[JUSTIFY]ممتاز علي بجير جي شاعري[/JUSTIFY] اي ڪينجهر جي ڇولي مون کان نه پڇ تون، ٿر جي واري اڏري مون کان نه پڇ تون، مان ڄڻ بي وطن هجان اي شام لڙئي جا سج مون کان نه پڇ تون، اڏندڙ آکيرن ڏانهن پکيڙا مون کان پڇ تون، مان ڄڻ بي وطن هجان اي صبح جا گل ٽڙي مونکان نه پڇ تون، ولر ويندي ڪونجون مونکان نه پڇ تون ، مان ڄڻ بي وطن هجا اي سياري جون موجون مونکان پڇ تون، گذري ويون ڪئي بهارون مون کان نه پڇ تون، مان ڄڻ بي وطن هجان جيجل جو جيون مون کان نه پڇ تون، اجڙي ويل آشيانو سو مون کان نه پڇ تون، مان ڄڻ بي وطن هجان پريت پياسون مون کان نه پڇ تون، مرڪن وارا چهرا مون کان پڇ تون، مان ڄڻ بي وطن هجان قيدخانن جو روپ مون کان نه پڇ تون، لوهي زنجيرن ۾ لٽڪڻ ” ممتاز “ کان نه پڇ تون، مان ڄڻ بي وطن هجان
جواب: مان ڄڻ بي وطن هجان اي شاعر ۽ شآعر جا دوست، ٻن يا ٽن سٽن ۾ ” نه“ جو نه هجڻ نه پڇ، مان ڄڻ ته منجهيل هجان ۔۔۔۔ دوست ممتاز بجير جي چيل وائي ۾ ائين لڳي ٿو ته شاعر، وارياسي مان لگهندي ، شامن جي منظر مان گذرندي، پکين جي ولر کي آکيرن ڏانهن موٽندي دانهيندو ٿو وڃي ۽ کين ڏک جا نياپا ڏيندي پنهنجي بيوطني جو ورد ڪندو ٿو ڃي ۔۔۔۔ جوڙي سلامت هجي هڪ لکڻ وارو ٻيو پيش ڪرڻ وارو ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت