ڦلپوٽو فقير
سينيئر رڪن
[
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ انساني آبادي ۾ واڌ توڙي سائنس جي ترقيءَ سبب مختلف گرم شين جي استعمال توڙي گرم گئسز جي خارج ٿيڻ جي نتيجي ۾ گرمي پد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ته ٻئي پاسي ماحولياتي گدلاڻ ۾ اضافي سان اوزون کي پڻ نقصان پهچي رهيو آهي، جنهن ڪري موسمي تبديليون اڻٽر بڻجي ويون آهن. ماهرن اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ گرمين جي موسم ۾ پاڪستان جي اترين علائقن ۾ خاص طور جتي برف جا جبل (گليشيئر) وڌيڪ ڳرندا ۽ سنڌو درياءَ ۾ گذريل سال جيان ”هن سال به ٻوڏ اچڻ جا امڪان آهن، ماهرن جي اهڙي اڳڪٿي سان ٻوڏ متاثر علائقن جيان لاڙڪاڻي واسين جو ساهه به مٺ ۾ اچي وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته سنڌو درياءَ ۾ گذريل سال سپر ٻوڏ اچڻ کانپوءِ لاڙڪاڻي جي عاقل-آگاڻي بند سميت درياءَ جي ساڄي ڪناري سان انتهائي نازڪ صورتحال هئي، جنهن ڪري عاقل-آگاڻي بند تي هڪ مهيني تائين لڳاتار زبردست دٻاءُ هو ۽ ماڻهن جو ساهه مٺ ۾ هو، ڇاڪاڻ ته آبپاشي کاتي جيڪو ٽوڙي بند جي ٽٽڻ کان وٺي منڇر ڍنڍ جي بندن جي ٽٽڻ تائين بيوس ۽ لاچار بڻيل هو ان جي آسري تي ماڻهن کي عدم تحفظ جو احساس ٿي رهيو هو. جڏهن ته عاقل-آگاڻي بند تي سنڌو درياءَ سڌو ٽڪر هڻي واپس پئي موٽيو ته مٽي جو ڪچو بند ٽٽڻ شروع ٿيو، لاڙڪاڻو 10 لک جي آبادي وارو شهر آهي، شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو ۽ شهيد بينظيرڀٽو جو اباڻو ضلعو هجڻ توڙي موهن جو دڙو جا آثار هجڻ سبب هي علائقو ڏينهان ڏيهه مشهور آهي، جڏهن عاقل-آگاڻي بند تي صورتحال انتهائي خراب ٿي وئي ته سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر نثاراحمد کهڙو 10 ڏينهن کان وڌيڪ عرصو عاقل-آگاڻي بند تي ويٺل رهيو، فقط عاقل-آگاڻي بند تي آبپاشي کاتي جي انگن اکرن موجب 10 لک ڪيوبڪ مئٽرڪ ٽن پٿر اڇلايو ويو، جيڪڏهن ميڊيا ۽ چونڊيل نمائندا ڪوشش نه وٺن ها ته آبپاشي کاتي کان اختيار کسي صدر آصف علي زرداري اين ايڇ اي کي پٿر پهچائڻ جو ڪم نه سونپي ها ۽ پوءِ ڪچو بند ٽٽڻ کان بچڻ ناممڪن بڻجي ها پر اهڙين ڪوششن جي نتيجي ۾ لاڙڪاڻو ٻڏڻ کان بچي ويو، ڇاڪاڻ ته سنڌو درياءَ عاقل-آگاڻي بند وٽ پاڻي جو رخ بند ڏانهن ڪري ڇڏيو آهي، پر ايندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ هن وقت تائين ڪي به جوڳا بندوبست نه ڪيا ويا آهن. نه وري ان وقت ماهرن جي راءِ مطابق هن سال جيڪي بندوبست ڪرڻا هئا ان بابت ڪا پلاننگ نه جوڙي وئي آهي. هاڻي جڏهن درياءَ ۾ پاڻي گهٽ آهي ۽ ڪم جي سيزن آهي ته اهڙين حالتن ۾ آبپاشي کاتي توڙي سنڌ حڪومت انتهائي حساس قرار ڏنل عاقل-آگاڻي بند جي مرمت جو ڪم نه ڪرايو. جڏهن ته وڏي وزير سيد قائم علي شاهه صوبائي وزير محمد اياز سومرو سان گڏ عاقل-آگاڻي بند جي دوري دوران سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر توڙي آبپاشي کاتي جي ماهرن وڏي وزير کي ٻڌايو هو ته عاقل-آگاڻي بند وٽ درياءَ هڪ اسپر کي لوڙهي ڇڏيو آهي، ٻئي اسپر کي زبردست نقصان پهچايو آهي. بند جي مضبوطيءَ لاءِ ٻه اسپر تعمير ڪرڻا پوندا، درياءَ جي وچ سير ۾ واري جا دڙا پاڻمرادو پاڻي جي وهڪري ٺاهي ڇڏيا آهن انهن کي هٽائڻ لاءِ ڪرينين ذريعي پاڻي جو رستو ٺاهيو ويندو ۽ بند سان پٿر جي پچنگ ڪرائي وڃي يا وري آر سي سي اسٽرڪچر سان بند جي تعمير ڪرائي وڃي. پر هن وقت تائين عاقل-آگاڻي بند تي هڪ رپئي جو ڪم به نه ڪرايو ويو آهي، بند جي حالت ساڳئي نازڪ آهي. درياءَ ۾ پاڻي اچڻ ۾ فقط 3 مهينا بچيا آهن مئي ۾ پاڻي اچڻ شروع ٿيندو پوءِ ترقياتي ڪم ڪرڻ مشڪل بڻجي ويندو جيڪڏهن عاقل-آگاڻي بند کي مضبوط نه ڪيو ويو ۽ سنڌو درياءَ پنهنجو وهڪرو عاقل-آگاڻي بند وٽان شروع ڪيو ته سنڌو درياءَ جو ساڄو ڪنارو هڪ وسيع ڍنڍ بڻجي ويندو، جتي انساني آبادي سواءِ جبلن ۽ دڙن جي نه رهندي. ان جو هن وقت ڪنهن کي به احساس ڪونهي. جيتوڻيڪ وڏي وزير کي عاقل-آگاڻي بند جي دوري دوران آبپاشي کاتي جي ماهرن اهو به ٻڌايو هو ته خيرپور-لاڙڪاڻو پل کي هڪ ڪلو ميٽر وڌيڪ تعمير ڪرايو وڃي ۽ پل جي کاٻي پاسي خيرپور ضلعي جي حدن ۾ تعمير ٿيندڙ روڊ کي ڪراس ڏنا وڃن، ڇاڪاڻ ته خيرپور-لاڙڪاڻو پل وٽ سنڌو درياءَ جا ٻئي بچاءِ بند هڪ ٻئي کان 14 ڪلو ميٽر پري آهن. پل فقط هڪ ڪلو ميٽر تعمير ٿيل آهي. ٻنهي پاسن کان پل جي سطح تائين اين ايڇ اي پاران روڊ تعمير ڪرايا ويا آهن پر هن وقت تائين وڏي وزير پاران چونڊيل نمائندن جي موجودگي ۾ ڪيل واعدن تي عمل نه ڪيو ويو آهي. اين ايڇ اي پاران پل جي تعمير وقت پاڻي جو رخ تبديل ڪرڻ لاءِ سنڌو درياءَ جي وچ سير ۾ پاڻي جو رخ تبديل ڪرڻ لاءِ هڪ بند تعمير ڪيو ويو هو جنهن کي پڻ ٻوڏ جي پاڻي پهرين سٽ ۾ ٽوڙي ختم ڪري ڇڏيو هو. پر ان بند جي به تعمير نه ٿي سگهي آهي، ته وري ٻوڏ دوران فتح پور بند ۽ پراڻو آباد بند کي ٻوڏ جي پاڻي سبب نقصان جي مرمت به نه ڪئي وئي آهي. جڏهن ته خيرپور-لاڙڪاڻو پل جيڪا 14 ڪلو ميٽر درياءَ جي ويڪر ۾ فقط هڪ ڪلو ميٽر ٺهيل آهي جنهن ڪري پاڻي جو وهڪرو رڪجي ويو ۽ ساڄي پاسي کان خيرپور-لاڙڪاڻو پل کان وٺي نصرت لوپ بند تائين پاڻي جو دٻاءُ وڌيل رهيو ۽ پاڻي جو وهڪرو جيڪو 15 ڏينهن ۾ گذري وڃڻو هو. اهو ڏيڊ مهيني تائين آهستگيءَ سان هلندو رهيو جنهن ڪري هڪ پاسي پاڻي جو دٻاءُ گڊو ۽ سکر بئراجن تائين اثر ڇڏيو ته ٻئي پاسي لاڙڪاڻي ضلعي جي حدن ۾ درياءَ جي ساڄي ڪناري سان بند ٽٽڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو جنهن ڪري ڏوڪري تعلقي جي ويهڙ ڀرسان سيري بند وٽ 2 ڳوٺاڻا بند کي ٽٽڻ کان بچائيندي پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا. اهڙي طرح نصرت لوپ بند، رڪ اسپر بند ۽ ايل ايس بند جي حالت هن وقت به نازڪ آهي. جيڪڏهن هن سال 2011ع جي اپريل مهيني تائين درياءَ جي بندن اسپر بندن جو ڪم مڪمل نه ٿيو ته درياءَ ۾ امڪاني طور ايندڙ ٻوڏ جي نتيجي ۾ صورتحال انتهائي نازڪ هوندي. جيتوڻيڪ آبپاشي کاتي جي انجنيئر نثار لغاري جو چوڻ هو ته بندن جي مضبوطيءَ لاءِ هڪ سيزن آهي، اسان جا منصوبا منظور ٿي چڪا آهن، پر ايڪنڪ ۾ منصوبن جي منظوري کانپوءِ فنڊ جاري ڪيا ويندا جيڪڏهن وقت سان فنڊ مليا ته پاڻي اچڻ کان اڳ اسان منصوبا مڪمل ڪري وٺنداسين ڇاڪاڻ ته اسان کي گهٽ ۾ گهٽ پاڻي اچڻ کان اڳ منصوبن جي مڪمل ڪرڻ لاءِ ٽن مهينن جو وقت گهربل آهي. فيبروري، مارچ، اپريل مهينا ڪم لاءِ موضوع آهن جيڪڏهن دير ٿي ته مٿان آبڪلياڻي اچي ويندي ۽ پوءِ انهن منصوبن تي عمل ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو. اسان پنهنجن منصوبن ۾ عاقل-آگاڻي بند وٽ ٻه اسپر بندن جي تعمير ارٿ ورڪ ۽ بندن جي پچنگ ڪرائڻ جا منصوبا شامل ڪيا آهن. جيتوڻيڪ آبپاشي کاتي جي انجنيئر جي اها دعويٰ پوري ٿئي ٿي يا نه پر هن وقت تائين جيڪي آثار نظر اچن ٿا ان مان ظاهر آهي ته هن سال به دير سان فنڊ جاري ٿيڻ يا فنڊن جي کوٽ جي طئه ٿيل بهاني سان ٽٽل بندن جي تعمير ۽ گهربل ڪم ممڪن بڻجڻ ناممڪن تڏهن به مشڪل ضرور بڻجي ويو آهي، انڪري ملڪ جي صدر آصف علي زرداري توڙي لاڙڪاڻي مان چونڊيل ايم اين ايز، ايم پي ايز، صوبائي وزيرن، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ٻين کي هن مامري تي سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي؟![/COLOR][/COLOR]