جڏهن توکي الله جو ذڪر ڪرڻ ۽ ٻڌڻ ڀلو لڳي ته ڄاڻي وٺ ته توکي الله سان ۽ الله کي توسان محبت ٿي چڪي آهي...!!
توهان ڪيترا به اعلى ڪردار، پاڪباز ۽ بهترين انسان هجو پر پوءِ به توهان کي اهو اختيار حاصل ناهي ته توهان ٻين کي بدڪردار ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.
نيت ڪيتري به ڀلي هجي دنيا توکي تنهنجي ڏيکاءَ سان سڃاڻندي آهي.. ۽ ڏيکاءُ ڪيترو به ڀلو هجي الله پاڪ توکي تنهنجي نيت سان سڃاڻندو آهي..
جنهن کي رسول پاڪ صلي الله عليه والسلم جن سان محبت جيتري قدر هوندي ... سندس اخلاق پڻ اوتري قدر هوندو... !
رب پاڪ دوزخ اسان کان ڪافي پري رکي ... پر...... اسان انسان ئي آهيون جيڪي ان جي طرف ڊوڙندا پيا وڃون.... !
دنيا ۾ سٺن ماڻهن جي گهٽتائي ناهي.. بس انهن سان ملاقات اٺن ڏهن خراب ماڻهن سان ملڻ کان پوءِ ٿيندي آهي... !
عقل جون ڪروڙين دليلون الله کان هڪ گناهه به معاف نه ٿيون ڪرائي سگهن.. پر ندامت جو هڪ ڳوڙهو ممڪن آ پوري زندگيءآ جا گناهه معاف ڪرائي ڇڏي...!