سنڌ سان ناڻي جي ورڇ ۾ ٿيندڙ زيادتي تي سنڌي ميمبرن جي خاموشي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏30 جنوري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ سان ناڻي جي ورڇ ۾ ٿيندڙ زيادتي تي سنڌي ميمبرن جي خاموشي

    ايم بي سومرو

    [justify] ناڻي جي صوبن ۾ ورڇ بابت هڪ ڀيرو ٻيهر صورتحال وائکي ٿي سامهون آئي آهي، جنهن صورتحال بابت گهڻو بحث ۽ تجزئي ڪرڻ جي به ضرورت نه آهي، ڇو ته قومي اسيمبلي ۾ لکت ۾ پيش ٿيل اهي انگ اکر پاڻ واضح نموني ٻڌائين ٿا ته ڪنهن صوبي سان ناڻي ورڇ ۾ زيادتي ٿي رهي آهي پر ان زيادتي جي جيڪا تصوير سامهون آئي آهي اها نواز ليگ جي پنجاب سان تعلق رکندڙ ايم اين اي شيرين ارشد خان پاران ڪيل سوال ڪري آئي آهي، حقيقت ۾ اهو سوال ته سنڌ جي چونڊيل ايم اين ايز کي ڪرڻ گهرجي ها نه رڳو سوال پر ان زيادتي خلاف احتجاج به جاري رکڻ گهرجي ها، شيرين ارشد خان ناڻي جي وفاقي وزير کان لکت ۾ سوال ڪيو هو ته ”گذريل ٽن سالن 08-2007ع ، 09-2008ع ۽ 10-2009ع دوران سڌي توڙي اڻ سڌي ريت صوبي وائيز ڪيترو ٽيڪس گڏ ٿيو ۽ اين ايف سي ايوارڊ تحت ان عرصي تائين صوبن کي ڪيترا فنڊ جاري ڪيا ويا آهن، پنهنجي لحاظ سان سادو لڳندڙ ان سوال نمبر 68 جو سنڌ مان چونڊيل جيڪب آباد ڄائي ناڻي جي وفاقي وزير حفيظ شيخ لکت ۾ تفصيلي جواب ڏنو آهي، ان لکت ۾ ٻڌايو آهي ته ڄاڻايل ٽنهي سالن دوران سڌي توڙي اڻ سڌي ٽيڪسن (ڊائريڪٽ ۽ ان ڊائريڪٽ ٽيڪس)۾ خيبر پختونخوا مان 66 ارب 80 ڪروڙ رپيا ٽيڪس جمع ڪيو ويو، پر خيبرپختونخوا کي 17 جنوري 2011ع تائين 3 کرب 63 ارب 84 ڪروڙ رپيا اين ايف سي ايوارڊ ذريعي ڏنا ويا آهن، اوهان پاڻ اندازو ڪري سگهو ٿا ته ٽن سالن دوران 66 ارب 80 ڪروڙ رپيا ٽيڪس گڏ ڪندڙ صوبي خيبرپختونخوا کي ان جي موٽ ۾ 3 کرب 63 ارب 84 ڪروڙ رپيا ملڻ سان ان کي ڪيترا سئو ارب رپيا آمدني کان وڌيڪ مليا آهن، نه رڳو ان صوبي کي ٿيل ٽن سالن دوران ٽيڪس وصولين کان وڌيڪ رقم ملي آهي پر ٽن سالن دوران بلوچستان صوبي مان 24 ارب 90 ڪروڙ رپيا ٽيڪس گڏ ٿيو پر ان جي موٽ ۾ حڪومت هڪ کرب 91 ارب 76 ڪروڙ 70 لک رپيا ڏنا آهن، انهن ٽن سالن جي عرصي دوران ملڪ جي وڏي آبادي رکندڙ پنجاب صوبي مان ڊائريڪٽ ۽ ان ڊائريڪٽ ٽيڪس طور ڪل 7 کرب 64 ارب 20 ڪروڙ رپيا وصول ٿيا پر ان جي موٽ ۾ گذريل ٽن سالن دوران پنجاب صوبي کي 10 کرب 14 ارب 21 ڪروڙ 20 لک رپيا اين ايف سي ايوارڊ تحت جاري ڪيا ويا آهن، مٿيان انگ اکر پڙهي بلوچستان، خيبرپختونخوا صوبن سوڌو اهو به معلوم ٿئي ٿو ته پنجاب کي به ٽن سالن دوران گڏ ڪيل ٽئڪس جي رقم کان 3 کرب رپيا وڌيڪ مليا آهن، هاڻي باقي اڪيلو سنڌ صوبو وڃي رهي ٿو، مون ان صوبي جو ٻين صوبن کان آخر ۾ ذڪر ان ڪري ڪيو آهي جو سنڌ صوبي جي ٽيڪس وصولين جي ڀيٽ ۾ ملندڙ رقم واري بلوچستان، خيبرپختونخوا ۽ پنجاب کان بلڪل ڌار ۽ انوکي آهي، نه سمجهه ۾ ايندڙ ڪهاڻي آهي ته اهو سنڌ بابت اختيار ڌڻين جي اختيار ڪيل حڪمت عملي کي ڏسي اهو محسوس ٿيندو آهي ته وفاقي سرڪار جي سڀ کان آخري اوليت ۾ به سنڌ صوبو آهي ۔

    اوهان کي ٻڌايان ته ناڻي جي وفاقي وزير ڊاڪٽر حفيظ شيخ شيرين ارشد خان جي سوال نمبر 68 جي لکت ۾ ڏنل جواب ۾ ٻڌايو آهي ته سال 08-2007ع ، 09-2008ع ۽ 10-2009ع دوران سنڌ صوبي مان ڊائريڪٽ ۽ ان ڊائريڪٽ ٽيڪس طور 19 کرب 35 ارب 70 ڪروڙ رپين جا ٽيڪس گڏ ڪري وفاقي خزاني ۾ جمع ڪرايا ويا آهن ۽ ٽن سالن جي عرصي ۾ 19 کرب 39 ارب 70 ڪروڙ رپيا وفاق کي ٽيڪس گڏ ڪري ڏيندڙ سنڌ کي 6 کرب 37 ارب 38 ڪروڙ 30 لک رپيا اين ايف سي حصي طور ڏنا آهن، سنڌ کي ٽن سالن دوران پنهنجي صوبي مان گڏ ڪري مرڪز حوالي ڪيل ٽيڪس جي 19 کرب 35 ارب 70 ڪروڙ مان 12 کرب 98 ارب 31 ڪروڙ ۽ 70 لک رپيا گهٽ ڏنا ويا آهن، جڏهن ته مٿي اوهان کي ٻڌائي آيو آهيان ته بلوچستان، خيبرپختونخوا ۽ پنجاب کي ٽن سالن دوران گڏ ڪيل ٽئڪس جي رقم کان وڌيڪ کربين رپيا جاري ڪيا ويا آهن جيئن وفاقي سرڪار اهو لکت ۾ ڏنل جواب ۾ اهو اعتراف ڪيو آهي ته وڌ ۾ وڌ ٽئڪس گڏ ڪري ڏيندڙ صوبو سنڌ آهي ، تيئن اها صورتحال به هڪ ڀيرو ٻيهر آندي آهي ته وڌ ۾ وڌ ٽئڪس ڏيندڙ سنڌ صوبي کي پنهنجي گڏ ڪيل ٽيڪس مان 50 سيڪڙو رقم به مرڪز واپس ڪري نٿو ڏئي ۽ ان جي گڏ ٿيندڙ رقم مان ٻين صوبن کي واڌو رقم ڏئي ٿو، اهي انگ اکر اهڙا آهن جن تي وڌ ۾ وڌ حيرت جي جهان ۾ سنڌ واسين کي وڃڻ گهرجي ۽ پنهنجي صوبي مان گڏ ٿيندڙ ٽيڪس مان 50 سيڪڙو رقم به واپس نه ملڻ تي ڳڻتي، پريشاني ڪرڻ گهرجي پر اهو مامرو ڊگهي عرصي کان جاري ۽ ساري آهي، نه اڳ جن ماڻهن کي عوام ووٽ ڏئي اسيمبلين ۾ موڪليو تن ان زيادتي جاري رهڻ جو پڇاڻو ڪيو، اهو ئي سبب آهي ته اهو ڪنهن به دليل سان سمجهه ۾ نه ايندڙ مامرو ۽ زيادتي سنڌ سان جاري آهي، اهڙي حساب سان ماضي کي اڳيان رکي ان زيادتي تي موجوده سنڌ جي چونڊيل ايم اين ايز به خاموش رهڻ کي اوليت ڏني، ايتري حد تائين جو ان زيادتي جي احساس کي تازو ڪرڻ لاءِ سنڌ جي چونڊيل نمائندن اهڙا انگ اکر حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ منٽ خرچ ڪري اهڙو سوال به جمع ڪرائڻ جي ڪوشش نه ڪئي، نتيجي ۾ اهي انگ اکر پنجاب سان تعلق رکندڙ ايم اين اي جي سوال ذريعي سامهون آيا آهن، جيڪي سنڌ جا ميمبر اهڙو سوال لکي جمع ڪرائڻ جي زحمت نٿا ڪن، انهن کي انهيءَ زيادتي جي ازالي جو ڪيترو اونو هوندو؟

    آمدني جي حساب سان وسيلن مان حصو ته سنڌ حڪومت وفاق کان تسليم نه ڪرائي سگهي آهي پر ستين اين ايف سي ايوارڊ تحت خدمتن تي ٽيڪس وصولين جا حاصل ڪيل اختيار جيڪي ڊگهي انتظار بعد صوبي کي مليا آهن اهي ڪجهه مهينن جي سياسي دٻاءُ تي وفاقي حڪومت کي ڏيڻ تي سنڌ حڪومت راضپو ظاهر ڪيو آهي، اها صورتحال منهنجي اڳيان جڏهن به ايندي آهي تڏهن اردو جو هي شعر ياد ايندو آهي ته ”ڪس ڪو آتا هي مسيحائي، ڪي آواز دون“.[/justify]

    روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سان ناڻي جي ورڇ ۾ ٿيندڙ زيادتي تي سنڌي ميمبرن جي خاموشي

    ادا وساڻ ٻڌن ٻانهن جو ڪهڙو مذهب ڪهڙو دين ۽ ڪهڙي قوم ۔۔۔ خواهشن جا غلام ماڻهون به ڀلا ڪنهن کي فائدو ڏيندا ڇا ۔۔۔؟

    چڱا ڪن چڱايون، مدايون مدن ۔۔۔ جن جي پيٽ ۾ دوزخ جي باهه هجي انهن کان ڪهڙي ڀلائي ٿيندي ۔۔۔؟ ويٺا ڏسو رنگ ۔۔۔ سنڌ وڪڻي چڪا آهن ۔۔۔ سنڌ جا مفاد کپائي چڪا آهن ۔۔۔ ڇاڪاڻ جيڪو به ايم اين اي يا ايم پي اي پاڪستان جي اسيمبلي ۾ سنڌ جي ڳالهه ڪندو آهي يا ته وڌيڪ حاصل ڪرڻ لا يا مخالفن کي دڙڪي ڏيڻ لا، باقي سنڌ جي اصل حقن جي ڳالهه ڪنهن ڪئي آهي، انجي خبر اڄ تائين نه پئي آهي ۔۔۔؟

     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ سان ناڻي جي ورڇ ۾ ٿيندڙ زيادتي تي سنڌي ميمبرن جي خاموشي

    جي ادا .....
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو