• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شڪارپور کي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جو ڪئمپس ملڻ جون اميدون

ڦلپوٽو فقير

سينيئر رڪن
شڪارپور جو ماضي هر لحاظ کان شاندار رهيو آهي. پر حال بيحال! مستقبل جو ڪو پتو ناهي؟ جڏهن شاهه عبدالطيف يونيورسٽي جو شڪارپور ۾ ڪئمپس کلڻ وارو مامرو سامهون آيو آهي ته سڄو شڪارپور ڪئمپس جي حاصلات لاءِ مڙي مٺ ٿيو آهي. مجموعي طور تي سياستدانن ڪئمپس کلڻ واري سڏ کي موٽ ڏيندي شهرين سان گڏ بيٺا نظر اچن ٿا، شڪارپور موجوده حڪومت ۾ به سڀني ضلعن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ نمائندگي رکندڙ ضلعو آهي، جنهن جا هن وقت به سنڌ حڪومت ۾ 5 صوبائي وزير جن ۾ آغا سراج خان دراني، آغا تيمور خان پٺاڻ، مير عابد حسين جتوئي، امتياز احمد شيخ، نثار احمد پنهور، وزيراعليٰ جو خصوصي معاون آغا ارسلان خان پٺاڻ، صدر پاڪستان جو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالقيوم سومرو پنهنجي مسند تي موجود آهن، مجموعي طور ذڪر ڪيل سياستدانن جو ڪئمپس جي حمايت ۾ مؤقف سامهون اچڻ کان پوءِ شڪارپورين کي آٿت ملي آهي ته هيڏي نمائندگي رکندڙ شڪارپور ۾ ڪئمپس ضرور کولرائي ڏيندا. صوبائي صلاحڪار امتياز احمد شيخ تازو گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد جو شڪارپور ۾ ڪئمپس جي منظوري بابت ٿورو مڃيندي خيرپور يونيورسٽي جي وي سي کي گورنر کان چورايو آهي ته يونيورسٽي جي فنڊن مان ئي ڪئمپس جا ڪلاس شروع ڪرايا وڃن ۽ ائين ٿيو ته وڏي ڪاميابي هوندي. ساڳي ئي ريت گهڻي وقت کان پوءِ ٽريفڪ پوليس شڪارپور شهر ۾ ون وي نظام متعارف ڪرائيندي لکيدر ۽ اسٽورٽ گنج ڪاروباري مرڪزن کي ٽريفڪ جام ٿيڻ کان نجات ڏياري آهي. جيڪڏهن اهو سلسلو مسلسل ۽ نيڪ نيتي جي بنياد تي هلندو رهيو ته يقين آهي ته بهتري ايندي. شڪارپور ۾ سون جي تعداد ۾ گورنمينٽ ڪانٽريڪٽر ترقياتي ڪم ڪندڙ ۽ تنظيمون به آهن پر تازو ٺيڪيدار ايڪشن ڪميٽي جي روپ ۾ سامهون آيل تنظيم بظاهر سٺو مقصد کڻي آئي آهي. پهرين ئي پريس ڪانفرنس ۾ تنظيم جي اڳواڻن شڪارپور ضلعي جي شهري علائقن شڪارپور، ڳڙهي ياسين، خانپور، رستم، چڪ، لکي غلام شاهه، مدئجي سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ ڪروڙين رپيا ترقياتي مد ۾ غير معياري، روڊن مٿان روڊ، نالين مٿان ناليون ۽ بي ترتيبا ترقياتي ڪم ڪرائي خانگي ماڻهن جون اربين رپين جون نيون ۽ پراڻين عمارتن جو هليو بگاڙڻ جو ذميوار سرڪاري آفيسرن سان گڏوگڏ ڌنڌوڙي ٺيڪيدارن کي قرار ڏنو آهي. آهي ته هرهنڌ ئي پر شڪارپور ضلعي اندر 95 سيڪڙو ترقياتي ڪمن جا ٺيڪيدار، سروسز ۽ ورڪس جن ۾ روڊس، بلڊنگ، ايجوڪيشن ورڪس، پبلڪ هيلٿ، ٽي ايم اي سان لاڳاپيل آفيسر پنهنجي مٽن، مائٽن، نوڪرن ۽ ملازمن جي نالي تي ٺيڪا کڻندڙ ۽ حڪمران سياسي نمائندن سان لاڳاپيل ٺيڪيدار بڻيل آهن، سياستدانن جا ٺيڪيدار ته حڪومت سان گڏ مٽجندا رهن ٿا پر سرڪاري ملازمن واري ٺيڪيدارن جي کيپ ترقياتي ڪمن جي مٿان مڙهيل رهي ٿي جيڪي اڇي ڪاري جا مالڪ پاڻ کي سمجهندي ترقياتي ڪمن جي آڙ ۾ شهرن جي ٻيڙي ٻوڙيو ڇڏين ٿا. ها سمجهون ٿا ته ڪاروبار ڪرڻ هر هڪ جو حق آهي پر اهو نيڪ نيتي ۽ پروفيشنل بنياد تي هجڻ گهرجي پر عوام جا پئسا ترقياتي ڪمن جي مد ۾ بدترين ڪرپشن ڪري کائي وڃڻ سراسر غلط آهي. اها حقيقت آهي ته جيڪڏهن هرهڪ فرد ۽ ادارو جنهن موجب جڙيو ۽ ذميواري مليل آهي ان موجب هلندو ۽ ڪم ڪندو رهي ته گهڻيون شيون بهتر هجن ٿيون. هاڻي جڏهن صورتحال اهڙي هجي جو ڪئمپس ملڻ جي اميد ۽ ڊي پي او طرفان ٽريفڪ پوليس کي مليل ذميواري تي عمل ڪرائڻ ۽ هڪ ٺيڪيدار تنظيم طرفان پنهنجي صفن مان ڪڌا ڪم ڪندڙ ڌنڌوڙي ٺيڪيدارن تي تنقيد ڪرڻ جون صرف ڳالهيون سامهون آيون آهن ته شڪارپور جا ماڻهو آسيس ۽ سڪون محسوس ڪن ٿا، ڀٽائي چيو آهي ته ”چڱا ڪن چڱايون، مندايون مٺن، جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سو ئي ڪن“


رپورٽر ، زاهد نون
شڪارپور
 
Back
Top