جواب: خواب ناهن مرندا۔۔۔!
گهرا خيال آهن
خوابن تي آغا مشتاق جون ڪجه سٽون پيش ڪجن ٿيون :
اي جانِ جان!
توکي ڏٺي ڏينهن ٿيا!
توسان ملي زمانو ٿيو!
پر اڄ به تنهنجا خواب
اکين ۾ جاڳن ٿا،
ائين نه ٿئي جو……
تون ۽ تنهنجا خواب
منهنجي آلين اکين مان
هڪ ڏينهن گُم ٿي وڃن
جيئن ……
برسات ۾
وڇڙي ويل مسافر جي
پيرن جا نقش،
مٽجي ويندا آهن
سو اي جانِ جان!
موسم مٽجڻ کان پهرين
موٽي آءُ………!