تنھنجا ڳوڙھا، منھنجا ڳوڙھا ساڳي رنگ جا،

'سنڌي شاعري' فورم ۾ ذوالفقار بھڻ طرفان آندل موضوعَ ‏13 ڊسمبر 2010۔

  1. ذوالفقار بھڻ

    ذوالفقار بھڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2010
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    22
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    203
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi ڪراچي
    تنھنجا ڳوڙھا، منھنجا ڳوڙھا

    ساڳي رنگ جا،

    تنھنجو رت، منھنجو رت

    ساڳي رنگ جو،

    تنھنجي منھنجي وچ ۾،

    پوء ڇو ھيڏو ويڇو؟

    تنھنجي بت مان خوشبوء ٻھڪي

    منھنجي بت مان بوء اچي

    لوڪ چوي ٿو،رو.ئڻ اچي ٿو

    ڏس مان تيل ڦليل ڪيان ٿو

    عطر عبير سان سنان ڪيان ٿو

    پوء تون ڏس،ھا تون ڏس

    تو ۾ مون ۾ آ ڪو ويڇو؟

    چنڊ ھوا ۽ اس

    تو لاٰٰٰءِمون لاء آھي ساڳي

    گھر جو انڱڻ، گھر جي ڇت

    تو لاٰٰٰءِمون لاء آھي ساڳي

    تو لاء اسڪول، تو لاء رانديڪا

    تو لاء روز ويس وڳا

    مون لاء چولي آھي ساڳي

    تو ۽ منھنجو امڙ ابو آھي ساڳيو

    تو لاء آھي اعلي اسڪول

    مون لاء ڇو پيلو اسڪول

    جنھن منھنجي رڳ رڳ ۾

    خوف جي آ پيلاڻ ڀري

    تولاء ڪلب، تو لاء گاڏي

    منھنجي ڪنڌ لاء تيز ڪھاڙي

    ھن بدبودار اھڙي سماج لاء

    ڇونھ کڻي ٿو يار ڪھاڙي؟

    ھي طبقاتي نظام اکيڙي

    ڪو شانت ڀريو نگر اڏجي

    دنيا جي ھن گولي کي

    سک برابري پيار جوسنسار بڻائي

    مٽائجي ھر ھڪ ويڇو،

    تنھنجا ڳوڙھا، منھنجا ڳوڙھا

    ساڳي رنگ جا،

    تنھنجو رت، منھنجو رت

    ساڳي رنگ جو،

    تنھنجي منھنجي وچ ۾،

    پوء ڇو ھيڏو ويڇو؟


    [​IMG]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: تنھنجا ڳوڙھا، منھنجا ڳوڙھا ساڳي رنگ جا،

    تنھنجا ڳوڙھا، منھنجا ڳوڙھا
    ساڳي رنگ جا،
    تنھنجو رت، منھنجو رت
    ساڳي رنگ جو،
    تنھنجي منھنجي وچ ۾،
    پوء ڇو ھيڏو ويڇو؟

    سائين ذولفقار صاحب اوهان جا لفظ سيني ۾ چڀجي ٿا وڃن۔ بهترين شاعري

    شال اسان سڀ اوهان جي هنن سٽن جي مفهوم کي سمجهون ۽ ان تي عمل ڪيون۔

    اوهان جا ٿورا جو سنڌ سلامت تي پنهنجي شاعري اسان سان ونڊ پيا ڪيو
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: تنھنجا ڳوڙھا، منھنجا ڳوڙھا ساڳي رنگ جا،

    [JUSTIFY]چوندا آهن ته دنيا ۾ جت به ڪو گهايل هجي ته سندس اندر مان نڪرندڙ آهه جو رنگ ساڳيو ٻي گهايل جهڙو هوندو آهي ۔۔۔ چوندا آهن ته جت به ڪڏهن باهه ٻرندي آهي ته نشان ٻي هنڌ لڳل باهه جهڙا ئي هوندا آهن ۔۔ چوندا آهن ته جڏهن ڪنهن حساس دل تي ڪو اثر ٿيندو آهي ته وات مان نڪتل لفظ پڻ ٻي حساس انسان جي وات مان نڪرندڙ لفظن جهڙا هوندا آهن ۔۔۔

    سائين ذوالفقار جنهن احساس کي محسوس ڪيو آهي ۽ ان جو اظهار مختصر لفظن سان پنهنجي شاعريءَ واري ڏات سان ڪيو آهي، بلڪل ساڳين جذبن کي مون به محسوس ڪيو هو، پر جيئن ته آءُ شاعر آهيان ڪون انڪري مون ان جذبي کي ڪجهه هن طرح سان پيش ڪيو هو؛ هيٺ لنڪ ۾ موجود مختصر ڪهاڻي پڙهي ڏسندا۔

    http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=3395

    لک لائق ادي ذوالفقار بهڻ جا جنهن تمام ڏکوئيندڙ احساس کي تمام آسان ۽ سهڻن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا ۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت[/JUSTIFY]
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: تنھنجا ڳوڙھا، منھنجا ڳوڙھا ساڳي رنگ جا،

    اهڙي ئي قسم جي هڪ شاعري آفريڪا جي ننڍڙي ٻار تحرير ڪئي هئي، ان جو مقصد اڇن ۽ ڪارن جي وچ ۾ فرق ڇو آهي۔۔۔ ان نظم جي لاءِ‌ مون ٻڌو هو ته کيس عالمي ايوارڊ‌ ڏنو ويو هو۔۔۔۔ مون کي جڏهن به اها نظر هٿ ٿي مان ضرور ونڊ‌ ڪندس۔۔۔​
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: تنھنجا ڳوڙھا، منھنجا ڳوڙھا ساڳي رنگ جا،

    محترم مست سائين، اوهان هن شاعريءَ جي ڳالهه ته نٿا ڪريو؛

    http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=2759
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: تنھنجا ڳوڙھا، منھنجا ڳوڙھا ساڳي رنگ جا،

    [justify]

    بلڪل ادا وڏا۔۔۔ اهو ئي قيمتي نظم۔۔۔۔ مان هڪ جڳهه تي پڙهيو هو ۽ تمام گهڻو متاثر ٿيو هئس۔۔ توهان جي مهرباني جو وقت سان گڏ اهڙي بهترين ۽ متاثر ڪن شين کي سنڌي ۾ ترجمو ڪري دوستن سان ونڊ ڪندا رهو ٿا۔۔۔​
    [/justify]
     
  7. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: تنھنجا ڳوڙھا، منھنجا ڳوڙھا ساڳي رنگ جا،

    جي سائين بلڪل ادا .
     
  8. ذوالفقار بھڻ

    ذوالفقار بھڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2010
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    22
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    203
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi ڪراچي
    جواب: تنھنجا ڳوڙھا، منھنجا ڳوڙھا ساڳي رنگ جا،

    ڀائرو!!!!
    اوھان جا لک قرب جو منھنجي شاعري کي پڙھيو ۽ پنھنجي راء ڏني۔


    هن بدبودار اھڙي سماج لاء
    ڇونه کڻي ٿو يار ڪھاڙي؟
    ھي طبقاتي نظام اکيڙي
    ڪو شانت ڀريو نگر اڏجي
    ...دنيا جي ھن گولي کي
    ...سک برابري پيار جوسنسار بڻائي
    مٽائجي ھر ھڪ ويڇو
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: تنھنجا ڳوڙھا، منھنجا ڳوڙھا ساڳي رنگ جا،

    [justify]ادا ذوالفقار بهڻ توهان جا وڏا قرب جو پنهنجي قرب جا قدم اسان جي سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تي ڀري آيا، توهان کي اسان جي سموري سنڌ سلامت سٿ ڀليڪار چوي ٿِي۔ سنڌ سلامت جي دوستن کي ٻُڌائيندو هلان ته ادا ذوالفقار بهڻ سنڌ جو خوبصورت ترين شاعر آهي، سندس شاعري جو مجموعو منهنجا خواب گُلابن جهڙا سنڌي قوم جي سامهون اچي چُڪو آهي۔ اها سنڌ سلامت جي اڱڻ جي خوشنصيبي آهي جو سائين ذوالفقار بهڻ جهڙا خوبصورت شاعر هاڻي اسان جا ساٿي آهن۔ جيتري قدر سائين ذوالفقار بهڻ جي هن آزاد نظم جو تعلق آهي ته طبقاتي ڪشمڪش کي تمام خوبصورت نموني سان تخليق ڪار پنهنجي قلم جي نوڪ سان تخليق ڪيو آهي، بلڪل لاڙ پَٽَ جي يگاني ۽ صوفي منش شاعر حافظ محمد نظاماڻي جي غزل جي هن مطلع وانگر ته
    ڪنهين وٽ گوڏ ڪانهي ڪا، ڪنهين وٽ روز آ گاڏي،
    ٻنهي جو ڏاڏو به ساڳيو آ، ۽ ٻنهي جي ساڳي آهي ڏاڏي!​

    الله سائين توڻي جو ڪنهن کي ڪارو ، ڪنهن کي ڳورو بنايو آهي، پر ٻنهي جي رت جو رنگ ساڳيو آهي، انهي معاشرتي ناهمواري کي اسان جي نبي سڳوري به پنهنجي آخري خطبي ۾ نڌيو آهي ته ڪنهن عربي کي عجمي تي ۽ ڪنهن ڳوري کي ڪاري تي ڪا به فوقيت ڪانهي پر هتي جي هنن زميني ناخدائن اڃا به اهي ذات پات ، ڪاري ۽ ڳوري وارين ڳالهين کي پنهنجي خول مان ٻاهر ڪڍي ناهن سگهيا ۔ سائين ذوالفقار بهڻ پنهنجي هن شاعري ۾ انهي تون ۽ مان کي نروار ڪيو آهي ۔ انسان جي ضمير کي جهنجهوڙيو آهي۔ الله سائين ذوالفقار جي ڏات ۾ اها سگهه آڻي جو سندس شاعري پڙهي اسان جهڙن سيکڙاٽ شاعرن کي ڪجهه سکڻ جو موقعو ملي ۔[/justify]
     
  10. ذوالفقار بھڻ

    ذوالفقار بھڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2010
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    22
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    203
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi ڪراچي
    جواب: تنھنجا ڳوڙھا، منھنجا ڳوڙھا ساڳي رنگ جا،

    مانوارا دوستو
    [justify] 12 ڊسمبر رات جو سائين محترم نثار ناز سان فيس بُڪ ذريعي ڳالهه ٻول ٿي رھي ھئي ته سائين منھنجو سنڌ سلامت ڏانھن خيال ڇڪايو۔مون معذرت ڪندي سائين کي ٻڌايو ته مونکي سنڌ سلامت تي شيئر ڪرڻ نٿو اچي،جنھن تي سائين وڏي محنت سان مونکي سمجھايو۔ ڪافي حد تائين سمجھي ويس۔اھري طرح ھتي پنھنجي شاعري ونڊڻ بعد مان بيحد خوشي محسوس ڪيان ٿو۔نثار ناز صاحب جي مھرباني۔۔۔۔[/justify]

    [justify]ان کان علاوه محترم سليمان وساڻ صاحب جي تمام گھڻي مھرباني ۔
    نثار ابڙو صاحب جنھن پنھنجي مختصر ڪھاڻي جي لنڪ ڏني جنھن کي پڙھندي احساسن جي ھڪ جھڙائي معلوم ٿي۔سائين جي مھرباني۔[/justify]

    (مست) سنڌ سلامت جو ھر دل عزيز، ھن دوست جي مھرباني۔
    نٿار ابڙو جي ترت وند يل لنڪ (ڪارو ۽ اڇو) مونکي ته انتھائي حيرت ٿي ساٿين جي ايتري محنت تي۔
    رياض حسين گلال صاحب جي مھرباني۔

    سائين محترم نثار نازجيڪو منھنجو تعارف پيش ڪيوآھي ۽ مونکي سنڌ سلامت ۾جنھن انداز ۾ متعارف ڪرايو آھي سائين جي وڏي مھرباني۔

    تو لااسڪول، تو لاء رانديڪا

    تو لاروز ويس وڳا

    مون لاء چولي آھي ساڳي

    تو ۽ منھنجو امڙ ابو آھي ساڳيو

    تو لاء آھي اعلي اسڪول

    مون لاء ڇو پيلو اسڪول

    جنھن منھنجي رڳ رڳ ۾

    خوف جي آ پيلاڻ ڀري

    تولاء ڪلب، تو لا گاڏي

    منھنجي ڪنڌ لا تيز ڪھاڙي

    ھن بدبودار اھڙي سماج لاء

    ڇونه کڻي ٿو يار ڪھاڙي؟
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: تنھنجا ڳوڙھا، منھنجا ڳوڙھا ساڳي رنگ جا،

    سائين ذوالفقار صاحب اوهان جون مهربانيون

    سنڌ سلامت هن وقت انٽرنيٽ جي دنيا جو سڀ کان وڏو سنڌي فورم آهي۔ اسان کي خوشي آهي جو هتي هر ڪهاڻي ، شاعري ، ڪالم ، وڊيو يا آڊيو سنگ يا پنهنجا تاثر سڀڪو سنڌيء ۾ ٿو ونڊ ڪري۔

    ڪجه ڏينهن اڳ جڏهن فيس بوڪ تي سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان سنڌي ڪي بورڊ اپليڪيشن آنداسين ته اسان جي تمام سينئر دوست ۽ سنڌ جي سهڻي شاعر هدايت بلوچ به ڪمپيوٽر تي سنڌي لکڻ شروع ڪئي ۽ اڄ سائين هدايت ماشاءالله اسان سان سنڌيء ۾ چيٽنگ پيو ڪري۔

    اوهان جهڙن سنڌ جي محسنن جي ساٿ سان انشآءالله سنڌ سلامت جي فورم تان ڪجه ٻيون نيون شيون انشاء الله آڻڻ وارا آهيون جن تي ڪم تيزيء سان جاري آهي۔

    اوهان جا لک قرب جو اوهان پنهنجي شاعري اسان سان ونڊ ڪئي۔
     
  12. عبدالحڪيم راڄڙ

    عبدالحڪيم راڄڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    111
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    238
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    Sachal Goth, Karachi
    جواب: تنھنجا ڳوڙھا، منھنجا ڳوڙھا ساڳي رنگ جا،

    تمام بهترين آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو