تون سَمو سردار، آءٌ ميئي مھاڻي آھيان؛
تنھنجيءَ شفقت مِھر جو، آھي ڪو نه شُمارُ؛
گنديءَ گاندَر گھر کان، ڪيو ساري عالم عارُ؛
مٿي تَنھن مَدارُ، تو ساريءَ ڪينجھر رکي.
2
تون سَمو سائين، آءٌ ميئي مُھاڻِي آھيان؛
مون لَڄ رھائين، جو پَلءِ لڳيس تانھنجي.
آءٌ ميئي مُھاڻِي، تون سَمو ساري سَر جو؛
قرب منھنجو ڪھڙو، ڄاڻيو ٿو ڄاڻِي؛
کارِي سرِ کنيم ٿي، ڇِڇيءَ، کِکِيءَ ھاڻِي؛
راجا تنھنجي راضَ سان، ٿيس راڻِنِ جي راڻِي؛
تو سَما سِيباڻِي، نه ته ھيس بيھودي بڇڙي.