سنڌ بدامنيءَ جي حڪومت ذميوار قرار،

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ حاڪم طرفان آندل موضوعَ ‏29 ڊسمبر 2010۔

  1. حاڪم

    حاڪم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    187
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سنڌ ۾ بدامنيءَ جي حڪومت ذميوار قرار، سياسي، سماجي ۽ قوم پرست ڌرين پاران جدوجهد جو اعلان
    هن چيوته هن وقت سنڌ ۾ پوليس راڄ قائم ٿيل آهي، جيستائين معاشري ۾ موجود خامين کي ختم نه ڪيو ويندو، تيستائين امن قائم نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته بدامني ڪئنسر جهڙي بيماري واري شڪل اختيار ڪري وئي آهي، اهڙي صورت حال ۾ سڀني ڌرين کي گڏجي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته سنڌي قوم کي غلام بڻايو ويو آهي، سنڌ ۾ بدامني جي حد ايتري قدر وڌي وئي آهي جو شام جو6 وڳي کان پوءِ سنڌ جي ڳوٺن جا رستا ڌاڙيلن ۽ ڦورن جي ورچڙهيل هجن ٿا ۽ ماڻهو ڊپ کان ڳوٺن ۽ گهرن کان ٻاهر نٿا نڪري سگهن. هن چيو ته اسان کي اهڙي صورت حال ۾ جدوجهد جو رستو وٺڻ گهرجي. پ پ اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي چيو ته بدامني جي خاتمي لاءِ جيڪڏهن ڳوٺن جي ماڻهن کي سرڪاري هٿيار ڏنا وڃن ته ڌاڙيلن يا ڦورن کي همٿ نه ٿيندي ته غريب ماڻهن کي ڦرن يا ڌاڙا هڻن. هن چيو ته سنڌ ۾ بدامني ۽ ڌاڙن خلاف هن جڏهن 1992ع ۾ پنڌ مارچ ڪيو هو ته ان وقت بدنام ڌاڙيل غلام رسول ڪمانڊي کيس دعوت کائڻ لاءِ چيو هو ته هن غلام رسول ڪمانڊي کي چيو ته پهريان تون ڏوهه ڇڏ پوءِ آئون تنهنجي دعوت قبول ڪندس، جنهن تي غلام رسول کيس چيو ته جيڪڏهن هو ڏوهه ڇڏيندو ته هڪ هفتي اندر کيس پوليس ۽ وڏيرا ماري ڇڏيندا، تنهن ڪري ڏوهن ڇڏڻ جي عيوض ڌاڙيلن کي معافي جي ضمانت ڏني وڃي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻ سيد عالم شاهه چيو ته هتي قبيلائي ۽ تعليمي دهشت گردي پکيڙي وئي آهي، آمريڪا جو مقصد سنڌ جي ڌرتي حاصل ڪرڻ آهي، تنهن ڪري هتي دهشت گردي عام ڪئي وئي آهي. هن چيو ته عوامي تحريڪ تعليمي، مذهبي، قبيلائي ۽ علائقائي دهشت گردي خلاف ڀرپور تحريڪ هلائيندي. ڪانفرنس کي ايس پي او جي مصطفيٰ بلوچ، ايڇ آر سي پي جي ڊاڪٽر اشوٿاما، اسپارڪ جي ڪاشف بجير، قوم پرست اڳواڻ آصف بالادي، شاعر فتح شاهه فراق، حيدرآباد پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري اسحاق مڱريي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ بدامني جي باهه ۾ وڪوڙجي وئي آهي. سنڌ جا ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ به پاڻ کي محفوظ نٿا سمجهن. قبيلائي، وڏيرڪن ۽ سرداري جهيڙن ڪري سنڌ جا ڪيترائي علائقا ويران ٿي چڪا آهن. اهڙي صورت حال ۾ سنڌ جي سياسي، سماجي اڳواڻن، قوم پرستن، اديبن، دانشورن ۽ وطن دوست ماڻهن طرفان گڏجي بدامني جي خاتمي لاءِ ڀرپور جدوجهد هلائڻ جي ضرورت آهي.
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ بدامنيءَ جي حڪومت ذميوار قرار،

    سائين الله خئير ڪندو ۔۔۔ دعا ڪريو ۔۔۔ سنڌ واڳن جي وات ۾ آهي ۔۔۔ پنهنجي ڪئي جو نه ويڄ نه طبيب، اسين سنڌي ماڻهون غلطين مٿان غلطيون ڪندي سنڌ سڳوري کي اهڙو ته ڦاسايو آهي جو هاڻ چورن جا رند ئي گم ٿي ويا آهن ۔۔۔ ته آخر چور آهن ڪهڙا ۔۔۔؟

    ڌاريا ته آهن ئي آهن پر ڇا انهن سان گڏ اسانجا پنهنجا سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ وارا سياستدان، وڏيرا، جاگيردار، سرمائيدار ۽ ڪامورا پڻ شامل آهن ۔۔۔؟ چورن جي ايتري وڏي فهرست ڏسي حيرانگي ۽ پريشاني وٺي وڃي ٿي ته آخر غريب، وچولي طبقي جو عوام ڪيترن سان وڙهندو ۽ ڪيترن جا منهن بند ڪندو ۔۔۔؟

    بس يار حاڪم! ڏسجي ته سنڌ ۽ سنڌيت جو ڀلو چاهيندڙ ڪيئن ٿا سنڌ جي جان ڇڏائن ۔۔؟ اسانجو نيڪ تمنائون، نيڪ خواهشون ۽ جي ڪا سچائي ڏٺيسون ته جان ۽ مال به حاضر آهي سنڌ ۽ سنڌيت جي ويڙهه وڙهڻ لا ۔۔۔۔
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ بدامنيءَ جي حڪومت ذميوار قرار،

    سائين الله خئير ڪندو ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو