ادا رشيد صاحب توهان جڏهن به سيتا اچو ته صرف توهان گل کي چئي جو ته اسان کي ٻڌائي ته توهان سيتا آيا آهيو پوء اسان توهان سان پاڻهي ملنداسين ڇو جو منهنجو دڪان درويش بازار ۾ هي آهي ٺهيڪ آءُ؟
ادا ناصر ۽ ڀاءُ وقار۔۔۔ وعليڪم اسلام ڀائرو ڪهڙي ڳالهه ڪري وڌوَ۔۔۔ ڳوٺ جي ڳالهه ڪري اصل ڇرڪائي وڌو۔۔۔ هاڻي ته بلڪل دير نه ڪبي پر توهان ڪاٿي ملندو ۔۔۔ سائين گل جي انسٽيٽيوٽ ۾ منهنجو اچڻ وڌيڪ هوندو آهي۔۔۔
دوستو توهان ته هڻي هنڌ ڪيو ۔۔۔ حالانڪه مون هنن فيچرس تي اڃان ڪم رهڻ ڪري في الحال لڪيل رکيو هيو۔۔۔ خير ڪجهه ڏينهن اندر هن جو اعلان ڪبو۔۔۔ ۽ اطلاع نامي کي واضح ڪرڻ لاءِ ڪم ڪبو۔۔۔
ادا عبدالرشيد صاحب اوهان کي جس آهي جو اهڙا فيچر متعارف ڪرايو ٿا ٿار بجلي جي بحران صفا موڳو ڪري ڇڏيو آهي ڪوبه ڪم ڍنگ سان ڪري نه ٿا سگهون ۽ نه ئي وري نيٽ تي ويهي اوهان جهڙن پيارڙن ۽ سباجهڙن دوستن سان لک پڙه ڪري سگهون ٿا
ادا رشيد السلام عليڪم اڄ منهنجي پي سي جي هارڊ ڊسڪ خراب ٿي وئي آهي ان ڪري حڪيم محمد يوسف کتري واري ڪمپيوٽر تان هي ميسيج موڪلي رهيو آهيان توهان ڪافي ڏينهن ٿيا آهن دعا سلام ڪونه ڪئي آهي، مون وٽ ڪافي سارا پروگرام پينڊنگ ۾ آهن پر بجلي جي لوڊ شيڊنگ ۽ ڪمپيوٽر جي هارڊ ڊسڪ جي خراب ٿيڻ ڪري نه پيو موڪلي سگهان خير مونکي لڳي پيو ته سنڌ سلامت جي سرپرستي وارا فرض صحيح نموني ادا نه پيو ڪري سگهان هڪ دفعو ٻيهر وري به مان چوان ٿو ته ڪو بهترين سنڌ سلامت جي سرپرستي لاءِ دوست توهان جي نظر ۾ هُجي ته مهرباني ڪري کيس سنڌ سلامت جو سرپرست بنايو وڃي توهان جو دعاڳو نثاراحمد ناز ٽنڊو محمد خان
السلام عليڪم ادا ادا نوان نوان فيچرس متعارف ڪرائي رهيا آهيو مبارڪون اٿئو ادا پر يار هي ته مان بس صرف وتندو هان گهمندو سائيٽ تي جو هن فيچر تي نظر پئي شابس ٿئي ادا ٻڌائييو ئي نه بهترين ڪوششون آهن سنڌ سلامت فورم لا۽ سدائين گڏ