روبينه ابڙو آ ڪيون سڀ ڊانوان ڊول (نئون نظم) روبينه ابڙو

'سنڌي شاعري' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏18 جنوري 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    [JUSTIFY]محترم سنڌي دوستو ۽ سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم، جيئي سنڌ
    ڪجهه ڏينهن پهرين ڪاوش دنيا ۾ سانئڻ روبينه ابڙو صاحبه جو هي نظم شايع ٿيو هو، دل چاهيو ته انهي نظم کي چتر ڪاري جو روپ ڏجي، پر دنيا جون مصروفيتون ۽ منهنجي سڳي ماما سائين جي مرتيو جي ڪري ائين نه ڪري سگهيس، اڄ ڪجهه واندڪائي جا لمحا ميسر آيا ته ” روبينه ابڙو صاحبه“ جو هي نظم آ ڪيون سڀ ڊانوان ڊول ! جي ڪمپيوٽر چترڪاري ڪري پنهنجي خيالن کي عملي جامون پهرايم، دوستو سانئڻ روبينه ابڙو جديد سنڌي شاعري ۾ پنهنجي مڃتا جدت ۽ تخليق جي سگهاري اُڏام ذريعي نهايت ئي خوش اسلوبي سان ماڻي چُڪي آهي، هن نظم ۾ روبينه ابڙو صاحبه سمپل ۽ ساڌن لفظن ذريعي تمام خوبصورتي سان پنهنجي اندر جو احوال اوريو آهي۔ اسان جي دُعا آهي ته سانئڻ روبينه ابڙو سدائين پنهنجي سوچ جو سفر سنڌ جي سورمي جي حيثيت سان جاري ۽ ساري رکي سنڌ جي خدمت ڪندي رهندي ۽ اسان جهڙا سيکڙاٽ شاعر سانئڻ روبينه ابڙو جي ڪاوشن مان گهڻو ڪجهه حاصل ڪندا رهندا ۽ سنڌ مهڪندي رهندي۔[/JUSTIFY]

    [​IMG]
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: آ ڪيون سڀ ڊانوان ڊول (نئون نظم) روبينه ابڙو

    سائين شاعري ته پنهنجو مٽ پاڻ آهي۔۔۔پر مٿان اوهانجي ڏنل رنگن ته شاعري کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا۔
    تمام بهترين هميشه جيان سر۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: آ ڪيون سڀ ڊانوان ڊول (نئون نظم) روبينه ابڙو

    [justify]سائين محترم ناز صاحب، سڀ کان پهريان ته اوهانجي مامي سائينءَ کي رب العالمين جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۔۔۔آمين

    وڏا وڙ جو اوهان سنڌ جي هڪ سهڻي شاعره جو هڪ انتهائي سهڻن ٻولن ۽ اچن خيالن وارو نظم ونڊ ڪيو آهي ۔۔۔ خيالن جي اوچائي ۽ انهن ۾ موجود فڪر سوچڻ وارو انتهائي ڳوڙهو ۽ انقلابي آهي ۔۔۔

    جڏهن سڀ ڪجهه ڊانواڊول ڪرڻ جهڙو هجي، رنگن مٿان رنگ چڙهيل هجن ۽ خول مٿان خول ته پوءِ اهڙي ماحول کي ڊانواڊول ڪرڻ ئي جڳائي ۽ ان جي مٿان محترمه روبينه ابڙو صاحبه صلاح اها ڏني آهي ته آءُ به لڇان تون به لوچ، آءُ ڪڇان تون به ٻول ۔۔۔

    واه واه ۔۔۔ سائين نظم جي چونڊ ۽ اوهانجي چترڪاري ٻنهي ملي ڪري اسانجي من کي موهيو آهي ۔۔۔ ڪافي ڏينهن کانپوءِ اڄ اوهان آيا پر اصل قرب ڪري ڇڏيا اٿو!

    چڱا ڪن چڱايون ۔۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
    [/justify]
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: آ ڪيون سڀ ڊانوان ڊول (نئون نظم) روبينه ابڙو

    مهرباني مٺا اسان جا عاشق ۔ سانئڻ روبينه ابڙو جي شاعري توهان کي پسند آئي ۽ اسان جا رنگ به توهان کي پسند آيا۔ لک لائق
     
  5. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: آ ڪيون سڀ ڊانوان ڊول (نئون نظم) روبينه ابڙو

    تمام بهترين سائين
    اوهان جون مهربانيون جو اهڙيون سنهري شيون اسان سان ونڊيو ٿا۔۔۔
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: آ ڪيون سڀ ڊانوان ڊول (نئون نظم) روبينه ابڙو

    يار نثار ابڙا بس سانئڻ روبينه ابڙو صاحبه جو خوبصورت ترين نئون نظم ڪاوش دنيا ۾ پڙهيوسين، دل من هنيوسين پي ته اهو نظم جي فارميٽ ۾ آهي يا وري ڪافي يا وائي واري فارميٽ ۾ پر روبينه ابڙو صاحبه جڏهن اها ساڳئي شاعري نئين نظم جي نالي سان ونڊ ڪئي ته ڳالهه ڪنفرم ٿي وئي ته اهو نظم آهي، پيارا نثار زندگي ساري سکڻ جو ٻيو نالو آهي، ڪڏهن اهڙين شاعري جي وصف تي دل دو آرا ۾ تبديل ٿِي ويندي آهي، اسان جڏهن استادن کان شاعري جي ٽيڪنيڪ سکندا هُئاسين ، ته انهن جيڪي ماپا شاعري جا اسان کي سيکاريا اهڙي قسم جي شاعري واري صنف کي ڪافي يا وائي جو نان ڏيندا هُئا، جيئن ته اُستادن جا اهي گُر جيڪي اسان سکيا هُئا انهن کي سکندي 25 سالن کان مٿي ٿِي چڪو آهي، اڄڪلهه جديد شاعري ۾ گهڻو ڪجهه تبديليون اچي چُڪيون آهن، شاعري کي پرکڻ جا ماپا تبديل ٿي چُڪا آهن، سو سانئڻ روبينه ابڙو صاحبه کي جديد شاعري ۾ هڪڙو بلند مقام حاصل آهي، ڏات ۽ ڏان تي سانئڻ کي مڪمل دسترس حاصل آهي، ان ڪري يقين ڄاڻ مونکي ته ايتري خوشي پئي ٿئي جو محترما روبينه ابڙو صاحبه جو هي نظم ڪمپيوٽر جي چتر ڪاري جي صورت ۾ توهان سڀني سنڌ دوستن سان ونڊ ڪيو۔ توهان هن شاعري کي پسند فرمايو ۽ منهنجي غريباڻي چترڪاري تي پنهنجا پسند ڀريا رمارڪس لکيا لک لائق۔
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: آ ڪيون سڀ ڊانوان ڊول (نئون نظم) روبينه ابڙو

    ادا آرزو توهان جي به مهرباني جو توهان اسان جي موڪليل پوسٽن تي پسند ڀريا رمارڪس لکي اسان جي همت افزائي ڪريو ٿا لک لائق ادا۔
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: آ ڪيون سڀ ڊانوان ڊول (نئون نظم) روبينه ابڙو

    سائين نثار ناز سلام

    محترمه روبينه ابڙو سنڌ جي نئين ٽهيء جي انهن شاعرائن مان جن پنهنجي شآعرانه تخليقن ذريعي سنڌ جي معاشري جي خوب عڪاسي ڪئي آهي ۽ سنڌ جي ظلمن جو داستان چٽيو آهي۔

    اوهان جا لک قرب جو اوهان سهڻي شاعريء کي شاندار نموني ڊزائن ڪري اسان سان ونڊ ڪيو آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو