڪ بي معنيٰ، لاحاصل ۽ فضول ڊوڙ....؟!

    ٻُڌ مت جي هڪ روايت آهي، ته هڪ ساڌو جهنگ مان گذرندي، ڪنهن سُڪل ولِ کي چيو: تون ڦٽي ڇو نٿي پوين؟، ته ڏسندي ئي ڏسندي، ان سڪل ولِ ۾ گل ٽڙڻ شروع ٿي ويا. اهڙي ڪرشمي تي، ڪنهن ڏسندڙ شخص حيرت مان ساڌوءَ کان پڇيو: اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ٿي ويو؟ ساڌوءَ مرڪي ڏنو: ”محبت جي ڪري، فقط بي انتها محبت ئي اهو سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿي“... اها ئي محبت، جيڪا سُڪل وَلين ۾ ڦوٽهڙو آڻي سگهندي آهي، هوريان هوريان اسان جي دلين ۽ زندگين مان جلاوطن ٿيڻ لڳي آهي... سوچڻ گهرجي، ته جڏهن محبت مڪمل طور موڪلائي ويئي، ته دلين ۽ زندگين جي وَلين ڇا ٿيندو؟

    ishaqsamejo@yahoo.com
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم اسحاق سميجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    عشق جي راهن مٿي ڪاوا اُڀا



    ڇنڇر 22 اپريل 2006ع

    گذريل ٻن ٽن ڏينهن کان پاڪستان جي اعليٰ عدالتن پاران جيڪي فيصلا يا از خود نوٽيس وٺڻ جا غير رواجي عمل سامهون آيا آهن، تن عدالتي حوالي سان اٿندڙ سوالن کي هڪ ڀيرو ٻيهر معنيٰ خيز ماٺ آڏو آڻي بيهاريو آهي. هڪ اهڙو ملڪ، جتي زندگي سڀ کان وڌيڪ بي مُلهي شيءَ تصور ڪئي ويندي هجي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا، انهن جا اهلڪار ۽ معاشري تي حاوي ٻيا عنصر گڏجي، ماڻهن جي محبتن، خوشين ويندي زندگين تي به راتاها هڻندا هجن، اتي عدالتن پاران ماڻهن جي واهر جي اهڙي اوچتي لهر سچ پچ به ماڻهن جي ٽٽل ۽ مرندڙ ويساهه ۾ زندگيءَ جي چرپر پيدا ڪري ڇڏي آهي. قاسم آباد جي ٽن معصوم ٻارڙن جي بيڏوهه قيد جو سپريم ڪورٽ نوٽيس ورتو، ته اوڪاڙه واسڻ ارونا ڪيانيءَ کي محبتن جي ڏوهه ۾ سنگسار ڪرڻ جي ڪوششن جو سنڌ هاءِ ڪورٽ نوٽيس ورتو آهي. اهي ٻه واقعا، عدالتن جي وقار ۽ تعارف کي واضح بڻائڻ ۾ مثال جو ڪم ڏيئي سگهن ٿا.

    اسين هڪ اهڙي سماج ۾ جيئون ٿا، جتي وک وک تي ڪوڙڪيون ۽ پنجوڙ آهن. ريتن رسمن، قانونن، خانداني عزتن، غيرتن ۽ اصولن جا پنجوڙ، جيڪي ماڻهوءَ جي مرضيءَ سان جيئڻ جهڙي سڀ کان بنيادي حق کي به ساهه کڻڻ نٿا ڏين. جانور ۽ پکي ته وري به مرضيءَ سان چري پري سگهن ٿا، پر ماڻهو هڪ نه نظر ايندڙ سلاخن واري قيد ۾ آهي. ڪنهن ٻئي پسمنظر ۾ لکيل امداد جو اهو شعر اڄوڪي انسان جي بيوسيءَ جهڙي حال تي ڪيترو نه ٺهڪي ٿو اچي:

    جانور ٿيءُ، پکي ٿي، مگر انسان نه ٿي!

    بيوسيءَ جي اهڙي عالم ۾ سکڻو جِي وڃڻ به هڪ ڪنهن شاعر کي هڪ ڪارنامو لڳي ٿو، ته ان ۾ عجب جهڙي ڳالهه به نه آهي. ڇاڪاڻ ته هڪ اهڙو سماج جتي ماڻهو جيئڻ تي خودڪشيءَ کي ترجيح ڏيڻ تي مجبور ڪيا ويندا هجن، اتي محبت سان جيئڻ جي ڳالهه ته ديواني جو خواب ئي چئي سگهجي ٿي. حبيب جالب به چيو هو:

    اِس شهرِ خرابي مين غمِ عشق ڪي مارَي

    زندهه هين، يهي بات بڙي بات هي پياري!

    پر اهڙيءَ صورتحال جي باوجود، ماڻهوءَ جو پنهنجي ديوانگيءَ تي وس ئي ڪٿي ٿو هلي. دل جي راهه ماڻهوءَ کي چاهيندي، نه چاهيندي ان منزل طرف وٺي ٿي هلي، جتي ڏک به سک جي برابر ٿو لڳي. ارونا به ديوانگيءَ جي ان ئي راهه تي هلي آهي، جتي وک وک تي ريتن ۽ قانون جا چڀندڙ ڪاوا اُڀا آهن. اسان جو سماج جتي مفلسي، مهانگائي، ناڪامي ۽ ڏک ماڻهوءَ مقدر بڻيل آهي، اتي جيئڻ يا ته هڪ روايت آهي يا مجبوري، مُسرت ۽ مقصد نه ٿو بڻجي سگهي. هڪ گهُٽَ سماجي ريتن ۽ رسمن، قانون جي نالي ۾ مڙهيل بي جا پابندين، جاهلاڻن روين، طاقت جي انڌ ۽ سماج تي غالب نفيساتي محرومين جو شڪار شخصن جي پيدا ڪيل آهي ۽ ٻي سرڪار جي پاليسين تخليق ڪئي آهي. ٻنهي گڏجي، ماڻهن جو ساهه مُٺ ۾ ڪري رکيو آهي. اسين سڀ هڪ اهڙي بند ۽ اونداهي ڪمري ۾ واڙيل آهيون، جنهن ۾ ساهه کڻڻ لاءِ موجود محبتن جو اڪيلو روشندان به بند ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ارونا ڪياني کان شرجيلا ٽالپر تائين، سڀني جو ڪيس ساڳيو آهي. ماڻهو مذهب، قانون، اخلاق ۽ ريتن رواجن جون سموريون گهرجون پوريون ڪرڻ کان پوءِ به پنهنجي مرضيءَ سان جيئڻ جي آزادي حاصل نٿا ڪري سگهن. ان صورتحال ۾ اعليٰ عدليه پاران ارونا ڪيانيءَ جي ڪيس جو نوٽيس وٺڻ عا م يا معمولي ڳالهه ڪيئن ٿي چئي سگهجي؟

    اڃا اهو ڪيس پراڻو ته نه ٿيو آهي، جڏهن سانگهڙ جي عدالت ٻاهران محمد حسين ۽ شازيه خاصخيليءَ کي گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو هو. محبت جي اهڙن شهيدن جي رت سان تاريخ جو چهرو ڳاڙهو آهي، پر سماج، رياست ۽ ادارا ڄڻ ته تاريڪيءَ ۾ ٻڏل هجن. ڪِرڻي ۽ ٽانڊاڻي برابر به اميد جي روشني ٻرندي نظر نٿي اچي. برسات خاصخيليءَ ۽ ان جي خاندان کي محبت جي ان ئي ڏوهه جي جيڪا سزا ملي، تنهن کي ان جو ڪٽنب ۽ علائقو ڪيئن وساري سگهندا؟. هڪ خاندان کي سڄي سماج ذلتن سهڻ لاءِ ايئن اڪيلو ڪري ڇڏيو، ڄڻ باقي سماج ماڻهن کان خالي هجي. هن جي گهر جا فرد، ٻارڙا ۽ عورتون دربدري، رسوائي ۽ پوليس جو سخت تشدد سهندا رهيا، پر نه ڪنهن اداري،نه سياسي سماجي ڌرين ۽ نه ئي رياست ان جو نوٽيس ورتو. جيڪڏهن اسان جا انصاف ڏيندڙ ادارا ميڊيا جي دانهن تڏهن ورنائين ها، جيئن هن ڀيري قاسم آباد جي معصوم ٻارڙن ۽ اوڪاڙه جي ارونا سان ٿيندڙ ڏاڍ جو نوٽيس ورتو ويو آهي، ته شايد هن دور کي هن خاندان آڏو شرمندي هجڻ جو اهڙو احساس ڪڏهن نه ٿئي ها.

    ارونا پاڻ هڪ ڊاڪٽر آهي، سندس پيءُ ريٽائرڊ جج ۽ چاچو هڪ وڪيل آهي، جنهن مان سمجهي سگهجي ٿو، ته هيءَ ڪهاڻي اڄوڪي پنجاب جي هڪ پڙهيل لکيل گهراڻي سان تعلق رکي ٿي. محبتن ۽ مرضيءَ سان جيئڻ جو حق ڏيڻ جي حوالي سان اڄوڪيءَ سنڌ جو پروفائيل کڻي ايڏو سٺو نه به هجي، پر مختاران مائي کان ارونا ڪيانيءَ تائين جا ڪيس اڄوڪي پنجاب بابت اسان جي معلومات ۾ ڪافي اضافو ڪن ٿا. هر معاملي ۾ سنڌ کي تعليم ۾ پٺتي هجڻ، وڏيرن جي غلاميءَ ۾ جيئڻ جو طعنو ڏيندڙ ۽ ڪاروڪاريءَ جهڙين رسمن جو مذاق اڏائڻ جي خيال کان ذڪر ڪندڙ ڌرين کي هاڻ اڄوڪي پنجاب بابت پنهنجيءَ راءِ کي درست ڪرڻ کپي، جتان جي هڪ پڙهيل لکيل عورت مرضيءَ سان جيئڻ جو حق کسڻ تي سڄي پنجاب کي جوابدارن جي ڪٽهڙي ۾ آڻي بيهاريو آهي ۽ اهو به تاريخ جو عجيب موڙ آهي، ته بلهي شاهه، شاهه حسين ۽ بابا فريد جي ڌرتيءَ جي نياڻيءَ کي پنهنجي مرضيءَ سان جيئڻ جو ڪيس وڙهڻ لاءِ، شاهه ۽ سچل جي ڌرتيءَ جي سڀ کان وڏي عدالت پنهنجو احاطو فراهم ڪيو آهي!

    جيڪڏهن اسان جون معزز عدالتون واقعي به اهو ڪجهه ئي ڪن، جيڪو انهن اڄ ڪلهه ڪرڻ شروع ڪيو آهي، ته ماڻهن کي رياست جي ٻئي ڪنهن به اداري ڏانهن ڏسڻ جي ضرورت ئي نه آهي. وقت جي سياسي حڪومتن پنهنجن مقصدن جي حاصلات ۽ مخالفن کي سبق سيکارڻ لاءِ انصاف ڏيندڙ ادارن کي جنهن رستي تي آندو، تن اسان وٽ انصاف جي سمورن امڪانن کي جهڙوڪ ختم ڪري ڇڏيو هو. ظلم جا ستايل عام ماڻهو جرڳن جهڙي موتمار نظام وٽ به يرغمال آهن، ته ان جو سبب انصاف جي تڪڙي ۽ وقت سر فراهميءَ جو نه هجڻ ئي آهي . ماڻهو پوليس هٿان کنڀجي، سٽجي ڪٽجي، جسماني ۽ معاشي حوالي سان تباهه ٿيڻ کان پوءِ به خاموش ٿي ويهي ٿا رهن، ته فقط ان ڪري جو ڪيس ڪرڻ کان پوءِ کين ئي حاضرين ۾ عمر ڳارڻي پوي ٿي. اهڙيءَ صورتحال سبب سماج لاڳيتو عدم اعتماد جي ور چڙهيل رهيو آهي. ازخود واهر ته معجزو ئي چئي سگهجي ٿو، پر ماڻهو پئسا، عمر ۽ وقت خرچ ڪرڻ باوجود سڀ ڪجهه هارائيندا رهيا آهن. مايوسي ۽ محرومي ماڻهن کي مسلسل پاتالن طرف ڌڪيندي رهي آهي. ان ڪري، جڏهن تازن ٻن واقعن ۾ معزز عدالتن ازخود نوٽيس وٺي، ٻن ٻارڙن کي آزادي ڏياري آهي ۽ ارونا ۽ معظم کي مرضيءَ سان جيئڻ ۾ مدد لاءِ ايترو تڪڙو سهڪار فراهم ڪيو آهي، تڏهن ماڻهن جو حيرت ۽ خوشيءَ جي گڏيل احساسن ۾ گهيرجڻ فطري آهن.

    هنن ٻن واقعن کان پوءِ خود ميڊيا جو نئون ڪردار سامهون آيو آهي. اها ڳالهه به سمجهه ۾ اچي ٿي، ته جيڪڏهن اسان جي ميڊيا واقعي به ماڻهن سان ٿيندڙ ظلمن ۽ المين کي سکڻي خبر طور وٺڻ بجاءِ پروفيشنل ذميوارين سان انساني بنيادن تي کڻي، ته اها گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿي. ماڻهن کي واهر جي ضرورت آهي ۽ اها ڳالهه ميڊيا، ادارن توڙي سياسي ۽ سماجي ڌرين کي ضرور سمجهڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اهي سڀ ماڻهن سان لاڳاپيل آهن. ميڊيا ۽ عدالت جي گڏيل تحرڪ ۾ اچڻ سان، ايترو ڪجهه ٿي سگهي ٿو، ته سماج ۾ موجود ٻين ادارن ۽ عنصرن جي گڏجڻ سان ڇا نٿو ٿي سگهي؟

    ارونا جو قصو ڄڻ ته ڪو فلمي قصو هجي ۽ اسان وٽ جيڪڏهن ڪنهن جنس سان فلمي ورتاءُ ٿئي ٿو ته اها جنس عورت جي ئي آهي. ڪٿي اها ڪنهن مينهن يا ٻڪريءَ وانگر وڪامي ٿي وڃي ته ڪٿي وري اها ڪارنهن جو الزام کڻي قبر ۾ ٿي لهي. اسان وٽ مائٽن جون مجبوريون هجن، يا جرڳن جا فيصلا، ڀائرن جي ”غيرت“ هجي، يا ڪنهن پوڙهي پيءُ کي ٻي شادي ڪرڻي هجي، انهن سمورن معاملن ۾ جيڪا جنس گهڻي کان گهڻو ڀوڳي ٿي، سي نياڻيون ئي هجن ٿيون، جيڪي ڪڏهن پنهنجي ڪنهن ڀاءُ جي ڪيل غلطيءَ جي ازالي لاءِ چٽيءَ ۾ دشمنن حوالي ٿين ٿيون، ته ڪڏهن پئسن عيوض وڪري جو عذاب به انهن جي نصيب ۾ ئي اچي ٿو. اها انساني حقن جي انحرافيءَ جي انتها آهي، جو هڪ انسان کي پنهنجي مرضيءَ جي ابتڙ ڪنهن اهڙي معاملي جو ٻارڻ ٿيڻو ٿو پئي، جنهن معاملي ۾ هن جو ڪو به هٿ نٿو هجي. اسان وٽ هر معاملي جي باهه لاءِ نياڻين کي سُڪين ڪاٺين جيان جلايو ٿو وڃي. اها نياڻي جيڪا چٽيءَ ۾ ڪنهن اهڙي ڌر حوالي ڪئي ٿي وڃي، جيڪا ڌر ان نياڻيءَ جي وارثن سان دشمنيءَ ۾ آهي، تڏهن ان نياڻيءَ جي سڄي حياتي جنهن عذاب، ڪرب ۽ اذيت ۾ هوندي، ان جو تصور ڪرڻ ڏکيو نه آهي. فاتح لشڪر ڪنهن جنگي قيديءَ سان ڪهڙو سلوڪ ڪندا آهن، ان سلوڪ ۽ هن قسم جي اذيت ۾ شايد ئي ڪو فرق هجي. جنگي قيدي ۽ چٽيءَ ۾ ڏنل نياڻيءَ جي حيثيت ساڳي ئي هجي ٿي. ايئن ئي اهي نياڻيون جيڪي پئسن تي وڪرو ٿين ٿيون، اهي به ڪا مان ڀري حيثيت ناهن ماڻي سگهنديون. اسان جو معاشرو، جنهن ۾ هونءَ ئي طعنا ۽ مهڻا گهريلو زندگيءَ جو حصو هجن ٿا، اتي پئسن تي وڪرو ڪيل ڇوڪرين کي ته اهڙن طعنن ۽ مهڻن جا تير زهر ۾ ڀري هنيا ويندا آهن. بهرحال ارونا پئسن تي ناهي وڪامي، نه ئي هن پراڻين رسمن تي پنهنجا چپ سبي ايئن ڪيو، جيئن اسان وٽ صدين تائين ٿيندو آيو آهي. هڪ اهڙو سماج، جنهن ۾ عورتن لاءِ جيئڻ سهنجو ناهي، ان سماج ۾ ارونا پاران چپ کولڻ ۽ پنهنجي پيدائشي حق لاءِ دانهون ڪرڻ واقعي به حوصلي جو ڪم آهي، ۽ جڏهن هن پاڻ حوصلو ڪيو ته حالتون ان جي حق ۾ ٿي ويون. نه ته هتي نياڻيون وڏي کان وڏي ظلم ٿي وڃڻ کان پوءِ به ايئن چپ هونديون آهن، جو ماڻهو سوچڻ لڳندو آهي ته هيءَ جيڪا ظلم سهي رهي آهي، سا واقعي انسان به آهي؟ ماڻهو ايئن سوچڻ تي انهيءَ ڪري به مجبور ٿي پوندا آهن، جو نياڻين جي اکين تي پٽيون ۽ زبانن تي تالا هڻي سندن قسمتن جا فيصلا ڪيا ويندا آهن. اخبارن ۾ اهڙيون خبرون پڙهڻ سان گڏ جڏهن ساڳيءَ اخبار ۾ اهو به پڙهبو آهي ته پرڏيهه ۾ ڪيئن نه جانورن جي حقن لاءِ نه رڳو تنظيمون ٺهيل آهن، پر جانورن کي ايذائڻ جي ڏوهه ۾ ماڻهن کي سزائون به ڀوڳڻيون پون ٿيون، تڏهن جانورن کان به ڪمتر هجڻ جو احساس ٿيڻ لڳندو آهي. هتي جڏهن به نياڻين جي حوالي سان اهڙا غير انساني قسم جا فيصلا ٿيندا آهن، تڏهن ڪجهه ڌريون انهن فيصلن جي حق ۾ اهو دليل ڏينديون آهن ته، ”وڏن کي فيصلا ڪرڻ جو حق آهي.“ گهر جي وڏن يا والدين کي رڳو اهو حق آهي ته اهي پنهنجي نياڻين جي زندگيءَ جي اهم ترين فيصلن ۾ پنهنجي راءِ ڏين، پر انهن کي اهو حق ڪيئن ٿو ڏيئي سگهجي ته اهي سندن زندگين جا فيصلا به مڙهين ۽ کين جانور سمجهي، سندن مرضيءَ جي ابتڙ ڪنهن جي به حوالي ڪري ڇڏين.

    ishaqsamejo@yahoo.com
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم اسحاق سميجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ٻار ۽ فنپاري جي بچاءَ واري باهه



    ڇنڇر 13 جنوري 2007ع

    شيخ اياز جي شاعري فڪري حوالي سان ايتري ته گونا گون، وسيع ۽ ڦهليل آهي، جو ان کي ڪنهن به هڪ نظريي، فڪر يا فلسفه حيات جو چشمو پائي ڏسڻ زيادتي ٿيندي. ڇاڪاڻ ته هو اول آخر شاعر هو، تنهنڪري زندگيءَ جي مختلف دورن ۾ مختلف نظرين ۽ ويچارن هن وٽ اچي پير پساريا، ٿَڪ ڀڳو، ڪجهه وقت آرام ڪيو ۽ بعد ۾ پنهنجو رستو وٺي رمندا رهيا. عبدالقادر جوڻيجي اياز جي تخليق جي ان پهلوءَ کي”شيخ اياز جي فڪري مهمان نوازيءَ“ جو نالو ڏنو آهي، جيڪو بيحد بامعنيٰ ۽ يقينن درست آهي. ڇاڪاڻ ته اياز جي شاعري، ويدانت کان اسلامي تصوف تائين، رومانويت کان سوشلزم تائين، فطرت پسنديءَ کان ترقي پسنديءَ تائين، هر ان فڪر ۽ فلسفي جي خاطر توازه ڪئي هئي، جنهن ۾ منجهس چڱائي، نيڪي، انسان جي بهتري ۽ سماج جي ترقيءَ جو ٿورڙو به عنصر نظر آيو هو. اهڙو لاڳيتو بدلاءُ دانش جي لحاظ کان جوکم جو ڪم ٿيندو آهي، پر اياز جي زندگي توڙي شاعري، ابتدا کان ئي اهڙن خطرن سان کيڏڻ جي نرالي شوق ۾ مبتلا نظر اچي ٿي. روايتي، تنگ نظر ۽ بند گهٽيءَ جهڙي ذهني ۽ تخليقي فضا ۾ روشن خيال ۽ ترقي پسند فڪر کي پنهنجو ڪرڻ، ان جي تبليغ ۽ اشاعت ڪرڻ، ان کي هٿي وٺائڻ لاءِ ”اڳتي قدم“ جهڙو رسالو جاري ڪرڻ به اهڙو ئي ڏکيو ۽ جوکم جهڙو ڪم هو، پر اياز جي اعتماد اهو سڀ ڪجهه ان نموني ڪري ڏيکاريو، جو هاڻ سنڌي شاعريءَ ۾ صوفياڻي روايت کان پوءِ وڏي ۽ اعليٰ معيار واري اڪثر شاعري ترقي پسند فڪر جي اثر جو ئي نتيجو نظر اچي ٿي.

    اياز سنڌي ٻوليءَ ۾ نه فقط پنهنجي سر اهڙي شاعريءَ کي هڪ روايت بڻايو، پر ان کي هٿي وٺائڻ لاءِ ”اڳتي قدم“ به جاري ڪيو ۽ ان ۾ روايتي موضوعن تي لکندڙ شاعرن مٿان تنقيدون به لکيون. آگسٽ 1947ع ۾ ”اڳتي قدم“ جو پهريون شمارو شايع ٿيو ته اياز ان ۾ شامل لکڻين تي تبصرا پڻ لکيا. هن پرچي ۾ لطف الله جوڳيءَ جي نظم تي تبصرو ڪندي هن لکيو:”(هن) ۾ بيوسيءَ جو اظهار آهي ۽ نه بغاوت جو. هري دلگير جيئن هِن جي شاعري به حقيقت نگاريءَ تائين محدود آهي. اسان جو کيس عرض آهي ته:”اسان جا محترم دوست! انهيءَ زماني جا گيت ڳاءِ، جنهن ۾ غريب پنهنجيءَ دنيا جو پاڻ والي هوندو.“ اها ڳالهه ان سڏ جو پڙاڏو هئي، جيڪو پهرين فرينچ انقلاب ۽ بعد ۾ روسي انقلاب جي اثر هيٺ تخليقي ادب ۾ اڀريو هو ۽ جنهن هوريان هوريان سڄي دنيا جي ماڻهن ۽ خاص طور محڪوم طبقن جو شدت سان ڌيان ڇڪايو هو.

    هڪ شاعر طور اياز پنهنجيءَ ابتدا ۾ ئي ترقي پسند ۽ روشن خيال فڪر جو نمائندو نظر اچي ٿو. 1938ع ڌاري جڏهن هن جي ابتدائي شاعري سامهون آئي، جنهن ۾ هن جو اهو گيت”ڀارت رهي، اسين نه رهياسين ته ڇا ٿيو“ به شامل آهي، تڏهن ئي اها ڳالهه محسوس ڪئي وئي هئي ته هو ڪو عام قسم جو رومانوي يا روايتي فطرت پرست شاعر نه آهي، جنهن کي فقط عشق محبت ئي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪن ٿا- ۽ نه ئي قدرت ۽ فطرت جي نظارن جي رنگيني ئي سندس شاعريءَ کي اتساهڻ ۽ اڪسائڻ جو اڪيلو ذريعو آهي بلڪه زندگي، سماج ۽ ان جا مسئلا، ڏاڍ ۽ استحصال سبب زمانن کان وٺي سماج جو ڪچليل ۽ چيڀاٽيل چهرو به هن جي شاعريءَ لاءِ ڪنهن بنيادي محرڪ جو ڪم ڏئي ٿو. آگسٽ 1947ع ۾ جڏهن گڏيل هندستان ورهائجي ويو ۽ تنگ نظر سياست ويڇن جو ٻج ڇٽيو، تڏهن باغي اياز سماجي ناانصافين، طبقاتي تفريق ۽ تقدير تي تدبير جي برتريءَ خلاف هڪ زورائتي رڙ جي صورت ۾ گونجيو هو. سندس ابتدائي نظم”اڳتي قدم“ ۾ ان ڳالهه جي ڀرپور گواهي ملي ٿي:

    هوءَ ڪاري ڪڪري ڇائي آهه

    گهنگهور گهٽا لهرائي آهه

    اولهه کان آنڌي آئي آهه

    وک پو به نه پٺتي هٽڻي آهه

    منزل تي ساهي پٽڻي آهه

    اچ اچ ته مقدر بدلايون

    اچ اچ ته نئين جُڳ جو ڳايون

    ٺڪراءِ انهيءَ کي، جو روڪي

    گهٻراءِ نه، اڄ سينو ٺوڪي.

    ايئن اياز”نئين جڳ جو ڳائڻ“ کي اوليت ڏني ۽ پراڻ پسندي، فرسودگي ۽ ورجاءَ کي رد ڪيو. ساڳئي پرچي ۾ اياز پنهنجي هن نظم لاءِ لکيو:”اڳتي قدم“ باغي عوام جي همت، ارادي ۽ يقين جي تصوير آهي...شعر ۾ صحيح ترقيءَ پسندي جي جهلڪ آهي. هن جو پيغام موجود زندگيءَ کي بدلائي، نئين تعميري تصوير جو اظهار ڪري ٿو“. اها ئي”نئين تعميري تصوير“ اياز جي بعد واري ڪلام ۾ ور ور ڪري چهرو پسائي ٿي ۽ خاص طور 1970ع تائين جو هن جو ڪلام، جيڪو سنڌيءَ ۾ ترقي پسند شاعريءَ جي انتهائي عروج وارو زمانو به آهي، اياز جي شاعريءَ جو مرڪزي فڪري لاڙو يا رويو ترقي پسندي ئي نظر اچي ٿو ۽ اُن فڪري رويي سنڌي شاعريءَ کي هڪ اُڇل به عطا ڪئي، جنهن جو اثر اڃا تائين ختم نه ٿيو آهي.

    نامور دانشور سجاد ظهير ترقيءِ پسندءَ جي ڏاڍي تُز ۽ اختصار تي ٻڌل تشريح ڪندي چيو هو ته ”ترقي پسنديءَ مان مراد معاشري جي تخليقي صلاحيت کي جَلا بخشڻ، زندگي بخش عنصرن جو ساٿ ڏيڻ ۽ موت پرست قوتن سان جهيڙڻ آهي“. اياز جي شاعريءَ جو وڏو حصو اهڙي ئي”زندگي بخش“ ۽ ”موت پرست قوتن سان جهيڙڻ“ وارن موضوعن تي مشتمل هيو. هن پنهنجي اڀياس مان سکي، فنڪار جي زندگيءَ ۽ سماج ڏانهن جوابداريءَ واري سوال کي اٿاريو، ان جو جواب به ڏنو، ته سٽ جي سگهه به سمجهائي:

    تو جا سمجهي سٽ، سا اڄ تائين اتهاس

    جنهن ۾ ڪر موڙي اٿيو، ڪوي ڪاليداس

    آيو جنهن جي اوٽ مان، وديا پتيءَ واس

    ڀٽائيءَ جي ڀٽ تي، جنهن جو نينهن نِواس

    جنهن ۾ منهنجو ماسُ، ڪوري آيو ڪينرو.

    هُن سٽ جي سماجي ڪردار ۽ زندگيءَ سان تعلق جو پيرو کڻي، پنهنجو رشتو، انهن ماڻهن سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي، جن صدين کان وٺي انساني سماج کي نفرت، ويڇي، تنگ نظري ۽ استحصالي خيالن کان پاڪ بڻائڻ لاءِ پنهنجي ڏات کي پوريءَ قوت سان ڪم آندو هو.

    تنگ نظري ۽ بنياد پرستي ٻه اهڙا رويا آهن، جن انساني تاريخ ۾ قتل و غارتگري ۽ رتوڇاڻ کي هٿي ڏني آهي ۽ انساني ذهنن کي ميدان جنگ بڻائڻ جو ڪم ڪيو آهي. اياز تاريخ جي ڳوڙهي اڀياس ۽ پنهنجي خوني دور جي اکين ڏٺي گواهه هجڻ سبب سچل جي ”مذهبي رواداري“ واري فلسفي جي پوريءَ ريت پروڙ ٿي رکي، تڏهن ئي چيو هئائين:

    اوري آءُ الک، ڏيئو ٿي توکي ڏسان.

    اياز هڪ روشن خيال ۽ ترقي پسند فنڪار وانگر کليءَ ريت رنگ، نسل، مذهب ۽ قوميت جي فرق کي رد ڪندي، ماڻهپي کي ئي مذهب ۽ انسانيت کي ئي سڀ کان اُتم قدر قرار ڏيندي، عالمگير ڀائيچاري ۽ برابريءَ کي ڳايو هو. هن چيو هو:

    اڄ ته چئي ڏي، اڄ ته چئي ڏي، اڄ ته علي الاعلان

    منهنجو ڪوئي ديس نه آهي، منهنجو ديس جهان،

    منهنجو ڪوئي نانءُ نه آهي، مان هان بس انسان.

    هن وٽ سڀ کان اعليٰ ۽ اُتم شيءِ پنهنجو وطن ۽ ان جي مٽي هُئي، جيڪا ئي هن جي تخليق جو محرڪ ۽ خمير به هئي. مٽي هن وٽ ڪئين معنائن ۾ ڪم آئي آهي ۽ اها ئي هن جي شاعريءَ ۾ نوان نوان استعارا بڻجي، رنگينيون پکيڙڻ جو ڪم ڪري ٿي. ان ئي مٽيءَ کي مخاطب ٿيندي هن چيو هو:

    تنهنجا پير ڇُهان، ڌرتي منهنجي مائڙي

    ڀاڪُر پايان ڀاوَ مان، ماڻهو ماڻهوءَ سان

    آءٌ نه ٻيو ڄاڻان، مذهب منهنجو ماڻهپو.

    جيتوڻيڪ سنڌي شاعري ابتدا کان ئي پنهنجي روايتي طرز فڪر ۾ روشن خيال ۽ ترقي پسند رهي آهي ۽ سنڌ جو قديم سماج، ان جي رهڻي ڪهڻي، ماحول ۽ معاشرتي ڍانچو، تهذيب ۽ تمدن، سنڌي ماڻهوءَ جي زندگي بخش قدرن سان محبت ۽ گڏيل انساني ترقي ۽ خوشحاليءَ جا خواب ان جو تاريخي ورثو رهيا آهن، پر اياز اهڙو شاعر هو، جنهن اهڙي تاريخ جي وارثيءَ سان گڏ جديد دور جي انساني سماج جي گهرجن کي به پورو ڪيو ۽ جديد ترقي پسند سوچ کي اپنائيندي، مثبت ۽ اعليٰ تبديليءَ لاءِ پنهنجي تخليق کي ڪم آندو. هن ئي سنڌي شاعريءَ سان گڏ مجموعي سنڌي ادب کي سڄيءَ دنيا ۾ اُڀريل نين تحريڪن ۽ اٿلن پُٿلن کان واقف ڪرايو. هن جي شاعري ڪنهن عام ترقي پسند شاعر وانگر نعريبازيءَ جو شڪار نه آهي، بلڪه ان ۾ تخليق جو حُسن ۽ فني خوبيون فڪري گهرائيءَ کان به وڌيڪ گهاٽيون ۽ پختيون آهن.

    محمد ابراهيم جويي صاحب اياز جي هڪ ڪتاب جو مهاڳ لکندي، فرانس جي اديب زان ڪاڪُشوءَ جو حوالو ڪم آندو آهي، ته کانئس ڪنهن پڇيو:”جيڪڏهن ڪنهن گهر کي باهه لڳل هجي ۽ ان ۾ اندر هڪ ٻار هجي ۽ هڪ فن پارو هجي ته تون اندر وڃي، ان مان ڇا ٻاهر کڻي ايندين؟“ جواب ڏنائين ته”آءٌ اتان باهه کڻي ايندس.“ ۽ بقول جويي صاحب جي:”اياز جي شاعريءَ ۾ اها باهه به آهي، پر ان ٻار ۽ فنپاري، ٻنهي جي بچاءَ لاءِ!.“

    ishaq_samejo@yahoo.com
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم اسحاق سميجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    شاعريءَ جي راڌا جو ”ڪرشن“



    سومر 9 اپريل 2007ع

    مون پنهنجا چپ لاهي

    پيالي ۾ وجهي ڇڏيا آهن

    زهر جي آگ، پياسن جي ساگر کي

    ڍڪ ڍڪ ڪري پي رهي آهي

    زندگي مون کي جِي رهي آهي

    ۽ آوازن جي انبوهه ۾

    فقط منهنجو آواز ٻڌي رهي آهي...

    هي اُن شاعر جو آواز آهي، جنهن روايتي دور ۾ اک پٽي هئي، پر ڪنهن روايتي شاعر وانگر جديد شعري لاڙن ۽ نون فني گهاڙيٽن کي فن دشمني ۽ تخليق جو موت قرار نه ڏنو هو. ڇهين اپريل تي پنهنجي ممبئي واري فليٽ ۾ دل جي دوري پوڻ سبب، اسپتال تائين پهچندي پهچندي پنهنجو آواز ميڙي ويندڙ کڙي قد ۽ ڳوري رنگ وارو هي يگانو شخص، سنڌي شاعريءَ جو هڪ نه دٻائي سگهڻ جهڙو آواز هو. سمجهه ۾ نٿو اچي ته هن پنهنجي لاءِ ”راهيءَ“ جو تخلص ڇو تجويز ڪيو هو، جنهن نالي سان هن کان علاوه سنڌيءَ جو هڪ ٻيو شاعر اسحاق راهي به موجود هو، پر ڪرشن جي راهه يقينن ڪجهه جدا هئي. هن جو شعر روايت جو بدن رکڻ باوجود جدت جي پاڻيءَ ۾ وهنتل ٿو لڳي. هن جي شعر مان پراڻي ڳالهه کي نئون ڪرڻ ۽ پراڻي لفظ کي نئين معنيٰ سان ڪم آڻڻ جي فن کي آسانيءَ سان ماڻي سگهجي ٿو، جو بهرحال هو هڪڙو فطري فنڪار هو.

    هو سنڌي ڪويتا جي راڌا لاءِ واقعي به ”ڪرشن“ جي مثال هو. سانورو به ڪرشن جهڙو، سريلو به ڪرشن جهڙو. هندو ڏند ڪٿا موجب وشنوءَ پنهنجي هڪ سفيد وارَ مان رام کي ۽ ڪاري وار مان ڪرشن کي پيدا ڪيو هو. مهاڀارت ۾ ڪرشن جي معنيٰ ڪارو يا سياهه ڄاڻايل آهي، پر ڪرشن کي ڪارو ڪير چوي. هن جي ذات ته سراپا سونهن هئي، جنهن جي بانسريءَ جي هڪ سُر تي هزارين گوپيون (ڌنارن جون زالون) بيخوديءَ منجهان نچڻ لڳنديون هيون. چون ٿا انهن گوپين مان هر هڪ گوپي ساڻس هٿ هٿ ۾ ڏيئي نچڻ چاهيندي هئي، تنهنڪري ڪرشن پنهنجون سهسين صورتون جوڙي وٺندو هو. هن جي ذات جو اهو ئي ڪامڻ هو، جنهن سبب هن جي اهڙي محبوب تصور مٿان سوين سال گذرڻ کان پوءِ به، ميرا جهڙي حسين عورت ۽ عظيم شاعره نگر نگر نچڻ تي مجبور ٿي هئي.

    ”مين تو سانوري ڪي رنگ رانچي“.

    سنجها گهڙيءَ جهڙي سانوري ڪرشن جي رنگ ۾ روح تائين رنڱيل ميرا ئي ته هئي، جنهن لکيو هو:

    هري نام بنا نَر ايسا هي

    ديپڪ بنا مندر جيسا هي.

    ڪرشن راهي به سنڌي شاعريءَ جي مندر ۾ ديپڪ وانگي هو. 60 سالن کان وڌيڪ عرصو هو پنهنجي ڏات جي ڏيئي جي ان ئي هلڪي، جهيڻي ۽ ٿڌي ٿڌي روشنيءَ سان سنڌي ادب جي ۾ موجود اوندهه کي ختم ڪرڻ ۾ رڌل رهيو. هو گهڻو، زوريءَ ۽ بيجا لکڻ وارن مان نه هو. لکڻ هن لاءِ سستي شهرت جو ذريعو به نه هو، ته ادبي محفلن ۾ صدارتون ۽ خاص مهمانن جون ڪرسيون والارڻ جي خسيس خواهش جي پورائي جو ذريعو به نه. هو پنهنجي فطرت ۽ سرشت جي روڳ سبب ئي شاعر هو. ڪرشن جهڙي ئي سانوري رنگت، کڙو قد، گرجدار آواز ۽ رعبدار شخصيت رکندڙ راهيءَ جو وجود سنڌي ادب لاءِ ڪنهن سٺي سنئوڻ وانگر رهيو.

    هن جو جنم 25 مئي 193.2ع تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو هو. ان ئي سال شڪارپور مان سنڌي ٻوليءَ جو پهريون جديد ۽ شاهڪار ادبي رسالو ”سنڌو“ شڪارپور مان نڪرڻ شروع ٿيو هو. ان جو ايڊيٽر وسومل راجپال به عجيب ۽ حيرت جهڙو شخص هو، جنهن سنڌوءَ جي پويان پنهنجي سموري ملڪيت لٽائي ڇڏي هئي. لاڙڪاڻو تڏهن روايتي شاعرن جو ڳڙهه هو، جتي استاد نواز علي نياز جهڙا استادالشعراءَ رهندا هئا، پر لاڙڪاڻو ئي اهو شهر هو، جتان سنڌي ٻوليءَ جو صحيح معنيٰ ۾ نئون آواز ۽ انداز ڪشنچند بيوس ۽ هري دلگير جي نالي سان ٻڌو ويو. ڪرشن راهيءَ جو شاعريءَ سان سنڱ تڏهن ئي جڙي ويو هو، جڏهن ننڍي هوندي هن جي ڪنن سندس ڀيڻ ۽ ان جي سکين واتان بيوس ۽ دکايل جا گيت ٻڌا هئا. تڏهن هي به وڃي سندن محفلن ۾ ويهندو هو، پر وڌيڪ چڱي آواز سبب هو کيس پاڻ سان گڏ ڳائڻ نه سهنديون هيون. اڳتي هلي جڏهن هن پاڻ سنڌي شاعريءَ کي هڪ نئون حسن ۽ دلفريب رنگ ڍنگ عطا ڪرڻ شروع ڪيو، تڏهن بقول ڪرشن جي:”منهنجي ڀيڻ، منهنجا لکيل ۽ منهنجا ئي سُر ڏنل لولي، لاڏو ۽ سهرو، ٻين جي واتان ٻڌي، پاڻ جهونگاري به چوندي آهي: ”تون ته ٻڌاءِ، ڪيئن ٿو ڳائين؟“

    لکڻ ۾ هن جي رفتار سدائين هلڪي، نرم ۽ ڌيرج واري رهي. اٽڪل 60 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين لکندو رهڻ باوجود هن جا ڪُل ٻه شعري مجموعا ڪماچ (1969ع) ۽ وسڻ سندا ويس (1987ع) ملن ٿا. انهن کان اڳ ۾ 1956ع ۾ سندس پهريون ڪتاب ”لڙڪ ۽ مرڪ“ جي نالي سان شايع ٿيو هو، پر اهو مختصر ڪهاڻين تي مشتمل هو. 2003ع ۾ سندس آخري ڪتاب ”ورق سڀ وسار“ شايع ٿيو، جيڪو انهن تنقيدي ۽ تحقيقي مضمونن تي مشتمل آهي، جيڪي هن مختلف ادارن پاران سڏايل ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ پڙهيا هئا. هن مجموعي ۾ ڪرشن جو تنقيدي شعور قابلِ ديد آهي، جنهن ۾ هن همعصر ادب ۽ خاص طور شاعريءَ جو بيحد ڳوڙهائيءَ ۽ سنجيدگيءَ سان جائزو ورتو آهي. باوجود ان جي ته ڪيترن ئي نقادن هن کي ڪهاڻيءَ تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي تلقين ڪئي هئي، پر ڪرشن شاعريءَ کي ئي پنهنجي جيئڻ مرڻ جو سامان ٺاهيو. نقاد هن جي شاعريءَ کي روايت ۽ ترقي پسنديءَ جو امتزاج سڏين ٿا، پر حقيقت اها آهي ته هن جي شاعريءَ جو ڪافي حصو ترقي پسند روايت ۽ جدت جو تخليقي وصال آهي. سنڌ ۾ هو اياز، شمشير، استاد، نياز، تنوير، امداد ۽ ٻين سان گڏ گڏ پئي هليو ته هند ۾ ارجن شاد، ايشور آنچل، موتي پرڪاش ۽ ٻيا هن جا فني ۽ فڪري جوڙيوال هئا. نامور عالم ايڇ آءِ سدا رنگاڻيءَ هن کي هڪ ”سجاڳ روايتي شاعر“ سڏيو آهي. اها ڳالهه بلڪل درست آهي ته تمثيلن، شعري موضوعن توڙي ڪردارن ۾ هن روايت کان سکيو آهي، پر انهن جي پيشڪش ۾ هن روايت کي زورائتي ٺوڪر هنئي آهي. ان ڏس ۾ سسئي ۽ پنهونءَ جهڙن اڻ ڇُهندر ۽ انتهائي رواجي ڪردارن کي به نئين سليقي ۽ تازگيءَ سان ڪم آڻڻ وارو سندس مثال، بي مثال سڏي سگهجي ٿو:

    اهي سُور سسئيءَ کان اڳ ڀي هئا

    پنهونءَ کان به پهرين، اها ذات هئي!

    هن کي گهٽ لکڻ تي دسترس هو ۽ گهڻو ڪجهه آڇڻ جو آرٽ هو. آرٽ جي روايتي خوبين ۾ هڪ خوبي، خيال جي نزاڪت به شمار ٿيندي آهي ۽ ڪن ڪن شعرن ۾ هن نازڪ خياليءَ کي جنهن ڪمال سان ڪم آندو آهي، تنهن کي ڏسي سدارنگاڻي صاحب واري ”روايت ۾ سجاڳيءَ“ وارو اصطلاح ڪافي بامعنيٰ سُجهي ٿو.

    جنهن کي ڌوئي به آب هو اُجلو

    جسم تنهنجو به ڇا ته ميرو هو!

    پنهنجي شخصي فطرت کان شعري فطرت تائين، هن ۾ حد درجي جي فنڪارانه انا ۽ پنهنجي ڳالهه رکڻ جو حوصلو به موجود هو. حقيقت پسند ته ايترو هو، جيترو شايد ئي هند سنڌ جو ڪو ليکڪ هجي. ورهاڱي کان پوءِ جڏهن هند لڏي ويل سنڌي جاتي سنڌ ۾ ٿيل وارتائن ۽ ڌرتيءَ کان وڇڙڻ تي انتهائي صدمي واري ڪيفيت مان پئي گذري، تڏهن به هو اڪيلو ليکڪ هو، جنهن انتهائي بيباڪيءَ سان ايئن چيو هو:

    وطن جي لئه، جان گهوري، پوءِ به ٿوري

    سنڌين جان نه گهوري، وطن گهوري آيا.

    سندس هن شعر ٻرنديءَ کي وڌيڪ ٻارڻ جو ڪم ڏنو. پوپٽي هيراننداڻيءَ کان وٺي سندس لاتعداد همعصرن مٿس ڇتي تنقيد ڪئي ۽ ورهاڱي وقت مختلف ماڻهن کي پيش آيل واقعن جو دردناڪ تذڪرو ڪري، سنڌ ڇڏڻ واري ڪيس کي جسٽيفاءِ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪرشن جو هي شعر وطن ڇڏيندڙ ماڻهن مٿان ڪنهن ايف آءِ آر جيان دانهيندو رهيو. هن وٽ وطن جي محبت زندگيءَ کان گهڻي مٿانهين هئي، ان ڪري ئي هن وطن ڇڏڻ جو ڏوهه ماڻهن بجاءِ پنهنجي سر تي کڻڻ جي جرئت ڪئي هئي ۽ ان جي ياد ۾ تڙپي تڙپي، ان جي سزا به ڀوڳي هئي. ان ئي پيڙا ۾ هن پنهنجو نظم ”سرحد“ تخليق ڪيو هو، جنهن ۾ هن جي اونهي پيڙ ۽ ڀوڳنا جي شدت جهلڪي ٿي.

    هن سرحد کي تون مان گڏجي

    جت ٽٽي سگهي، ٽوڙينداسين

    جت مڙي سگهي، موڙينداسين

    ماڻهوءَ جو ماڻهوءَ سان ناتو

    جت جڙي سگهي، جوڙينداسين.

    اها سرحد فقط ڪن ملڪن وچ ۾ اڀي ٿيل خاردار تارن جي لڪير نه هئي، بلڪ اها دلين ۽ روحن وچ ۾ پيدا ڪيل سرحد به هئي، جنهن ننڍي کنڊ جي هڪ عظيم تهذيبي ورثو رکندڙ ڌرتيءَ جي رهواسين کي ٻن ڌار ڌار ديسن ۾ دربدر ڪري ڇڏيو هو. پوءِ به هو شيام ۽ موهن ڪلپنا جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خوشنصيب هو، جو حياتيءَ جو سج الهڻ کان اڳ ۾ هو سنڌ جي سر زمين کي پنهنجي اکين سان چمي سگهيو هو- ۽ ان سنڌوءَ سان مکاميلو به ڪيو هئائين، جنهن جي نالي جو سالن تائين هند ۾ ورد ڪندو رهيو هو:

    وطن ويو جن هٿان، ناهي تن آرام

    ڪڏهن وسري ڪينڪي، ڪنهن کان پنهنجو گام

    نديون هت به جام، پر سنڌوءَ ۾ ڪو ساهه ٿن.

    هن جي مزاج جي ارڏائي ۽ بيباڪ طبيعت جي هڪ جهلڪ اسان 2005ع ۾ هند جي دوري دوران سنڌي اڪيڊميءَ جي ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ به ڏٺي هئي، جنهن جي ٻئي يا ٽئين اجلاس ۾ نئين ذهن جو وڏو نقاد هيرو شيوڪاڻي پنهنجو شاندار پيپر پڙهي رهيو هو. اوچتو، اجلاس جي بزرگ صدر وچ ۾ ڳالهايو: ”هاڻي گهڻو ٿي ويو، توهان باقي پيپر ڇپائي ڇڏجو، وقت ڪونهي.“

    اهڙيءَ صورتحال تي جيستائين هيرو شيوڪاڻي صاحب ڪو رد عمل ظاهر ڪري ها، ڪرشن راهي هڪدم اٿي بيٺو: ”توهان هيري کي پيپر پڙهڻ کان نٿا روڪي سگهو، ايئن ڪندئو ته اسان اجلاس جو بائيڪاٽ ڪنداسين.“ هو بيحد کرو ۽ چٽو هو ۽ هن واري اها کرائي توڙي چٽائي، رڳي زندگيءَ جي عام روين ۾ ئي نه بلڪ تخليقي روين ۾ به هئي. هن سنڌيءَ جي ادبي سماج ۾ مروج ان مفروضي ۽ مبالغي کي مڪمل رد ڪيو هو ته درد ۽ پيڙا ئي تخليق جو سرچشمو آهن. پنهنجي هڪ شخصي مضمون ۾ هن لکيو هو:” درد يا پيڙا مون لئه حياتيءَ جو فلسفو نه آهن. سرجڻ جي ڪري، پيڙا پيدا ٿي سگهي ٿي، پيڙا جي ڪري ئي سرجڻ ٿئي ٿو، مان نٿو سمجهان، مان نٿو مڃان.“ ايئن هو روايتي تصورن کي نه مڃندڙ هڪ غير روايتي سنڌي ليکڪ هو، جنهن وٽ فن، ادب ۽ زندگيءَ بابت نهايت مثبت ۽ تخليقي تصور هئا.

    جنهن ڏينهن ڪرشن جي پرلوڪ پڌارڻ جي خبر ميڊيا تي آئي، ان ئي ڏينهن مون ايراني شاعره فروغ فرخ زاد جي شاعريءَ جو ترجمو ”کهلي دريچي سي“ پئي پڙهيو. فهميده رياض جو ڪيل هي ترجمو پڙهڻ وٽان آهي. ”چلو آغاز فصلِ سرد پر ايمان لي آئين“ نظم ۾ هوءَ چوي ٿي:

    مان موسمن جا اسرار ڄاڻان ٿي

    ۽ لمحن جا حرف سڃاڻان ٿي

    نجات ڏياريندڙ شخص قبر ۾ سمهي رهيو آهي

    ۽ خاڪ

    خاڪ سان ملي ويندڙن کي

    هن جي آرام ۾ خلل نه وجهڻ جو

    اشارو پئي ڏئي!

    ڪرشن راهي هڪ شاعر هو. تنهنڪري فروغ فرخ زاد وانگر هن به موسمن جا اسرار ۽ لمحن جي حرفن جو مڪمل ادراڪ رکيو ٿي. سنڌ جي خمير مان جڙيل ڪرشن جي خاڪ، جڏهن هند جي سر زمين سان ملي هِڪُ ٿي هوندي، تڏهن هن جي روح ضرور اولهه طرف وسندڙ ان خوابناڪ نگريءَ ڏانهن ڀڙڪو ڏئي اڏامڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي، جنهن سان هن راڌا وانگر پيار ٿي ڪيو.

    ishaq_samejo@yahoo.com
     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم اسحاق سميجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    سنڌ جو درد ۽ ڪنڌ جُهڪيل قلم!



    خميس 24 مئي 2007ع

    ڪجهه وقت ٿيندو ته بلوچيءَ جي هڪ لوڪ شاعره مهناز جي هڪ گيت جون سٽون پڙهيون هيم:

    مان ويڪرن ۽ کليل پنن وارو انجير جو وڻ آهيان

    جيڪو يا ته اونچن پهاڙن جي چوٽين تي ٿيندو آهي

    يا چهچ ساون ٻيلن ۽ ٽڪرين جي ڦاٽَن وٽ جهومندو آهي

    مان اوکن پهاڙن تي اڀريل وڻ آهيان

    جڏهن به تکيون ڏاکڻيون هوائون هلنديون آهن

    ته سمورن وڻن جا ڪنڌ جهڪائي ڇڏينديون آهن

    پر منهنجو ڪنڌ ڪير به نٿو جهڪائي سگهي

    ۽ ڪابه بارش، منهنجو ٿُڙ نٿي پسائي سگهي.

    سنڌ جي اڄوڪي ادبي ۽ سياسي فضا، جنهن ۾ ڪيئي ناليوارا ادبي ۽ سياسي وڻ، وڌ ۾ وڌ جهڪي، حاڪمن جا پير ڇهڻ جي سعادت حاصل ڪرڻ ۾ رڌل آهن ۽ ڏاڍي اطمينان سان پنهنجن سادن ماڻهن تي سنڌيءَ جي ان چوڻيءَ جي ڌوڙ وجهڻ جي ڪوشش پيا ڪن ته، ”هر ڦلدار وڻ جهڪيل هوندو آهي“، تڏهن اها ڳالهه ضرور هر سنڌ دوست شخص جي من کي کاڌ هڻندي هوندي ته ڇا واقعي به سنڌ جي فهم جو فصل لڻجي چڪو؟ ۽ ڇا واقعي به سنڌ گدڙ کائي ويندا؟

    ٿورا ڏينهن ٿيندا ته، ”جيو“ جي ڪيپيٽل ٽاڪ ۾ احمد فراز، ڪشور ناهيد ۽ بشريٰ رحمان ويٺا هئا. پروگرام دوران هڪ وڊيو ڏيکاري وئي، جنهن ۾ احمد فراز کي هڪ شيٽ هٿ ۾ هئي ۽ هو سپريم ڪورٽ ٻاهران ڪنهن جلوس جي اڳواڻي ڪري رهيو هو. ان وڊيو تي تبصرو ڪندي، مسلم ليگ (ق) جي سيٽ تان ايم اين اي طور چونڊيل بشريٰ رحمان چيو پئي، ”جڏهن شاعري سگهه وڃائي ويهندي آهي، تڏهن شاعر سطحي شخصي احتجاج تي لهي ايندا آهن. شاعرن جو ڪهڙو ڪم ته مظاهرا ۽ هڙتالون پيا ڪن؟ شاعرن کي ته شاعري ڪرڻ کپي.“ ٻئي طرف احمد فراز ۽ ڪشور ناهيد شاعر ۽ فنڪار جي عملي ڪردار تي سخت اسٽينڊ پئي ورتو. ٻنهي موجوده نان سويلين حڪومت ۽ ان جي جمهوري قدرن کي پائمال ڪندڙ فيصلن کي رد ڪرڻ سميت اڄ جي موجوده بحراني ۽ ڀڃ ڊاهه واري ملڪي صورتحال جي ترجماني ڪندڙ پنهنجا پنهنجا نظم پئي ٻڌايا، انهن به ٻڌندڙن کي ڪافي اتساهه ڏنو. ان وقت اهو به خيال آيو ته هن سموري تباهه ڪُن صورتحال ۾ نيٺ به سنڌي شاعر ۽ فنڪار ڪٿي آهي؟

    اهو سوال ته ڪالهه به اٿيو هو، جڏهن احمد فراز بلوچستان واري صورتحال تي سخت احتجاج ڪندي صدارتي ايوارڊ واپس ڪري ڇڏيو هو. فراز کان پوءِ ڪيترن ئي ليکڪن هڪ ٻئي پٺيان اهڙا ايوارڊ سرڪار کي واپس ڏياري موڪليا هئا. هڪ اديب ۽ شاعر جي ايوارڊ واپس ڪرڻ سان، نيٺ به طاقت جي غرور ۾ ورتل ڪنهن حاڪم جي سلطنت کي ڪهڙو لوڏو اچي سگهي ٿو؟ کڻي اهو سوال به سوچڻ جو آهي، پر سوال ڪنهن سلطنت کي لوڏڻ جو ته نه آهي، پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻ جو آهي. چون ٿا، جڏهن حضرت ابراهيم عليه السلام لاءِ آتشِ نمرود ۾ ٻاريو ويو، تڏهن هڪ جهرڪيءَ پنهنجي چهنب ۾ پاڻي ڀري، ان باهه کي وسائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. ڪنهن چيس: اهو ڇا پئي ڪرين؟ تنهنجي ايتري پاڻيءَ وجهڻ سان ايڏو وڏو آڙاهه اجهامي ته نه ويندو؟ تڏهن هن چيو: مان ڪٿي ٿي چوان ته باهه وسائي سگهنديس. مان ته فقط اهو ٿي چاهيان ته سڀاڻي ڪوئي اهو نه چوي، ته مان به باهه لڳائيندڙن سان گڏ هيس.“ ڳالهه فقط ايتري آهي. حساب سدائين ايترو ئي ٿيندو آهي ته توهان پنهنجي دور جي ڪهڙين قوتن جو ساٿ پئي ڏنو ۽ ڪنهن کي چڱو پئي سمجهيو. صدارتي ايوارڊ ته سنڌيءَ جي ڪيترن ئي نامور شاعرن، ڊرامه نگارن ۽ ڪهاڻيڪارن وٽ به هئا، انهن جي حسنِ ڪارڪردگيءَ کان متاثر ٿي، جنرل ايوب، جنرل ضياءَ ۽ موجوده جنرل پرويز مشرف تائين جي حڪومتن، کين ايوارڊن سان نوازيو هو، پر انهن سڀني مان ڪنهن هڪ به ليکڪ ان جهرڪيءَ جيتري به جرئت نه ڪئي، جنهن پنهنجي تاريخ صاف رکڻ لاءِ پنهنجو رستو باهه لڳائيندڙن کان جدا ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. رهندو، اسان جا اديب اهڙن ايوارڊن لاءِ سفارشون ڪرائڻ۽ ايوارڊن لاءِ مقرر ججن کي کارائي پيئاري، پنهنجي چونڊ کي ممڪن بڻائڻ لاءِ هر قسم جا حيلا وسيلا هلائڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا. سنڌالاجي، ادبي بورڊ، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، سنڌ يونيورسٽي، شاهه لطيف يونيورسٽي سميت سنڌ جو ته ڪو به معتبر ادارو سنڌي علم، ادب، ٻوليءَ ۽ فن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ ڪو به ايوارڊ نٿو ڏئي، البته صدارتي ايوارڊ يا ادبيات اڪيڊميءَ جي ايوارڊن لاءِ اسان جا اديب پاڻ کي جيترو ننڍو ڪن ٿا، افسوس ته ان کان سندن ڪم تمام وڏو آهي.

    هونئن ته اڄ جو سنڌي سماج هر حوالي کان زوال پذير آهي ۽ پنهنجن وڏڙن جو ڪمايل ورثو ٻنهي هٿن سان لٽائي بلڪه ٻوڙي رهيو آهي، پر موجوده سنڌ جو سڀ کان وڏو الميو سنڌ جي علم ۽ دانش تي آيل ڏڪار آهي. اسان نه صدر مشرف سان شڪايت ڪيون ٿا، نه سنڌ جي وڏي وزير ارباب رحيم سان، ڇاڪاڻ ته اهي نه عوام جي ووٽ جا محتاج آهن ۽ نه ئي ان ڏانهن ذميوار هجڻ جي ڪڏهن دعويٰ ڪئي اٿن، پر اسان کي انهن ماڻهن سان ضرور شڪايت جو حق آهي، جن جي لفظن ۽ ڳالهين سان ديوانن وانگر پيار ڪندا رهيا آهيون ۽ جن جي ڪهاڻين، ڊرامن ۽ ڪالمن جا جملا ۽ ڊائلاگ اڄ به ايئن ياد رکيون ويٺا آهيون، جيئن ڪو عاشق پنهنجي پهرينءَ محبت جي هر هڪ ڳالهه جو پاند دل جي ڌڙڪنن سان ٻڌي رکندو آهي. اسان کي ان ڳالهه تي صدمو ڪيئن نه رسندو، جڏهن اسان جو محبوب ليکڪ عبدالقادر جوڻيجو هڪ اردو اخبار جي سنڊي مئگزين کي ڏنل انٽرويوءَ ۾ ڊاڪٽر ارباب رحيم کي ته ”نئين ٿر“ وانگر نئين سنڌ جو به سڀ ڪجهه سڏي، پر جنرل پرويز مشرف جي تعريف به ايئن ڪري، جو ٻڌي لڳي ته هيءُ سنڌ جو دانشور نه پر شايد ”پرويز مشرف حمايت تحريڪ“ جو ڪو ڪارڪن پيو ڳالهائي؟ ۽ ڀلا اسان ان وقت ڇو نه دلي ڏک جو اظهار ڪريون، جڏهن سنڌ جي جوانيءَ کي لفظن سان منڊيندڙ ڪالم نگار اعجاز منگي، شاهه جي جکري ۽ اياز جي بيتن کي فقط ان ڪري سنڌ جي موجوده اختيار ڌڻين لاءِ منسوب ڪري، جو انهن جي دور ۾ ئي مٿس نگاههِ ڪرم پئي آهي؟ اعجاز ۽ عبدالقادر هر حوالي کان قابل، ذهين ۽ ان لائق آهن، جو انهن کي اهي ڪرسيون ملڻ کپن، جن تي هو ويٺا آهن، پر ڇا ان لاءِ ڪنهن سربراهه جا ڳڻ ڳائڻ به لازمي بڻجي وڃن ٿا؟ ڇا سنڌ جي ٻن نسلن جي انهن نمائنده قلمڪارن جي اهڙي عمل سان ان تاثر ۽ شڪ کي پختا بنياد ميسر نه ٿيندا ته هاڻ ادبي ۽ علمي ادارن جون سربراهيون فقط خوشامد سان ئي حاصل ٿين ٿيون، تنهنڪري ڇو نه انهيءَ ڊوڙ جو حصو بڻجي، وڌ ۾ وڌ خوشامد ڪري، وقت جي حاڪمن وٽ پاڻ وڻائجي؟ ڇا اعجاز ٻڌائي سگهندو، ته 2 1 مئي تي جيڪو ڪجهه ڪراچيءَ ۾ ٿيو، ڇا سنڌ تي واقعي به سمن جي سرڪار هجي ها ته اهو ڪجهه ايئن رونما ٿئي ها؟ هيءَ هڪ سادي ڳالهه آهي ته هڪ مڇي هڪ تلاءَ جي نمائنده هوندي آهي، ان ڪري هڪ ليکڪ پنهنجي پوري قبيلي جو نمائنده ٿيندو آهي ۽ ان جو هر عمل ان جي قبيلي لاءِ فخر يا شرمندگيءَ جو باعث بڻجي سگهندو آهي. ان ڪري سوچڻ گهرجي ته نيٺ به اسان ان سموري قبيلي، جنهن کي سماج ساڃاهه وند، باشعور، سمجهدار ۽ قابلِ عزت سمجهي ٿو، ان لاءِ ڇا پيا ڪمايون؟

    جيڪڏهن اڄ سڀ، بظاهر توڙي حقيقي ساڃاهه وند، ان ڳالهه تي ٻن گهڙين لاءِ به سوچيون ته ڇا واقعي به هيءَ اها ئي سنڌ آهي، جيڪا اسان کي پنهنجا وڏڙا ڏئي ويا هئا ۽ جنهن کي ٺاهڻ ۽ جنهن جي سينڌ سنوارڻ لاءِ انهن اکين کي اوجاڳن سان ئي نه ٽاڪيو هو، پر پيرن کي پنڌ کان سواءِ ڪنهن ٻئي ويچار ۾ وچڙڻ به نه ڇڏيو هو، ته اسان وٽ جواب ڇا هوندو؟ جنهن سنڌ کي خوشحال، آسودو، آجو، روشن خيال ڏسڻ جو خواب لطيف، سائين جي ايم سيد ۽ اياز ڏٺو هو ۽ ان خواب جي ساڀيان لاءِ انهن سان گڏ سنڌ جي هزارين ماڻهن گهڻو ڪجهه سٺو ۽ برداشت ڪيو هو، ڇا واقعي به هن سنڌ ۽ ان سنڌ جي صورت ۾ ڪا هڪ جهڙائي به آهي؟ جي ايم سيد، شيخ اياز، مرزا قليچ بيگ، حيدر بخش جتوئي، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ڄيٺمل پُرسرام، سوڀي گيانچنداڻي، محمد ابراهيم جويي، علامه آءِ آءِ قاضي، علامه عمر بن محمد دائود پوٽي، ايم ايڇ پنهور، رشيد ڀٽي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ عطا محمد ڀنڀري جنهن سنڌ جي فخر، وڏائيءَ ۽ عظمتن کي عيان ڪرڻ لاءِ پنهنجون عمريون ڏئي ڇڏيون، پنهنجا ڏينهن ۽ راتيون صرف ڪيائون، پنهنجو عقل، صلاحيت ۽ فهم پوري سچائيءَ ۽ بي لوثيءَ سان لٽايائون، ڪنهن فڪري، نظرياتي ۽ سياسي وابستگيءَ ۾ الجهڻ کان سواءِ پنهنجو پاڻ کي سنڌ جي پيغام، سوچ، فن ۽ عظمت ثابت ڪرڻ لاءِ ارپي ڇڏيائون، ڇا هيءَ اها ئي سنڌ آهي؟ ڇا اسين ان کي وڌائڻ ويجهائڻ ته ٺهيو، اصل حالت ۾ برقرار ۽ بحال رکڻ ۾ به ڪامياب ٿيا آهيون؟ جي نه ته ان جا ڪارڻ ڪهڙا آهن ۽ ان جي ذميواري رڳو حڪومتن، حاڪمن ۽ انهن جي غلط فيصلن تي مڙهي، پنهنجو پاند ڪيستائين آجو رکندا اينداسين؟ اها سنڌ، جنهن جي عظمتن جي مينار موهن جي دڙي کي موٽر سائيڪل پيا لتاڙن، جنهن جو ڪاهوءَ جو دڙو قبضي گيرن جي ور چڙهيل آهي، جنهن جي ساحلي پٽي سمنڊ پائي رهيو آهي، جنهن جو قدرتي پاڻيءَ جو سڀ کان وڏو سرمايو منڇر زهر ۾ بدلجي چڪو آهي، جنهن جو درياهي ڪچو به رڻ جو ڏيک ڏيڻ لڳو آهي، جنهن جو ويدن ۾ ”سرڪش گهوڙي“ سان مشابهه ڪيل سنڌو حقيقت مان خيال جي صورت وٺڻ لڳو آهي ۽ جنهن جي نقشي کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ لاءِ ٺٽي کي ٽوڙي ٻن حصن ۾ ورهايو پيو وڃي، سنڌ جي ثقافتي ۽ ادبي مرڪز حيدرآباد کي ٽوڙي، ان کي سنڌين جي هٿن مان کسڪايو ويو آهي، ڪراچيءَ کان ٺٽي ۽ ڪراچيءَ کان ڄامشورو تائين جون قيمتي زمينون، ڳوٺن جا ڳوٺ اندران ئي اندران وڪرو ڪيا ويا آهن، ان سنڌ کي نيٺ به ڪٿان لڳي؟ خبر ناهي ته اياز اهي سٽون ڪهڙي سماج جي فنڪار کي تصور ڪري لکيون هيون:

    منهنجو اگهه پڇين ٿو آمر

    منهنجا گيت ڳنهي سگهندين تون؟

    هتي ته گيت گرهه کان به سستو پيو وڪامي. فنڪار جو ملهه ڪنهن بازار جي عورت کان به گهٽجي ويو آهي. دانش ۽ فن جا دڪان کلي پيا آهن، اهڙي فن ۽ فهم جي هر هڪ دڪان ٻاهران، ڪنهن ڊاڪٽر جي ڪلينڪ وانگر ملڻ جي وقتن سان گڏ ”في“ به لکي پئي آهي. ايئن ٿو لڳي ته سنڌ جي پڙهيل لکيل ماڻهوءَ جي اندر ۾ زمانن کان دٻيل حسرتن ۽ خواهشن جو لاوو ڦاٽي ٻاهر نڪتو آهي. شعر کان ڪالم نگاري، هر هڪ شيءِ ڪاروبار بڻجي پئي آهي. هڪڙا ماڻهو اهي آهن، جيڪي وقت جي حاڪمن ۽ سندن وڏڙن جي نيڪيءَ ۽ ساراهه ۾ زمين آسمان هڪ ڪندڙ نظم لکي، روزگار پيا ڪن، ٻيا وري اهو ڪم ڪالم نگاري ۽ مضمون نگاريءَ وسيلي سر انجام ڏيڻ لڳا آهن. هڪ زماني ۾ ادب خاص طور شاعريءَ تي تهمت هئي ته اها فن جو درٻاري قسم آهي، جو حاڪمن جي قصيدي گوئيءَ جهڙي ڪاري ڪاروبار ۾ ملوث آهي. غالب ويچاري بک ۽ بيروزگاريءَ ۾ اچي، وقت جي حاڪم آڏو رڳو ايترو چيو هو ته:

    آپ ڪا بنده اور پهرون ننگا - آپ ڪا نوڪر، اور کهائون ادهار!

    ته ان تي اڄ تائين اردوءَ جي روشن خيال حلقي سميت مختلف ٻولين ۾ لکندڙ ڪردار جا قائل ليکڪ طرحين طرحين جي تير زني پيا ڪندا آهن. اياز، جيڪو پنهنجي مٿي کان ”ديوانِ غالب“ رکي سمهندو هيو، تنهن به غالب جي اهڙيءَ ڳالهه تي مٿس چڱيون چٿرون ڪيون آهن. توڙي جو اياز پاڻ به ضياءَ جي دور ۾ آمرانه حڪومت جي دهمان ۾ اچي ويو هو ۽ ان کان خوف کائڻ جو ذڪر هن پاڻ ئي ڪيو آهي. ذاتي طرح اياز ڀلي ڊنو به هجي، پر هن جو گيت ڪڏهن به نه ڊنو. هن ڪنهن به آمر، وطن فروش يا سنڌ جي حقن ۽ امنگن جي ابتڙ ڪم ڪندڙ ماڻهن جي ثنا خواني نه ڪئي. پنهنجي حرف جو ڪنڌ جهڪڻ نه ڏنو. ڇو ته هڪ قلمڪار مٿان سماج جي اعتبار جو پهريون ۽ آخري سبب ان جا حرف ئي هوندا آهن. پنهنجي قلم ۽ حرف جي حرمت ۽ تقدس جو احساس ئي ان کي هڪ عَلم جو درجو عطا ڪندو آهي. تنوير اهڙي ئي قلم لاءِ چيو هو:

    اسان جو قلم هڪ عَلم آ، اسان جو قلم محترم آ.

    پر نيٺ به سنڌي ليکڪ جي ان محترم قلم کي ڪَٽ ڇو پئي لڳندي وڃي؟ عوام جي امنگن، خواهشن، حسرتن، ارادن ۽ زندگين جو ترجمان اهو قلم وقت جي حاڪم آڏو ڪنهن حبشي غلام وانگر ڪنڌ جهڪائڻ جي ريت ڪٿان سکيو آهي؟ ڇا ان قلم جي خود سريءَ جي عمر ڪُل اها ئي هئي؟ ڇا فنڪارانه انا ۽ وطن دوستيءَ جي واٽ تي، ان قلم کي ڪل ايترو ئي پنڌ ڪرڻو هو ۽ ڪنهن ڪرسيءَ، عهدي، ٿڌي ڪمري ۽ چمڪندڙ گاڏيءَ جي حاصلات لاءِ ئي هن اهي سرديون گرميون سَٺيون هيون؟ جنهن قلم لکيو هو، ”منهنجي ڌرتيءَ جي پهاڙن کي چئو، هو اڃا اونچا رهن، ڇو ته منهنجو ڪنڌ جُهڪڻو ڪو نه آهي،“ تنهن کي پنهنجن حرفن سان گڏ شاهه ۽ اياز جي سٽن کان به اهڙو نامناسب ڪم وٺڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي؟ جنهن ڊرامه نگار ۽ ڪهاڻيڪار سان سنڌ جا ماڻهو ايئن پيار ڪن ٿا، جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي عزيز ترين دوست يا محبوب سان پيار ڪندو آهي، نيٺ به اهو پنهنجن حرفن کي ايڏو بي ملهه ڇو پيو وڪڻي؟ هيءَ صورتحال ته بلڪل اهڙي آهي، جهڙي لارين تيلهاد نالي هڪ نقاد جي ان راءِ پيدا ڪئي هئي، جيڪا هن نيرو جي روم کي اڀ ڇهندڙ باهه لڳرائڻ واري عمل تي ڏني هئي ته، ” گمنام ماڻهن جي موت کي ڪير ٿو ليکي، ڏسڻو اهو آهي ته اشارو ڪيڏو نه حسين هو.“

    هتي سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته ڇا سنڌ ۾ هڪ به اهڙو فنڪار نه هو، جيڪو وقت جي سرڪار پاران مليل ايوارڊ واپس ڪري، ڪراچيءَ واري سانحي تي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي ها؟ اسٽيبلشمينٽ، طاقتور ادارا، حڪمران ۽ سياسي اڳواڻ پنهنجو پنهنجو ڪم پيا ڪن ۽ پنهنجن پنهنجن مفادن جي جنگ پيا وڙهن، پر سنڌ جي دانش، سنڌ جو علم ۽ ادراڪ، سنڌ جي ڏات، سنڌ جو شعر ۽ سنڌ جو ڪالم، ڪنهن جي جنگ پيا وڙهن؟ جيڪو فن، جيڪا تخليق، جيڪا تحرير پنهنجي زماني ۽ ان جي زندگين جي تحفظ بجاءِ ظالمن سان گڏ بيٺل ماڻهن جا ڳڻ ڳائي، قاتل جي تلوار جي چمڪ تان ٻلهار ويندي هجي، ته ان کي ڪهڙو نالو ڏجي؟ ان ڳالهه کان ڪو به انڪار نه آهي ته هڪ فنڪار يا اديب سياستدان نه آهي، پر ان ڳالهه کان ڪير انڪار ڪري سگهندو ته هڪ اديب مان ئي سماج ۾ سڀ کان وڌيڪ ذميوارانه ڪردار جي توقع ڪئي ويندي آهي. اهو ئي سبب آهي، جو جيڪي ماڻهو پنهنجن فنڪارن ۽ ليکڪن سان محبت ڪندا آهن، وقت اچڻ تي کانئن لاتعلقي اختيار ڪرڻ ۾ به ان ئي شدت جو مظاهرو ڪندا آهن. ناروي جو مشهور ۽ نوبل لاريٽ اديب ڪنوٽ هامزون جي ناول ”بک“ کي عالمي شهرت ملي ۽ ناروي جا ماڻهو ته ان کي سيني سان سانڍي رکندا هئا. جڏهن ناروي تي هٽلر قبضو ڪيو ۽ هامزون نازي فوجين سان ملي ويو ته ماڻهن پنهنجن گهرن ۾ پيل سندس ڪتاب ڪڍي، کيس واپس ڏياري موڪليا. ايئن هن کي پنهنجي ئي ڪتاب جون هزارين ڪاپيون نفرت طور واپس پهتيون. ماڻهو جنهن سان پيار ڪندو هجي، ان سان پنهنجيءَ ڪاوڙ ۽ احتجاج جو بهتر اظهار ان کان وڌيڪ ڪيئن ٿو ڪري سگهي؟

    هڪ بار بار ورجايل ڳالهه آهي ته ويٽنام جي جنگ دوران پاڪستان جو هڪ اردو شاعر قيوم نظر فرانس ويو هو، جتي هن کي سارتر سان ملڻ جو شرف حاصل ٿيو هو. قيوم سان ملڻ کان اڳ، سارتر پنهنجي نوڪرياڻيءَ کي ڪافي ٺاهڻ لاءِ چئي آيو هو. ڪچهريءَ جي ابتدا ۾ ئي سارتر کانئس پڇيو، ”اوهان پاڪستاني اديب ويٽنام جي جنگ بابت ڇا پيا سوچيو؟“ قيوم نظر چيو، ”اسان اديب آهيون، اسان جو سياست سان ڪهڙو واسطو؟“ اهو جواب ٻڌي، سارتر پنهنجي نوڪرياڻيءَ کي چيو، ”بس، ڪافي ٺاهڻ جي ضرورت نه آهي.“ ۽ هن آيل مهمان سان وڌيڪ ويهڻ کان معذرت ڪندي اجازت ورتي. اسان به جيڪڏهن ڪن مصلحتن، مفادن ۽ ذاتي لڳ لاڳاپن سبب ٻيو ڪجهه نٿا ڪري سگهون ته ايترو ته ڪري سگهون ٿا ته جن حاڪمن جي دور ۾ سنڌ کي ديوار سان لڳايو ويو، ان جي اصلوڪن رهواسين جون ڪچين آبادين ۽ قديمي ڳوٺن ۾ قائم جهوپڙيون به پٽي ڦٽي ڪيون ويون، درياهه سڪائي لکين ماڻهن کي پنڻ لائق بڻايو ويو، هڪ سموري سماج کي معاشي ۽ ذهني طور مفلوج بڻايو ويو، سنڌ جاگيردارن ۽ سردارن کي ونڊي ورهائي ڏني وئي، هر شيءِ جي مالڪي ٻاهرين ماڻهن حوالي ڪئي وئي، ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ سنڌي نوڪري پيشه ماڻهن جي داخلا بند ڪئي وئي، ڇا تن حاڪمن جا ڳڻ ڳائيندڙن کان ايتري معذرت به نه ڪرڻ کپي؟

    هڪ چيني چوڻي آهي ته، ”ويهي رهڻ مان اهو فائدو آهي ته ڪرڻ جو خطرو نٿو رهي.“ ڪاش! سنڌ جو اڄوڪو دانشور، ليکڪ ۽ فنڪار جيڪڏهن پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ماڻهن لاءِ ٻيو ڪجهه به نٿو ڪري سگهي ته رڳو چپ ڪري ئي ويهي، جيئن اسين کيس ڪِرندو ته نه ڏسي سگهون. ڇاڪاڻ ته اسين ان سان پيار ڪريون ٿا ۽ جنهن سان پيار ڪبو آهي، ان جي ڪِرڻ ۽ ٽُٽڻ جو ڏک به ٽوڙي ڇڏيندو آهي.

    ishaq_samejo@yahoo.com
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم اسحاق سميجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز: هڪ ڳري ويل پينٽنگ جهڙو ادارو




    اربع 30 اپريل 2008ع



    تازو دهليءَ جي ماڊرن آرٽ گئلري ڏسڻ جو موقعو مليو. اها گئلري نامور شاعر امداد حسيني ۽ مون گڏجي ڏٺي. اسان اتي ٽئگور جي پئنٽنگس کان وٺي، پاڪستان مان چغتائيءَ سميت سموري بر صغير جي وڏن آرٽسٽن جي فن جي ڊسپلي ۽ حفاظت کي ڏسي حيران رهجي وياسين. مصوريءَ جي انهن شاهڪارن کي جهڙيءَ ريت ڀتين تي آويزان ڪيو ويو هو ۽ انهن کي نمايان رکڻ لاءِ جيڪا ديوارن جي بناوت رکي وئي هئي، تنهن ان ڳالهه جو شديد احساس پيدا ڪيو ته اسان ٻين ڳالهين سان گڏ پنهنجي فن جي قدر توڙي صحيح ڊسپلي ۾ به سجاڳ قومن کان ڪئين سال پوئتي آهيون. اهو ئي احساس لال قلعي جي سار سنڀال ۽ صفائي سٿرائيءَ سميت ان جي هرهڪ ٽڪري تي نظر ايندڙ ڌيان ۽ توجهه ڏسي به ٿيو ۽ پنهنجي حيدرآباد واري قلعي کي ياد ڪري، شرمندگيءَ جو احساس به ٿيو. قلعا جيڪي قديم آثارن ۽ يادگارن ۾ قومن لاءِ فخر ۽ شان و شوڪت جا اهڃاڻ هوندا آهن، اسان وٽ مال جي واڙن کان به بدتر حالت ۾ پيا آهن بلڪ بيدرديءَ سان برباد ڪيا ويندا رهيا آهن. انهن جي حالت به اسان سمورن اصلوڪن رهواسين جهڙي ئي آهي، جن جي وارثي ۽ مالڪيءَ لاءِ ڪو به تيار نه آهي.

    سنڌ جي تاريخي آثارن ۽ يادگارن وانگر سنڌ جا ڪجهه شهر به آهن، جيڪي هڪ زماني ۾ سنڌ جي مهذب ۽ شاندار تهذيب جي وارثيءَ جي دعويَ لاءِ دليل جو ڪم ڏيندا رهيا آهن. موهن جو دڙو، ڀنڀور، پارو ننگر، ٺٽو، شڪارپور، سيوهڻ، ڪراچي، هالا، نصرپور، ڪاڇي جي پهاڙي پٽيءَ جا ڪيئي شهر. انهن سڀني ۾ سنڌ جو ڪو نه ڪو زمانو پنهنجي شاندار ماضيءَ سان ساهه پيو کڻي، پر ڪراچيءَ کان سواءِ ٻين شهرن جو حال ٻڌائڻ جي به ضرورت نه آهي. هڪڙا شهر وري اسان سنڌ واسين لاءِ دلي، جذباتي ۽ ذهني طور هڪ مرڪز جي حيثيت رکن ٿا، جن ۾ ڀٽ شاهه، سيوهڻ، باغبان ۽ جهوڪ شريف به شامل آهن. ڀٽ شاهه ته هڪ اهڙو شهر آهي، جيڪو سنڌ وارن لاءِ هر حوالي سان روشنيءَ جو مينار آهي ۽ هن شهر کي سنڌ جو ڪلچرل مرڪز بڻجڻ گهربو هو، جيئن دنيا جو ڪو به ماڻهو هڪ نظر ۾ سنڌ ڏسڻ چاهي ته اها کيس ڀٽ شاهه گهمائي، ڏيکاري سگهجي. ڇاڪاڻ ته ڀٽ شاهه ئي اهو شهر آهي، جيڪو سنڌ جي ڏات ۽ ڏاهپ جو نچوڙ آهي. شاهه سائين جي شاعري سنڌ جي تاريخ، ثقافت، تهذيب ۽ تخليق جو عرق آهي، جيڪا سنڌ وارن لاءِ ڪنهن عظمت جو درجو رکي ٿي. سنڌ جي صحيح رهنمائيءَ جو مرڪز ڀٽ شاهه ئي آهي، جنهن جي ئي مٽيءَ سنڌ جي سيڪيولر، صوفي منش، عوام دوست ۽ تبديليءَ جي جذبي سان سرشار فڪر ۽ فن کي اوج ۽ اوچائي عطا ڪئي، پر اها ڪيڏي نه تڪليف ڏيندڙ حقيقت آهي ته ڀٽ شاهه شهر جي حالت سنڌ جي ڪنهن بااثر وڏيري جي ڳوٺ کان به بري آهي، جنهن ۾ زندگيءَ لاءِ بنيادي سهولتن، انتظام ڪاري ۽ رٿابنديءَ جو ڪو نالو نشان ئي ڪونهي. ٻيو ته ٺهيو، 1950 ڌاري تڏهوڪي مخالف ڌر جي اڳواڻ سائين جي ايم سيد ۽ تڏهوڪي وڏي وزير پيرزاده عبدالستار جي ڪوششن جي نتيجي ۾ جيڪو ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز قائم ٿيو يا 90ع ڌاري تڏهوڪي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو پاران هن مرڪز جي سڌاري ۽ ترقيءَ لاءِ جيڪي ڪوششون ورتيون ويون، سي به ڄڻ ته ٻڏڻ کي اچي پهتيون آهن. ڪراڙ ڍنڍ جي بدحالي توڙي مرڪز جي عمارت جي زبون حالي اسان جي وقت جي حڪمرانن توڙي ثقافت کاتي جي اعليَ ڪرسين تي ويهندڙ ثقافت دشمن ڪامورن جي ڪردار تان اڳڙي کڻندي نظر اچن ٿي. دراصل اهو سڀ ان ڪري پئي ٿيو آهي، جو اسان وٽ سدائين شڪارين کي ٻيلو کاتو ۽ سنڌ جي ثقافت کان ناواقف ماڻهن کي ثقافت کاتو ڏنو ويندو رهيو. آرڪيالاجي ۾ اهڙا عملدار مقرر ڪيا ويا، جن وٽ تاريخي ماڳن تان هٿ آيل شيون ٺڪرين کان وڌيڪ ڪا اهميت نه پيون رکن. ان صورت ۾ اهي انهن جي ڪهڙي حفاظت ڪندا؟ موهن جي دڙي مان هٿ آيل قيمتي شيون چوري ٿي، گم به ٿي ويون، پر انهن جي وارثي ڪنهن به نه ڪئي. اهو ئي حشر ٻين تاريخي ماڳن تان هٿ آيل شين جو به ٿيو.

    ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز کي هڪ جديد ۽ سمورن فنن ۽ هنرن لاءِ سکيا جو هڪ مثالي سينٽر بڻجڻ گهربو هو، جيئن سنڌ جا اهي هنر ۽ ڪاريگريون جيڪي هوريان هوريان پنهنجو وجود وڃائي رهيون آهن، تن کي ٻيهر جيئاري سگهجي ها ۽ انهن هنرن سان لاڳاپيل ماڻهن کي پنهنجن ابن ڏاڏن جي شاندار ڪرت سان وابستگيءَ تي کين احساس محروميءَ کان بچائي سگهجي ها، پر افسوس ته هي سينٽر پاڻ هوريان هوريان تباهيءَ کي ويجهو پهچي چڪو آهي. هن سينٽر جون شاندار ۽ خوبصورت ڪاشيءَ جي ٽٽل درين ۾ سرون هڻي، انهن کي بند ڪيو ويو آهي، ته لائبريريءَ جا ڪٻٽ هنڌان هنڌان ٽٽي چڪا آهن. ثقافتي مرڪز جو ميوزم، جنهن کي ٺاهڻ لاءِ سنڌ جي قابل فخر مصور ظفر ڪاظميءَ پنهنجو رت ست ڏنو، اوجاڳا ڪاٽيا ۽ پنهنجن هٿن سان شاهه جي ڪردارن جي اسٽيچوز لاءِ ويهي لباس جوڙيا، اهو ميوزم وقت گذرڻ سان گڏ ترقي ڪرڻ ۽ وڌيڪ قابل ديد بڻجڻ بجاءِ هڪ ڪٻاڙخاني جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ ظفر ڪاظمي، دارا ابڙو، منور ميمڻ سميت ڪئين نامور سنڌي مصورن جون ڪي پينٽنگس ڍيرن جي صورت ۾ پيون آهن، جڏهن ته انهن مان ڪيتريون ئي پينٽنگس غائب ٿي چڪيون آهن ۽ ڪي وري ڦاٽي يا ڳري ويون آهن.سينٽر جي ديوارن جي حالت ڏسجي ٿي ۽ ثقافتي مرڪز جي مختلف ڪمرن جو جائزو وٺجي ٿو ته لڳي ٿو هي ڪو ثقافتي مرڪز نه پر اَن رکڻ لاءِ ڀانڊي طور استعمال ٿيندڙ عمارت هجي. ٻئي طرف ڪراڙ ڍنڍ، جنهن کي هڪ مثالي، خوبصورت، ديده زيب ۽ ڪنولن سان ڍڪيل ڍنڍ هجڻ گهرجي، اها ڪني پاڻيءَ جو هڪ اهڙو دٻو بڻيل آهي، جنهن جي ڀرسان گذرڻ کان به ماڻهو ڪنارو ڪن ٿا. هن ئي ڍنڍ جي ڪناري سنڌ جي نئين سجاڳيءَ جو نقيب شيخ اياز آرامي آهي، جنهن جي مزار کي وقت جي سرڪار نه ته ڪا چوديواري ڏياري سگهي آهي ۽ نه ئي آس پاس ڪو باغيچو رکرائي سگهي آهي. ڪاش، پ پ جي موجوده سرڪار رڳو اهو ڪم به ڪري، تڏهن به سنڌ جي ماڻهن جي دل ۾ ان لاءِ ڪافي عزت پيدا ٿيندي. ڀٽ شاهه کي هڪ جديد ۽ ثقافتي مرڪز بڻائڻ لاءِ هڪ ماسٽر پلان جوڙڻ جي ضرورت آهي، جنهن سان هتي هڪ صوفي يونيورسٽي، لاهور جي اين سي اي جهڙو هڪ آرٽ ڪاليج (جنهن ۾ ميوزڪ، ڊانس، مصوري، سنگتراشيءَ سميت سڀ ڪجهه پڙهايو وڃي)، سنڌ جي اصلوڪن هنرن جي واڌ ويجهه لاءِ سينٽر، تفريح گاهون ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه هجڻ گهرجي، پر جيستائين سنڌ کي ڪو اهڙو حاڪم ملي، جيڪو ڀٽ شاهه جي سنڌ جي وحدت کي قائم رکڻ، سنڌ جي سيڪيولر، روشن خيال ۽ عالمي امن توڙي سڪار واري پيغام کي واضح بڻائڻ ۾ ڀٽ شاهه جي ڪردار ۽ اهميت کي سمجهندو هجي، تيستائين سنڌ جي موجوده حاڪمن ۽ خاص طور سنڌ جي ثقافت ۽ ڀٽ شاهه جي اهميت کي سمجهندڙ کاتي جي وزير سسئي پليجو کي گذارش آهي ته اها في الحال ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز کي تباهيءَ کان بچائڻ لاءِ ئي تڪڙا اپاءَ وٺي، جنهن جي حالت هن وقت ڪنهن ڳري ويل ۽ رنگن ڦٽل پينٽنگ جهڙي ٿي وئي آهي.

    ishaq-samejo@yahoo.com
     
  10. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم اسحاق سميجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    پ پ قيادت کي غلط فيصلن ۽ غلط صلاحڪارن کان بچڻ گهرجي!





    جمع 9 مئي 2008ع





    بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ پيپلز پارٽيءَ بابت جيڪو عام خدشو ظاهر ڪيو پئي ويو، سو اهو هو ته هاڻ اها هڪ ڇوري ڇني پارٽي بڻجي ويندي ۽ هميشه ڀٽوز جهڙن قدآور ليڊرن جي اڳواڻيءَ ۽ ڇپر ڇانوَ ۾ ساهه کڻندڙ پارٽي پنهنجا پير مشڪل سان ئي سنڀالي سگهي. ان خوف کي وڌيڪ تقويت تڏهن ملي، جڏهن وزير اعظم جي اميدواريءَ تان مخدوم امين فهيم ۽ شهيد بينظير جي ور آصف علي زرداريءَ وچ ۾ اختلاف سامهون آيا. اهي اختلاف جهڙيءَ ريت ميڊيا ۾ بحث جو موضوع بڻيل رهيا ۽ خاص طور ”مري معاهدي“ وقت مخدوم امين فهيم کي ڳالهين مان ٻاهر رکڻ جي نتيجي ۾ جنهن صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو، تن پ پ پ مان هڪ نئين ڌڙي ٺهڻ واري ڊپ کي به هٿي ڏني. سياسي سمجهه رکندڙ مختلف ماڻهن جو خيال هو ته اسٽيبلشمنيٽ يا صدر جي ٽيم پ پ پ کي موجوده ڀرپور طاقت ۾ ڏسڻ نٿي چاهي، ان ڪري اها ڪنهن به قيمت تي ان کي ٽوڙڻ چاهي ٿي. مٿان وري مخدوم امين فهيم ۽ صدر مشرف وچ ۾ ملاقاتن ۽ ويجهڙائين جون ڳالهيون به ٿينديون رهيون، جنهن کي پڻ ساڳئي سلسلي جي ڪڙي سڏيو ويو. بهرحال مخدوم امين فهيم جي وزارت عظميَ لاءِ نالي تجويز نه ٿيڻ باوجود ۽ مخدوم جميل کي به سنڌ ڪابينه جي پهرئين وزارتي قافلي جو حصو نه بڻائڻ باوجود، پارٽيءَ کي ٽٽڻ کان بچائي وڃڻ کي آصف علي زرداريءَ جو ئي ڪمال ۽ سياسي ڪاميابي سڏيو وڃي ٿو. خود آصف کي غير ڀٽو هجڻ جي باوجود پارٽي ڪارڪنن ۽ ووٽرن پاران ايترو جلد جيڪا قبوليت ۽ موٽ ملي آهي، تنهن جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته هاڻ آصف زرداري ئي پ پ پ جو قبول پئجي ويل ليڊر آهي. جيستائين بلاول ڀٽو، جيڪو پارٽيءَ جو چيئرمين آهي، پڙهائي پوري ڪري موٽي اچي، تيستائين سندس والد آصف علي زرداري پيپلز پارٽيءَ سميت ملڪي سياست ۾ به تمام وڏي حيثيت جو مالڪ بڻجي چڪو هوندو. ساڳيءَ ريت خود پيپلز پارٽي به ڪيترن ئي مرحلن مان گذري چڪي هوندي ۽ ٿي سگهي ٿو ته ان جي اها شڪل به نه رهي، جيڪا شهيد ذوالفقار علي ڀٽي يا پوءِ شهيد بينظير ڀٽو جي قيادت وقت هئي. ڇاڪاڻ ته بهرحال هاڻ پ پ پ جي قيادت ڀٽوز وٽ نه آهي، ته اها ڳالهه عوامي سطح تي به محسوس ڪئي ويندي ته پارٽي سطح تي به ان جو احساس پيدا ٿيڻ فطري هوندو.

    پ پ پ قيادت ۾ تبديليءَ واري ڳالهه ته تڏهن ئي شدت سان محسوس ڪئي وئي هئي، جڏهن اليڪشن کان پوءِ آصف علي زرداري تمام مختصر عرصي اندر ”قومي مفاهمت“ جي نعري هيٺ پنهنجي ڪنهن دور جي سخت سياسي مخالف ن ليگ ۽ ان جي سربراهن ميان نواز ۽ ميان شهباز، سرحد جي قوم پرست پارٽي اي اين پي، گذريل دور حڪومت ۾ سڌيءَ ريت مخالف ڌر ۽ اڻ سڌيءَ ريت حڪومت جو حصو رهندڙ مذهبي پارٽين جي اتحاد جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين ڪئين ننڍين وڏين پارٽين کي پنهنجيءَ حڪومت جو حصو بڻجڻ تي راضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو. (هاڻ ته سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم کي به ان اتحاد ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جيڪو جمهوري قوتن جو اتحاد آهي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم سموري گذريل دور ۾ به حڪومت جو حصو رهي آهي، جنهن کي پ پ پ قيادت هڪ” اڻ چونڊيل شخص جي شخصي حڪمرانيءَ وارو دور“ ۽ ن ليگ ”آمريت جو ڪارو دور“ سڏيندي رهي آهي.) آصف علي زرداريءَ جي هن وقتي طور ڪامياب سياسي حڪمت عمليءَ تي ميڊيا توڙي سياسي مبصر حيران رهجي ويا ۽ انهن ان راءِ جو اظهار ڪرڻ شروع ڪيو ته ” کيس سياست جي دنيا جو جيترو سادو شهسوار تصور ڪيو پئي ويو، هو ايترو سادو به نه آهي. بلڪ هو ڪئين تجربيڪار ۽ گڙنگ سياستدانن کان به وڌيڪ ”سياڻو“ آهي.“ ڪيترن ته اهو به لکيو ۽ چيو ته ”هن اهڙو ڪم ڪري ڏيکاريو آهي، جيڪو شايد ڀٽوز به نه ڪري سگهن ها.“ اها واقعي به حقيقت آهي ته ايترا سخت مخالف ماڻهو هڪ ئي حڪومت ۾ گڏ ويهاري ڏيکارڻ ڪو سولو ڪم نه هو، جيڪو آصف علي زرداريءَ جي ”قومي مفاهمتي مهم“ جو ئي نتيجو چئي سگهجي ٿو. بهرحال هاڻ ته اها ”قومي مفاهمت“ ايترو اڳتي وڌيل ٿي ڏسجي، جو بقول اقبال” تيري دربار مين پهنچي، تو سبهي ايڪ هوئي!“ يعني هر مڪتبه فڪر، سوچ، نظريي ۽ ڪردار جا ماڻهو ساڳيءَ ”مفاهمت“ هيٺ گڏجڻ لڳا آهن ۽ سندن وچ ۾ تفريق ڪرڻ ڏکي ٿيڻ لڳي آهي ته ڪير اصل ۾ ”ڪير“ آهي.

    ق ليگ ۽ ان جي ٽيم دراصل صدر مشرف جي پيداوار هئي، جيڪا مختلف پارٽين مان موقعي پرست ماڻهن کي ٽوڙي، تيار ڪئي وئي هئي. ان ٽيم ۾ خود پ پ مان ٽوڙيل ماڻهو به شامل هئا ۽ گهڻو ڪري ته انهن ئي ماڻهن صدر مشرف، ان جي فيصلن ۽ پاليسين کي سپورٽ ۽ جسٽيفاءِ پئي ڪيو. محترمه بينظير ڀٽو جي وطن واپسيءَ مهل ان جي ريليءَ تي ٿيل خودڪش حملي، چيف جسٽس جي عهدي تان هٽڻ، 12 مئي واري واقعي کان وٺي، 27 ڊسمبر تي پنڊيءَ ۾ بينظير ڀٽو کي شهيد ڪرڻ واري المناڪ سانحي تائين جيڪو ڪجهه ٿيندو رهيو، صدر مشرف جي ق ليگي ٽيم ان کي ڏاڍي حسن ۽ خوبيءَ سان جسٽيفاءِ ڪندي رهي ۽ حڪومت کي ”بي ڏوهه“ ۽ ”معصوم“ ثابت ڪرڻ ۾ ان وسان نه گهٽايو. بينظير ڀٽو جي زندگيءَ کي زبردست خطرن ۽ مٿس بار بار حملن ٿيڻ جي باوجود ان جي حفاظت لاءِ ڪنهن به قسم جا انتظام نه ڪندڙ حڪمران چوندا رهيا ته” بينظير پنهنجيءَ شهادت جي پاڻ ذميوار هئي، جو کيس خبر هجڻ باوجود ته مٿس حملو ٿي سگهي ٿو، هوءَ سر عام جلسا جلوس ڪندي رهي.“ مطلب ته رڳو چوڌري شجاعت ۽ چوڌري پرويز الاهي ئي ته نه هئا، جن جي دل تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي موجودگي ڪنهن ڳري پٿر وانگر هئي بلڪ شير افگن نيازي، ارباب رحيم، شيخ رشيد ۽ وصي ظفر سميت صدر مشرف جا ڪئين سپاهي هئا، جن محترمه بينظير سميت مخالف ڌر جي ڪئين اڳواڻن جي ڪردار ڪشي به ڪئي ته انهن جي ملڪ واپس نه اچڻ يا اچڻ جي صورت ۾ ٻَڌجڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون. خود صدر مشرف ڇا ڇا نه چوندو ۽ ڪندو رهيو آهي، تنهن جي تفصيلن ۾ وڃڻ جي ته ضرورت به محسوس نٿي ٿئي. ان ڪري هاڻ جڏهن چوڌري برادران کان ق ليگ جي اڳواڻي کسي، شيخ رشيد يا ڪنهن ٻئي شيخ ٽائيپ همراهه جي هٿ ۾ ڏئي، ان کي اڳيان ڏوهه گناهه بخشي، پ پ پ جي ”گڏيل حڪومت“ يا ”قومي مفاهمتي فارمولا“ تحت موجوده حڪومت جو حصو بڻائڻ جي تياري ٿي رهي آهي، جنهن لاءِ خود آصف علي زرداري ۽ ٻي پ پ پ قيادت وٽ به نرم گوشو هجڻ جون ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون، تڏهن ماڻهن جو حيرت کائڻ سان گڏ افسوس ڪرڻ به فطري ٿي پوي ٿو، ڇاڪاڻ ته اها ته اها ئي ق ليگ آهي، جنهن کي محترمه جي شهادت بعد پ پ پ جي نئين قيادت ”قاتل ليگ“ سڏيندي رهي. ق ليگ ۾ نالي ماتر قيادت جي تبديليءَ سان ڇا ان جو اڳوڻو سمورو ڪردار ڌوپي ويندو يا اها گنگا مان وهنجي ايندي، جو چئجي ته هاڻ ان جي موجوده جمهوري حڪومت جو حصو بڻجڻ کي اکيون ٻوٽي قبول ڪري وٺجي؟

    ڏسجي ته موجوده پ پ پ قيادت ۽ ان ۾ به خاص طور آصف علي زرداريءَ ۾ ماڻهن کي تمام گهڻي اميد آهي. ان اميد جو شايد هڪ ڪارڻ اهو آهي ته ماڻهن وٽ اميد ڪرڻ لاءِ ڪا متبادل قيادت موجود نه آهي، ٻيو سبب اهو آهي ته هو ان سياسي گاديءَ تي ويٺو آهي، جيڪا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو شهيد جي گادي آهي، جيڪي پنهنجن ماڻهن جي سڀ کان وڏي اميد ۽ سهارو هئا. هي اهي ماڻهو هئا، جن ماڻهن ڪارڻ زندگي به ڏئي ڇڏي، پر آمرن، قاتلن ۽ عوام دشمن قوتن آڏو آڻ نه مڃي. سندن اها ادا ئي عوام کي ڪهي وئي هئي ۽ ڪروڙين ماڻهو اڃا تائين سندن نالي ۽ نعري تي سر ڏيڻ لاءِ آتا آهن. گذريل اليڪشن جو ئي مثال وٺجي ته ڪيترا ماڻهو رڳو ”جيئي ڀٽو“ جو نعرو هڻڻ جي ڏوهه ۾ زندگيون وڃائي ويٺا ۽ کين سينن تي گوليون کائڻيون پيون، پر پوءِ به اهڙن ماڻهن ۾ گهٽتائيءَ اچڻ بجاءِ واڌاري اچڻ جو ڪهڙو سبب آهي؟ ظاهر آهي، انهن ماڻهن جي اها قرباني ۽ محبت، جيڪا هنن پنهنجن ماڻهن لاءِ ڏني. ان ڪري پ پ قيادت کي بار بار اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته هن ڪهڙي ورثي جي وارثيءَ جو دم ڀريو آهي. هن کي رڳو پيپلز پارٽيءَ يا اتحادي پارٽين جي خواهشن تي پورو ناهي لهڻو ۽ نه ئي هڪ اهڙيءَ حڪومت لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪرڻو آهي، جيڪا جيئن تيئن پنج سال پورا ڪرڻ جو رڪارڊ قائم ڪري. پنج سال ته ق ليگ جي حڪومت به پورا ڪيا، پر ان حڪومت پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجن ماڻهن لاءِ ڇا ڪمايو؟ ماڻهن کي غربت، بدحالي ۽ بيروزگاريءَ جي ڌٻڻ ملي ۽ حڪمرانن کي تاريخي شڪست ۽ رسوائي. تازين چونڊن ۾ ق ليگ جي بدترين شڪست جو سڀ کان وڏو سبب ان جي خراب ۽ بدتر طرز حڪمراني به هو، جنهن ان کي اخلاقي طور عوام ۾ بلڪل رسوا ۽ بدنام ڪري ڇڏيو. ان ڪري هاڻ پ پ قيادت کي سمورا فيصلا فقط هڪ مضبوط حڪومت لاءِ ناهن وٺڻا، ماڻهن جي اميدن ۽ خواهشن جو به خيال رکڻو آهي ۽ جيڪڏهن پ پ پ قيادت ق ليگ کي به نئين قيادت جو ماسڪ پائي اچڻ جي صورت ۾ پنهنجيءَ گڏيل حڪومت جو حصو بڻائڻ تي راضي ٿي وڃي ٿي، ته اهو فيصلو عوامي امنگن ۽ جذبات جي ابتڙ هوندو. پ پ پ قيادت کي يقين رکڻ گهرجي ته ان صورت ۾ اها ايترو گهڻو وڃائي ويهندي، جيترو هن گذريل ٽن ۽ هاڻوڪي چوٿينءَ حڪومت ۾ به نه ٺاهيو آهي. ماڻهو ڇا ٿا چاهن ۽ انهن جي من ۾ ڇا ٿو پلجي، اهو ڄاڻڻ کان سواءِ ٿيندڙ مٿين سطح جا فيصلا موجوده پ پ پ قيادت کي تيزيءَ سان غير مقبول بڻائي رهيا آهن. سنڌ ۾ اڳ ۾ ئي ايم ڪيو ايم سان ڪيل پ پ پ جو اتحاد سنڌ جي ماڻهن کي ڪافي ڏکيو لڳو آهي، خاص طور تي ان صورت ۾، جڏهن متحده کي ان جي مطالبن کان به وڏو شيئر ڏنو ويو آهي ۽ سنڌ جي انتظامي مشينريءَ ۾ به اڃا ڪا وڏي ۽ بنيادي تبديلي نه آندي وئي آهي. هاڻ ته لڳي ٿو گورنر به تبديل نه ٿيندو، ان صورت ۾ سنڌ جي اصلوڪن رهواسين کي ڇا ملندو؟

    ججن جي بحاليءَ واري معاملي تي پ پ پ قيادت جي ڪمزور ۽ بار بار بدليل موقف، صدر مشرف لاءِ پيدا ٿيل لچڪ ۽ ان جي حامين سان ويجهڙائي، ايم ڪيو ايم کان پوءِ ق ليگ سان به اتحاد ٿي سگهڻ جون ڳالهيون ان تاثر کي هٿي ڏين ٿيون ته پ پ پ هڪ ڀيرو ٻيهر انهن ڌرين تي اعتماد ڪرڻ پئي وڃي، جن ڌرين تي ڪيل اعتبار ۾ ان کي دوکا ئي نصيب ٿيا آهن. بينظير جي ٻن حڪومتن جي وقت کان اڳ خاتمي ۽ کيس جلاوطني ختم ڪرائي، پنڊيءَ ۾ شهيد ڪرائيندڙ قوتن بابت آصف علي زرداريءَ کان وڌيڪ ڪير ڄاڻندو هوندو. هو پاڻ نواز شريف جي دور کان وٺي، صدر مشرف جي اڪثريتي دور ۾ جيل ۾ رهيو آهي ۽ بينظير شهيد جي ڏکين ڏينهن ۾ ان کي سڀ کان ويجهو، سندس ڀرجهلو ۽ ساٿي رهيو آهي. هن کي هن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ جي چالاڪين ۽ وڇايل ڄارن جو پورو پتو ۽ اندازو هوندو، تنهن ڪري کيس ڪي اهم نوعيت جا سياسي فيصلا ڪرڻ کان اڳ انتهائي ذميواريءَ، سوچ ۽ دورانديشيءَ کان ڪم وٺڻ گهرجي. ڪڏهن ڪڏهن سياسي صلاحڪار به ماڻهوءَ جا پير ڪڍي ويندا آهن ۽ خبر ئي نه پوندي آهي ته اهي اصل ۾ ڪنهن لاءِ ڪم پيا ڪن. اڃا ته شروعات آهي جو اهم ترين فيصلا به رحمان ملڪ ڪندي نظر پيو اچي ۽ انهن لاءِ هو خود پ پ پ قيادت، پنهنجي اتحادي پارٽين ن ليگ، اي اين پي ۽ ٻين کي به اعتماد ۾ وٺڻ ضروري نٿو سمجهي. سرحد سرڪار کان درخواست لکرائي، ننڍي چونڊ ملتوي ڪرائي ڇڏڻ ۽ ڪنهن کي ڪا به خبر پئجي نه سگهڻ ته اهو سڀ ڪنهن جي چوڻ تي ۽ ڪنهن ڪرايو، يقينن عام ڳالهه نه آهي. ان ڪري هن وقت آصف علي زرداريءَ تي ئي سموريون ذميواريون عائد ٿين ٿيون. جيڪڏهن هن صحيح وقت تي صحيح فيصلا ڪيا ۽ صحيح ماڻهن تي اعتماد ڪيو ته پ پ پ جي موجوده حڪومت به پنهنجو مدو پورو ڪري ويندي ته پ پ پ جو ووٽ بينڪ به بچي ويندو، پر جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ۽ ججز جي بحاليءَ تي بار بار موقف تبديل ڪرڻ، ڇوٽي چونڊ ملتوي ڪرائڻ، گذريل حڪومت جي ساڄي ٻانهن سمجهي ويندڙ ق ليگ کي به حڪومت ۾ شامل ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون ٿينديون رهيون، ته نه فقط پ پ پ قيادت پنهنجي غير مقبول ٿيڻ وارو گراف ڪرڻ کان بچائي نه سگهندي، بلڪه اهو ڊپ به موجود آهي ته اها هوريان هوريان پنهنجا اصل ۽ حقيقي جمهوريت پسند اتحادي به وڃائڻ لڳي، جنهن جو نقصان نه فقط پيپلز پارٽي ۽ ان جي مخلوط حڪومت کي پهچندو، بلڪه انهن ڪروڙين ماڻهن کي به سخت صدمو رسندو، جن هن ملڪ ۾ تبديليءَ ۽ هڪ صحيح معنيٰ ۾ عوام جي ترجمان حڪومت جي قيام جو خواب ئي نه ڏٺو هو، بلڪه ان لاءِ ووٽ به ڪيو هو ته پولنگن تي لٺيون پڻ کاڌيون هيون. هن حڪومت ۾ رڳو کٽي آيل پارٽين ۽ اميدوارن جي ئي نه، ماڻهن جي به دلي ۽ جذباتي انويسٽمينٽ آهي، تنهن ڪري ان کي ٻڏڻ نه گهرجي.

    ishaq-samejo@yahoo.com
     
  11. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم اسحاق سميجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    اسان واقعي سنڌ سان عشق ۾ مبتلا آهيون؟




    اڱارو 8 جولاءِ 2008ع



    هڪ زمانو هو، جڏهن سنڌ ۾ شاعريءَ کان وٺي سياست تائين ۽ فڪر کان وٺي فن تائين، هر شيءَ کي پرکڻ ۽ ماپڻ جو معيار ”سنڌ“ هئي. سنڌ جي فنڪارن ۽ شاعرن ئي نه، سياستدانن به ان کي هڪ ديومالائي ڌرتي ڪري پيش پئي ڪيو ۽ ان سان تعلق کي به هڪ عجيب رومانوي انداز ۾ ڏٺو ويندو رهيو. ان محبت ۽ اندازِ نظر ئي سنڌ کي هڪ ڏند ڪٿائي وطن بڻائي رکيو. هاڻ اها ڏند ڪٿائي ڌرتي، جنهن مان وهندڙ مقدس نديءَ جي ٻنهي ڪنڌين کي ”جنت الفردوس“ سڏيو ويو، سا پنهنجي حقيقت ۾ هڪ چڪندڙ زخم ۽ ڀڳل هڏ جي صورت اختيار ڪري وئي آهي، تڏهن به اسان جي ماڻهن جي اڪثريت ان جي تصوراتي حسناڪيءَ ۾ ايتري ته گرفتار آهي، جو ان کي خبر ئي نٿي پوي ته هن جو اهو عشق هن جي وطن کي ڪيترو نه مهانگو پيو پوي. ڇو ته محبت سکڻين خبرن چارن جو نالو ته ڪونهي، اهو هڪ عمل آهي ۽ عمل به اهڙو جيڪو مسلسل ۽ زندگي ڀر جاري رکڻو آهي.ڇو ته هر ڀيري اهو ڪنهن نئين روپ ۾، نئين ذميواريءَ سان سامهون اچي ٿو. پر اسان جو پيار فقط ڳالهين وسيلي دل وندرائڻ، وقت ۽ دور جي چئلينجن کان اکيون چورائڻ ۽ تخيلاتي جهان ۾ ئي وقت گذارڻ تي ٻڌل سرگرمي آهي. ان صورت ۾ اها تبديلي، جنهن سان مختلف مرضن جي انبوهه ۾ دٻجي ويل سماج ٻيهر پنهنجي روشن ۽ صحتمند صورت سان سامهون اچي سگهي، ڪيئن اچڻ ممڪن آهي؟

    سنڌ يا ڪنهن به وطن سان ان جي رهواسيءَ جي محبت جي سچي هجڻ تي شڪ اٿاري نٿو سگهجي. ڇو ته اهو هڪڙو فطري بلڪ اڃا به جبلي معاملو آهي ۽ ڀٽائيءَ جي لفظن ۾ ان کي ڪي ”اڻاسي“ ئي وساري سگهندا آهن، پر اها ڳالهه به ته ڏسڻ کپي ته پنهنجي ديس ۽ ديس واسين جي حقيقي يادگيري ڇا ۽ ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ ڇا سکڻو ”وطن وطن“ يا ”سنڌ سنڌ“ ڪرڻ سان اسين ان جو اهو حق ادا ڪري ڇڏيون ٿا، جيڪو اسان کي لازمي طور ڪرڻو هوندو آهي؟ اسان جا شاعر، اسان جا سياستدان، ويندي ڪامورڪو لڏو توڙي غير سرڪاري ادارن جا اڳواڻ به، جن جي ذميواري نج پروفيشنل آهي،”سنڌ“ جي نالي تان فدا ٿيندي نظر پيا ايندا آهن ۽ جڏهن ڪو فنڪار سنڌ جي ذڪر تي ٻڌل ڪو ”قومي گيت“ ڳائيندو آهي ته نه فقط هزارين روپيا گهور ڏئي، پنهنجي ”محبت جو ثبوت“ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، پر جذبات مان بي قابو ٿيندي، يونيورسٽيءَ جي شاگردن وانگر سر محفل ناچ کي به خراب ناهن سمجهندا، پر جيڪڏهن عملي طور ڏسبو ته انهن جا اهڙا جذبا سنڌ جون خراب ۽ ايذائيندڙ حالتون ۽ تقدير سنوارڻ ۾ ڪو معمولي ڪردار به ادا ڪري ناهن سگهيا. ڇاڪاڻ ته عملي طور ساڳين ماڻهن جا رويا ۽ فعل پنهنجن ماڻهن لاءِ تڪليفن جو ڪارڻ هوندا آهن. سنڌ پنهنجن رهواسين کان سواءِ ته فقط ڌرتيءَ جو هڪ ٽڪرو ئي آهي، جهڙا زمين جا ٽڪرا سڄيءَ دنيا ۾ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ موجود آهن. ان ڪري سنڌ جو مطلب سنڌ جا رهواسي ئي آهن، جن کي نظرانداز ڪري، پٺتي ڌڪي، پوليس هٿان ڪٽرائي، ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي، برادري تڪرارن وسيلي ويڙهائي، معاشي طور چيچلائي، کين ورهائيندڙ، ويڙهائيندڙ، ڦريندڙ ۽ استحصال ۾ ڪردار ادا ڪندڙ ڪردارن ۽ روين کي هٿي وٺائي، اسان ”سنڌ“ سان محبت نٿا ڪري سگهون. سنڌ سان محبت جو مطلب آهي، سنڌ جي ماڻهن سان محبت، سنڌ جي وڻن، ٽڻن، درياهن، ڍنڍن ۽ ويڙهن جي وارثي. انهن جي تحفظ ۽ مالڪيءَ لاءِ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻ سان ئي اسان سنڌ سان محبت جا دعويدار بڻجي سگهون ٿا.

    حقيقت اها به آهي ته اسان ماضيءَ جي سحر ۾ جڪڙيل اهڙي قوم آهيون، جنهن حال کي بلڪل نظرانداز ڪري ڇڏيو. ماضي ڪنهن نشي وانگر اسان کي پياريو ويندو رهيو ۽ حال ۾ ٿيندڙ تباهين تان ڌيان هٽايو ويندو رهيو. اسان جي اهڙي روش اسان کي اڳتي وٺي وڃڻ بجاءِ گهڻو پٺتي ڌڪي ڇڏيو. اسان وٽ نظر ايندڙ سياسي توڙي غير سياسي ايڪٽوزم ان سنڌ کي به جيئن جو تيئن بحال ۽ برقرار نه رکي سگهيو، جيڪا سنڌ اسان جي اڳئين نسل اسان کي ورثي ۾ ڏني هئي. اها به حقيقت آهي ته سنڌ کي ڏند ڪٿا بڻائڻ ۾ به ان ئي نسل جو ڪردار هيو، پوءِ اها اياز جي شاعري هجي، جي ايم سيد جا ڪتاب هجن يا رسول بخش پليجي ۽ عبدالواحد آريسر جون تقريرون- پر ان نسل جي اڪثريتي ماڻهن وري به پنهنجي حصي جي ذميواري ۽ فرضن جي ادائگيءَ طور گهڻو ڪجهه ڪيو. انهن پنهنجي اهڙي فرض جي ادائگيءَ ۾ گهڻو ڪجهه ڀوڳيو ۽ وڃائيو به. انهن رڳو ڳالهين جا ڳوٺ نه ٻڌا، پر پنهنجي وطن ۽ ماڻهن لاءِ ڪجهه ڪري وڃڻ جي خيال کان پنهنجي زندگيءَ جي ڪئين خوشين ۽ خواهشن جو ٻليدان به ڏنو. شايد اهو ئي سبب آهي جو ان نسل جا اڪثريتي ماڻهو ڪنهن به طوفان ۾ ”ڊهي پوڻ“ کان محفوظ رهيا. جيڪڏهن ڪي ڊهي به پيا، ته انهن کي ڪافي وقت لڳو. پر اها ڪيڏي نه عجيب ۽ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه آهي ته بعد واري نسل جا اڪثريتي ماڻهو، جن ”سنڌ سنڌ“ ڪري پنهنجون نڙيون ويهاري ڇڏيون هيون ۽ جن جي تقريرن توڙي ڪالمن جي ٻولي پنهنجن ماڻهن جي درد ۾ ٻارهوئي ڀريل ڪڪر جو ڏيک ڏيندي هئي، سي ايئن بدلجي ويا، جو پنهنجي وطن سان ٿيندڙ وڏا وڏا هاڃا به سندن اکين ۾ لڙڪ آڻي نه سگهيا. حرفن کي وڪڻي، معمولي ڪرسيون خريد ڪندڙ اهڙن ماڻهن لاءِ سنڌ جا سور به ڄڻ ته هڪڙو وکر ئي هئا، جيڪو وڪڻي انهن پنهنجي ڪم جو سامان خريد ڪري ورتو. عمل ته ڪٿي هيو ڪونه، سکڻيون ڳالهيون هيون، جيڪي اڳتي وڌي آيون هيون. لفظي جادوگري ئي ڪل فن ۽ ڪاريگري بڻجي پئي هئي، سو پنهنجي وطن ۽ ماڻهن سان وابستگي ۽ ان جي ذميداري قبول ڪرڻ جو رواج ئي ختم ٿي ويو. نوحا مقتول جا پڙهيا ويندا رهيا، انعام قاتل کان وصول ٿيندا رهيا. نالو ”عوام“ جو استعمال ٿيندو رهيو، گهر اڳواڻن جا ڀربا رهيا. درد ماڻهو ڀوڳيندا رهيا، ان جو بدلو ۽ وهه وا ڪالم نگارن ۽ شاعرن کي ملندي رهي. جهالت، مفلسي، بيماريون ۽ سهولتن جي کوٽ ماڻهن کي کائيندي رهي، ته انهن جي بحاليءَ لاءِ ملندڙ ڪروڙين روپين جي پراجيڪٽن جو فائدو ”سول سوسائٽي“ جي نمائندن کي پوندو رهيو. ”ڳالهه“ ۽ ”ڪردار“ ٻه جدا شيون بڻايون ويون ته سمورو سماجي ڍانچو ۽ ”تبديليءَ جو طلسماتي تصور“ به اچي پٽ پيو.

    حقيقت اها آهي ته ڪردار سنڀالڻ جي ڪِري اسان جي ڪئين وڏن ماڻهن به نه ڪئي، نتيجي ۾ اسان جا ڪن حوالن سان ”وڏا ماڻهو“ پنهنجن ماڻهن لاءِ آئيڊيل به نه بڻجي سگهيا. مٿان وري باڪردار، نيڪ نيت ۽ ڪنهن به ڪم کي زندگي ارپيندڙ ماڻهن کي نه رڳو اتساهيو نه ويو، سندن ڀرجهلائي نه ڪئي وئي، پر ڪئين طرفن کان تير اندازي ڪري، سندن سينه چاڪ ڪيا ويا. ادب کان وٺي سياست تائين ڪئين معتبر ۽ قابل عزت ماڻهن کي لوئڻ جو ڪم ڪيو ويو ۽ اهو ڪم اڃا به مختلف فورمن تان مختلف صورتن ۾ سڌي اڻ سڌي نموني ٿي رهيو آهي ته پنهنجن ماڻهن کي لوئي، ٻين جي عظمتن جا ڳيچ ڳاتا وڃن. اهڙو ڪارو ڪاروبار ڪڏهن ڪتابن جي روپ ۾، ڪڏهن مضمونن جي روپ ۾ ته ڪڏهن تقريرن جي روپ ۾ روزانو نظر ايندو رهي ٿو. افسوس ته اهو ڪم چالاڪيءَ يا سادگيءَ وچان ڊرامن ۽ گانن کان به ورتو پيو وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ اسين اها سنڌ تيزيءَ سان وڃائڻ لڳا آهيون، جيڪا سنڌ اسان جي تصور ۾ڪنهن ديومالائي ديس وانگر رهي آهي.

    اها حقيقت تلخ سهي، پر حقيقت ئي آهي ته اسين سنڌ جو حسين تصور ئي نه، پر اها اصلوڪي سنڌ به نه بچائي سگهيا آهيون، جيڪا اسان کي ورثي ۾ ملي هئي. اسين مالڪ هجڻ جي خوشفهميءَ ۾ مبتلا آهيون ۽ سنڌ جي مالڪيءَ جون دعوائون الائي ڪٿان ڪٿان پيون ٻڌجن. هاڻ ڪڏهن 47ع ۾ هندستان مان آيل ماڻهو ”نون سنڌين“ جي حيثيت ۾ ان جا وارث ٿي سامهون اچن ٿا ته ڪڏهن قابل، قنڌار ۽ پشاور وارا ان تي مالڪيءَ جي دعويداري ڪندي ڏسجن ٿا. وسيلن ۽ زمين جو ته وڏو حصو اسان ايئن وڃائي چڪا آهيون، جو خبر ئي نه پئجي سگهي ته اهو سڀ ڪيئن ٿي ويو. اسين حسين ڳالهين جي ڳهر ۽ تخيل جي سحر ۾ ئي ڦاٿل رهياسين، جو ڪڏهن تيل ۽ گئس ويندو رهيو، ٻيٽ ۽ بندر ويندا رهيا، ڪڏهن شهر ۽ انهن جا انتظام کسڪندا رهيا ته ڪڏهن پنهنجا قديم ڳوٺ ۽ وسنديون به وينديون رهيون. ڳالهين جو ڳهر اڃا به نه لٿو آهي. سنڌ سان ”عشق“ جي دعويَ اڃا به نه مئي آهي. سنڌ جي نعري تي رت جو اڀامڻ ۽ سنڌ جي گيت تي پيرن جو وجد مان نچڻ اڃا به جاري آهي. پر سنڌ ڪٿي آهي؟ سنڌ ڪنهن جي آهي؟ ۽ سنڌ ڪنهن وٽ وڃي چڪي آهي؟ اسان لاءِ اهي سمورا سوال ايترا اهم نه آهن. صحيح چوندا آهن ته ”عشق انڌو ٿيندو آهي“... عاشق کي ايترو به ڏسڻ ۾ نه ايندو آهي ته جنهن سان هو پيار ڪري ٿو، اهو ڪهڙي تباهيءَ جي منهن ۾ آهي.

    عشق جا به آداب ٿيندا آهن، عشق جا به ڪي فرض ٿيندا آهن ۽ عشق جون به ڪي تقاضائون ٿينديون آهن. لطيف چيو هو”محبوبن منٿون ڪري، سڪڻ سيکاريوم.“ جڏهن سڪ به سکڻ جي شيءَ آهي ته پوءِ عشق ته پڪ سان سکڻ جي شيءَ هوندو. پر اسان ٻيو ڇا سکي سگهيا آهيون، جو وطن سان عشق ۽ ان جا آداب سکنداسين؟!

    ishaq-samejo@yahoo.com
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم اسحاق سميجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    سنڌ کي ڪنهن جي پِٽَ لڳي آهي؟







    اربع 14 جنوري 2009ع



    ان ڏينهن جڏهن دادو پوليس پاران هڪ 12 سالن جي ٻار کي پاڻ بچائيندي ڪتي کي پٿر هڻي مارڻ جي خبر اخبار ۾ ڇپي هئي، ان ئي ڏينهن مون اياز جي فيض جي مشهور نظم ”ڪُتي“ تي تنقيد پئي پڙهي ته هن ”نقشِ فريادي“ ۾ هندستان جي عوام لاءِ آوارا، بيڪار ڪتا، لفظن ۾ عوام جي ڪيتري نه تذليل ڪئي آهي.“ فيض جو اهو نظم جديد اردو شاعريءَ جو هڪ شاهڪار آهي. مان اياز جي تنقيد متعلق ڪو بحث ڇيڙڻ نٿو چاهيان، مان رڳو اهو چوڻ ٿو چاهيان ته جي اڄ اياز جيئرو هجي ها ته هو شايد اهڙي راءِ هرگز نه ڏئي ها، ڇو ته سنڌ ۾ جيڪو مان ڪتي کي حاصل آهي، سو اڪثر ماڻهوءَ جي نصيب ۾ ڪٿي. فيض ته اها علامت عوام لاءِ استعمال ڪئي آهي، الاءِ نه، پر جڏهن هڪ ڪتي مٿان 13 ماڻهو صدقو ڪيا ويندا هجن، تڏهن ڪيئن چئجي ته اياز جي تشريح موجب اهڙيءَ تشبيهه تي ڪنهن کي چڙڻ گهرجي، وري به هڪ اردو شاعر جو مختصر نظم ٿو ياد پوي:

    ايڪ ڀاگتي هوئي ڪتي ني

    دوسري ڪتي سي ڪها

    ڀاگ ڀاگ،

    ورنه آدمي ڪي موت مارا جائي گا!

    ”ماڻهوءَ جو موت مرڻ“ ڪيتري نه معنيٰ خيز ترغيب آهي، اڄ جي دردناڪ دور ۾ هڪ ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ جو موت مرڻ به ڪٿي نصيب ٿو ٿئي. ڪالهوڪيءَ اخبار ۾ سنڌ جي هڪ وڏي پيراڻي سياسي گادي واري علائقي پير ڳوٺ ڀرسان ٻن ماسترن وچ ۾ پنجن سالن کان هلندڙ تڪرار جي ڀيانڪ تصوير سامهون آئي آهي، جنهن ۾ ڪمند جي ڪٽائي ڪندڙ 9 بيگناهه ماڻهو قتل ڪيا ويا آهن، جن جو ان جهيڙي سان ڪو به ڏيڻ وٺڻ نه هو. جهالت جي اها جنگ، جيڪا هڪ ئي برادريءَ سان تعلق رکندڙ ٻن ”علم جي پيشي“ سان تعلق رکندڙ شخصن وچ ۾ ڇڙيل آهي، تنهن جي شروع ٿيڻ جو ڪارڻ هڪ ”ڪتي جو قتل“ ڄاڻايو پيو وڃي. هيءَ خبر پڙهڻ کانپوءِ دنيا جي مهذب ملڪن جي اها شڪايت بلڪل به بي معنيٰ ۽ ”سنگين الزام“ جي مترادف محسوس ٿي ٿئي، جنهن ۾ هر ڀيري چيو ويندو آهي ته ”پاڪستان ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ٿيون ٿين“ يا اهو ته ”ناياب پکين ۽ جانورن جا نسل خطري هيٺ آهن.“ ڏسجي ته اسان کان وڌيڪ دنيا ۾ جانورن جي حقن ۽ انهن جي زندگين جي تحفظ لاءِ ڪهڙو ملڪ ۽ ان جي سول سوسائيٽي ”سجاڳي“ جو اهڙو ثبوت فراهم ڪري سگهي ٿي ته هڪ ڪتي جي ”پلاند“ ۽ پوءِ وري ان پلاند جي پلاند ۾ ايترن انسانن جون زندگيون ڪم آيون هجن. دنيا ته فقط ڪتن ۽ ٻلين سان پيار ڪري ٿي، اسين ته انهن لاءِ سر وٺڻ ۽ سر ڏيڻ جو سودو ٿا ڪريون. فرق صرف اهو آهي ته دنيا انسانن کان وڌيڪ ڪتن ۽ ٻلين کي ٿي پيار ڪري ۽ اسين انسانن سان پيار ڪرڻ سکي نه سگهيا آهيون. اسان جانورن کي ماڻهن تي ترجيح ٿا ڏيون ۽ ائين پنهنجي تهذيب آڏو پاڻ ئي شرمسار ٿي رهجي ويا آهيون. دنيا ۾ هر شيءِ لاءِ قانون آهي، سماجي سرشتي جي توازن جو دارومدار قانون ۽ انصاف واري نظام تي ئي انحصار ڪندو آهي، اسان وٽ اهي ٻئي شيون هڪ يوٽوپيا آهن. رياست ۽ ان جو نظام فقط تصور جو درجو رکن ٿا. جيڪڏهن اهي ٻئي شيون ڪو وجود به رکن ٿيون ته ظالم، جابر ۽ استحصالي قوتن لاءِ ڪمائتيون آهن، عام ماڻهو، جيڪو ڪنهن به سماج جو سڀ کان اهم ۽ قيمتي اثاثو ٿيندو آهي، سو جانورن کان به بدتر روين جو شڪار آهي. اهي رويا ڪڏهن وقت جي حاڪمن جي ايجاد آهن، ڪڏهن انهن جي جوڙيل قانونن جا، ڪڏهن انهن ٻنهي جي سهڪار ۽ مدد سان سموري سماج کي غلاماڻه حالتن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائيندڙ قبائلي سردارن، زميندارن ۽ وڏيرن ۽ سندن پاليل ماڻهن جا. سڀ ڌريون هڪ انسان کي، انسان جو شرف هجڻ ته ٺهيو، انسان هجڻ جي رعايت ڏيڻ لاءِ به تيار نه آهن. اهو سڀ ڏسي ماڻهو سوچين ٿا، انهن ڪهڙو ڏوهه ڪيو، جو اهي ماڻهو ڪري خلقيا ويا! کين ريس ڪورس جو گهوڙو ڪري خلقيو وڃي ها ته ڪيترا نه سکيا هجن ها!

    اسين ايڪهين صديءَ جي ڪهڙي نه ڀيانڪ سنڌ ۾ جي رهيا آهيون، اسين وڏيرن، سردارن ۽ جاگيردان کان نفرت ڪريون ٿا ۽ انهن کي ووٽ ڏيڻ تي به مجبور آهيون. ووٽ جي موٽ ۾ هو اسڪولن تي قبضا ڪري انهن کي مال جي واڙن ۾ بدلائيندا ٿا رهن. اسپتالن ۽ بنيادي صحت مرڪزن ۾ سفارشي، نااهل ۽ اڌ پڙهيل ڊاڪٽر رکرائي، عوام جي زندگين سان کيڏندا ٿا رهن. هڪ ڪلارڪ کان وٺي، ڊي پي او ۽ ڊي سي او تائين هر حڪومت ۾ انهن ئي سردارن ۽ وڏيرن جي پسند ۽ مرضيءَ جا ماڻهو مقرر ٿين ٿا، جيڪي پنهنجن ووٽرن کي پنهنجن جانورن جيترو پيار ۽ توجهه ڏيڻ لاءِ به تيار نه آهن. انهن جا پاليل ۽ نوازيل ماڻهو ڪنهن به وقت، ڪٿي به ڪنهن کي به ماري ۽ ساڙي ڇڏين ته انهن کان ڪو پڇاڻو ڪونهي. گهڻو ڪري ته پوليس ”حد“ جو مسئلو يا ڪو ٻيو مسئلو ڄاڻائي، ڪنهن اهڙي ڪيس ۾ هٿ ئي نه وجهندي. جيڪڏهن ڪنهن اهڙي ڪا جرئت ڪئي به ته پنهنجي بدلي روڪرائڻ يا نئين پوسٽنگ وٺڻ لاءِ کيس ڪنهن سردار ۽ چڱي مڙس آڏو جهڪڻو پوندو. قانون ته ڪتابن ۾ بند آهي، اهو ڪنهن پوليس آفيسر جي ايمان ۽ نوڪريءَ کي بچائڻ لاءِ ڇا ڪري سگهندو؟ ٻئي طرف سسٽم جي تباهي وڌ ۾ وڌ انصاف ڏيندڙ ادارن کي ئي ته تباهه ڪيو آهي. اڌ کان وڌيڪ ڏوهاري ته خود قانون جي پناهه وٺيو ويٺا آهن، انهن مان گهڻن کي ته وردي به قانون جي پهريل آهي. پورهيت رسول بخش بروهيءَ کي ورديءَ وارن ڏوهارين ئي ته قتل ڪيو هو. ڪتن ۽ انهن جي مالڪن جي دانهن ته کڻي قانون کي ڏجي،پر قانون جي دانهن ڪنهن کي ڏجي؟ اسان وٽ ته قانون به انهن ئي ماڻهن جو آهي، جن وٽ ڪتو آهي، ان صورت ۾ ماڻهو ڪهڙي پاسي وڃن؟ هتي هڪ بظاهر اڻ لاڳاپيل، پر دلچسپ واقعي جو تذڪرو شايد بيجا نه ٿئي، مهينو کن اڳ سنڌي ٻوليءَ جو خوبصورت شاعر علي دوست عاجز پنهنجي قاسم آباد واري گهر کي تالا هڻي، ڪٽنب سميت عيد گذارڻ لاءِ ڳوٺ ويو، ٻن ٽن ڏينهن کانپوءِ واپس پهتو ته چورن گهر ۾ واٽر سپلاءِ جي ٽونٽي به نه ڇڏي هئي. علائقي وارن ۽ خود پوليس عملدارن جو به چوڻ هو ته ”چور ننڍيءَ عمر جا ڇوڪرا آهن، جيڪي علائقي ۾ پلمبري جو ڪم به ڪن ٿا.“ پوءِ فريادي شاعر ڪڏهن ڊي پي او، ڪڏهن ايس ايڇ او ته ڪڏهن وري ايس آءِ صاحب جون حاضريون ڪاٽيندو رهيو ۽ اهو به پڇندو رهيو ته ڪجهه پتو پيو؟ ڪو گرفتار ٿيو؟ هڪ ڏينهن ايس ايڇ او کيس خوشخبري ٻڌائي ته هڪڙو چور پڪڙيو اٿئون. شاعر خوش ٿيو ته هلو، هن جي دانهن جو ڪجهه ته داد ٿيو، پر هن جي معصوميت ڪهاڻيءَ جو ڪلائيميڪس خراب ڪري ڇڏيو. هن ايس ايڇ او کان پڇيو، ”هن کي ڪڏهن گرفتار ڪيو اٿوَ؟“ ايس ايڇ او صاحب شاعر کان به وڌيڪ معصوميت جو مظاهرو ڪندي چيو، ”توهان جي چوريءَ کان فقط هڪ ڏينهن پهرين.“

    شيخ اياز پنهنجي ٿر جي سفر واري احوال ۾ لکيو آهي ته، ”هتي مور جهڙو خوبصورت پکي ۽ هرڻ جهڙو پيارو جانور ڪيئن نه بيدرديءَ سان ماريو وڃي ٿو، ڪنهن وقت ته شڪاري جيپ تي ايترا هرڻ ماريندا ويندا آهن، جو هو شڪار کڻي به نه سگهندا آهن ۽ واريءَ تي انهن جو ڄميل رت لهندي سج کي دانهن ڏيندو آهي ته مون کي ڇو وهايو ويو آهي. سنڌ کي جيڪڏهن ڪا پِٽَ لڳي آهي ته هرڻن ۽ مورن جي لڳي آهي.“ اياز! هاڻي ته سنڌ ۾ ايترا هرڻن ۽ مورن جا شڪاري نٿا ڏسجن، جيترا ماڻهن جا. هاڻي تون ڇا چوندين ته سنڌ کي ڪنهن جي پِٽَ لڳي آهي!؟

    ishaq-samejo@yahoo.com
     
  13. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم اسحاق سميجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    سنڌ جو ڪامورڪو ڪلاس، پيپلز پارٽي ۽ عوامي اميدون!




    خميس 2 جولاءِ 2009ع



    ڪالهه اوچتو ئي اوچتو حيدرآباد ۾ فائرنگ شروع ٿي وئي، ڪاروبار بند ٿيڻ لڳو، ۽ ٿوري دير کان پوءِ ٽي وي چئنلز جي اسڪرينن تي ان فائرنگ جو پسمنظر ڊوڙڻ لڳو. پسمنظر اهو هو ته اي ڊي او ايڪسائيز پاران پيپلز پارٽيءَ جي ضلعي صدر ۽ ٻين ڪارڪنن سان بدڪلاميءَ سبب اهو ردِ عمل ظاهر ڪيو ويو هو. ڪامورن جي مستي ڇا ٿيندي آهي، ان جو اندازو انهيءَ مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڪامورا جڏهن ڍءُ جهلي نه سگهندا آهن، تڏهن انهن جو رويو ايئن ئي ٿي ويندو آهي، جيئن حيدرآباد ۾ اي ڊي او روينيو جو رويو خود حڪمران جماعت جي ماڻهن سان هو. هن رڳو آفيس پهتل ڪارڪنن کي ئي گهٽ وڌ نه ڳالهايو، پر بقول ضلعي صدر امان الله سيال جي ته هن صدر آصف علي زرداريءَ تي به ڪاوڙ ڇنڊي. ان کان پوءِ ڇا ٿيڻو هو، گهٽ ۾ گهٽ ايترو ته لازمي ئي ٿيڻو هو، يعني اي ڊي او کي معطل ڪيو ويو.

    حڪمرانن ۽ ڪامورا شاهيءَ جو عجيب اتحاد رهيو آهي، بلڪه ڏاڍو مضبوط ڪردار رهيو آهي، بس ڪامورا جيڪڏهن ڪن حڪمرانن سان ڪمفرٽيبل نه هوندا آهن ته اهي پ پ پ جي حڪمرانيءَ جا ڏينهن هوندا آهن. اوهان اندازو هڻو ته جيڪي ڪامورا حڪمران جماعت جي ماڻهن کي کنگهڻ لاءِ تيار نه هجن، سي عام ماڻهوءَ جو ڇا حشر ڪندا هوندا؟ بس توبهه ڪيو. ڪامورن جون اکيون ته عوام کان سدائين ڦريل هونديون آهن، پر پ پ پ قيادت لاءِ به اها ڳالهه مشهور رهي آهي ته اها هر ڀيري اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ ماڻهن کان اکيون ڦيري ڇڏيندي آهي- جي اها ڳالهه سئو سيڪڙو سچي نه به آهي، تڏهن به ان ۾ وڏو حصو سچ تي ئي ٻڌل نظر ايندو، نه ته شايد اهي ئي ماڻهو بک، بيروزگاري، جهالت، پوليس، وڏيرن ۽ سندن واٽن ۽ ظالم بيوروڪريسيءَ هٿان ظلم ۽ ستم جو مسلسل نشانو بڻجندي نظر نه اچن، جيڪي ووٽن مهل پولنگ اسٽيشنن تي پوليس جون لٺيون به پيا کائيندا آهن ۽ ”جيئي ڀٽو“ جا نعرا به هڻندي ٻڌبا آهن. توهان کي اهڙن موقعن تي ڪي اهڙا ماڻهو به نظر ايندا، جن کي پ پ جي جهنڊي يا ڀٽي جي تصوير وارا بيج سينن ۾ ٻِلهن سان ٽنبيل نظر ايندا. ڪو به جاگيردار يا سرمائيدار سياستدان ايئن ڪرڻ جو تصور به نٿو ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته ان لاءِ ”ڀٽو“ ۽ ”پ پ پ“ به ڪاروبار، ڌنڌي ۽ دنياداريءَ جو مسئلو آهي ۽ عام ورڪر ۽ عام ماڻهوءَ لاءِ ”ڀٽو“ ۽ ”پ پ پ“ عشق جو مسئلو رهيو آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته هاڻ جڏهن جمهوريت لاءِ سڀ کان گهڻيون قربانيون ڏيندڙ ۽ پنهنجا اڳواڻ شهيد ڪرائيندڙ پارٽي سنڌ جي ماڻهن کي سواتين جي آمد واري معاملي تي فقط احتجاج ريڪارڊ ڪرائڻ جو حق به نه ڏنو ۽ ”قابل اختيارين“ پنهنجن ئي ماڻهن لاءِ ”گوليءَ“ جو آرڊر ڪڍي، چئن معصوم ماڻهن کي زندگين کان محروم ٿيڻ تي مجبور ڪيو، تڏهن ان ڳالهه جو احساس وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو، جيڪو بينظير جي شهادت کان هڪدم پوءِ پيدا ٿيو هو ته ”هاڻ پ پ سان عشق به عقل جي بنياد تي ٿيڻ کپي، ڇو ته هاڻي عوام سان زندگين جو به ليکو چوکو نه رکندڙ ڀٽوز هن دنيا ۾ ناهن رهيا.“

    هونئن ته ڪيترا ئي وڏا موقعا ايندا رهيا آهن، جڏهن موجوده عوامي حڪومت ڪن مجبورين، مصلحتن، اتحادين جي دٻاءَ ۽ ”مفاهمت“ جي بهاني سان عوام جي راءِ ۽ فيصلي سان گڏ بيٺل نظر نه آئي آهي، پر ان جو تازو ننڍڙو تجربو عمرڪوٽ ضلعي جي ڊي سي او اڪبر لغاريءَ جي بدليءَ جي صورت ۾ نظر آيو، جڏهن سمورو ضلعو هڪ ڪاموري لاءِ هڪڙي پاسي ٿي بيٺو ۽ اسان جا عوامي حڪمران ٻيو طرف جهلي بيهي رهيا. جيتوڻيڪ ڪنهن به ڪاموري جي بدلي يا مقرري هڪ ”روٽين“ جو ”آفيشل“ معاملو آهي، پر اُن آفيشل روٽين جو سُک يا آزار ان ڪاموري جي اختيارن جي دائري اندر ساهه کڻندڙ خلق کي ئي ڀوڳڻو پوي ٿو. رائج انتظامي سيٽ اپ، ملڪي سسٽم ۽ سياسي ڪلچر جي موجودگيءَ ۾ ڪو ڀلي ۾ ڀلو ڪامورو به ماڻهن کي وڌ ۾ وڌ ڪيترو ڪم اچي سگهندو هوندو؟ اهو سمجهڻ به ايڏو ڏکيو معاملو نه آهي. ان جي باوجود هڪ ڪاموري جي بدليءَ کي روڪرائڻ لاءِ ماڻهو رستن تي ڇو ٿا نڪري اچن؟ ڇو ته جنهن سماج ۾ ماڻهو چوويهه ئي ڪلاڪ ٺوڪرن ۾ هجن ۽ ٻيو ته ٺهيو، پر ڪو سندن ڳالهه ٻڌڻ لاءِ به تيار نه هجي، اتي جيڪڏهن ڪو ڪامورو سندن ڳالهه ٻڌي ٿو ته اها به انهن لاءِ وڏي آهي، پوءِ مسئلو حل ٿئي يا نه ٿئي.

    اسان جي سياسي ۽ انتظامي سرشتي کي ڏسڻ کان پوءِ عام ماڻهن کي ان ڳالهه جو پورو ويساهه ٿي چڪو آهي ته ”سياستدان توڙي ڪامورا فقط ٻن قسمن جا ٿين ٿا. هڪڙا اهي، جيڪي ڪرپٽ آهن. ٻيا اهي، جن جي پوءِ خبر پوي ٿي ته اهي به ڪرپٽ آهن.“ ان ڪري هن سرشتي ۾ ڪنهن فرشتي جي داخلا ئي ممنوع آهي، سو ڪنهن کي فقط ان معيار تي پرکڻ ته اهو ڪيترو ”کيرَ ۾ وهنتل آهي؟“ بي سُود آهي. ان ڪري ٿلهي ليکي ڏسڻ اهو کپي ته روايتي ڪامورڪي ڪلچر ۾ رهڻ جي باوجود، هڪڙو ماڻهو، ڪهڙا ۽ ڪيترا غير روايتي ڪم ڪرڻ جي خواهش رکي ٿو؟ هو ماڻهن کي ڪيترو ڪم ٿو اچي؟ ان تائين عام ماڻهوءَ جي پهچ ۽ رسائي سولي ۽ سهنجي آهي يا نه؟ جيتوڻيڪ موجوده ناڪاره، جهالت تي ٻڌل ۽ يرغمال قسم جي سسٽم ۾ عبدالستار ايڌيءَ جهڙي ڀلي ماڻهوءَ کي به ڪٿي ڊي سي او ڪري رکجي ته شايد اها پرفارمنس نه ڏيکاري سگهي، جيڪا اسان جي منجهس توقع هوندي. پوءِ به جيڪڏهن ڪو ڪامورو ماڻهن کي دل سان ٻُڌي ٿو، کين دلجاءِ ڏئي ٿو، مسئلي جي حل لاءِ ”ڪوشش ڪرڻ“ جو آسرو ڏئي ٿو ۽ جيڪي سندس هٿ وس آهي، اهو به ڪري ٿو ته اسان جي ماڻهن وٽ ان جي عزت ٿيڻ فطري آهي. سنڌ جي 23 ضلعن جي سروي ڪرڻ سان اها ڳالهه نهايت آسانيءَ سان ثابت ٿي سگهي ٿي ته نوي سيڪڙو اهم پوسٽن تي مقرر ماڻهو، جن ۾ سڌيءَ ريت عوام جو ڪم پوي ٿو، پنهنجين آفيسن ۾ ئي نٿا ويهن. علائقي جي اصل ڌڻين کين رکرايو ئي ان شرط تحت هوندو آهي ته اهي آفيسن بجاءِ سندن بنگلن ۽ اوطاقن جي حاضري ڀرين. رئيسن، سردارن ۽ ”صاحب وڏن“ کي ويجهي ۽ ماڻهن کان دور رهن. گذريل سموري حڪومتي عرصي ۾ دادو ضلعي جا نوي سيڪڙو عملدار ”ٻَيٽي وارن صاحبن“ جي خدمت ۾ ويٺا نظر ايندا هئا ۽ عام ماڻهو سندن آفيسن ۾ هفتن جا هفتا دربدر پيا ٿيندا هئا. سنڌ اندر اهو ڪلچر موجوده حڪومت ۾ به تبديل نه ٿيو آهي. توهان ڪنهن به ضلعي کي ماڊل طور کڻو ۽ ان جي انتظامي حالت جو جائزو وٺو ته لڳندو ضلعا ته الله پاڪ جي آسري ۽ عملدار صاحبن جي سلامي ڀرڻ تي پيا هلن. عملدار به ان ۾ ئي وڌيڪ خوش هوندا آهن، ڇو ته ضلعي جي لکين ماڻهن کي خوش ڪرڻ جي ڀيٽ ۾ چند اسيمبلي ميمبرن، ناظمن ۽ بااثر جاگيردارن کي خوش رکي، پنهنجي بادشاهت هلائڻ وڌيڪ سستو سودو آهي. دراصل فرق جي لڪير اتان ئي ڇڪجڻ شروع ٿئي ٿي. اها ئي ته حد آهي، جتان ڪامورن ۽ عوام جا رستا الڳ الڳ ٿيڻ شروع ٿين ٿا ۽ آخر ۾ جڏهن انهن سان ڪنهن قسم جي زيادتي ٿئي ٿي، کين هٽايو وڃي ٿو، سندن حق مري ٿو ته عام ماڻهو به ڪامورن جي بيوسيءَ واري تماشي مان ايئن ئي لطف اندوز پيا ٿيندا آهن، جيئن ماڻهن سان ٿيندڙ انياءَ ويل اهي پاڻ ”محفلن“ ۾ مست هوندا آهن.

    هن وقت حڪومتي اختيارين حيدرآباد ۾ حڪومتي جماعت جي ضلعي صدر ۽ ڪارڪنن سان هڪ ڪاموري پاران ڪيل ورتاءَ جي موٽ ۾ ان ڪاموري کي معطل ته ڪري ڇڏيو آهي، پر ڪهاڻيءَ جو انت رڳو اتي نه ٿيڻ گهرجي، پر سرڪار حڪومتي اختياريون هڪ عام ماڻهوءَ سان ڪامورن جي اهڙي روئي تي به ايئن برجستگيءَ جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، جو ڳالهه ڪنهن هڪ اڌ پارٽي اڳواڻ يا پارٽي ڪارڪنن جي ڪونهي، ڳالهه ان خلق جي آهي، جنهن خلق اوهان کي ان مسند تي ويهاريو آهي.

    ishaq-samejo@yahoo.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو