شعب الايمان (ايمان جون شاخون)

'اي بڪس' فورم ۾ ابو زين طرفان آندل موضوعَ ‏22 جون 2009۔

  1. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    [​IMG]

    امام ابوبڪر احمد بن حسين بيهقي هڪ عظيم ۽ مبسوط ڪتاب بنام ”الجامع لشعب الايمان“ تصنيف فرمايو. هن ڪتاب جو مرڪزي مضمون نبي صلي الله عليہ وسلم جو هي فرمان عاليشان آهي ته: ”ايمان جون ستر کان ڪجهه وڌيڪ شاخون آهن.“ امام موصوف مذڪوره حديث پاڪ جي مڪمل تشريح ڪندي ٻڌايو آهي ته ايمان جون اهي شاختون ڪهڙيون ڪهڙيون آهن ۽ هرهڪ شاخ کي قرآني آيتن، حديث پاڪ ۽ اقوال سلف سان کولي کولي بيان ڪيو آهي. پنهنجي موضوع تي هي ڪتاب لاجواب ۽ بينظير علمي خزانو آهي. منجهس حديثون سند سان آهن.
    ٿوري علم وارن جي استفاه لاءِ وري علامه ابو جعفر عمر بن عبدالرحمٰن قزوينيءَ ان کي مختصر ڪري ايمان جي هر شاخ ۽ شعبي کي ٿورن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي ته جيئن ان کي ذهن نشين ڪرڻ آسان ٿئي.
    مولانا محمد جونا ڳڙهي ميمڻ اردو زبان ۾ ”ايمان محمدي“ جي نالي سان ترجمو ڪيو، جنهن مان غير عرب مسلمانن کي ڪافي فائدو پهتو. مگر ڪيترا اهڙا ڀائر به آهن، جيڪي اردو نٿا ڄاڻن. انهن جي آسانيءَ خاطر هي ڪتاب اردوءَ مان سنڌي زبان ۾ منتقل ڪيو ويو.
    اميد ته اسان جا سنڌي ڀائر ان جو مطالعو ڪري فيض پرائيندا ۽ پنهنجي ۽ پنهنجي اولاد جي لاءِ تهذيب نفس ۽ تربيت اخلاق جو سامان حاصل ڪندا. الله تعاليٰ مسلمانن کي توفيق ڏي ته اهي عام ناولن، افسانن ۽ آکاڻين جا ڪتاب پڙهي پنهنجي اخلاق ۽ تهذيب جو جنازو پنهنجي هٿن سان ڪڍڻ بجاءِ اسلام ۽ اسلامي ڪتابن جو مطالعو ڪري، پنهنجي اصلاح جو فڪر ۽ اهتمام ڪندا.
    (سيد ابو محمد بديع الدين شاهه راشدي)


     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جزاڪ الله خئير، ڀائڙا ابو زين
    مهرباني ...
    دعا منهنجي به اها ئي آهي ته اسانجي اولاد وقت برباد ڪرڻ کان بچي وڃي ... اهڙا علمي ڪتاب اسانجي سرهاڻي جو سينگار ٿين ... آمين
     
  3. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    آمين ثم آمين

    [​IMG]
     
  4. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جزاڪ الله ، سبحان الله

    اوهان صحيح فرمايو سائين،

    اهڙين ناياب شين جي سنڌ سلامت کي اصل تمام گهڻي ضرورت اوهان جي محنت سبحان الله اهڙيون املهه شيون هتي شيئر ڪرڻ لاءِ اوهان جو ٿورائتو آهيان ادا....

    مزيد به اهڙين يادگيرن کان نه وساريندا..............

    الله آباد رکي آمين..........
     
  5. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    ادا ابو زين جزاڪم الله خير الله يعطيڪ الف عافيه ادا اوهان جي اهڙي ايمان افروز ۽ ناياب شيئرنگ جو اسان کي شدت سان انتظار رهندو
    شل جڙيا هجو
     
  6. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ

    دوستن جي بهترين موٽ لاءِ نهايت شڪرگذار آهيان.

     
  7. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا ڪا ڳالهه نه آهي ادا
    توهان جي شيئرنگ زبردست آهي
     
  8. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو