سلام خان
آخري سرگرمي:
‏6 جولائي 2011
شموليت:
‏21 فيبروري 2011
تحريرون:
38
ورتل پسنديدگيون:
2
ايوارڊ جون پوائينٽون:
0

هن صفحي کي مشهور ڪريو

مالي سھائتا ڪندڙ

سلام خان

نئون رڪن

آخري دفعو سلام خان کي ڏٺو ويو:
‏6 جولائي 2011
    1. Rab Nawaz Dars
      Rab Nawaz Dars
      السلام عليڪم دا
    2. اسلم
      اسلم
      اسلام عليڪم مان محمد اسلم ڀٽو سڪر جو سلام
    3. ذيشان رشيد
      ذيشان رشيد
      دوست سلام خان ۔۔۔۔ سنڌ سلامت فورم تي ڀلي ڪري آيا۔۔۔

      ادا توهان غلطي سان پنهنجا سمورا موضوع پنهنجي پروفائيل ۾ کليل پيغامن ۾ موڪليان آهن ۔۔۔۔ توهان کي گهرجي ته سڀ کان پهريان هتي ڪلڪ ڪري نئون موضوع موڪلڻ جي طريقي ڪار کان معلوم ٿيو۔۔۔
      جڏهن ته هتي ڪلڪ ڪري سنڌ سلامت فورم بابت مڪمل سکيا پڻ حاصل ڪري سگهو ٿا۔۔۔
    4. سلام خان
      سلام خان
      8_ زندگي جو خلاصو:

      زندگي ٻه ڏينهن آهي،

      هڪ ڏينهن تنهنجي فائدي ۾ ۽ هڪ ڏينهن تنهنجي نقصان ۾ جيڪو ڏينهن تنهنجي فائدي ۾ هجي ته خوش نه ٿيءُ ۽ وري جڏهن دنيا توکان منهن موڙي ته رنج نه ٿيءُ ڇو ته هر صورت ۾ ٻئي ڏينهن ته ڏسڻا اٿئي.

      9_ ڀلائي ۽ مشورو:

      جيڪو ڀلائي جي واٽ هلندو ڪڏهن به پريشان نه ٿيندو۽ جيڪو به مشوري سان ڪم ڪندو ڪڏهن به پشيمان نه ٿيندو.
      10 _ شهرَ ڇو آباد آهن؟

      شهرَ محبت ۽ حب الوطنيءَ جي ڪري آباد آهن.

      11 _ علم جا قسم:
      علم جا ٽي قسم آهن

      1_فقه, دين لاءِ

      2_طبابت، جسم لاءِ

      3_ علم نحو(گرامر)، زبان لاءِ
    5. سلام خان
      سلام خان
      امام حسين عليه السلام جن فرمايو :

      1_ يقينا اسان جا شيعا اهي آهن جن جي دل هر طرح جي دوکي، فريب ۽ چالاڪيءَ کان پاڪ هوندي آهي.

      2_ سڀ کان گھڻو ضعيف اهو انسان آهي جيڪو دعا ڪرڻ ۾ سستي ڪري.
    6. سلام خان
      سلام خان
      6_ دوستي جا به ڪجھه اصول آهن.

      پنهنجي دوست جي دشمن سان دوستي نه ڪر،ڇوته ائين ڪري پنهنجي دوست سان دشمني ٿو ڪرين.

      7_ صبر جا قسم:

      صبر ٽن طريقن جو آهي:

      مصيبت تي صبر، اطاعت تي صبر ۽ گناه کي ترڪ ڪرڻ تي صبر.
    7. سلام خان
      سلام خان
      امام علي عليه السلام جن فرمايو:
      1_ بهشت جون چاٻيون:

      لڪائي نيڪي ڪرڻ، مصيبت ۾ صبر ڪرڻ، مشڪلات ۾ پاڻ تي قابو رکڻ (هر ڪنهن جي سامهون وڃي زبان نه کولڻ نه وري شڪايت ڪرڻ)
      2_ زاهد ڪير؟

      زاهد اهو آهي جنهن جي صبر تي حرام غالب نه اچي سگھي ۽ حلال، شڪر جي ادائگيءَ ۾ مانع نه ٿئيس.

      3_ انسان جي قيمت:

      جيڪو انسان جيترو نيڪ ڪم ڪري ان جي قيمت اوتري ئي آهي.
      4_ ڪير عالم باعمل؟

      ڇا توهان کي هڪ عالم باعمل کان آگاه نه ڪريان؟

      اهو عالم با عمل آهي جيڪو ماڻهن کي خدا جي نا فرمانيءَ جي اجازت نه ڏيئي (ماڻهن جي رضايت يا شهرت وغيره لاءِ خدا جي حڪم جي مخالفت نه ڪري ،نه چوي)۽ ماڻهن کي خدا جي رحمت کان مايوس نه ڪري نه وري خدا جي عذاب کي بيان ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڪري، ان جو سڀ ڪجھه قرآن ڪريم هئڻ گھرجي، عبادت جو روح علمي جاکوڙ(تفقه) آهي ۽ ان علم ۾ خير ناهي جنهن ۾ فڪر نه هجي، قرآن ڪريم تدبّر کان سواءِ پڙهيو وڃي ته ان ۾ ڪو فائدو ناهي.

      5_ مولا جي پريشاني!

      توهان جي ٻن ڳالهن لاءِ پريشان آهيان!

      1_ ڊگھيون خواهشون!

      2_ نفس جي پيروي!

      وڏيون خواهشون آخرت کي وسارڻ جو سبب ٿينديون آهن ۽ نفس جي پيروي حق تي هلڻ ناهي ڏيندي.
    8. سلام خان
      سلام خان
      سلام۽ ياعلي مدد
      الله سائين توهان سڀڻي پائرن ۽ سنڌ سان سان محبت ڪندڙ دوستن کي خوش رکي
  • لوڊنگ ٿي رهي آهي...
  • لوڊنگ ٿي رهي آهي...