• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

من اندرالڪا رکان ٿو، (ملهار سنڌي)

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
من اندرالڪا رکان ٿو،
سڏڪندڙ سپنا رکان ٿو،

دل اندر احساس رک تون،
مان به ڪي جذبا رکان ٿو.

ڪالھ تون مرڪي چيو هو،
روح جا رشتا رکان ٿو.

مان به سوچن ۾ سدائين،
پيار جا پاڇا رکان ٿو.

مرڪ آ منهنجي چپن تي،
ساھه ۾ سڏڪا رکان ٿو.

مان مٺا ملهارمن ۾،
ياد جا گلڙا رکان ٿو.

2ds1xzp.jpg
 
جواب: من اندرالڪا رکان ٿو، (ملهار سنڌي)

ادا عاشق مهرباني

ملهار سنڌي فيس بوڪ تي اڄڪله گهڻو ايڪٽو آهي ۽ هر سنڌي پيج تي موجود آهي

سندس شاعريء کي سهڻا رنگ ڏيڻ تي اوهان کي شاباس هجي
 
جواب: من اندرالڪا رکان ٿو، (ملهار سنڌي)

ادا عاشق مهرباني

ملهار سنڌي فيس بوڪ تي اڄڪله گهڻو ايڪٽو آهي ۽ هر سنڌي پيج تي موجود آهي

سندس شاعريء کي سهڻا رنگ ڏيڻ تي اوهان کي شاباس هجي

ادا پسند ڪرڻ جي مهرباني۔

تمام بهترين شاعري آهي سائين ملهار صاحب جي

بهترين شيئرنگ پڻ

سدائين گڏ

فقير سائين پسند ڪرڻ جي مهرباني۔
اڄ ڪل اوهان نظر گهٽ ٿا اچو مطلب ته اسڪرين ٿا غائب آهيو۔
مان ٻه ڏينهن اڳ اوهانڏي فون ڪئي پر مجبور ٿيس تڏهن جڏهن اوهان جو نمبر آف هيو۔
 
جواب: من اندرالڪا رکان ٿو، (ملهار سنڌي)

هائو يار عاشق ۔۔۔ ملهار سان ته اسانکي همدردي آهي ۔۔۔ ۽ الله ڪندو ته سندس سڏڪا ختم ٿيندا ۽ ٻي ڳالهه ته هاڻ عاشق سٺيون ۽ لڀائيندڙ چترڪاريون ٺاهڻ لڳو آهي ۔۔۔ ۽ اميد ته اڃان ڀليون ۽ مانائتيون چترڪاريون نظر اينديون ۔۔۔

ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔
 
سائين لک قرب۔۔اهو سڀ ڪجھ سنڌسلامت جا ئي ٿورا آهن۔
 
Back
Top