abdullah
نئون رڪن
- آخري دفعو abdullah کي ڏٺو ويو:
- 8 جون 2012
- لوڊنگ ٿي رهي آهي...
- لوڊنگ ٿي رهي آهي...
-
بابت
خضدار(رپورٽ عبدالله خدراني)پير گل محمد جان نقشبندي جي سالانه عرس مبارڪصوفين، برزرگن ۽ اوليائن جي ديس بلوچستان جي ڌرتيءَ تي هونئن ته کوڙ ساريون شخصيتون جنم وٺي چڪيون آهن جن جي قول، فعل ۽ ڪردارتوڙي عظمت، انهن شخصيتن جي جڳ مشهور شهرت ئي آهي پر انهن جي اعلى ڪردارن سبب خود بلوچستان ڌرتيءَ کي به انهن تي فخر رهيو آهي، اهڙن عظيم ۽ اعلى مرتبي وارن انسانن ۾”حضرت پير گل محمد جان نقشبندي“جو شمار بهٿئي ٿو، پير گل محمد جان نقشبندي پنهنجي دؤر جو عظيم ۽ صابرين درويش بزرگ توڙي بلوچستان جي وڏي اوليا الله طور پڻ سُڃاتو وڃي ٿو.جهنن ٻين بزرگن ۽ درويشن جي پيروي ڪندي پهنجي جمار مالڪ حقيقي ۽هن جي پيغام ڪئي عام ڪرڻ ۾ گزايو آهي. ”حضرت پير گل محمد جان نقشبندي“ سموري حياتي فقر ۽ فاقي ۾ گُذاري، سندس گُذران پوکي ۽ آبادگاريءَ تي هو، آمدني قليل هوندي به سوالين جي حاجت مندي ضرور پوري ڪندا هئا، مرقع اخلاق، مجسمه علم ۽ حلم هئا، ڪنهن به روايتي مدرسي يا مڪتب کان علم حاصل ڪونه ڪيائون پر علم سان مالا مال، سندس صبر، استقامت ۽ حلم اڄ به سڄي بلوچستان ۾ ضرب المثل آهي. پهاڙن جي ديس بلوچستان جي تاريخي شهر خضدار جي تعلقي وڊ جي علائقي ڪاڪا هير ۾ پير خواجه گل محمد جان نقشبندي جي سالانه مبارڪ جي روحاني و وجداني تقريب ٿي گذري.جنهن ۾ پوري پاڪستان کان مشهور و معروف مشائخ عظام ۽ علماءِ ڪرام تشريف فرما ٿيا۽ هزارن جي تعداد ۾ عقيدت مندن شرڪت ڪئي.عرس مبارڪ جي روحاني و وجداني تقريب جي افتياح درگاه جي گادي نشين پير الحاج غلام قادر جان نقشبندي مزار تي چادر چاڙهي ڪئي.شريڪ مشائخ عظام ۽ علماء ڪرام جن ۾ صاحبزاده پير سيد شجاع الحق شاه نوراني، استاذ العلماء مفتي حبيب احمد نقشبندي، صاحبزاده عقيل جان نقشبندي،مولانا محمد اقبال نقشبندي ،خليفيه علي محمد جمالي ،مفتي محمد وارث قلندراني کان علاوه گهڻي تعداد ۾ پيران ڪبار ۽ علماء ڪرام تشريف فرما ٿيا. جن مان اڪثر علماء و مشائخ بيان به فرمايا. خصوصي خطاب مفسر قرآن حضرت علامه حبيب احمد نقشبندي فرمايو.۽ آخر ۾ حضرت پير الحاج غلام قادر جان نقشبندي پنهنجي روحاني وجداني و عرفاني بيان سان عوام جي سينن کي منور فرمايو ۽ دعا خير فرمائي.عرس مبارڪ ۾ شرڪت ڪندڙ عقيدت مندن لاءِ درگاه انتظاميه پاران في سبيل الله رهائش ۽ لنگر جو انتظام ڪيو ويو.ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته بلوچستان جي هن عظيم اولياءَ ۽ صابرين بزرگ جي درگاهه جي نئين سري کان تعمير ڪرائي زائرين کي سهوليتون مهيا ڪري ڏنيون وڃن.