احمد ناياب

پروفائيل جون تحريرون نواڻ تحريرون بابت

  • هر سور آ سهندي نياڻي آ،
    ڄڻ ڪا اخبار پراڻي آ۔

    هر ڏينهن لڄالٽ جا قصا،
    هر روز نئين آکاڻي آ۔

    آ ڪارو ڪاري ڇا معني؟
    هئ ڪنهن جي ديس ڪهاڻي آ ؟

    سامائي سڀ جي نظرن ۾،
    ۽ تنهن کان پوء وڪاڻي آ۔

    تو رت وهائي عورت جو،
    ڏس ڪهڙي غيرت ماڻي آ۔

    شاعر ۔۔۔ احمد ناياب
  • لوڊنگ ٿي رهي آهي…
  • لوڊنگ ٿي رهي آهي…
  • لوڊنگ ٿي رهي آهي…
Back
Top