منتظر علي

'تعارف' فورم ۾ منتظرعلي طرفان آندل موضوعَ ‏27 جون 2009۔

  1. منتظرعلي

    منتظرعلي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2009
    تحريرون:
    21
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سڄي سنڌ سلامت کي السلام عليڪم
    ۽ پنهنجي حيدري ڀائرن کي السلام عليڪم يا علي مدد.

    دوستو.
    منهنجو نالو منتظر علي آهي، مان پاڻ جيڪب آباد شهر جو رهاڪو آهيان، منهنجي ڪمپوٽر ۾ ماسٽرس ٿيل آهي. ماسٽرس ان نيٽورڪنگ. هن وقت مان گورنمينٽ آف پاڪستان منسٽري آف فنانس ۾ نيٽورڪ پروگرامر آهيان. پاڻ آزاد خيال ماڻهون آهيون. پنهنجي زندگي ۾ جيڪو ڪجهه ڪندا ۽ چوندا آهيون صاف ۽ چٽو چوندا آهيون. پوءِ اڳيون کڻي بلاڪ ڪري يا ڌڪا ڏئي ڪڍي ڇڏي. پر ڳالهه سڌي ۽ سچ چوندا آهيون. سنڌي ۾ چوڻي آهي ته
    گھر ته گهوريانءِ نه ته گهوري وجهانءِ.

    سنڌ سلامت کان پهريان مان سنڌ سلامت تي ويو هوس. اُتان جي محبتي ماڻهن جي رُخي جي ڪري انهي جي ايڊمن سان منهنجو جهيڙو ٿي پيو. جنهن جي ڪري مونکي بلاڪ ڪيو ويو.
    چوندا آهن نه ته نيت صاف منزل آسان.
    نيت بد ته روٽي رد.


    منهنجي ڪوشش رهي آهي ته پنهنجي سهڻي سنڌ ۽ سنڌين جي حقن جي لاءِ ٿي سهگي انهن کي حق وٺي ڏيان ۽ انهن سان ڀلائي ڪندو رهان انهي جي لاءِ چاهي منهنجي انهي ڪم جان به هلي وڃي ته به هزارين جانيون قربان پنهنجي سنڌ تان،
    مان هن فورم جي منتظمين کي اهو چوڻ چاهيندس، ته دوکيباز ۽ غدارن جو ساٿ ڏيڻ وارو به غدار آهي. ٻيو اڄڪلهه جي زماني ۾ هر ڪوئي سياڻو آهي.

    اگر منهنجي لکڻ سان ڪنهن جي دل آزاري ٿي هجي ته معاف ڪجو.

    سڄي سنگت کي سلام
    ۽ HaqMojood sindhsalamatsaathsal sadayeen gud
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور

    سنڌ سلامت کان پهريائين به سنڌ سلامت تي يار ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ادا منتظر علي
    شايد توهان سنڌ فورم جي پيا ڳالهه ڪريو
    بهرحال ادا سنڌ سلامت تي اسان اوهان کي ويلڪم چئون ٿا


    [[
    CENTER]URL=http://img268.imageshack.us/i/84000802.jpg/][​IMG][/URL]

    [/CENTER[/CENTER]]

    [​IMG]



    sindhsalamatsaathsal
     
  3. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين منتظر علي صاحب
    وعليڪم سلام سخي پير مولا علي مدد
    سائين توهان کي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي اچڻ تي ڀليڪار عرض ڪيون ٿا ادا اوهان جي ناياب لکڻيڻ جو انتظار رهندو
    پيارا ڀاءُ لڳي ٿو اسان وارو فقير غريب ٿي ويو آهي جو اهڙا سادا گل ٿو وٺي اچي فقير جو به ڏوه نه آهي ڇو ته هئير جون جو مهينو آهي مٿان پري منهگائي جي ڪا انتها نه آهي ماڻهن جي توجه به هئير فقيرن کان گهٽ آهي
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    يار آخري تاريخون آهن ادا:D


    sindhsalamatsaathsal
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    انتهائي خوبصورت نالي ” منتظر علي“ وارا منتظر شال جُڙيو هُجين۔ اسان سنڌ سلامت جا سمورا ساٿي پنهنجي دل جي گهرائين سان توهان کي ڀليڪار چئون ٿا۔ ڌڻي در دُعا ٿا ڪريون ته سنڌ سلامت جي ا'ڱڻ سميت سموري سنڌ توهان لاءِ محبتن ۽ چاهتن جو چمن بڻجي پوي، ڪوبه ڏُک يا ڪوسو واءُ توهان کي نه لڳي شل اسان جي حصي جون خوشيون به توکي ملي پون۔ سدائين پنهنجي پيارن سان آباد هُجين (آمين)
     
  6. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    محترم منتظر علي صاحب
    وعليڪم السلام پير مولا علي مدد۔۔۔۔۔

    ادا منتظر علي اوهان کي هن سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ڀليڪار چئون ٿا۔۔۔۔۔ دوستن اوهان کي پنهنجي روايتي انداز ۾ ڀليڪار ڪيو اڃا ڪجهه دوست اوهان کي پنهنجي ڀرپور تحفن سان نوازيندا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    اوهان جي پهرين ئي تحرير سابه ايتري ته ڳري، کري ۽ سڌي سنئي هئي جو مون به ان کي پڙهيندين، ڪيٻائڻ لڳس پر اوهان سنڌي ۾ هڪ چواڻي ٻڌي هوندي:

    سڌي راند سوٽي جي ٻيڙي ٻڏي کوٽي۔۔۔۔۔۔

    سو سائين جيڪڏهن ائين آهي ته اسان به اصل لڪڻ وانگر سڌا آهيون۔۔۔۔۔۔۔ هن سنڌ سلامت جي دوستن جي محبت جي شايد اوهان کي ڪا خبر هجي۔۔ هن سنڌ سلامت جا پيارا، يا وري سادن لفظن ۾ کڻي ئي سمجهو ته مور، جنهن ۾ ادا نثار ابڙو، ادا نثار ناز، ادا عبدالوهاب، ادا علي علي، ادا ابو زين، ادا عبدالوحيد ڦلپوٽو، المعروف فقير سائين، ۽ هن فورم جو منتظمِ اعلي ادا عبدالرشيد سمون صاحب آهن۔۔۔۔ جيڪي پنهنجي تحريرن ۾ پنهنجي محبت جو مٺاڻ ڀري ڪري هن ساٿ ۾ ونڊيندا آهن، ادا منتظر جڏهن انهن مورن جون تون تحريرون پڙهيون ته پوءِ هر وقت منتظر هوندين ته اهي مور هن وقت ڪٿي پيار پنهنجا پرڙا کولين۔۔۔۔۔۔

    محترم منتظر هن فورم تي نه ڪو ڪنهن سان ڪو بغض رکي ٿو نه وري ڪو ڪنهن کان نفرت ڪري ٿو هرڪو هتي محبتي آهي،،، اوهان جي بقول ته هرڪو هتي حاضر ڀري ٿو سو پنهنجي سنڌ امڙ ۽ پنهنجن سنڌين جي لاءِ ئي سوچي ٿو هي سڀ سنڌ امڙ جا اهي جوڌا آهن جيڪي پنهنجو پيار سنڌين سان ونڊيندين به ڪونه ٿا ڪيٻائين۔۔۔۔ محبوب اسان کي اميد آهي ته اوهان به پنهنجا پيار هن سنڌ سلامت تان نڇاور ڪندو، ۽ اوهان جي دل ۾ پهريون اڀرندڙ نفرتون هنن دوستن جي مدد سان محبتن ۾ تبديل ٿي وينديون۔۔۔۔۔

    shal judy hujeen
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا منتظر جي آئين ڀلي آئين. سنڌ سلامت جي اڱڻ تي خوش آمديد
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو