مست
سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستو!
اڄ هڪ دوست جي ڪمپيوٽر ۾ نئين ونڊو انسٽال ڪرڻ بعد مائڪروسافٽ آفيس 2007 انسٽال ڪئي، انسٽاليشن جي ڪوششن بعد خبر پئي ته سي ڊي ڪنهن ڪم جي نه آهي۔ وري آفيس 2003 کي انسٽال ڪرڻ بعد جڏهن دوست وٽ محفوظ ٿيل ايڪسل جي فائل نه کلي ته خبر پئي ته هن محفوظ ٿيل فائل جو فارميٽ ته 2007 آفيس واري فائل جو رکيل آهي۔۔ هاڻي ڇا ڪجي۔۔۔ پٽيل ڊي ايس ايل تي انٽرنيٽ تان آفيس ڊائونلوڊ ڪرڻ جو مطلب چڱو ڀلو مُلڪ گهمي اچجي ته به مس مس وڃي ڊائونلوڊ پوري ٿيندي۔۔ بهرحال الله تي توڪل رکي آفيس ڪنورٽر ڳولڻ شروع ڪيم۔ پهرين ڪجهه ننڍا سافٽ ويئر ڊائونلوڊ ڪيم تجربي ۾ ناڪامي بعد آن لائين آفيس ڪنورٽر ڳوليم۔۔ ٿوري دير بعد هڪ اهڙي سائيٽ ملي وئي جنهن ۾ نه صرف ايم آفيس جون فائلون بلڪه هر قسم جي فائل کي ڪنورٽ ڪرڻ جي سهولت آهي۔۔۔ ان ويب سائٽ سان نه فقط مون ايڪسل 2007 جي فائل کي پوئين ورجن (2003 يا ايڪس پي آفيس) جي ايڪسل فائل ۾ ڪاميابيءَ سان تبديل ڪيو بلڪه فائل جي اندر ڪنهن به قسم جي تبديلي يا خرابي نه آئي۔۔
فري فائل ڪنورٽ ڊاٽ ڪام جي نالي سان هن ويب سائيٽ جي اندر 77 کان مٿي فارميٽس ۾ فائلن کي توهان هڪ ٻئي سان ڪنورٽ ڪري سگهو ٿا، جن ۾ هر قسم جي روزمره جي سافٽ ويئر جي فائلن جا مقبول فارميٽ شامل آهن۔۔
ان کان علاوه اوهان فائل کي ڪنورٽ ڪرڻ بعد ڪمپريس ٿيل فائل جي صورت ۾ به ڊائونلوڊ ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔

سپورٽ ٿيل فائل فارميٽ
doc odt pdf rtf txt wiki docx bzip2 eps
mkv amv ppt odp swf ods csv xls xlsx tar
dpg asf djvu html jpg bmp gif ico ps pptx
rar amr au voc png tga tiff wbmp 3gp aac
mid iso pcx 3g2 mtv ac3 avi flac flv mov mp3
7z chm sxw wpd mp4 mpg wav dvd rm
m4a zip cpio cab rmvb ogg wav wma ra mpeg tif
gzip aiff gz lit
ويب سائيٽ جو اسڪرين شاٽ

ويب سائيٽ جو لنڪ
http://www.freefileconvert.com
[/CENTER]