مرحوم علڻ فقير جي نائين (9) ورسي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبدالوهاب طرفان آندل موضوعَ ‏4 جولائي 2009۔

  1. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ٽڙي پوندا ٽاريئين ڪڏهن ڳاڙها گل
    تڏهن ملندا سين۔

    يقينن ماروئڙا سمجهي ويا هوندا ته مٿيان لفظ سنڌ جي سريلي ڳائڻي مرحوم علڻ فقير جا ڳايل آهن، اڄ علڻ فقير جا نائين ورسي جي موقعي تي سندس جو ڳايل گيت پنهنجن سنڌي ماروئڙن جي لاءِ پيش ڪريان ٿو۔

    http://www.youtube.com/watch?v=uahJSlFWWGY
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا وهاب اسان کي اهو ته ياد ئي نه هو ته ڪو مرحوم علڻ فقير جي نائين ورسي آهي مرحوم کي الله پاڪ جنت فردوس ۾ جڳهه عطا ڪري
    مرحوم سنڌي ثقافت جو هڪ ناياب ورسو هو
    تمام بهترين شيئرنگ آهي ادا
     
  3. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جس هجي اوهان کي ادا جو اوهان پنهنجي سنڌين فنڪارن ۽ سنڌ واسين سان ايتري محبت رکو ٿا جو انهن جي باري ۾ اهڙي ڄاڻ رکو ٿا۔۔۔ سچ پڇو ته پاڻ کي به علڻ فقير جي ورسي جي ڪو به علم نه هئو۔۔۔ مهرباني ادا۔۔۔۔۔
    لک قرب ادا۔۔۔۔۔
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ادا وهاب علڻ فقير جي نائين ورسي تي توهان ۽ ساٿ کيس ياد ڪيو ۔۔۔ اسان به سندس لاءِ الله پاڪ جي دربار ۾ دعا گهري۔۔۔۔ علڻ فقير اسان جي ثقافت جو ورثو هيا۔۔۔ سندن پٽ ۽ ڀاءُ به سندس پيروي ڪئي آهي۔۔۔۔ هيٺ ڳنڍيل ونڊوز کي ڏسي ٻڌايو ته اهي سندن پيروي ڪندي ڪيترو ڪامياب ويا آهن۔۔۔۔

    http://www.youtube.com/watch?v=Q0zuMCkHsJs
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا وهاب اسان جا ذهن هاڻي زنگجي چُڪا آهن جو اهڙن سُٺن ۽ شاندار سنڌي ڪلاڪارن جو پنهنجي قلم سان ڪو ليک ، سندن ڪا ساروڻي نه لکي سگهياسين، توهان کي شاباس هُجي جو توهان مرحوم مهان فنڪار علڻ فقير جي ورسي تي کين ياد رکيو۔
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    مرحوم سائين علڻ فقير کي رب العزت، جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ کيس پنهنجو ديدار نصيب ڪري ... ڇاڪاڻ سائين علڻ پنهنجي سمورو عمر اکيون آسمان ۾ اٽڪائي محبوب جي ديدار جن صدائون ڪندو رهيو هو ...
    ٽڙي پوندا ٽارينءُ جڏهن ڳاڙها گل، تڏهن ملنداسون ...

    سندس لاش مٿان ڳاڙها گل ڏسي ايئن لڳو هو ته سندس محبوب سان ميلو ٿين وارو آهي ... ۽ اميد آهي ته سندس ميلو ٿيو به هوندو ... ”جهڙا روح تهڙا ختما“ ...
    ادي رشيد جي اها خبر به انتهائي وڻندڙ ۽ حوصلو ڏيندڙ آهي ته سندس پٽ ۽ ڀاءُ پڻ پيروي ڪري رهيا آهن ... سندن آواز به سهڻو آهي ۽ ڏيک به فقير جهڙو آهي ... مهرباني ادا رشيد ۽ ادا عبد الوهاب
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو