منهنجو تعارف

'تعارف' فورم ۾ سجاد سرور طرفان آندل موضوعَ ‏10 آڪٽوبر 2010۔

  1. سجاد سرور

    سجاد سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    208
    ڌنڌو:
    ڊاڪٽر
    ماڳ:
    سکر
    پيارا دوستو!
    اميد ته سڀ سرها هوندا!
    سنڌ سلامت جي سائيٽ سچ پچ پنهنجي ڪنهن ڳوٺ جي ڪچهري وانگر لاجواب ۽‌ پنهنجائپ سان ڀرپور آهي۔ جڏهن ڪچهري ۾ ڪو نئون ماڻهو ايندو آهي ته ان لا تعارف ڪرائڻ به ضروري هوندو آهي، انڪري مان به پنهنجو تعارف عرض رکڻ‌چاهيندس!
    ته سائين منهنجو نالو آهي سجاد سرور، پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر آهيان! اڄڪلھ‌ رهائش ڪراچي ۾ آهي، اصل شهر پنوعاقل ، ضلعو سکر آهي۔ سنڌي ٻولي سان منهنجو عشق آهي، ۽‌ شوق خاطر ڪاليج دور ۾‌ سنڌي ٻولي ۾ ڪجھ شاعري پڻ ڪئي آهي۔ سنڌي منظوم ترجمي جو هڪ ڪتاب ”سندو ڏاهپ ڏوھ“ جي نالي سان سال 2006 ۾ ڇپجي چڪو آهي۔ شاعري جو ٻيو ڪتاب ” چنڊ جو عڪس” جي نالي سان تيار آهي، جيڪو مصروفيتن باعث ڇپجي ناهي سگهيو!
    هن فورم تي اچي جيڪو پيار مليو آهي، ان جي حساب سان ته هتي هميشه ئي حاضر رهڻ گهرجي، ليڪن ڪجھ پروفيشنل مصروفيتن سبب، باقائده حاضري ڪجھ مشڪل آهي، ان لا دوستن سان اڳواٽ معذرت، باقي حال ۽ وقت آڌار جڏهن به موقعو مليو ته هتي اچي سنگت سان سلامي ٿبو!

    ڌڻي شل اوهان سڀني کي پنهنجي امان ۾‌رکي!
    سدائين گڏ!
     
  2. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: منهنجو تعارف

    ادا سجاد سرور

    اوهان کي هن محبتي اڱڻ تي دل گهرائين سان ڀليڪار چئون ٿا۔۔۔ اوهان قرب جا قدم کڻي آيا آهيو اسان جو اکيون ٿڌيون ٿيون۔۔۔۔ اوهان جي تعارف مان ائين لڳو ته اوطاق تي هڪ وڌيڪ ڏاهو آيو آهي۔۔۔ گهڻا ڏاها هن محبتي اڱڻ تي پهريان به موجود آهن اميد ته اوهان به پنهنجي شاعري سان هن اوطاق جي محبت ۾ وڌيڪ اّضافو ڪندا۔۔۔۔۔۔۔۔

    مهرباني قبلا
     
  3. محمد رمضان منڌرو

    محمد رمضان منڌرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    762
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڀڳڙاميمڻ بدين
    جواب: منهنجو تعارف

    سائين توهان کي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي اچڻ لاء ڀليڪار ٿا چئون
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: منهنجو تعارف

    ادا سجاد سرور صاحب

    اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون
    ادا پيشي جي لحاظ کان توهان ڊاڪٽر آهيو توهان جون مصروفيتون واقعي به ڪافي هونديون

    جيڪڏهن توهان ٿورو ئي ٽائيم روز سنڌ سلامت فورم کي ڏيندو ته اهي توهان جا وڏا وڙ ٿيندا

    ادا توهان چيو ته توهان کي شاعري سان پڻ لڳاءُ رهيو آهي مان پاڻ شاعري پڙهڻ جي حد تائين شوقين آهيان سو توهان جي شاعري ۽ لکڻين جو انتظار رهندو

    ادا سنڌ سلامت فورم جي روايت کي برقرار رکندي توهان کي فقير طرفان هي حقير نظرانو قبول ڪندا

    [​IMG]

    [​IMG]


    سدائين گڏ
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: منهنجو تعارف

    ادا سنڌ سلامت تي ڀليڪار۔۔۔ توهان جي شاعري جا ڪجهه موضوع پڙهي چڪا آهيون۔۔ تمام زبردست شاعري ۽ لفظن جو استعمال به بهترين آهي۔ ٻيو ته ڊاڪٽري ۽‌ شاعري جو امتزاج پهريون چڪر ڏسون پيا اميد ته وڏا رنگ ڏسڻ لاءِ‌ملندا۔۔
    الله جي ڪرم سان سنڌ سلامت کي جنهن مقصد کي ذهن ۾‌رکي تيار ڪيو ويو، ان ئي مقصد تحت سنڌ سلامت جو قافلو اڳتي وڌندو پيو اچي ۽ ان ۾ روز نوان دوست شامل ٿين پيا ۽ ساٿ وڌندو پيو وڃي۔ هاڻ توهان جهڙي سنڌ جي ڏاهن ۽ ادب دوست شخصيتن جو هجڻ اسان مستن جي لاءِ وڏي فخر جي ڳالهه آهي۔
     
  6. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: منهنجو تعارف

    ادا ڀلي ڪري آيا............ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: منهنجو تعارف

    ادا ڊاڪٽر سجاد سرور مهر صاحب سلام

    اسان اوهان کي سنڌ سلامت جي هن محبتي اڱڻ تي خوش آمديد ٿا چئون۔ اوهان جي شاعري فيس بوڪ تي به پڙهڻ لاء ملندي آهي۔ اوهان پنهنجي مصروف ڌنڌي هوندي ٽائيم ڪڍي سنڌي ادب جي خدمت پيا ڪيو اهي اوهان جا قرب آهن۔

    مونکي سنڌي جي هڪ عظيم شاعر ڊاڪٽر تنوير عباسي جي هميشه ياد ايندي آهي۔ انکانسواء ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، ڊآڪٽر قربان علي جهتيال ۽ ڊاڪٽر مشتاق ڦل جن هن پيشي ۾ رهندي به هيڏي سٺي شاعري ڪئي آهي۔

    اوهان ۾ به ساڳيون اميدون آهن ته اوهان به انشاءالله سنڌي ادب کي پنهنجون تخليقون ارپي سنڌ امڙ جو قرض چڪائيندا۔
     
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: منهنجو تعارف

    سائين۔۔ مست جي معلومات ۾ اضافي جي مهرباني۔۔۔ الله توهان کي آباد رکي۔۔
     
  9. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: منهنجو تعارف

    ادا ڊاڪٽر ڀلي ڪري آئين۔
    ابا ڊاڪتر اسان مريضن کي به ته ڪنهن حڪيمڙي جي ضرورت هئي، هن محبتي اڱڻ تي اسان مريضن کي اوهان جو بيحد انتظار رهندو۔۔۔
     
  10. سجاد سرور

    سجاد سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    208
    ڌنڌو:
    ڊاڪٽر
    ماڳ:
    سکر
    جواب: منهنجو تعارف

    سڀني سڄڻن جا لک ٿورا، ايتري قربائتي آڌر ڀا ڪرڻ تي!
    شل سدا خوش رهو!
     
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: منهنجو تعارف

    محترم سجاد سرور! جيئن اوهان ڄاڻايو آهي ته اوهانکي سنڌي ٻولي سان محبت آهي ۽ ان محبت ۾ اوهان شاعري پڻ ڪئي آهي ۔۔۔ افسوس جو آ اوهانجي شاعري پڙهڻ کان قاصر رهيو آهيان پر ان هوندي به لک ٿورا سنڌ سلامت جي اڱڻ جا جو ان ذريعي اوهان جهڙن سڄاڻ، سنڌ پرست ۽ سهڻن انسانن سان ڏيٺ ٿي آهي ۔۔۔

    سنڌ سلامت جي سڀني دوستن جو نعرو آهي “ سنڌ سلامت ساٿ سلامت ” ۽ اسانجو وس آهي ته سنڌي ٻولي کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هلندڙ جديد علمن سان سنوارجي ۽ سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ پاڻ ڀرو ڪجي ۔۔۔

    اوهان به سنڌ پرست آهيو ۽ سنڌي ٻولي سان چاهه رکوٿا، اميد ٿي ڪجي ته اوهان اسان سان پنهنجي شاعري ۽ سنڌ مطلق سياسي ۽ سماجي خيال ونڊ ڪندا ته جيئن هڪٻئي جي رهنمائي ڪرڻ وارو فرض پورو ٿئي ۔۔۔

    هن اڱڻ تي ڪهي اچڻ جا لک لائق ۔۔۔ اوهانکي دل جي گهراين سان ڀليڪار ٿي چئجي ۔۔۔ آ هر نئين دوستن کي لطيف سڳوري جي زباني هي پيغام ضرور ڏيندو آهيان، ڇاڪاڻ ته دوست سڏائڻ ۽ سر سانڍڻ اي نه مارن ريت ۔۔۔

    دوست سڏائي سڀ ڪو، جاني زباني،
    ٿئي آساني ڪم پوي ته ڪل پوي۔

    اميد ته اوهان به دوستي جا فرض ضرور نڀائيندا ۔۔۔

    دعائن ۾ گڏ
     
  12. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: منهنجو تعارف

    ادا سجاد سرور توهان کي اسان جي طرفان سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار.
     
  13. سجاد سرور

    سجاد سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    208
    ڌنڌو:
    ڊاڪٽر
    ماڳ:
    سکر
    جواب: منهنجو تعارف

    مهرباني سائين نثار صاحب!

    ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا،
    ڀلايون ۽ ڀيرا ڳڻي ڳڻيندس ڪيترا!
     
  14. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: منهنجو تعارف

    محترم سجاد سرور صاحب شال ٍجُڙيا هجو۔ ڀلي ڪري آيا۔

    [​IMG]
     
  15. جواب: منهنجو تعارف

    ادا سجاد سرور صاحب

    توهان به سدا خوش رهو۔۔۔۔؟؟؟
     
  16. سجاد سرور

    سجاد سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    208
    ڌنڌو:
    ڊاڪٽر
    ماڳ:
    سکر
    جواب: منهنجو تعارف

    مهرباني سائين نثار ناز صاحب ۽ ڀاءُ گل منڱريا!
     
  17. جواب: منهنجو تعارف

    توهان جي به وڏي مهرباني ادا
     
  18. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: منهنجو تعارف

    ادا اوهان کي مون طرفان ڀليڪار
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو