پاڪستان انگلينڊ‌ خلاف ٽيون ون ڊي ميچ کٽي ورتو۔

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏18 سيپٽمبر 2010۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    پاڪستان انگلينڊ‌خلاف ون ڊي سيريز جو ٽيون ميچ 23 رنسن تان کٽي ورتو۔ ميچ ۾ پاڪستان پهرين ٽاس کٽيندي 241 رنسون ٺاهيون، پاڪستان پاران فواد عالم سڀني کان وڌيڪ 64 رنسون ٺاهيون جڏهن ته اسد شفيق 40 جي اننگز کيڏي ۽ شاهد آفريدي 34 رنسون ٺاهي مزاحيه نموني رن آئوٽ ٿيو۔
    حدف کي ماڻڻ جي لاءِ انگلينڊ جي شروعات سٺي رهي پر وقفي وقفي سان سندن وڪيٽون ڪرنديون رهيون۔ اسٽراس 57، مارگن 61 ۽ ليوڪ رائيٽ 48 رنسون ٺاهي انگلينڊ کي بلڪل فتح جي قريب وٺي آيا پر انگلينڊ جا آخري 5 بيٽسمين صرف 17 رنسن جي دوران آئوٽ ٿيا۔ سبب هئو عمر گل جي بهترين بالنگ جنهن ڪيريئر بيسٽ بالنگ ڪري 6 وڪيٽون ورتيون۔ ان کان علاوه عبدالرزاق ٻه، سعيد اجمل ۽ شعيب اختر هڪ هڪ وڪيٽ ورتي۔ عمرگل کي سندس بهترين پرفارمنس تي مين آف دي ميچ ايوارڊ ڏنو ويو۔
    ياد رهي ته هن 5 ميچن جي سيريز ۾ پهريان ٻه ميچ انگلينڊ کٽي چڪي آهي۔
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: پاڪستان انگلينڊ‌ خلاف ٽيون ون ڊي ميچ کٽي ورتو۔

    مست ڀا مهرباني جو انهي ميچ جي فائنل صورتحال هتي توهان ونڊ ڪئي، اڄڪلهه ڏانٺ (هوڙ) جي سور ڪري پين ڪلر گوريون ۽ آرام ڏياريندڙ گوريون کاوان پيو سو جلدي سمهي رهيس، جڏهن 122 بال هُئا انگلينڊ کي صرف ٻياسي رنز جي ضرورت هُئي، سندس پنج رانديگر اڃا باقي هُئا منهنجي ڏانٺ ۾ سورن جا ڪاڙها هُئا سوچيم ته اڳ ۾ ئي ڏانٺ جو سور منهنجو ڪم لاهيو بيٺو آهي باقي پاڪستاني سڌورن جو حال ساريو پيو هُئم سو مون واري مولائڻ ماسات سڳوري جيڪا ڪرڪيٽ راند ڏسڻ جي وڏي شوقياڻي آهي کيس وڏا ڌڙڪا ڏئي ٽي وي جو رموٽ ڪنٽرول ڦري ڪمري ۾ سڀ کان مٿئين ڪٻٽ تي اڇلائي ڇڏيم ۽ ٽي وي بند ڪري سمهي پيس۔ تو وري به پاڻ واري پاڪستاني سڌورن جي جيت جي خبر لکي آهي جو هينئين تي ٿڌو ڇنڊو پيو اٿم ۽ ڏانٺ جو سور به ڪجهه جهڪو آهي، مهرباني
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: پاڪستان انگلينڊ‌ خلاف ٽيون ون ڊي ميچ کٽي ورتو۔

    سائين وري ٻڌو ٿا گورن جون چالون۔۔۔ پاڪستان جيئن ئي ڪا ميچ کٽي ٿي مٿس ميچ فڪسنگ يا وري اسپاٽ فڪسنگ جو الزام لڳي ٿو، ڪالهه به ايئن ئي ٿيو۔۔ هوڏنهن پاڪستان ميچ کٽيون هوڏانهن برطانيا جي اخبارن پاڪستان تي اسپاٽ فڪسنگ جو الزام لڳائڻ‌شروع ڪيو۔
     
  4. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: پاڪستان انگلينڊ‌ خلاف ٽيون ون ڊي ميچ کٽي ورتو۔

    هائو سائين پاڪستان ۾ اسان هڪ ٻئي جا جيترا مخالف هجون پر جڏهن ڪا ٻاهرين قوت اسان تي حاو ٿيندي آهي ان جو افسوس ٿيندو آهي
    پر پاڪستان جو سڀ کان وڏو دشمن پاڪستان جي ميڊيا ۾ ڪجهه چينل آهن جن تي بابند لڳائيڻ گهرجي پهرين تمبر تي ته جيو کي جنهن پاڪستان کي بدنام ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي صحافت جي آزادي جي نالي ته هي چينل ماڻهن کي بلڪ ميل ڪري پئسا کائي رهيو آهي
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: پاڪستان انگلينڊ‌ خلاف ٽيون ون ڊي ميچ کٽي ورتو۔

    يار علي اڪبر شر جيو کي ڪنٽرول مان ته نٿو ڪري سگهان ، باقي سنڌ سلامت تي هڪڙو ماڻهو آهي جيڪو پنهنجو پاڻ کي مست ٿو سڏائي اهو جيو جو ڪجهه ڪري ته ڪري ٿو سگهي۔ بدنام اسان جو سڌورو ملڪ ٿئي يا ٽيم ٿئي ڳالهه هڪڙي آهي ۔ تو ٻُڌو ڪونه آهي ته ڇُري گدري ٿي ڪري تڏهن به گدرو ويچارو ويل ۾ ۽ جيڪڏهن گدرو ڇُري تي ڪري تڏهن گدرو آزار ۾ هيلو مست سائين اڪبر شر جيو جون شڪايتون پيو ڪري، اٿئي همت ، ڇا جيو کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري سگهين ٿو۔ ؟
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: پاڪستان انگلينڊ‌ خلاف ٽيون ون ڊي ميچ کٽي ورتو۔

    سائين مست جي مستي چوي ٿي ته جيڪڏهن اڪ زرداري سڀ تي ڀاري کي مستي چڙهي ته جيو جو خير ناهي، باقي مست جي جاءِ ناهي جو يهودين جو چينل بند ڪرائي سگهي۔۔ مست ته هتي روايتن جا حوالا ڏيڻ ۾ پورو آهي۔۔۔ ها ها ها
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: پاڪستان انگلينڊ‌ خلاف ٽيون ون ڊي ميچ کٽي ورتو۔

    مست نه ڀائو اڪ جا ڌڪ به جيو جو ڪجهه به بگاڙي نٿا سگهن، ڇا ڪجي جو جيو هاڻي تازو تازو الطاف حسين پير جِي واري پارٽي جوائن ڪئي آهي۔ باقي اها ليٽيسٽ نيوز آهي ته جيو يهودين جو چينل آهي چريا ڪٿي تون Jew (يهودي) واري لفظ کي جيو ته ڪونه سمجهين رهيو آهين بُري بات اک پٽ مست ! ڀلا پاڪستاني سڌوري ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳيون پروگرام ڇا آهي منهنجو مطلب آهي ته انگريزي ڪرڪيٽ ٽيم سان کيڏندڙ اڳيون ميچ سڌورا ڪڏهن ۽ انگلينڊ ۾ ڪٿي رهندا ؟
     
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: پاڪستان انگلينڊ‌ خلاف ٽيون ون ڊي ميچ کٽي ورتو۔

    سڀاڻي مطلب ته سومر جي ڏينهن لارڊز جي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ انهن ٻنهي ڀلارين ٽيمن جو ميچ ٿيندو جنهن ۾‌ جيڪڏهن پاڪستان کٽي وئي ته وري ڪو الزام لڳندو ميچ فڪسنگ جو، جيڪڏهن وري هارائي وئي ته ميچ پاڪ صاف ۔۔۔
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: پاڪستان انگلينڊ‌ خلاف ٽيون ون ڊي ميچ کٽي ورتو۔

    يار سڌورا کٽين ٿا تڏهن به فڪس ۽ فڪسنگ ۽ هارائين ٿا تڏهن به فڪسنگ ۽ فڪس، مست انهن فڪس ۽ فڪسنگ جي توکي سئولي سنڌي ڪرڻ اچي ٿِي ۔ بيهه ڀلا عمران درويش سومرو کان پُڇي ٿا وٺون ٻڌو اٿئون ته عمران درويش جي سنڌي تمام سُٺي آهي، حيرت ۾ نه پئو مون سنڌي جي انگريزي ڪانه پڇي آهي پر انگريزي جي سنڌي پُڇي آهي سو عمران درويش سومرو ٻُڌو اٿئون ته سنڌي ٻولي لکڻ ۽ ڳالهائڻ جو ماهر آهي ۔ تنهنجو ڇا خيال آهي؟
     
  10. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: پاڪستان انگلينڊ‌ خلاف ٽيون ون ڊي ميچ کٽي ورتو۔

    ڪو وقت هو جڏهن پاڪستان جي ٽيم انگلينڊ کان ميچ هارائيندي هئي ته دنيا حيران ٿي ويندي هئي ۔۔۔ پر هيئنر دنيا کٽڻ تي حيران آهي۔۔۔۔ دوستن جي دلچسپي خاطر پاڪستان جي لاءِ هن اهم ميچ جون جهلڪيون حاضر آهن۔۔۔

    حصو پهريون
    [daily]xeuwe1_engpk1_webcam[/daily]

    حصو ٻيون
    [daily]xeuy37_engpk32_webcam[/daily]

    حصون ٽيون
    [daily]xev0gm_engpk33_webcam[/daily]

    حصو چوٿون
    [daily]xev0pj_engpk34_webcam[/daily]

    حصو پنجون
    [daily]xeuzf8_engpk35_webcam[/daily]

    حصو ڇهون
    [daily]xeuzrg_engpk36_webcam[/daily]


     
  11. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: پاڪستان انگلينڊ‌ خلاف ٽيون ون ڊي ميچ کٽي ورتو۔

    سائين مون کي مڙئي سنڌي گهٽ ٿي اچي۔۔۔ باقي عمران ته آهي ئي درويش ۽ اهو به سومرو سو ان جي سنڌي پڪي نه هوندي ته ڪنهن جي پڪي هوندي۔۔
    فڪس جي معنى مست کي اها ٿي سجهي ته سيٽ ڪرڻ پر اهو لفظ به انگريجيءَ جو۔۔ هاڻي ڪاڏي وڃجي سائين۔۔؟
     
  12. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: پاڪستان انگلينڊ‌ خلاف ٽيون ون ڊي ميچ کٽي ورتو۔

    سائين وڏا ايڊمن۔۔ اوهان ته هن موضوع کي چار چنڊ‌ هڻي ڇڏيا۔۔ سنڌ سلامت تي هن نئين فنڪشن جي هڻڻ‌جي به مبارڪ هجي اوهان کي
     
  13. وحيد سمون

    وحيد سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 مئي 2009
    تحريرون:
    249
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو
    ماڳ:
    دادو
    جواب: پاڪستان انگلينڊ‌ خلاف ٽيون ون ڊي ميچ کٽي ورتو۔

    ڪرڪيٽ جي شوق ته مون کي هر ڪم کان غافل ڪري ڇڏيو هو ۔ پر هاڻي اهڙن ڪرپشن جي الزامن کان پو ايترو بيوقوف به نه آهيان جو ادي وڏي جا دڙڪا به کائجن، ڪم به نه ڪجي بس پاڪستان کي فتح جون هر وقت دعائون گهري وقت گذارجي ۔ ۽ آخر ۾ خبر پوي ته مقابلو ته اڳ ئي فڪس هو۔ خير ادا وڏا ميچ جي دوران هڪ دفعي آفريدي جي منٿن کي به امپائر نه مڃي ٿرڊ امپائر ڏانهن هڪ فيصلو نه موڪليو جڏهن ته رانديگير آئوٽ هو ۽ وري آفريدي جي آئوٽ نه هجڻ واري واري فيصلي کي انهي امپائر ٿرڊ امپائر ڏانهن ريفر ڪري کيس آئوٽ ڪرايو ۔ جيڪڏهن ان جي حقيقت ۽ وڊيو ڏيکاريو ته مهرباني
     
  14. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: پاڪستان انگلينڊ‌ خلاف ٽيون ون ڊي ميچ کٽي ورتو۔

    سائين هاڻي کڻي مڃيو به سهي ته اوهان شوق سان پاڪستان جون ميچون ڏسو ٿا۔۔۔ باقي يار گورو ته گورو آهي ان جو ته امپائر خيال ڪندا نه۔۔۔ جيڪڏهن توهان جي نوٽيس ۾ اها هڪڙي ڳالهه آئي آهي ته پوءِ اسان غريب ڇا ٿا ڪري سگهون۔۔ اهڙيون ته هزارين ڳالهيون آهن۔۔۔
    آفريدي جي منٿن ۽ عمر گل جي وڪيٽن واري وڊيو۔۔ وڊيو نمبر 5 اٿوَ۔۔۔
     
  15. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: پاڪستان انگلينڊ‌ خلاف ٽيون ون ڊي ميچ کٽي ورتو۔

    ها ادا اها خبر پئي هئي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو