۽ ڪويليون ڪوڙڪين ۾ هت جڏهن ڦاسِي پون (آزاد نظم) نثاراحمد ناز

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏20 آڪٽوبر 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سنڌ واسيو، ۽ ساري دنيا رهندڙ سنڌي دوستو هڪڙو پُراڻو آزاد نظم ياد اچي ويو ڪمپيوٽر جا نوان ڪپڙا پارائي آيو آهيان، هن آزاد نظم کي پڙهي ٻُڌايو ته هن شاعري ۾ منهنجا جيجل سنڌ جي باري ۾ انومان ڪيتري قدر درست آهن۔ توهان جي محبتي راين جو شدت سان منتظر رهندس۔

    [​IMG]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ۽ ڪويليون ڪوڙڪين ۾ هت جڏهن ڦاسِي پون (آزاد نظم) نثاراحمد ناز

    سائين نثار ناز سلام

    اوهان جا قرب جو هر دفعي نئون يا پراڻو نظم چئي الائي ڇو دل کي ناراض ڪري ڇڏيندا آهيو۔ شاعري ڪڏهن پراڻي ناهي هوندي۔ اوهان جو هي نثري نظم جنهن ۾ اوهان ڪجه نشانيون ٻڌايون آهن ڪجه اشارا ڏنا آهن۔ هي نظم ته هر دور ۾ رهندو جڏهن جڏهن به سنڌ سان ظلم ۽ زيادتي ٿيندي۔

    افسوس جو 1947 کانپوء سنڌ تي هميشه ڌاڙا هنيا ويا آهن۔ ڪڏهن مارشلا جي روپ ۾، ڪڏهن ون يونٽ جي روپ ۾ ، ڪڏهن اسلام جي نالي ۾ ته ڪڏهن نام نهاد جمهوريت جي روپ ۾۔

    پر پوء به اڃان سازن سُر بند ناهن ڪيا۔ جيستائين سنڌ جا ارڏا شاعر ، اوهان جهڙا شاعر سنگيت جي لاء نغمه لکندا رهندا تيسين سنڌ سلامت هوندي۔ مان قمر شهباز جون ڪجه سٽون اوهان جهڙن شاعرن کي ارپيندس

    تو پنهنجا سيڻ نه بدليا ها،
    مون تنهنجا سُرَ سڃاتا ها:
    جي تنهنجي من ۾ تڙپيا ها،
    مون گيت اُهي ئي ڳاتا ها
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ۽ ڪويليون ڪوڙڪين ۾ هت جڏهن ڦاسِي پون (آزاد نظم) نثاراحمد ناز

    مٺا سليمان، جيجل سنڌ جي مداح سرائي کان وٺي سنڌ سانئڻ جي سُورن ، سنڌ سانئڻ سان ويساهه گهاتين، جي تاريخ ڀري پئي آهي، هزارين سنڌي سپوت ۽ سپوتياڻيون پنهنجي هن ڌرتي تان سر ۽ ساهه کي صدقي ڪرڻ لا آتا آهن پر اتي آڱرين تي ڳڻڻ جهڙا غدار سنڌ سيٺ نائون مل کان وٺي مير جعفر ۽ صادق جهڙا ويڪائو به جيجل سنڌ جي ڪُک کي اُجاڙڻ لا تيار آهن، شاعر ته ماضي جي جهروڪن، حال جي اوڻائين ۽ آئيندي جي حسين خوابن جا ساکِي آهن، اسان سنڌ ڌرتي جا شاعر به جيجل سنڌ جي ماضي جي جهروڪن ۾ ضرور جهاتيون پائيندا آهيون، جيجل سنڌ جي حال دوران ۾ پنهنجون پاڻ کي سمائي ڇڏيندا آهيون، ۽ امڙ سنڌ کي مستقبل ۾ آجپي سميت ترقي يافته قومن جي صف ۾ ڏسڻ جا خواهش مند آهيون انهي حسين سنڌ کي ڏسڻ جا آرزومند آهيون ته جيجل سنڌ جو هرڪو سنڌي ڌارين سان گڏ پنهنجن جي ڌاڙن کان به محفوظ هُجي۔ مستقبل جي حسين سنڌ ۾ اظهار جي آزادي ، فڪر جي آزادي، سوچ ۽ لوچ جي آزادي ڏسڻ جا آس وند آهيون، ڪتاب ” سنڌ اُداس آهي“، جو ليکڪ محترم ايوب کوسو پنهنجي انهي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته شاعري هر دور جي آرسي ٿئي ٿي، ان ڪري ان جي وسعت به اهڙئي ئي هُئڻ گُهرجي جو جنهن دور ۾ ان کي پڙهيو وڃي، اُها ان دور جي مڪمل عڪاسي ڪندڙ لڳي۔ لطيف سائين جي شاعري جو صدين تائين زنده رهڻ جو ڪارڻ به رُڳو اهو آهي ته اُن ۾ زندگي جا خوبصورت قدر ، احساس، واڪا، سڏ، پيغام، ۽ پيار سڦلتا سان موجود آهن جيڪي هر دور جي نئين ماڻهو کي متاثر ڪن ٿا، اُهي اُن دور جا ئي ڄڻ سڏجن ٿا، شاعري امرتا ماڻيندِي به تڏهن آهي جڏهن ماڻهن کي ان ۾ پنهنجي دل جِي ڳالهه ڪيل نظر ايندي آهي۔(ايوب کوسو ڪتاب سنڌ اُداس آهي پيج نمبر 203)
    تنهنجا لکين ٿورا جو تون هر هر هڪ نئين سُرهاڻ سان ، هڪ نئين مڃتا سان منهنجي هر شاعري کي پنهنجي دل جو آواز سمجهي منهنجي همت افزائي ڪرين ٿو۔ ۽ مونکي هڪ نئين شاعري تخليق ڪرڻ جي سگهه ڏين ٿو۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ۽ ڪويليون ڪوڙڪين ۾ هت جڏهن ڦاسِي پون (آزاد نظم) نثاراحمد ناز

    هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جي حب ۾ چيل هن آزاد نظم پيش ڪرڻ تي سنڌ سلامت جي سهڻي شاعر محترم سائين نثار ناز کيرون لهڻيون ۔۔۔

    ور ور ڪري آ هي ڳالهه ورجائيندو آهيان ته شاعر، قوم جا گهنڊ هوندا آهن، جڏهن به قوم تي ڪو سکيو يا ڏکيو وقت آيو هوندو آهي يا اچڻ وارو هوندو آهي ته شاعر ان خطري جي بو سنگهي وٺندا آهن ۽ هڪدم قوم کي آگاهه ڪري ڇڏيندا آهن ۔۔۔۔

    سنڌ جا شاعر، اديب ۽ ڪهاڻيڪار اهڙوڪردار نڀائن پيا پر افسوس جو سنڌ جا ٻيا طبقا ۽ حصا شاعرن جي ان پيغام کي سمجهن ڪون ٿا ۽ قوم جي تباهي ڏينهن به ڏينهن يقيني ٿيندي وڃي ٿي ۔۔۔

    سنڌ جي حالت اها آهي جو ”مدعي سست گواهه چست“ واري چوڻي جيئان شاعر ۽ ڏاها سنڌ دوست اديب ته ڪيتري حد تائين جاڳن پيا پر اصل سنڌ جي سينڌ سنوارڻ جو ڪم جن جي سر آهي سي اوٻاسين ۾ آهن يا وري لالچ ۽ لوڀ جي ڪاري پٽي اکين تي ٻڌي انڌا ٿيو گهمن ۔۔۔

    ڪاش نثار ناز جي ٻولي سمجهه ۾ ايندي هجي ها ته هوند سنڌ اهڙين حالتن ۾ نه هجي ها ۔۔۔ لک شاباسون آهن انهن دوستن کي جي انڌن آڏو لالٽين کڻي هلن پيا ۔۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  5. سجاد سرور

    سجاد سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    208
    ڌنڌو:
    ڊاڪٽر
    ماڳ:
    سکر
    جواب: ۽ ڪويليون ڪوڙڪين ۾ هت جڏهن ڦاسِي پون (آزاد نظم) نثاراحمد ناز

    ۽ڪويليون ڪوڙڪن ۾، هت جڏهن ڦاسي پون!
    واھ‌ سائين واھ! اهي سٽون پڙهي کن پل لاءِ ته اصل دماغ ڄڻ بند ٿي ويو! ڇا ته گهرائي آهي سوچ جي!
    خدا شل اهڙو وقت ڪڏهن نه آڻي جڏهن ڪويلين لاءِ ڪوڙڪيون اڏجن، پر سائين جس لهڻو اوهان جو ايتري انياءَ جي چتاوڻي ڏني اٿوَ! شاعر جو فرض آهي قوم کي ايندڙ خطرن کان آگاھ ڪرڻ جيڪو اوهان خوب نڀايو آهي!
     
  6. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ۽ ڪويليون ڪوڙڪين ۾ هت جڏهن ڦاسِي پون (آزاد نظم) نثاراحمد ناز

    واه سائين واه تمام بهترين لاجواب  زبردست شيئرنگ آهي ادا...........
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ۽ ڪويليون ڪوڙڪين ۾ هت جڏهن ڦاسِي پون (آزاد نظم) نثاراحمد ناز

    سائين نثار ابڙا شاعر ۽ سندس شاعري تي مان ڀي سوچيندو آهيان، ڪڏهن مونکي شاعر، ڪنهن پاڪيزه سُندري جي انمول آنچل تي بيهي عشق جون نمازون پڙهندي نظر آيو ته وري ڪڏهن شاعر ڳاڙهي بازار ۾‌ويٺل ان ويشيا جي گهنگهرو جي ڇير جي داڻي داڻي ۾ نظر آيو، جيڪا نه صرف پنهنجي پيٽ جي بُک پنهنجي پوري خاندان جي بُک ۽ پاڻ سان سلهاڙيل، سندس ڀيڻ کي جيڪا ڊاڪٽرياڻي بڻجڻ جا سُندر خواب کڻي ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ داخل ٿِي آهي ان خرچ جو پورائو ڪرڻ خاطر نچڻ کان پو پنهنجوجسم وڪڻي، پنهنجي ستم زده جوانِي جو زنده لاش کڻي هلي ٿي۔ مونکي سائين نثار ابڙا شاعر ڪڏهن ان معصوم ٻارڙي جي ان گهوريندڙ نظر ۾ به نظر آيو جنهن کي چنڊ به ماني نظر ايندو آهي۔ سائين نثار ابڙا يقين ڪر مونکي شاعر ان وڏي حويلي جي سانئڻ ۾ به نظر آيو جنهن جي سينڌ ۾ هاڻي چاندي جهڙا اڇا ڪاڪُل ماتم ڪندي نظر ايندا آهن، جنهن کي تين ايج واري عمر کان وٺي جڏهن ان معصوم نياڻي جون سوچون شبنمي هيون هُو اڃان پوپٽن جي رنگن کي پنهنجي پوتي تي اُتاريندي هُئي، پنهنجي هٿن ۾ قيد ڪري گهڙي پل کان پو اهي پوپٽ اُڏاري ڇڏيندي هُئي ان وهي مان قرآن سان ان جون لائون ڏياريون ويون، نثار ابڙا مونکي شاعر ان گريجويٽ جي ڊگري۾ نظر آيو جيڪو پنهنجي زندگي جا حسين خواب سانڊي لکين دل جا ارمان دل ۾ کڻي پنهنجي پوڙهي ما پي جو سهارو بڻجڻ لا ڪنهن نوڪري وٺڻ لا دفترن جا چڪر لڳائيندي نو ويڪنسي، کان پو تنگ ٿي خود ڪشي ڪري پنهنجي خوبصورت جيون جو انت آڻي ڇڏيندو آهي۔ نثار سائين مونکي ته شاعر سنڌ ڌرتي جي غلامي ۾‌به نظر آيو پر سدائين آزادي ۽ آجپي جا خواب ڏسندي، سدائين جوش ۽ ولولي سان، سدائين، سوراج جا نوان خواب پوکيندو نظر آيو۔ لک لائق ادا جو اسان کي سدائين شاباسيون ڏئي اسان جون همت افزايون ڪري ڪنهن نئين خواب ڏسڻ ۽ ان جي ساڀيان ماڻڻ جا (اسان جي تخليقي سگهه) کي وڌائڻ جا بي لوث جتن ڪيو ٿا۔
     
  8. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ۽ ڪويليون ڪوڙڪين ۾ هت جڏهن ڦاسِي پون (آزاد نظم) نثاراحمد ناز

    واه سائين واه

    تمام بهترين شاعري آهي توهان جي ،
    توهان جي شاعري جي تعريف ته پنهنجي جڳهه تي پر ان جي ڊائين وري اهو فونٽس جيڪي توهان استعمال ڪيا آهن انهن توهان جي شاعري کي چار چنڊ هڻي ڇڏيا آهن

    پر هڪ ڳالهه ضرور چوندس ته توهان نثار احمد ناز جيڪو لکيو آهي اهو هيٺ تري ۾ لکو ها ته اڃا وڌيڪ بهتر لڳي ها


    بهترين ...


    سدائين گڏ
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ۽ ڪويليون ڪوڙڪين ۾ هت جڏهن ڦاسِي پون (آزاد نظم) نثاراحمد ناز

    مهرباني ادا وحيد ڦلپوٽا اسان جي هن قلمي پورهئي تي پنهنجا بهترين ڪامينٽس ڏنا ۽ اسان جي همت افزائي ڪئي۔ نثاراحمد ناز کي ڪٿي به لکون ڪو فرق ڪونه ٿو پوي، پر ان هُوندي توهان جِي اها خوبصورت را نوٽ ڪئي وئي آهي ۔ لک لائق
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ۽ ڪويليون ڪوڙڪين ۾ هت جڏهن ڦاسِي پون (آزاد نظم) نثاراحمد ناز

    محترم سجاد سرور منهنجي سٽن کي پڙهي، کن پل لا توهان جو دُماغ بند ٿي ويو، الا ائين وري ڪيئن ٿيندو، توهان جو ته دُماغ ماشاالله کلڻ کپي، پر ان هوندي به توهان اها ڳالهه چئي منهنجي هن قلمي پورهئي کي هڪ نئين معنى ڏني آهي۔ بس مٺا
    ڪهڙيون خبرون چارون آهن
    لُڙڪن جون وسڪارون آهن
    اُبتن سُبتن اکرن جون چند
    منهنجا شعر قطارون آهن
    نثارناز​

    توهان سُهڻن ڏات ڌڻين جون همت افزايون اسان جي لاءِ مشعل راهه آهن۔ ۽ اسان کي نئين همت ۽ جدت سان گهڻو ڪجهه لکڻ جو جذبو عطا ٿيون ڪن۔ لک لائق۔
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ۽ ڪويليون ڪوڙڪين ۾ هت جڏهن ڦاسِي پون (آزاد نظم) نثاراحمد ناز

    ادا رياض حسين گُلال اسان جو هِي قلمي پورهيو ساڀيان پيو جو توهان ان تي پنهنجا ڪامينٽس بهترين لاجواب ۽ زبردست شيئرنگ چئي لکيا۔ لک لائق
     
  12. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ۽ ڪويليون ڪوڙڪين ۾ هت جڏهن ڦاسِي پون (آزاد نظم) نثاراحمد ناز

    ساز سارا سُر وڃائن،
    ڇيرون جڏهن ڇاتيون پٽين،
    ۽ ڪويليون ڪوڙڪين ۾
    هت جڏهن ڦاسي پون،

    تمام زبردست ۽ اُتم معنى سان ڀرپور هن آزاد نظم کي پڙهي محسوس ٿئي ٿو ته ماشاءَ الله، توهان جي سوچ ۽‌ شاعري ڪيتري نه حد تائين گهري آهي۔۔۔ پر نه۔۔۔ اسان جي سوچ کان وڌيڪ گهري آهي، مطلب ته هن آزاد نظم کي ڏسي مون کي لڳو ته هر وقت توهان جي ذهن ۾ نئين شئي لاءِ جستجو رهي ٿي۔۔ الله توهان جي ان جستجو کي سلامت رکي ۽‌ اوهان جي قلم سان سنڌ ۽‌ آس پاس جي ماحول جي صورتحال بابت قلمي جهاد جاري رهي۔۔ آمين
     
  13. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ۽ ڪويليون ڪوڙڪين ۾ هت جڏهن ڦاسِي پون (آزاد نظم) نثاراحمد ناز

    پيارا اسد مونکي لاکيڻي لطيف سائين جا هي ٻه پيارا بيت ياد پيا اچن ته:
    جان جيئن تان جَلُ، ڪانهي جا جَلَڻَ رِي،
    تَتِي ٿڌِي هَلُ، ڪانهي ويلَ وِهَڻَ جِي !

    کو ٻولِي !ٻَنِ ٻَروچُ ، گهورِي ذات جتن جِي،
    مونکي چَئِي ”لوچ“ پيهي ويا ڇَپَرين ۔۔۔۔۔۔۔ !​

    دوست زندگي سموري سوچڻ‌۽ لوچڻ جو ٻيو نالو آهي، پو
    ڪو ول ته چنبيليءَ جِي
    پيو گهر ۾ لڳائي،
    ماحول کي خوشبو سان
    پيو مست بنائي،
    گُلڙن جي رهِي سائي ۾
    مان خار پليو آهيان
    ڇاتِي ءَ بنا ڪنهن ماءُ جي
    مان ٻار پليو آهيان
    جيڏيون مان جيئڻ ڪارڻ
    پاڻ پتوڙيان پيو،
    (نثارناز)

    اسد پاڻ پتوڙڻ به جيون جي گاڏِي کي ڌڪو ڏيڻ جو هڪڙو خوبصورت ذريعو آهي، هڪڙو موثر سنيهو آهي، جنهن سان انسان پنهنجي منزل ماڻِي سگهي ٿو۔ توهان منهنجي هن قلمي جستجو ۽ پورهئي جو قدر ڪيو، منهنجون همت افزايون ڪيون، منهنجي ڪويتائن ۾ نئين سگهه جون دُعائون ڪيون، هي ٽي درجي وارو شاعر توهان جو احسان مند آهي لک ٿورا۔
     
  14. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ۽ ڪويليون ڪوڙڪين ۾ هت جڏهن ڦاسِي پون (آزاد نظم) نثاراحمد ناز

    هي به تمام زبردست شاعري آهي۔۔۔۔
     
  15. امين سمون

    امين سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    47
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: ۽ ڪويليون ڪوڙڪين ۾ هت جڏهن ڦاسِي پون (آزاد نظم) نثاراحمد ناز

    ادا ناز بهترين نظم
     
  16. علي رضا جوکيو

    علي رضا جوکيو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    37
    ورتل پسنديدگيون:
    51
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    working ngoگڏاپ
    ماڳ:
    گڌاپ ڪراڇي سنڌ gaddap
    تمام سٺو نظم
     
  17. MUHAMMAD ASIF BROHI

    MUHAMMAD ASIF BROHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 مارچ 2013
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    323
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    زمينداري
    ماڳ:
    سرهاري،شهدادپور ضلع سانگهڙ
    سائين بهترين نظم
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو