- آخري سرگرمي:
- 24 فيبروري 2021
- شموليت:
- 23 مارچ 2020
- تحريرون:
- 6
- ورتل پسنديدگيون:
- 0
- ايوارڊ جون پوائينٽون:
- 41
- جنس:
- مرد
- سالگراه:
- 1 فيبروري 1982 (عمر: 42)
- ماڳ:
- نوشهرو فيروز
- ڌنڌو:
- Advocate
نور راچپر
جونيئر رڪن, مرد, 42, ماڳ: نوشهرو فيروز
نور راڄپر 23 مارچ 2020
- آخري دفعو نور راچپر کي ڏٺو ويو:
- 24 فيبروري 2021
- لوڊنگ ٿي رهي آهي...
- لوڊنگ ٿي رهي آهي...
-
بابت
وجوديت
عام طور تي هن اڌ سچ کي قبول ڪيو ويندو آهي ته وجوديت روايتي سطح تي اُن اولھ سلسلي هاء فڪر جو رد عمل آهي ـ ۽ هي به چيو ويندو آهي ته وجود ئي معقوليت (Rationality)جو ردعمل آهي جنهن جو بنياد معقوليت تي رکيو ويو هو ، ڊيڪارٽ ، ڪانٽ ، هيگل ۽ مارڪس جي پيش ڪيل منطقي مسئلن Existentialist Philosophy جو پيش خيمو آهي پر اُنهن ٻن انتهائي مفروضن جي وچ ۾ هڪ ٽيون سچ به پنهجي جڳھ چاهي ٿو ـ چئي سگهجي ٿو وجوديت نه ئي فلسفو آهي نه ئي فلسفياڻو ردعمل(Revolt ـ پر هي هن ڪائنات ۾ انسان جي موجودگي جو اعلان آهي ـ هي فلفسياڻِ سطح تي اُن فرد جي شعور Self Consciousness جو نوحو آهي جيڪو مارسل Marcel جي ٽٽل پٽل دنيا ڊي بوار De-Beauvior جي غير يقني دنيا يعني Ambiguous World مارلو پوٽني جي دنيا ئي منتشر مينا پڻي جڳھ ڳولهيندو رهندو آهي ، ڇو ته هائيڊ گر Hedegger جي بيان مطابق هن ڪائنات ۾ اُڇليو ويو آهي ۽ هاڻي اُن تي هي سزا عائد آهي ته هو اُنهي حالت ۾ زنده رهي ـ سارتر جي فسلفي آزادي جي ارادي Fee-wil سان گڏ جنهن جو انجام ڪاميو Camus جي ويجهو ماورائي گمان آهي هي اُهو رويو آهي جيڪو انساني دنيا ۾ عدم فيصلگي جي نشان دهي ڪري ٿو ۽ انسان موجود و لا موجود جي چوڦير چڪر لڳائيندو رهندو آهي ـ ڪڏهن هو سبب ڳوليندو رهندو آهي ـ ڪڏهن خدا کي آواز ڏيندو آهي ـ ڪڏهن حاڪميت جا خواب ڏسندو آهي ، ڪڏهن تاريخ جا ورق ورئايندو آهي ڪڏهن ڪار هاء خاص جي چونڊ ڪندو آهي ، ڪڏهن روايتن سان ناتا جوڙيندو آهي اُن کان سواء به اُن جي خيالن جو هڪ جهان ، سدائين اُن جو منتظر رهندو آهي جئين هو پنهجي زات جي سببن جي جڙڻ جي ڳولها ڪري سگهي ـ
هو سدائين اُن مخمصي ۾ گهريو پيو هوندو آهي ته اُهو ڪير آهي جنهن هن کي هن دنيا ۾ آندو آهي ـ اُن جو خالق اُن جي نظرن کان اوجهل ڇو آهي ، هن کي هن دنيا ۾ اڻڻ کان پهريان اُن سان ڇو ڪونه مشورو ڪيو ـ جڏهن اُن کي موت سان ئي هم ڪنار ٿيڻو آهي ته پوء زندگي جو جواز ڇا آهي ؟ اُن جي ذاتي فيصلن جي حيثيت ڇا آهي ؟ اُن جو مقصد ڇا آهي ؟ اُن جي قسمت ڇا آهي ؟ انسان ۽ فطرت جا گڏيل قدر ڇا آهن ؟ حرڪت توانائي شئين ، عمل ۽ فڪر جا تضاد ڇا آهن ؟ هن ڪثير المقصد دنيا ۾ اڪيلي انسان جو وجود ڇا آهي ؟ هي اڪيلي وجود جي طور تي فرد ڪيهڙن قدرن جو حامل آهي ؟ اُن جي ذاتي چونڊ ، ذاتي حزن ، ذاتي اخلاق ، ذاتي روابط ، ذاتي نجات ڪيهڙو درجو رکندي آهي ؟ اُنهن سوالن جي دائرن ۾ گهمندڙ انسان پنهنجو مرڪز ڳولها ڪندو آهي ته اُن کي اندازو ٿيندو آهي ته ڪيهڙي اصل صداقت جو تعين اُن وقت تائين اڻپورو آهي جيسيتائين هو پنهجي حياتياتي قدر متعين نٿو ڪري ـ وجود جيڪو هر مقدم سان ماڻهو جي وجود جي معني ۽ اهميت جي بنيادي دريافت وجوديت جو جوهر آهي ، جنهن جو سلسلو آزادي فڪر ۽ نظر ياتي ڪوششن سان جوڙي سگهجي ٿو ـ ايچ جي بليڪهم H.J. Blackham پنهجي ڪتاب ڇھ وجودي فلسفي Existentialist thinkers ۾ لکهي ٿو ته ـ وجوديت سترنيهن صدي جي صوفي شاعرن جي شاعرياڻي تخليقات جي وانگر تضادن ۽ جبر جو نتيجو ء فڪر ناهي جيڪي اُن خدا جي لاء ماتم برپا ڪري رهيا هئا جيڪو پهريان کان ئي اُنهن جو ملجاو ماوي هو ، بلڪي اُن کي پال ڪيلي جي جديد رويو قرار ڏئي سگهجي ٿو ـ هڪ اهڙو ماهراڻو تجربو جنهن جون انتظامي معاملن جون ڪيتريون جهيتون آهن ، جنهن کي عدم تسلسل جي باوجود هڪ ظاهري ساخت عطا ڪئي وئي آهي ـ جنهن جي شروعات آزاداڻي چونڊ جي قانون سان ٿي آهي ۽ جنهن کي روايتي جذب کان سواء هڪ تجرباتي عنصر جي شڪل ڏني وئي آهي جيڪو هاڻِي هڪ علامت آهي بلڪي حيرت انگيز دريافت جيڪا پنهجي موجودگي سان متاثر ڪندي رهندي آهي ـ
وجوديت ٻين نظرياتي فڪرن وانگر پنهجو هڪ سائنسي نظام رکندي آهي جنهن جو ڪم آهي ته تهذيبي روين کي اُنهن جي مخصوص حالتن ۾ هڪ مخصوص شڪل ڏيڻ ۽ پوء اُن ئي مخصوص شڪل جي طفيل پنهنجو مدعا بيان ڪرڻ ، ظاهر ۾ ته ائين لڳندو آهي ته وجوديت هر قسم جي تجريدي منطقي ۽ سائنسي فلسفي جي نفي آهي هو عقل جي مطلقيت کان انڪاري آهي ، تنهن هوندي به اُن جي تقاضا آهي ته فلسفي کي فرد جي زندگي تجربي ۽ اُن تاريخي صورت حال سان مربوط هجڻ گهرجي ، جنهن ۾ فرد پاڻ کي پائي ٿو ـ ڇو ته فلسفو ظن و تطمين جو کيل ناهي ، پر هڪ طرز حيات آهي ـ هي سڀ ڪجھ لفظ وجود ۾ مضمر آهي ـ وجودي اعلان ڪري ٿو ته هو معروضي دنيا جي بدران صرف پنهجي تجربي کي حقيقي ڄاڻي ٿو اُن جي ويجهو ذاتي ئي حقيقي آهي هو پنهجي بي مثال انفراديت تي اصرار ڪندي فطرت ۽ طبعي دنيا جي عمومي خصوصيتن جي مقابلي ۾ پنهجي وجود کي اساسي حيثيت ڏئي ٿو ـ رابرٽ سي سولومان پنهجي ڪتاب هيگل کان وجوديت تائين ـ ۾ لکهي ٿو ته ـ هتي فرد هڪ نتيجي جي طور تي ظاهر ٿيندو آهي بلڪي اُن کي هڪ قانون سمجهڻ گهرجي ؛ـ انساني زندگي بي شڪ هڪ منافقڻي طرز عمل جي زندگي آهي ، هتي انسان نيڪي ۽ بدي جي آويزش جي سبب پنهجي لاء ڪيترائي لاحق تراشيا آهن ـ هي لاحق پنهجي نگاھ ۾ اُن جا درجا بلند ڪن ٿا ـ ڪڏهن هو مادر ائي انسان هيرو بنجي ٿو ـ ڪڏهن پيغمبر ڪڏهن انقلابي ، ڪڏهن يوگي ته ڪڏهن ڪافر ۽ ڪڏهن مسخرو ـ هتي ئي ڪٿي من و تو جي ويڙھ ۽ مون مان ئي اسين بنجڻ جي تمنا جو پيڇو جو فرض انجام ڏئي رهيو آهي ـ هي من و تو هي مان ۽ اسين حاڪمن جو فريضو انجام ڏئي رهيا آهي ـ هي من و تو هي مان ۽ اسان حاڪمن بالا ، پبلڪ عوام الناس ، بورزوائيت پرولتاريه . ظالم ، مظلوم آجر و اجير جي طبقن ۾ ورهايل آهيون ـ جئين جئين ڪائنات جو دائرو تنگ ٿئي ٿو ، فرد جي اجتماعي طاقت گڏ ٿي ڪري مزاحمت ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي ، تڏهن فرد جي اندر احساس زميواري ۽ جواب دهي جا جذبا جاڳن ٿا ـ
هو دنيا کي وڌ کان وڌ طاقت ور ڏيکارڻ چاهيندو آهي هو سمجهندو آهي ته هو ماڻهن ۾ رهي ڪري اُنهن کان مادرا ٿي ويو آهي ۽ اُن مادرايت سان انکي يگانگت جو اُهو درجو ميسر ٿي ويو آهي جنهن تي خدا متڪمن آهي ـ وجودي طرز فڪر رکڻ وارو يگانگت جي اُن مرحلي تي پنهنجو پاڻ کي ڏاڍو شائسته ۽ ذي حوس سمجهندا آهن ـ ڪير يگارڊ جا طنزيه اسلوب ۾ نطشي جي زرتشت جي اڪيلائي ۽ ديوانه فرازنگي ۾ دوستو وسڪي جي تھ خاني جي ماڻهو ۾ سارتر جي ناول ناسيا جي مندر ج منافقت ۾ ڪاميو جي سس فس جي ڪهاڻي يگانگي يگانگت ۽ ماورايت جون تمثيلين ڏسي سگهجن ٿيون ـ گهڻن ئي وجوديتن جو خيال آهي ته هر انساني عمل ۽ رويو دراصل ۾ هڪ سلسلو چونڊ آهي ـ دوستوسڪي چوي ٿو ته پنهجي زات جو شعور هڪ طرح جي بيماري آهي ـ نطشي اُن کي شعور بد جو نالو ڏئي ٿو ـ ڊيڪارٽ ڪانٽ هيگل اُن کي شعور زات کي ڪائنات جي بنيادي سچائي ۽ ڄاڻ قرار ڏين ٿا ـ پر هي شعور زات ڄاڻ حاصل ڪري اُهو وقت اُها تاريخ زندگي ۽ تنفس جي تاني باني جو مقروض آهي ، ڇو ته ڪائنات جو ڦيٿو اُلٽو نٿو هلي سگهي ـ هاڻي ڪو پنهجي نه هئڻ جي نفي ڪري ، پنهجو پاڻ کي گيهلندو رهي ، زمين تي رينگندو رهي يا خودڪشي جي باري ۾ سوچي ، اُن کي پنهنجو پاڻ سان گڏو گڏ ڪائنات جي موجودگي جو اعتراف به ڪرڻو ئي آهي ـ هي اعتراف بسرل جي لفظن مينڪسي ٻئ شئي جي ڄاڻ جو شعور آهي ـ ڪريگارڊ مارسل بوبر ۽ جيسپرز اُن کي خدا جو شعور چون ٿا ، جڏهن ته هائينڊيگر سارتر ، ڪاميو مار لو پانٽي سيمون ڊي بوائر وٽ هي دنيا جو شعور آهي ، هي جذباتي شعور سدهارٿ جو نروان آهي هرمن آهي جيڪو جتي گم گشته آهي پر سدهارٿ ۽ ۽ هي سي جي زاتي گم شدگي اسان جي وجوديت جو وڌيڪ ساٿ نٿي ڏئي سگهي ڇو ته وجوديت جو رشتو بني نوع انسان جي سان گڏ مشروط آهي . جئين ڪاميو جو خيال آهي ته وجوديت اسان جي ضرورت سان ٻڌل آهي ـ سارتر جا ڪيترا ئي ڪردار هڪ اهڙي جهنم ۾ آهن جتان کان نڪرڻ جو ڪو رستو ناهي ـ شرط انساني زندگي جي پيش منظر کي وڌيڪ تڪليف ده ڪري ٿو ـ
شعور ذات جي يخ بستگي ي شرمندگي ۽ ڪش مڪش جي باوجود انسان کي زنده رهڻ جي لاء ڪجھ نه ڪجھ ڪرڻو آهي ـ ڪريگارڊ زندگي کي هڪ اهڙي فلم قرار ڏئي ٿو ، جنهن جي ڏسندڙن تي فرض آهي ته هو اُن کي ڏسن ۽ پوء اُن جي محرومين تي ڳوڙها ڳاڙيندي مسرت محسوس ڪن ـ زندگي جي اُن ڊرامي جي پڇاڙي ڇا آهي ، سواء اُن جي ته هر فرد پنهجو پاڻ کي ڊرامي جو هيرو سمجهي جيڪو هڪ ئي وقت دانائي رازبه آهي ته وري مسخرو به ، بلڪي هڪ جهان معني ـ شعور ذات جتي مادريت جي علامت آهي اُتي شرمندگي ۽ احساس گناھ به ، اُن جي ٻٽي روپ ڪيترن ئي وجوديتن کي پريشان ڪيو آهي ـ اُنهي جي لاء جديد وجودي اُن کي صورتحال جي شعور جو نالو ڏين ٿا ـ ڇو ته انساني زندگي گهڻن ئي مفروضن ، خدشن ۽ وسوسن تي پنهنجو مدار رکندي آهي ـ اُنهي جي ڪري صورتحال جون ترجيحون به بدلجنديون رهنديون آهن ـ ڏسڻو هي آهي ته ڪو شخص ذاتي خوشي ، ذاتي مسرت ، ذاتي دلچسپي ۽ اخلاقيات جا ڪيهڙا درجا مقرر ڪري ٿو ۽ اُن ۾ ٻين جي موجودگي کي ڪيتري اهميت ڏئي ٿو ـ ذاتي ظن و تخمين جي اُن عمل ۾ مذهبي رستا ڪنهن حد تائين مسدود ٿي چڪا آهن ـ هي هڪ طرز جي فلسفياڻي خودڪشي آهي يا ٿي سگهي ٿو ته ڪافڪا جي ناول ٽرائل (مقدمو) جو منفرد ڪوڙ ـ نطشي جو چوڻ آهي ته هي اُهو آهي جيڪو تاريخ ۾ لکيل ناهي ، ، ڳولها ڪري سگهجي ٿي ـ جيوڻڪ شئين جي موجودگي کان وڌيڪ اهم اُهو سلسلو جستجو آهي جيڪو انسان کي زنده رکندو آهي ـ اُنهي لحاظ کان چئي سگهجي ٿو ته وجوديت ڪا محلول ناهي جنهن کي بوتل ۾ بند ڪري اُن تي ڪو ليبل لڳائي ڇڏجي بلڪي هي تاثرن ۽ واقعن جو هڪ اهڙو سلسلو آهي جنهن جي هر لمحي صورت بدلجي ويندي آهي ـ ڪريگارڊ اُن کي حيات سرمدي جي خواهش چوي ٿو ـ هائيڊگر اُن کي خدا جي اُسيڙي سان ڀيٽ ڪري ٿو ـ سارتر اُن کي دنيا ۾ اُڇلايل جي لغويت قرار ڏئي ٿو جنهن جي ناگهانيت گهن ، متلي ڪراهت ۽ بدبو جو شعور پيدا ڪري ٿي. هي ٻين جي اکين مان ڇلڪڻ وارا ڇين آهن جيڪي حزن ياس ، يزمردگي نا اُميدي لاتعلقي ۽ تاسف جي ڪيفيت پيدا ڪن ٿا ـ
حبيسپرز اُن شعور کي تجديدي مقامن تائين وڃڻ وارو مخفي اشارو سمجهي ٿو جنهن جو تال به جز مايوسي ۽ ناڪامي ڪجھ ناهي ـ مارسل وٽ هي شعور ابديت جو مستقل طواف آهي جنهن جي انتها موت آهي ـ يورپ جي فڪري تاريخ ۾ وجوديت جي فلسفي کي امتيازي مقام پهرين عالمي جنگ کان پوء ئي حاصل ٿيو ـ عقل پرستي جي شديد رجحان ۽ سائينس تي بي پناھ اعتماد ، روايتي فڪر جي هڪ خاص درجي بندي ڪري رکي هئي ، جنهن ۾ انسان جي بدران شئين جي ضرورت تي زور ڏنو پئي ويو ـ ، ڇاڪاڻ ته صنعتي معاشري جي عدم شخصيتکي جنم ڏيڻ واري قوتن جي خلاف هڪ فڪري بغاوت جي ضرورت سمجهي وئي ـ وجودي اُن جي آزادي سلب ڪري رهيا هئا ، جنهن جي ڪري معاشري ۾ اڪيلائي ۽ بيگانگي جو عمل دخل وڌي رهيو هو ـ انسان مذهب کان بيگانو ٿي ويو آهي ، اُن جي چئني پاسن کان تاريکي آهي ، اخلاقيات تباھ ٿي چڪي آهي خدا محض هڪ طفل تسلي آهي ، دنيا جو شڪنجو ڏينهون ڏينهن تنگ ٿيندو پيو وڃي ـ جنهن جي نتيجي ۾ هڪ رد عمل شروع ٿيو سوال اُٿاري سگهجي ٿو ته هي ردعمل ڪنهن جي خلاف هو ؟ يقنين اُن فلسفياڻي طرز زندگي جي خلاف جتي فلسفو ارضي رشتي کي ٽوڙي ڪري آسمانن تي جلوه فگن ٿي ويو هو ـ هي فلسفو فرد واحد ، اُن جي اهميت يا اُن جي مسئلن جي باري ۾ ڪجھ نه پئي ڪري سگهيو ـ وجوديت جي پيروڪارن فرد واحد ۽ اُن جي گونا گون مسئلن کي پنهجي ڌيان جو مرڪز بنايو ، جنهن جي ڪري عوامي سطح تي اُن فلسفي کي مقبوليت جو درجو حاصل ٿيو ـ وجودين پنهجي فڪر کي ماڻهن تائين پهچائڻ جي لاء فلسفياڻي مباحثن کان وڌيڪ شاعري فڪشن تنقيد ريڊيو ٽيلي ويزن ۽ انٽريوز جيهڙن وسيلن کان ڪم ورتو جنهن جي ڪري هي فلسفو هڪ تحريڪ جي صورت اختيار ڪري ويو بلڪي فيشن جي طور تي وجودي اصطلاحون استعمال ٿيڻ لڳيون ـ سارتر جي مطابق اڪثر ماڻهو جيڪي اُن لفظ وجوديت جو استعمال ڪرڻ جا عادي آهن ، اُن جو مطلب پڇڻ تي پنهجا بغل وڃائڻ لڳندا آهن ـ
ڇاڪاڻ ته هاڻي اُن لفظ جو استعمال فيشن بنجي ويو آهي اُنهي ڪري ماڻهو وڏي مسرت سان اعلان ڪندا آهن ته ڦلاڻو ڦلاڻو موسيقار مصور وجودي آهي ـ حقيقت هي آهي ته اُن لفظ جو استعمال ايتري ته بي احتياطي سان ايترين شئين جي لاء استعمال ٿيو آهي جو هي مهمل ٿي ڪري بي معني رهجي ويو آهي ـ نيو انسائيڪلو پيڊيا بر ٽينڪا جلد ستين جي صفحي نمبر 78 تي لکيل آهي ته مختلف ۽ برخلاف طرفن ۾ ترقي کان پوء وجوديت پنهجي فلسفياڻي اساس ٺاهي ڇڏي آهي ۽ عصر تهذيب جي پنهجي طرز فڪر جي هٿيارن ۽ ٽڪنيڪي هٿڪنڊن سان اهڙيون ڪيترويون ئي اصطلاحن جي معني سمجهائي آهي جيڪي هئنير تائين واضح ناهن ـ مثال جي طور تي شڪ ، گمان ، ڳولها ، موقع حالت چونڊ آزادي يا منصوبه بي شڪ هي اصطلاحون وجوديت جي مفهوم کي واضح ڪن ٿيون ـ اُوڀر فلسفياڻي تحقيقي اخلاقيات ، جماليات تعليم ۽ سياست کي سمجهڻ جي لاء هاڻي امڪان بدران خد هڪ لفظي فلسفو اهي ـ هي فلسفو آزادي کي منصوبه بندي جي اجازت سان گڏو گڏ دنياوي خطرن کي هوشمندي ۽ اعتماد سان نپٽڻ جي دعوت ڏئي ٿو ـ سارتر چوي ٿو ته ـ سواء عمل جي ٻئي ڪنهن ۾ حقيقت ناهي ، ماڻهو پنهجي اعمالن کان سواء ڪجھ ناهي ، اُن جي اعمالن جي مجموعي هيئت ئي اُن جي زندگي آهي ۽ هو اُهو ئي ڪجھ آهي ، جيهڙي اُن جي زندگي آهي