ڇا ارباب رحيم پاران ورتل معافي ڪنهن ڊيل جو نتيجو آهي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جواد رضا طرفان آندل موضوعَ ‏30 جنوري 2011۔

  1. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    ڇا ارباب رحيم پاران ورتل معافي ڪنهن ڊيل جو نتيجو آهي ؟

    غلام حسين لغاري

    اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي حڪومتي دور ۾ سنڌ مٿان بطور وڏي وزير جي انتهائي سخت لهجي ۽ ڏنڊي جي حڪمراني ڪندڙ ۽ پ پ جي ڪٽر مخالف پاڻ مرادو جلاوطن ق ليگ سان واڳيل سياسي اڳواڻ ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم نيٺ پنهنجي غلطين جو اعتراف ڪندي صدر آصف زرداري خلاف ڏنل تهمتي بيانن تي جن ۾ هو محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي قتل جو الزام پ پ قيادت ۽ صدر آصف علي زرداري تي وڏي واڪ مڙهيندو رهيو آهي، تنهن تي پ پ جي قيادت ۽ صدر آصف علي زرداري کان معافي وٺي ڇڏي آهي. بقول ڊاڪٽر ارباب رحيم جي ته هن پ پ قيادت پاران مسلم ليگ ق کي قاتل ليگ سڏڻ ۽ ان جي قيادت چوڌري شجاعت ، پرويز الاهي ۽ کيس محترمه بينظير ڀٽو صاحبه مٿان ٿيل مختلف حملن ۽ قتل واري سازشن ۾ ملوث ڪرڻ ۽ سنڌ اندر محترمه جي شهادت بعد مخالفن جون جائدادون ساڙڻ سبب جوش ۾ اچي اهڙا بيان ڏنا هئا جنهن تي هاڻ کيس ندامت ٿي رهي آهي ۽ خداوند ڪريم جي خوف سبب کيس اهو احساس پئدا ٿيو آهي ته هو پنهنجي غلطين جو اعتراف ڪري ۽ لاڳاپيل ڌر کان پنهنجي معذرت جو اظهار ڪري.
    ڊاڪٽر صاحب جي اهڙي بيان اچڻ بعد پ پ جي قيادت يا ڪنهن اهم اڳواڻ پاران ڪنهن خاص قسم جو ڪو ردعمل يا تبصرو نه ڪيو ويو آهي پر ڪجهه سياسي حلقن ۽ عوامي راءِ موجب ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم جو اهڙو بيان حڪومت سان ڪا ڊيل ٿيندي نظر اچي پيو جنهن تحت هو ويجهي مستقبل ۾ وطن واپس پهچي سياسي سرگرمين ۾ ٻيهر نمودار ٿيڻ وارو آهي. جڏهن ته ڊاڪٽر صاحب پنهنجي جاري ڪيل تلافي واري بيان ۾ اهو صاف چئي ڇڏيو آهي ته سندس بيان ڪنهن دٻاءَ يا حڪومت سان ڊيل جو حصو ناهي ۽ نه وري هن ڪو تڪڙو واپس وطن ورڻ جو سوچيو آهي ڇاڪاڻ ته جڏهن ملڪ ۾ حڪومتي اڳواڻن کي ڪنهن قسم جو تحفظ ناهي ته کيس ڪهڙو تحفظ ملندو جنهن ڪري هو واپس ورڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا جلدي نه ڪندو ۽ حالتون معمول تي اچڻ بعد ئي واپس ورندو. هن اهو به واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هو پ پ جو مخالف آهي ۽ رهندو ۽ هو ق ليگ جي ئي پليٽ فارم تان سياست ۾ ملڪ جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ ڪم ڪندو رهندو.
    پ پ جي قيادت ۽ پ پ جا ڪارڪن ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم جي معافي واري اهڙي بيان کي ڪهڙي نظر سان ڏسن ٿا ان جو اندازو تڏهن ئي لڳائي سگهجي ٿو جڏهن پ پ قيادت ۽ ڪارڪنن پاران ان تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪن پر هتي هڪ ڳالهه اها واضح آهي ته پ پ جو هيٺين سطح وارو ورڪر ڊاڪٽر صاحب جي پ پ جي شهيدن خاص طور تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه خلاف جيڪا به زبان استعمال ڪندو رهيو آهي ان تي کين گهري ڳڻتي رهي آهي ۽ شايد اهي ڊاڪٽر صاحب جي اهڙي معافي کي ڪو وزن نه ڏين يا انجي ورتل اهڙي معافي کي قبول ڪن. ڊاڪٽر صاحب جي وڏ وزارت ختم ٿيڻ ۽ پ پ جي حڪومت اچڻ بعد سنڌ اسيمبلي ٻاهران مٿس بوٽ اڇلائي جيڪو حملو ڪيو ويو هيو سو به ڪارڪنن جي ردعمل جو حصو هو. پ پ جي قيادت ۽ حڪومت کڻي ڊاڪٽر صاحب کي معاف ڪري پر پ پ ورڪر شايد ڪو کيس معاف ڪري ۽ اهوئي سبب آهي جو ڊاڪٽر صاحب پ پ ورڪرن کان گهڻو خوفزدهه آهي ۽ هو وطن واپس ورڻ کان لنوائي ٿو ۽ پنهنجي ادا ڪيل منفي ڪردار جي معافي وٺي پ پ ورڪرن جي اندر ۾ ٻرندڙ ٻاهه تي پاڻي وجهي وسائڻ جي ڪوشش پيو ڪري.
    ڊاڪٽر ارباب رحيم جي معافي جو پس منظر اهو به آهي ته گهڻي عرصي کان اهي ڳالهيون منظرعام تي اينديون رهيون آهن ته ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم ۽ حڪومت وچم ڪو ٺاهه ٿيڻ وارو آهي جنهن لاءِ ڪجهه غير سياسي قوتون ۽ سگهارا ادارا اهڙي ٺاهه لاءِ گهري دلچسپي رکن ٿا. هونئن به اها عالم آشڪار ڳالهه آهي ته ڊاڪٽر صاحب کي سگهارن ادارن ۽ ايجنسين جو ماڻهو ڪوٺيو ويندو آهي ۽ انهن ئي ادارن جي دعا سان هو هڪ اڌ ووٽ رکڻ جي باوجود گهوٽڪي جي سردارن کي اقتداري ايوانن مان ٻاهر ڪڍرائي سنڌ جي وڏ وزارت ماڻي ۽ آخري وقت تائين پنهنجي منصب تي رهيو.سياسي حلقن موجب حڪومت ۽ ڊاڪٽر ارباب رحيم وچ ۾ اهڙي ٺاهه لاءِ حڪومت پاران ڪجهه شرط وڌا ويا هيا جن ۾ ڊاڪٽر پاران پنهنجي ادا ڪيل منفي ڪردار جي معافي وٺڻ به شامل هئي ۽ معافي وٺڻ جي صورت ۾ ڊاڪٽر صاحب مٿان مڙهيل ڪيس نه صرف ختم ڪيا ويندا پر کيس ملڪ واپس ورڻ ۽ سياسي سرگرمين ۾ حصي وٺڻ جي پوري آزادي هوندي جنهن جي عيوض ڊاڪٽر صاحب وري حڪومت ۽ ق ليگ کي ويجهو آڻڻ ۽ مفاهمت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. بقول سياسي حلقن جي ته حڪومت جي هڪ اڌ اهم اڳواڻن جون دبئي ۽ سعودي عرب ۾ ڊاڪٽر صاحب سان ملاقاتون به ٿي چڪيون آهن ۽ ڊاڪٽر صاحب پاران اعلانيل معافي به اهڙي ٺاهه جي هڪ ڪڙي آهي. رهيو سوال ق ليگ کي پ پ جي ويجهو آڻڻ جو ته ڊاڪٽر صاحب ان ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ٿي سگهي ٿو. سياسي حلقا ان راءِ جا آهن ته ڊاڪٽر صاحب موجودهه سياسي ماحول ۾ شايد اها ڪاميابي ماڻي نه سگهي، جنهن جي هو توقع رکي ٿو ڇاڪاڻ ته ق ليگ جي قيادت ۽ ان جي اڳواڻن پ پ حڪومت سان ڪنهن به ٺاهه جي حق ۾ سنجيدهه ناهن.
    بهرحال جيڪڏهن ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم جو اعترافي بيان ۽ ورتل معافي ڪنهن ٺاهه جو نتيجو ناهي ۽ کيس پنهنجي ادا ڪيل منفي ڪردار جو احساس ٿيو آهي ته ان جو حڪومت کي مثبت موٽ ڏيڻ گهرجي ۽ ورتل معافي کي دل وچان قبول ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ڊاڪٽر صاحب خلاف ڪي به سياسي ڪيس داخل آهن ته اهي غيرمشروط ختم ڪيا وڃن ۽ مفاهمت واري حڪومتي پاليسي تحت کيس تحفظ ملڻ گهرجي جيئن هو وطن وري سياسي سرگرمين جو حصو بڻجي سگهي. جيڪو هڪ پاڪستاني جو جمهوري ۽ آئيني حق به آهي. رهيو سوال آمر پرويز مشرف جي دور ۾ هن جيڪو به ڪجهه ڪيو يا ڪنهنجي دل آزاري ڪئي آهي ته خداوندڪريم وٽ دير ناهي ۽ نه وري انڌير آهي، هو ئي کائنس بهتر حساب وٺي سگهي ٿو. هو پنهنجي لاءِ آئيندي جو لائحه عمل ڪهڙو جوڙي ٿو ۽ ڪهڙو رستو وٺي ٿو اهو ان تي ئي ڇڏيو وڃي. جيڪڏهن واقعي ڊاڪٽر صاحب پاران ڏنل اعترافي بيان ۽ ورتل معافي ڪنهن ڳجهي ٺاهه جو نتيجو آهي ته ان جا آثار ڪجهه ڏينهن اندر منظرعام تي اچڻ شروع ٿي ويندا جن جو سنڌواسين کي گهڻو انتظار آهي هونئن به سنڌواسي ڪنهن به سياسي ڇڪتاڻ جي حق ۾ ناهن ۽ مفاهمت کي ئي اهميت ڏين ٿا. پ پ ورڪرن کي ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم صاحب جي ورتل معافي کي قبول ڪرڻ ۽ کيس معاف ڪرڻ گهرجي ته اهو ئي بهتر عمل آهي.

    hussainlighari@gmail.com
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڇا ارباب رحيم پاران ورتل معافي ڪنهن ڊيل جو نتيجو آهي

    سائين اسان کي ڊيل ٿئي لڳي باقي خبر الله تعالى کي ،

    بهرحال اڳتي ڏسجي ته ڇا پيو ٿئي

    سدائين گڏ
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڇا ارباب رحيم پاران ورتل معافي ڪنهن ڊيل جو نتيجو آهي

    مولا وڌيڪ بهتر ڄاڻي باقي پاڻ کي سياست جي چڪرن جي اندر جي خبر ڪانه پوي۔۔۔ سياستدانن جا ڏند ڏيکارڻ‌جا هڪڙا ته کائڻ‌ جا ٻيا۔۔۔۔ اصل ڪات ڪهاڙن کان به تکا ڏند هوندا اٿن، جن سان غريب عوام کي قيمو ڪري وٺن ٿا۔۔۔ هڪڙو وارو وڄائي ٿو وڃي ته وري ٻيو مسلط ٿيو وڃي۔۔ باقي فرق ته ڪو ڪونه ٿو اچي۔۔​
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڇا ارباب رحيم پاران ورتل معافي ڪنهن ڊيل جو نتيجو آهي

    مقابلو ان ڳالهه جو آهي ته ڪير ڪيترو وڪاڻل آهي ۔۔۔ وڪاڻل ته ٻئي ڌريون آهن پر ڪير ڪيترو هيٺ ڪري عوامي نقصان ڪري ٿو، انکي اوترو فائدو پوندو آهي ۔۔۔ اسين عوامي ماڻهون بيوقوف ساڳين ئي سوراخن ۾ هٿ وجهندا آهيون ته هن دفعي متان نانگ جي جا تي ڪا ٻي شئي نڪري اچي پر هر دفعي کان وڏو ۽ زهريلو نانگ هوندو اهي ۔۔۔

    لکي وٺو مونکان پني تي ته پاڪستان ۾ ڪڏهن به ڪا تبديلي نه ايندي ۔۔۔ ايئن ڪم هلندو رهندو ۔۔۔ جيستائين ڪو وڏو خوني انقلاب نه ايندو ۔۔۔

    باقي ڪي ڪتا ڪي بگهڙيل ته ڪي ڏائڻ آهن ۔۔۔ سڀ هڪٻئي جا يار آهن

    مقابلو جاري ۽ ساري آهي ۔۔۔
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڇا ارباب رحيم پاران ورتل معافي ڪنهن ڊيل جو نتيجو آهي

    قربان وڃان نثار ابڙا تنهنجي لفظن
    جي ته ڪي ڪُتا ڪي بگهڙ ته ڪي ڏائڻ آهن، ڪوڙن پنهنجي واٽ تي نڀاڳن سان گڏجي نار چاڙهي ڇڏيا، بقول تنهنجي ته سڀئي هڪڙي حمام ۾ صفا اگهاڙا آهن، ڊيلون ڪهڙيون سائين شهيد راڻي جي رت جو سودو ٿِي رهيو آهي مٺا۔ باقي اسان اها ڳالهه لکي پنهنجي هٿ ۾ لکيل هن ڪمپيوٽر جي ڪِي جنهن کي آئون هاڻي قلم سمجهندو آهي انهي موضع تي هن قلم کي ڀڃي ٿو ڇڏيان ۽ پنهنجي وات ۽ زبان کي سوڙ سبڻ واري وڏي سُئي سان سُبي ٿو ڇڏيان۔
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ڇا ارباب رحيم پاران ورتل معافي ڪنهن ڊيل جو نتيجو آهي


    [​IMG]


    ٺڳ ٺڳن جا يار، هڪڙا وٽو ٻيا ڪلياڙ ​

    ڊاڪٽر ارباب رحيم صاحب جو مختصر تعارف​

    ارباب غلام رحيم 15 سيپٽمبر 1957ع ۾ ٿرپارڪر ضلعي ۾ پيدا ٿيا، ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو مان تعليم حاصل ڪري سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي ۾ داخلا ورتائون، ارباب صاحب جڏهن يونيورسٽي جي چوٿين سال ۾ هئا ته سياست جي شروعات ڪيائون، 1981ع ۾ جنرل ضياء جي تعاون سان ٿرپارڪر ضياء ڪائونسل چيئرمين چونڊيا ويا، ارباب صاحب چار ڀيرا قومي اسيمبلي جا ميمبر چونڊجي آيا، ان کان علاوه هڪ ڀيرو صوبائي اسيمبلي جا ميمبر چونڊجي آيا ۽ ۽ مشرف دور ۾ جنرل پرويز مشرف سان ويجها تعلق هجڻ جي ڪري سنڌ جا وڏا وزير پڻ بڻيا، ارباب صاحب پنهنجي تر جا سٺا نالي وارا زميدار پڻ آهن، ۽ ٿر جي ماڻهن تي وڏو روب تاب رکن ٿا۔
    ادا ڊاڪٽر ارباب رحيم صاحب کي ته سڀڪو سڃاڻي ته هو ڪنهن قسم جو ماڻهون آهي، مست صاحب صحيح لکيو آهي ته ....... سياستدانن جا ڏند ڏيکارڻ‌جا هڪڙا ته کائڻ‌ جا ٻيا۔۔۔۔ اصل ڪات ڪهاڙن کان به تکا ڏند هوندا اٿن، ظاهرن ڊاڪٽر ارباب رحيم صاحب جو ته تبليغ جماعت سان به واسطو اٿس، مگر الله معاف ڪري مان سڀني تبليغ جماعت وارن لاء ڪو نه ٿو چوان، ڇو جو انهن ۾ واقعي ڪي اهڙا مرد مجاهد به آهن جيڪي صرف الله جي رضامندي لاء ئي سچائي ۽ خلوص سان ڪم ڪن پيا۔ ۽ جهڙا جماعت ۾ ڪم ڪندي نظر ايندا آهن اهڙا ٻاهر پنهنجي ذاتي زندگي ۾ به نظر ايندا آهن ، مگر مون زياده تر اهيو ڏٺو آهي ته تبليغ جماعت وارا به جيسيتائين جماعت سان هوندا آهن يا مسجد جي احاطي ۾ موجود هوندا آهن ته انهن کي دين اسلام قرآن ۽ سنت ياد ايندي آهي ۽ اهي جڏهن انهيء محفل مان ٻاهر نڪرندا آهن ته انهن جو اهوئي ساڳيو ڳن ڪهاڙي هوندو آهي۔ سو ارباب صاحب به انهن ئي جماعتين مان آهي ۽ سندس زبان مان نڪتل بيان ئي هئا جنهن جي ڪري اسان جي سنڌ جي عوام سندس مخالفت پئي ڪئي ۽ ڀري اسيمبلي ۾ ميڊيه جي اڳيان کين زليل ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ڪا نه ڇڏي، جنهن جون وڊيوز گواهه آهن. ، هڪ حديث جو مفهوم آهي ته .... حضور سائين صحابه ڪرام کي چيو ته توهان مون کي ٻن ڳالهين جي ضمانت ڏيو ته مان توهان کي جنت جي ضمانت ڏيان، ۽ ،۽ انهن مان هڪ آهي ٻن رانن جي وچ ۾ ۽ ٻئي آهي ٻن ڄاڙين جي وچ ۾ ( زبان ) ...... سو منهنجا ساٿيو اهيا زبان ئي آهي جنهن لاء سنڌي جو مشهور قول، پهاڪو يا چوڻي آهي ته ... ابا اهيا زبان ئي آهي جيڪا کٽ تي به ويهاري ته پٽ تي به ويهاري.. اسان ته اهيو به ٻڌو آهي ته ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ايريا ۾ به غريبن سان وڏيرن وارو برتاءُ رکندو آهي ۽ غريبن سان ڏاڍ مڙسي ۽ ظلم ڪندو رهندو آهي۽ کيس وٽ نجي جيلون به آهن ، ۽ گذريل اليڪشن دوران به ڏنڊي جي زور تي هن پئي پاڻ لاء ووٽ وجهرايا۔ باقي ته الله ئي بهتر ٿو ڄاڻي۔باقي سنڌ لاء ڪير ڪون ٿو لڙي ۽ سڙي، هرڪو پيو پنهنجا اڪائونٽ ڀري، ڪيترا حڪمران آيا ۽ ويا مگر افسوس سان مان ته وري به اهيوئي چوندس ته .......... (سنڌ نه سنبري سک اڀري سج لهي ويا۔،) سنڌ سلامت جا ساٿيو توهان ڪنهن ۾ به اهيا اميد نه رکو ته ڪو هي ڪنهن غريب جو چڱو سوچيندا يا ڪنهن غريب لاء چڱو ڪم ڪندا بس اهي سڀ سياستدان آهن ۽ انهن لاء ته هي الفاظ تمام سٺا ٿا لڳن. ٺڳ ٺڳن جا يار، هڪڙا وٽو ٻيا ڪلياڙ

    حڪومت جو نشو به عجيب نشو آهي هي ڏسو هڪ وڊيو ​

    http://www.youtube.com/watch?v=GLaLX-KDi-A&NR=1
    ٻين تي رحم ڪريو ته توهان جي مٿان رحم ڪيو ويندو ​

    http://www.youtube.com/watch?v=U1TYNoAtoJ4
    جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي​

    http://www.youtube.com/watch?v=Iy6q8snGouc&NR=1

    جيو ۽ جيئڻ ڏيو۔ جيو جو هڪ وڊيو ​

    http://www.youtube.com/watch?v=JhIdzcvlUuA&NR=1
     
  7. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڇا ارباب رحيم پاران ورتل معافي ڪنهن ڊيل جو نتيجو آهي

    ادا پڪ دال ۾ ڪارو آهي .
     
  8. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: ڇا ارباب رحيم پاران ورتل معافي ڪنهن ڊيل جو نتيجو آهي

    يا ڀا‌سڄي دال ڪاري جڳي پئي آهي۔
     
  9. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڇا ارباب رحيم پاران ورتل معافي ڪنهن ڊيل جو نتيجو آهي

    ادا ممتاز توهان هي تفصيلي رپورٽ لڳائي هن موضوع کي تمام بهترين بڻائي ڇڏيو۔۔۔ اصل چار چنڊ لڳائي ڇڏيا۔۔۔۔
    واقعي جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو