استاد بخاري (احمد شاهه بخاري)

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ زاهد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏22 جون 2009۔

  1. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    هو استاد هو، هو صرف ٻن ٽن هزار شاگردن جو نه پر، سموري سنڌ جو استاد هو. هُو ڊبل استاد هو، هڪ ته هو پروفيشنل استاد هو، ٻيو ته ڄڻ هن جو نالو ئي استاد هو. هُن جي ڏات ڏونگرن کي ڏاڪائي ڇڏيندي هئي ۽ اٻوجھن لاءِ ڏڍ هئي. هاڻي توهان بلڪل سمجهي ويا هوندا ته سن 1930ع جي جنوري مهيني ۾ 16 تاريخ دادو ضلعي جي ڳوٽ غلام چانڊيو ۾ سيد حاجن شاه جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سيد احمد شاه استاد بخاريءَ جي ڳاله پئي هلي.
    جيئن ته استاد پنهنجو ٻالڪپڻ درياءَ ويجهو، ڪانهن جي اڇن گلن ۽ سرنهن، ٻاجھر، جوئر، ڪڻڪ توڙي مٽرن جي کيتن ۾ ڊڪندي ڊوڙندي گذاريا، ان ڪري سندس طبيعت ۾ رنگيني ۽ ميٺاج جو سمائجي وڃڻ فطري عمل هو. هو ننڍپڻ کان ڏاڍو ذهين هيو، تعليمي لحاظ کان پهرين درجي کان سنڌي فائينل تائين پهرين پوزيشن کڻندو رهيو. استاد، عالم ، فاضل ۽ اديب واريون ڊگريون حاصل ڪرڻ کان پوءِ 1946ع ۾ پهرين نوڪري روينيو کاتي ۾ تپيدار طور ڪئي. پر هر ڪو ڄاڻي ٿو ته هن نوڪري ۾ رهي، ڪير ڪيترو به چاهي، ڪنهن درد مند جي دوا نٿو ڪري سگهي. ان ڪري استاد جي طبيعت کي به هي نوڪري بلڪل ڪونه وڻي ۽ جلد ئي هو اداري کان ناتا ٽوڙي تعيلم کاتي سان رشتو جوڙي ويٺو. استاد پرائمري استاد بڻجي مستقبل جي معمارن کي سکيا ڏيڻ شروع ڪئي. هونئن ته استاد شاعري 1946ع ۾ شاگردي واري زماني کان شروع ڪئي هئي، پر 1951ع ۾ جڏهن کيس ايليسمينٽري ڪاليج ميٺاڻي ۾ ٽريننگ وٺڻ لاءِ موڪليو ويو، جتي کيس نامور شاعر عبدالله اثر جي صحبت نصيب ٿي ته استاد جي اندر جي ڏات تڙپي اٿي. سندس من ۾ متل مانڌاڻ نيٺ اٻري ٻاهر نڪري پئي، مشاعرن جون محفلون مچي ويون. پهريون استاد پنهنجو تخلص ” آسي“ ۽ ”دردي“ استعمال ڪيو، پر پوءِ جلد ئي پاڻ کي استاد سڏائڻ تي رضامند ٿيو.

    استاد جي شاعريءَ جي ڪچي ڪلي کڙي گل ٿي پئي، جنهنجي خوشبو سموري سنڌ ۾ واسجي وئي. استاد ڌرتي، دل وارن ۽ سونهن جو شاعر بڻجي ويو. سندس گيت نگر نگر گونجڻ لڳا. سچ ته استاد جي شاعري ۾ سلاست، بلاغت ، جماليت ۽ هر اُها خوبي موجود آهي، جيڪا علم ادب جي دنيا ۾ هڪ شاعر کي اعلى درجي ۽ مقام تي آني بيهارڻ لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. استاد جي شاريءَ مان جماليت ائين اڀري نڪري ٿي جو محسوس ٿئي ٿو ڄڻ هاڻي هاڻي سونهن مشڪ عنبر سان وهنجي سهنجي ريشم جو ڀرت ڀريل رنگين پڙو اوڙهي آئي آهي. استاد نه صرف سونهن پرست هو، پر ڌرتيءَ کي پنهنجي سرتي بڻائي ويٺو هو. ياد ٿو اچي ته استاد پنهنجي ڪتاب ” ڌرتيءَ ــــــ سرتي“ جي ارپنا ڪجھه هن طرح ڪئي آهي:
    پنهنــــــــــــــــــــــجي دل جي نالي
    منهنـــــــــــــــــــــــجي دل دادو آهي
    دادو ســــــــــــــــــــــنڌ جي دل آهي
    سنڌ وري ڪائنات جي دل آهي.
    ان مان صاف ظاهر ٿي ٿو ته استاد رڳو سنڌ لاءِ نه پر سموريءَ ڌرتيءَ جي گولي تي آباد ٽئين درجي جي ماڻهن لاءِ تڙپيو آهي هو سموري ڪائنات جو شاعر آهي، پر هن ڪڏهن به اها دعوى نه ڪئي هئي (هاڻي به ڪجھه حال حيات شاعرن جيان) ته هُو شيخ اياز کان وڏو شاعر ۽ لطيف ثاني آهي. استاد ته ڪڏهن به پاڻ کي وڏو شاعر به محسوس نه ڪيو، هو هر نئين لکندڙ سان بنا ڪنهن هت ڀيد ۽ فرق ڏيکارڻ جي ائين ئي سڪ ۽ اڪير مان ملندو هو، ڄڻ پاڻ به انهي ٽهيءَ جو آهي. جڏهن ته اسان جا گهڻا سينئر جونيئرن کي منهن پري ڪري آڳرن جو هٿ ڏيندا آهن. ان ڀيٽ ۾ استاد ته هر هڪ کي ڀاڪر ۾ ڀري وٺندو هو. هو هڪ عظيم شاعر هو. ادبي ڪسوٽيءَ موجب عوامي شاعر ئي سڀني کان وڏو شاعر هوندو آهي، ڇو ته عوام جنهن کي گهڻو مان مرتبو ڏئي اهو ئي وڏو آهي. وقت ثابت ڪيو آهي ته استاد جي شاعري هر هنڌ، پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل ۾ ايتري ئي مقبول آهي، جيتري شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري عوام ۾ مقبول آهي.استاد پروفيشنل حساب سان سورنهن سال گلن جھڙن ٻارڙن جي تربيت ڪرڻ کان پوءِ پهريون سيڪنڊري ۽ 1963ع ۾ ليڪچرار ٿيو. هن دوران هن ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۽ ڊگري ڪاليج دادو ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. ليڪچرار کان پوءِ اسسٽنٽ پروفيسر به بڻيو، جنهن تان 60 سالن جي ڄمار ۾ رٽائر ڪيائون. سندن علمي خدمتن عيوض سنڌ سرڪار ڊگري ڪاليج دادو جو نالو استاد بخاري ڊگري ڪاليج رکيو آهي.
    استاد بخاري نه صرف لائق استاد ۽ سٺو شاعر هيو، پر هُو هڪ سٺو موسيقار پڻ هو. هن پنهنجي ڪيترن ئي گيتن جون ڌنون ترتيب ڏنيون. استاد سموري حياتي شاعري جي جھول ۾ تازا توانا گيت ڀيٽا ڏنا. شاعري سندن رت ۾ رڌم بڻجي ڊوڙندي رهي. استاد بخاري بلڊ ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي چڪو هيو، سالن کان چنبڙيل ڪينسر جا جراثيم سندس حياتي پيئندا رهيا. پر پاڻ ڪڏهن به هنيانءَ نه هاريائون. مرڪ سندن چپن تان ڪڏهن مٽجي نه سگهي. موت سان وڙهندي استاد لنڊن مان بلڊ ٽرانفريشن به ڪرائي، پر موت جو راڪاس سندن حياتي مٿان ٽڪ ٻڌي بيٺو رهيو ۽ نيٺ 9 آڪٽوبر 1996ع ۾ اوچتو ڀڙڪو کائي استاد جي حياتيءَ کي جھپي اڏامي ويو. اها شام سمنڊ ماٺيڻو ٿي ويو، وڻ ٽڻ اداس نظر اچڻ لڳا، پکين جي نڙين ۾ سندن لاتيون اٽڪي بيهي رهيون، سنڌ سموري سوڳوار بڻجي وئي ۽ هينئر جڏهن 13 سال گذري چڪا آهن تڏهن به استاد جي شاعريءَ ساڳي پاٻوهه ۽ شوق سان پڙهي ويندي آهي. سچ ته ڏات امر آهي.

    ويڪيپيڊيا تان ورتل..................

    [​IMG]
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا زاهد سومرو صاحب توهان جي وڏي مهرباني جو توهان اسان کي سائين استاد بخاري بابت اهڙي قيمتي معلومات ڏني اها حقيقت آهي ته سائين استاد بخاري هر نئين لکندڙ سان بنا ڪنهن هت ڀيد ۽ فرق ڏيکارڻ جي ائين ئي سڪ ۽ اڪير مان ملندو هو ، هڪ عظيم شاعر هو
    ادا زاهد تمام سٺي شيئرنگ آهي توهان جي اهڙي شيئرنگ جو انتظار رهندو .

    lajwab-sharing


    sindhsalamatsaathsal
     
  3. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    ادا زاهد اسان جي گرو جي زندگي تي روشني وجهڻ لاءِ يار تنهنجا لک قرب مٺا استاد جي ڳالهه ئي ٻي هئي استاد اوهان جا جملا ته سڄي سنڌ جو استاد هو ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ادا الله تعالي کان دعا ته وري ڪا ماء استاد جهڙو ڄڻي جو اسان کي پنهنجي سرن تان استاد جي هٿ جي ڪمي محسوس نه ٿئي آمين
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    واهه الجميلي واهه، تمام بهترين استاد بخاري جي باري ۾ ٻيو ته توهان اسان کي استاد بخاري جا ديدار ڪرائي اصل عيدون ڪرائي ڇڏيون. مٺا ايتري معلومات توهان ڪٿان حاصل ڪئي وري استاد بخاري جي تصوير. ٻيلي جلدي ٻڌاءِ نه ته ........؟
     
  5. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    فقير سائين اوهان جي ٿورائتا آهيون جو اوهان کي اسان جي تحرير پسند آئي۔۔۔ ايندي به ڇونه سائين آهي جو بخاري سائين۔۔۔۔۔۔
     
  6. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)

    سهڻا علي علي سائين۔۔۔۔
    ياعلي مدد!

    بابلا جهڙو پيارو آهين، تهڙو من گهريو به آهين پر جاني مان اوهان کي هٿ ٻڌي عرض ڪندس ته ادا پنهنجي تحرير کي لکڻ کانپوءِ ۽ موڪلڻ کان اڳ پڙهندا ضرور ڪيو۔۔۔ جاني معافي جي طلبگار آهين۔۔۔۔ اوهان اسان جا محسن آهيو انهي جي لاءِ مون اوهان کي عرض ڪيو آهي۔۔ اميد ته منهنجو عرض اوهان وٽ قبول پوندو۔۔۔۔
     
  7. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)

    جاني اوهان کي محترم استاد بخاري جو تعارف پسند آيو انهي جي لاءِ مان ٿورائتو آهيان۔۔۔ پر دادلا وهاب سائين جو تعارف مون ويڪپيڊيا تان ورتو هيو۔۔۔ جاني باقي pasand

    جڙيو هجين مٺا
     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا زاهد مهرباني توهان جي جو توهان اهڙي ناياب شيئرنگ ڪئي. پر اهو ته ٻڌاءِ علي علي کي ڇا ٿي ويو آهي. جو غلطي مٿان غلطي ٿو ڪري.
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا زاهد سومرا شال جُڙيو هُجين ؛ مونکي ياد پيو اچي ته اهو ساڳيو مضمون توهان ڪٿي شيئر ڪيو آهي، ٿي سگهي ٿو مان غلط هُجان باقي اُستاد بخاري هڪ اهڙو عوامي ۽ قومي شاعر آهي جنهن جي شاعريءَ کي هر ماڻهو آرام سان سمجهي سگهي ٿو، اُستاد بُخاري جي باري ۾ ايترو تفصيل سان لکي سنڌ سلامت جي دوستن سان شيئر ڪرڻ ادا زاهد ڪنهن ڪارنامي کان گهٽ ڪونهي، مونکي خبر آهي ته جنهن وڪيپيڊيا تان تون اهو مضمون ريفرنس طور هتي ڪوٽ ڪيو آهي، ان وڪيپڊيا تي اهي مضمون موڪلڻ وارا به اسان جا جوڌا سنڌي هوندا، جيڪي اسان جي سنڌي شاعرن جو قدر ڪري ڄاڻن ٿا۔ جس لهڻو اهڙو معلوماتي مضمون شيئر ڪرڻ لاءِ ادا زاهد۔
     
  10. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    مهرباني سائين نثار احمد ناز صاحب۔۔۔۔ اوهان جي همٿ افزائي ڪرڻ جي مهرباني۔۔۔۔
     
  11. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا زاهد ڏي خبر آهين ڪٿي اڄ ڪلهه مٺا
     
  12. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    فقير سائين اوهان جي ننگري ۾ آهيون۔۔۔۔ صرف پنهنجين اکڙين کي کڻي اسان ڏانهن نهاريو۔۔۔

    اوهان جا خادم آهيون هاڻي ته پنهنجن خادمن کي به وساري ڇڏيو اٿو۔۔۔۔۔۔۔


    دعائن ۾ ياد فقير سائين۔۔۔۔۔shal judy hujeen
     
  13. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    استاد بخاري

    مهرباني ادا زاهد
    استاد جي تعريف ڪرڻ سج کي ڏيئو ڏيکارڻ مثل آهي واقعي استاد هڪ محان شاعر هيو
    shal judy hujeen
     
  14. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين زاهد اوهان جو مضمون واقعي تمام معلوماتي آهي ان ۾ جيڪو ادبي سٽاء آهي سو پڻ قيمتي لفظن تي مشتمل آهي اوهان جي مهرباني جو سنگت سان اهڙي سهڻي ونڊ ڪيو ٿا الله توهان کي خوش رکي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو