ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن جي خوشي جا ڳوڙها ڏسي تنهنجو نفس ڪيڏو نه سرشار ٿي ويندو آهي.. ۽ تنهنجو رب توکي ڪيڏو نه ويجهو لڳندو آهي..
ڏکيو وقت هميشه گذري ويندو آهي... ۽ سڀ ڪجهه ٻيهر ٺيڪ ٿي ويندو آهي.. بس انسانن جو ظرف آزمائڻو هوندو آهي... رب پاڪ طرفان..!!
آخر ڪار وقت لٽي ڇڏيندو آهي.. يادن کي، ماضيءَ کي، آرزن کي، علطين کي، چاهتن کي ايستائين جو رشتن کي به... !!
گهڻو ڪَڙوو سهي پر اهو ئي وڏو سچ آهي ته جيڪو لمحو گذري وڃي اهو چاهي ڪيترو به مقدس، قيمتي يا خوبصورت هجي ڪڏهن به واپس نه ورندو..!!