سنڌ جي ليجنڊز کي جيئري ئي مڃتا ڏيو راز ناٿن شاهي [JUSTIFY]اُهي قومون سدائين زندهه رهنديون آهن، جيڪي پنهنجي ليجنڊ اسٽارز کي هُنن جي جيئري ئي مان ڏينديون آهن ۽ هنن جي ادبي، سماجي، سياسي، صحافتي يا آرٽ يا کڻي ايئن چئون ته فائن آرٽ جي سڀني شعبن جنهن ۾ اداڪاري، صداڪاري، گلوڪاري به شامل ٿي وڃي ٿي، انهن سڀني شعبن ۾ معياري ڪم ڪندڙ انسانن کي هنن جي جيئري هوندي ئي مڃتا ڏني وڃي ته هنن جي ڪم ۾ اڃا به وڌيڪ نکار، معيار، پختگي ۽ خيال يا احساس ۾ نزاڪت ڏينهون ڏينهن وڌندي نظر ايندي، افسوس رڳو اهو ٿو ٿئي ته اسان سنڌي قوم پنهنجي ٻولي، ثقافت، ريتن رسمن کي هزارين سال پوئتي ته گهلي ٿا وڃون ۽ نوان نوان نالا ڏئي ڏهاڙا به ملهائي ٿا وڃون پر ڪڏهن اهو نٿا سوچون ته جيڪي زندهه ڏات ڌڻي اسان وٽ موجود آهن، انهن جي معياري ڪم جو اعتراف ڪريون. جنوري جي پهرئين هفتي ۾ اسان جي پراڻي ساٿي شاعر صحافي ۽ لطيف سرڪار جي محقق انور پيرزادي جي ياد ۾ هر سال جيان هن ڀيري به هن جي لائق، خوش اخلاق ۽ حساس پٽن زرار، زيد ۽ امر هڪ تقريب ترتيب ڏني، جنهن ۾ انور پيرزادي جي شخصيت تي ڪيترن ئي دوستن پنهنجي پنهنجي انداز سان پنهنجي احساسن جو اظهار ڪيو. بدقسمتيءَ سان اسان وٽ سدائين مُئي پڄاڻا واکاڻ ڪئي ويندي آهي ۽ اسان سڀ صدين کان ايئن ڪندا ٿا اچون، ڄام ساقيءَ سان ڪيترن سالن کان پوءِ منهنجي ملاقات ٿي ۽ مون هن کي حيدرآباد جي ڪراچي هوٽل وارن ڪچهرين جي ڏهاڙن جون يادگيريون ڏياريون ۽ اسان ٻئي ٿوري دير لاءِ انهن يادگار لمحن ۾ گم ٿي وياسين. پراڻن ادبي، صحافي، سياسي ۽ ريڊيو جي سدا زندهه رهندڙ صداڪارن جا چهرا اکين اڳيان ڦرڻ لڳا، هن تقريب ۾ ڄام ساقيءَ اسٽيج تي چيو” شاهه لطيف کي زندهه هوندي ايڏو وڏو شاعر نه سمجهيو ويو، جيترو مرڻ کان پوءِ هن جي پيغام ۽ شاعريءَ جي معياري خيالن جو اعتراف ڪيو ويو“. مون دوستن کي چيو ته ”شمشير الحيدريءَ جو ڪم رڳو اهو ناهي ته هن کان ڪنهن تقريب جي صدارت ڪرائي کيس وساري ڇڏجي، هن جي حياتيءَ ۾ ئي هن جي تخليقي ڪمن کي ساراهڻ گهرجي، کيسي مان ڏنو وڃي، ڪنهن وڏي تقريب کي ترتيب ڏئي سڄي ملڪ کي ٻڌايو وڃي ته هي اسان جي سنڌ جو ليجنڊ آهي“. سونهاري سنڌ ۾ ڪيترائي موتي، هيرا، لعل آهن جيڪي سدا چمڪندڙ آهن ۽ اُهي به زندگيءَ جي هر شعبي ۾ پنهنجي مهارت ۽ قابليت جي ڪري مشهور رهيا آهن. سنڌ کي انگريزن کان اڳ ارغونن، مغلن ۽ عربن بي درديءَ سان لٽيو، سنڌ جي ليجنڊانسانن کي قتل ڪرايو ويو، هنن جي شهرن کي نيست ۽ نابود ڪيو ويو، ساڙايو ويو، سنڌ جي سوين يادگار ماڳن کي ڪوشش ڪري ميساريو ويو مگر پوءِ به اسان اُهي ئي صوفي سنڌي، امن جي ڌرتيءَ جا گيت ڳائڻ وارا رهياسين پر وري به پنهنجي مهان انسانن جي تخليقن، خيالن، ڏاهپ وارين ڳالهين جو هنن جي زندگيءَ ۾ اعتراف نه ڪيوسين. جي ايم سيد، ذوالفقار علي ڀٽو، يا شاهنواز جوڻيجو اسان جي سياست واري ميدان مان وسارڻ وارا ڪردار ناهن. حسام الدين راشدي، علي محمد راشدي، ممتاز مرزا يا مولائي شيدائي تاريخ نويسي يا ادبي تحريرن جي جهان منجهه هميشه جيئرا رهڻ وارا معتبر انسان آهن، شيخ اياز، وفا ناٿن شاهي، قمر شهباز، تنوير عباسي، نياز همايوني يا استاد بخاري شاعريءَ جي آسان جا روشن چنڊ آهن، رشيد احمد لاشاري، علي محمد مجروح يا موسيٰ ڪليم فلمي گيتن جا اڄ وسرندڙ شاعر آهن، عثمان ڏيپلائي، مولانا عبدالغفور سيتائي يا شيخ علي محمد صحافتي تاريخ جا سونهري نالا آهن، گل محمد کتري، ظفر ڪاظمي يا علي اڪبر مصوريءَ جا اُهي نج سنڌي وڏا چتر ڪار آهن جن جي ذڪر کان بغير سنڌي مصوريءَ جي تاريخ اڌوري آهي، مشتاق مغل، غزالا رفيق، قربان جيلاني، سرور بلوچ، عبدالحق ابڙو ۽ صالح محمد شاهه يا عبدالڪريم بلوچ ريڊيو جا اُهي بي بها ۽ انمول موتي آهن، جن هميشه آواز جي لهرن تي حڪومت ڪئي پر اسان سنڌ واسين هنن جي وڇڙي وڃڻ کان پوءِ هنن جي مهانتا کي مڃتا ڏني! آخر اسان سنڌي ڪڏهن فراخ دليءَ جو مظاهرو ڪنداسين. ڪنهن به سنڌيءَ ليجنڊ کي هن جي جيئري ڪڏهن نروار ڪنداسين!؟ ويجهڙائيءَ ۾ اسان جي سنڌ ڌرتيءَ تي پنهنجو ڪاروبار ڪندڙ هڪ وڏيءَ ڪمپنيءَ اردوءَ جي مشهور مزاح نگار مشتاق يوسفي، ماهر تعليم ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان ۽ عالمي شهرت يافته سماجي رهنما عبدالستار ايڌيءَ کي سنڌ جي گادي واري هنڌ ڪراچيءَ ۾ تمام وڏي ۽ مهانگي تقريب ترتيب ڏئي هنن وڏن ماڻهن کي پنجاهه لک جا ايڪسيلينس ڪيش ايوارڊ ڏئي دنيا کي ٻڌايو ته هو ” اسان جا ليجنڊا آهن“. هن رنگا رنگ قيمتي محفل سجائڻ جي خرچن کي ڏسي پنجاهه لک رپيا روڪ ايوارڊ وٺندڙ سماجي رهنما عبدالستار ايڌيءَ اخبار وارن سان ڳالهائيندي اهو چيو ته ”هن تقريب ۾ فضول خرچ وڌيڪ ڪيا ويا آهن، هيءَ رقم جيڪڏهن غريبن تي خرچ ڪئي وڃي ها ته بهتر ٿئي ها. اهڙا ايوارڊ ته سادي تقريب ۾ به ڏئي پيا سگهجن“. شاباس آهي سنڌ زمين تي ڪروڙين رپيا ڪمائيندڙ هن ڪمپنيءَ کي جنهن هڪ قومي بئنڪ جيڪا هر سال اردو ادب تي گهٽ ۾ گهٽ پنج لک رپيا روڪ ڏيندي آهي ۽ چئن پنجن تخليق ڪارن کي لکا پتي ٺاهيندي آهي، پر هيءَ ڪمپني اُن بئنڪ کان به تمام گهڻو مٿي هلي وئي ۽ هر هڪ لکا پتيءَ کي پنجاهه پنجاهه لک رپيا روڪ ڏئي وڌيڪ خوشحال ڪيو ويو. اها سٺي ڳالهه آهي پر اڃا وڌيڪ سٺي ڳالهه ايئن ٿئي ها ته ڪنهن نه ڪنهن شعبي منجهان هن زمين ڄائي کي به شامل ڪيو وڃي ها، ڇا سنڌ جي ڌرتيءَ تي واپار ڪندڙ ڪارخانيدارن کي سنڌي اديب، شاعر، صحافي، مصور، سياسي سماجي ڪارڪن يا ڪهاڻيڪار نظر ڪونه ٿا اچن؟ يا انهن جي تخليقن جو، علم جو، خيالن جو اهڙو معيار ناهي جو انهن کي لکين رپيا اعتراف طور روڪ انعام ڏنا وڃن!؟؟ مون اڳ ۾ به عرض ڪيو هو ته هاڻي اسان کي پنهنجن روين، پنهنجن خيالن، پنهنجن ذهنن کي ڪجهه تبديل ڪرڻو پوندو، جيئري ئي پنهنجن تخليق ڪارن جي شاهڪارن، هنن جي روشن خيالن جو اعتراف ڪري هنن جو مان مٿانهون ڪرڻو پوندو. سنڌ ڌرتيءَ جي هنن موتين ۽ جواهرن جو قدر ڪرڻو پوندو، سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ اهڙي باب جو اضافو ڪرڻو پوندو، جنهن ۾ سنڌ جي سدا حيات سر موڙ انسانن جي صلاحيتن کي مڃڻو پوندو. اسان سوڀي گيانچنداڻي، محمد ابراهيم جويي، رسول بخش پليجي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا کي سندن ڏاهپ ۽ علمي تنقيدي، ادبي يا تحقيقي لاجواب ڪمن جو اعتراف ڪري هنن جي شان وٽان هڪ معياري جشن ملهايون، آغا سليم جنهن لطيف سرڪار جي ڪلام کي نج انهن کي ماترائن ۾ اردوءَ جو روپ ڏيڻ کان پوءِ انگريزيءَ جو ويس به ڍڪايو، يوسف شاهين جنهن جا هڪ نئين انداز جا تاريخي ڪتاب برطانيا ۽ آمريڪا جي وڏن اشاعتي ادارن انگريزيءَ ۾ شايع ڪري سڄي دنيا ۾ پڌرا ڪيا، شمشير الحيدري، سراج الحق ميمڻ، علي بابا، مراد علي مرزا، غلام نبي مغل، امر جليل جن جون لکڻيون عالمي معيار کان گهٽ ناهن، انهن سڀني کي پنهنجي شهر ڪراچيءَ ۾ هڪ شاندار ٽربيوٽ ڏئي سڄي دنيا کي فخر سان ٻڌائي سگهون ٿا ته هي آهن اسان جا سنڌي ليجنڊ، اسان ماهتاب محبوب، نسرين جوڻيجو، تنوير جوڻيجو، فهميده حسين، نور الهديٰ شاهه جي ادبي تخليقن جي جواب ۾ هنن جي مان ۾ هڪ بهترين تقريب ترتيب ڏئي اعتراف ڪري سگهون ٿا، ڊاڪٽر سليمان شيخ يا منير چانڊيي جي سماجي ڀلائيءَ وارن ڪمن جي واکاڻ ڪري کين وڏا انعام ڏئي سگهون ٿا پر اهو سڀ ڪجهه اسان جي سچي ۽ پر خلوص نيتن تي منحصر آهي. سنڌ واسين کي هاڻي زندهه پرست به ٿيڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته اسان پاڻ جيڪڏهن پنهنجن ڏاهن ۽ تخليقڪارن کي هنن جي حياتيءَ ۾ ئي مان مرتبو ڏينداسين ته پوءِ ڌاريا به سوچڻ تي مجبور ٿيندا ۽ سنڌ جي زمين تي قائم وڏا وڏا ڪارخانيدار به هن ڪم ۾ ساٿ ڏئي هتان جي مٽيءَ ۽ پاڻيءَ جو حق ادا ڪرڻ کان نه ڪيٻائيندا، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ڪهڙا سنڌي ڪوپا ڪونڌر، همدرد ۽ پرخلوص سنڌي وس وارا سنڌ ايڪسيلينس ايوارڊ جي هن خيال کي عملي روپ ڏئي ”سنڌ ليجنڊ اسٽارز“ کي مڃتا ڏيڻ ۾ اڳڀرو ٿا ٿين.[/JUSTIFY] عوامي آواز جي ٿورن سان
جواب: سنڌ جي ليجنڊز کي جيئري ئي مڃتا ڏيو سائين محترم وساڻ صاحب، اسانجا دوست ۽ اسانجي قوم جا سڄڻ الائجي ڇو ان ڳالهه کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏين ٿا ۔۔۔ جڏهن ته آ ڪافي عرصي کان اها ڳالهه ٻڌندو پيو اچان ته اسانکي قبرن جي بجا جيئرن انسانن جو قدر ڪرڻ گهرجي ۽ انهن ڏاهن ۽ اهل انسانن کي انهن جي حياتي ۾ ئي اهو مقام ڏجي جنهنجو هو حق رکنٿا ۔۔۔ اها ڳالهه به يقيني آهي ته اهي قومون هن زماني ۾ ڳاٽ اوچا ڪري هلن ٿيون جيڪي پنهنجي حيات ڏاهن انسانن کي پنهنجو سرمايو سمجهن ٿيون ۔۔۔ ان عمل سان ٻين پوئتان ايندڙ نوجوانن کي اتساهه ملندو آهي ته اسانجي محنت رائيگان نه ويندي ۔۔۔ پر الائجي ڇو اسانجي قوم ان خيال کي مڃي ته اٿي پر انجو ڪو حل ڪڍي نه سگهي آهي ۔۔۔ تمام ڪارائتو ونڊ آهي ۔۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: سنڌ جي ليجنڊز کي جيئري ئي مڃتا ڏيو فقير اسان ته اوهان جو به قدر ڪونه ڪيو آهي اوهان به سنڌ سلامت جي ليجنڊز مان آهيو يار
جواب: سنڌ جي ليجنڊز کي جيئري ئي مڃتا ڏيو سائين مهرباني اسان الائي ڇو پيا ائين ڪيون ۽ اسان جوا قدر ڇو ڪونه ٿا تبديل ٿين ان تي به ريسرچ ٿيڻ کپي۔ اسان کي پنهنجن ليجنڊز جو خيال ڪرڻ کپي ۽ خاص طور اسان جي جيئرن ليجنڊز جو اڄ به هي پوسٽ ڪرڻ کانپوء جڏهن سائين شمشير الحيدريء کي سچل ڳوٺ جي انڊس اسڪول جي پروگرام جشنِ لطيف ۾ ڏٺم ته مونکي اهو احساس وري وري ٿي رهيو هو۔
جواب: سنڌ جي ليجنڊز کي جيئري ئي مڃتا ڏيو ادا اسان مرده پرست قوم آهيون پهنجي قومي اساسن کي زندگيء ڪجهه نه ڏينداسين ان جي وڃڻ کان پوء ان جا وڏا گڻ ڳائينداسين۔ ادا دنيان ڏٺو ته جڏهن ذوالفقارعلي ڀٽي کي فاسي ڏني وئي پوء ماڻهن پاڻ کي باهيون ڏئي ڇڏيون پوء ڇا ٿيندو جيڪو ڪجهه ڪرڻو آهي اڳم ڪرڻو آهي پوء ته بس ان جي قبر تي گل چاڙهي ڇڏجن بس اهو ڪافي آهي