زال: اڄ اوهان جلدي آفيس مان اچي ويا. مڙس: اچانڪ منهنجي صاحب کي ڪاوڙ اچي وئي ۽ مونکي چيائين ته جهنم جي تري ۾ وڃي پئو انڪري سڌو گهر هليو آيس فيس بوڪ سنڌيڪا پراڊڪشن تان ورتل
جواب: جهنم جو ترو صفا ڪو سڙيل هو همراه ۔۔۔۔ اصل جهنم جي داروڳي جي سامهون اهڙا لفظ ۔۔۔ ؟؟؟ مطلب عاشق بچيو پيو آهي ۔۔۔۔
جواب: جهنم جو ترو هاهاهاهاها۔۔سائين جيڪڏهن اهڙي حالت آهي۔۔۔۽ ائين ٿيندو به آهي ته اسان ڇڙا ڀلا آهيون =))=))=))
جواب: جهنم جو ترو ادا ان جو مطلب ته اسان اڃان جهنم کان ڪجهه پري آهيون، (جن ماڻهن شادي ئي ناهي ڪئي، ) مطلب ته دنيا ۾ ڪو به خوش نه آهي،۔۔۔۔۔۔۔۔ جنهن جي شادي ٿيل آهي ته اهو به خوش نه آهي ۽ اهڙا الفاظ پيو استعمال ڪري، ۽ جنهن جي شادي ٿيل نه آهي اهو به خوش نه آهي ڇو جو ان کان شادي نه ڪرڻ جا روزانه ڪيترائي سال ڪيا ويندا آهن ۽ اهو شادي ڪرڻ جي لاء پريشان رهندو آهي، ۽ وري جنهن کي اولاد نه آهي ته اهو اولاد لاء پريشان آهي، وري جنهن کي گهڻو اولاد آهي ۽ غريب آهي ته اهو اولاد جي پرورش ۽ تعليم وغيره لاء پريشان آهي، ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي اولاد به آهي ۽ الله ان کي پيئسو ڏوڪڙ ڌن دولت به ڏني آهي ته، ان جو وري اولاد صالح نه آهي ، اگر اهو اولاد به الله جي فصل وِ ڪرم سان نيڪ ۽ صالح آهي پر کيس وٽ تندرستي ۽ صحتمندي نه آهي ( جنهن جا ڪيترائي دنيا ۾ مثال موجود آهن توهان صرف هيڏانهن هوڏانهن نظر ته ڪريو ) ، ادا مطلب ته هي دنيا خوش رهن جي جاء نه آهي، هرڪو پنهنجي پريشاني ۾ پريشان آهي پوء اهو مرد هجي يا عورت، ننڍو هجي يا وڏو، ٻار هجي يا پيرسن، امير هجي يا غريب، فقير هجي يا بادشاه هجي۔۔۔۔۔۔۔ڀاءُ اگر ڪامل خوشي حاصل ٿيڻ جو مقام آهي ته اهو آهي جنت جو مقام۔۔۔۔ جنهن جو هن دنيا ۾ ته تصور به ڪري نه ٿو سگهجي۔دعا آهي ته رب پاڪ هر انسان کي هدايت عطاء ڪري ۽ هر مسلمان جون بشري خطائون معاف ڪري کيس ان جنت جو مقام عطاء ڪري آمين۔
جواب: جهنم جو ترو اڙي ادا ممتاز، دل نه لاهه، هت به جنت جهڙا مزا آهن، بس ايمان پڪو ڪجي ۽ عمل صالح هجن، باقي کل ڀوڳ پيو هلندو آهي ۔۔۔ اوهان شادي ضرور ڪريو، تمام سٺي شئي آهي ۔۔۔ عورت مرد جو ڍڪ آهي ۽ مرد عورت جو ۔۔۔ اهي ڀوڳ چرچا پيا هلندا آهن ۔۔۔ هر گهر ۾ دوزخ ناهي هوندو ۔۔۔ جنهن گهر جي عورت سياڻي، ڏاهي ۽ بااخلاق هوندي آهي اهو گهر جنت هوندو آهي ۽ جنهن گهر جي عورت بخيل ۽ بي اخلاق هوندي آهي اهو گهر دوزخ ۔۔۔ مٿان وري عورت کي بخيل ۽ بي اخلاق ڪرڻ ۾ مڙسن جو هٿ به گهڻو هوندو آهي ۔۔۔ انڪري ڏاهپ ۽ ايمان جي زندگي گهارڻ وارن کي نه خوف نه گهاٽو ۔۔۔ مطلب اوهان ڇڙا دوست گهٻرايو نه ۔۔۔ جلد شادي ڪريو ۽ سهڻي اولاد پئدا ڪري سنڌي قوم ۾ هڪ سهڻو اضافو ڪريو ۔۔۔ قرآن شريف ۾ الله جو فرمان ياد ڪريو ته نيڪ مردن لا نيڪ عورتون ۽ بڇڙن لا بڇڙيون سنڌي ۾ هڪ چوڻي آهي ته ؛ “ جهڙا روح تهڙا ختما“ رب اوهانکي سهڻي، سلڇڻي پتني عطا ڪري ۔۔۔ آمين
جواب: جهنم جو ترو مونکي انهي ڳالھ جو خدشو هو بحرحال حضرت علي عه جو فرمان آهي ته عورت هڪڙو هڙو وڇون آهي جنهن جي ڏنگڻ ۾ به لُطف آهي سو سائين ممتاز صاحب ڏنگرايو پاڻ کي متان اوهان جي بيماري جو علاج اتي موجود هجي اسان جي حقيقي زندگي ۾ اسان جي تحريرن جو ڪو تعلق ڪونهي متان ڳالهيون ٻڌي پوئتي هٽي وڃو۔ وسلام
جواب: جهنم جو ترو سائين هن تحرير کان پوءِ ته سنڌسلامت تي واڪا ٿي ويا آهن ان مذاق ونڊڻ تي سائين جي مهرباني وسلام
جواب: جهنم جو ترو ادا ڏاڏل صاحب توهان لکيو آهي ته مون کي اهيو ئي خدشو هو ( ادا ڏاڏل خدشو الفاظ کان بهتر الفاظ هي آهن اگر توهان استعمالڪريو ته بهتر ٿيندو ڊڄ، خطرو، حراس خوف، ڊپ، ڀوءُ ) بحرحال حضرت علي عه جو فرمان آهي ته عورت هڪڙو اهڙو وڇون آهي جنهن جي ڏنگڻ ۾ به لُطف آهي سو سائين ممتاز صاحب ڏنگرايو پاڻ کي متان اوهان جي بيماري جو علاج اتي موجود هجي اسان جي حقيقي زندگي ۾ اسان جي تحريرن جو ڪو تعلق ڪونهي متان ڳالهيون ٻڌي پوئتي هٽي وڃو۔ ادا مهرباني توهان جي جو توهان منهنجي هن ڳالهه ڏانهن ڌيان ڏنو ۽ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو،ادا اسان ته شادي به ڪنداسين ۽ شادي نه ڪرڻ جي لاء ته اسان ڪڏهن به ڪو نه چيو آهي، باقي ڏسون ته هي مطمعن ٿيڻ وارو اٺُ ڪٿي ٿو وڃي بيهي، باقي شادي لاء ته مان اهيو چوندس ته شادي به انسان لاء ضروري آهي ۔۔۔۔ مان ته ائين چوندس ته جيئن مرد لاء نوڪري ضروري آهي پوء اها ڪيڏي به ڏکي ڇو نه هجي، ۽ نوڪري ڪرڻ به ڪو آسان ڪم نه آهي مگر ان جو هجڻ ضروري آهي ۽ بيروزگاري خراب آهي اهڙي ريت شادي به ڪو آسان ڪم نه آهي، شادي به هڪ وڏي ذميواري آهي، ۽ اهيو ان سان نڀاءُ پڻ ڏکيو ڪم آهي مگر ان جو هجڻ ضروري آهي۔ ادا ڏاڏل توهان کان هڪ سوال آهي ته اسلام قرآن ۽ حديث ته عورت جو شان مٿاهون ڪيو آهي ۽ عورت لاء ته ڪي به نه وڻندڙ الفاظ استعمال نه ڪيا آهن ته پوء حضرت علي رضه سائين جن عورت کي وڇون ڇو سڏيو آهي، ڪجهه وضاحت ڪندا ته جيئن اسان جهڙن گهٽ علم واري جي رهنمائي ٿئي۔۔۔