جواد رضا
سينيئر رڪن
ڇا ارباب رحيم پاران ورتل معافي ڪنهن ڊيل جو نتيجو آهي ؟
غلام حسين لغاري
اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي حڪومتي دور ۾ سنڌ مٿان بطور وڏي وزير جي انتهائي سخت لهجي ۽ ڏنڊي جي حڪمراني ڪندڙ ۽ پ پ جي ڪٽر مخالف پاڻ مرادو جلاوطن ق ليگ سان واڳيل سياسي اڳواڻ ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم نيٺ پنهنجي غلطين جو اعتراف ڪندي صدر آصف زرداري خلاف ڏنل تهمتي بيانن تي جن ۾ هو محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي قتل جو الزام پ پ قيادت ۽ صدر آصف علي زرداري تي وڏي واڪ مڙهيندو رهيو آهي، تنهن تي پ پ جي قيادت ۽ صدر آصف علي زرداري کان معافي وٺي ڇڏي آهي. بقول ڊاڪٽر ارباب رحيم جي ته هن پ پ قيادت پاران مسلم ليگ ق کي قاتل ليگ سڏڻ ۽ ان جي قيادت چوڌري شجاعت ، پرويز الاهي ۽ کيس محترمه بينظير ڀٽو صاحبه مٿان ٿيل مختلف حملن ۽ قتل واري سازشن ۾ ملوث ڪرڻ ۽ سنڌ اندر محترمه جي شهادت بعد مخالفن جون جائدادون ساڙڻ سبب جوش ۾ اچي اهڙا بيان ڏنا هئا جنهن تي هاڻ کيس ندامت ٿي رهي آهي ۽ خداوند ڪريم جي خوف سبب کيس اهو احساس پئدا ٿيو آهي ته هو پنهنجي غلطين جو اعتراف ڪري ۽ لاڳاپيل ڌر کان پنهنجي معذرت جو اظهار ڪري.
ڊاڪٽر صاحب جي اهڙي بيان اچڻ بعد پ پ جي قيادت يا ڪنهن اهم اڳواڻ پاران ڪنهن خاص قسم جو ڪو ردعمل يا تبصرو نه ڪيو ويو آهي پر ڪجهه سياسي حلقن ۽ عوامي راءِ موجب ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم جو اهڙو بيان حڪومت سان ڪا ڊيل ٿيندي نظر اچي پيو جنهن تحت هو ويجهي مستقبل ۾ وطن واپس پهچي سياسي سرگرمين ۾ ٻيهر نمودار ٿيڻ وارو آهي. جڏهن ته ڊاڪٽر صاحب پنهنجي جاري ڪيل تلافي واري بيان ۾ اهو صاف چئي ڇڏيو آهي ته سندس بيان ڪنهن دٻاءَ يا حڪومت سان ڊيل جو حصو ناهي ۽ نه وري هن ڪو تڪڙو واپس وطن ورڻ جو سوچيو آهي ڇاڪاڻ ته جڏهن ملڪ ۾ حڪومتي اڳواڻن کي ڪنهن قسم جو تحفظ ناهي ته کيس ڪهڙو تحفظ ملندو جنهن ڪري هو واپس ورڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا جلدي نه ڪندو ۽ حالتون معمول تي اچڻ بعد ئي واپس ورندو. هن اهو به واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هو پ پ جو مخالف آهي ۽ رهندو ۽ هو ق ليگ جي ئي پليٽ فارم تان سياست ۾ ملڪ جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ ڪم ڪندو رهندو.
پ پ جي قيادت ۽ پ پ جا ڪارڪن ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم جي معافي واري اهڙي بيان کي ڪهڙي نظر سان ڏسن ٿا ان جو اندازو تڏهن ئي لڳائي سگهجي ٿو جڏهن پ پ قيادت ۽ ڪارڪنن پاران ان تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪن پر هتي هڪ ڳالهه اها واضح آهي ته پ پ جو هيٺين سطح وارو ورڪر ڊاڪٽر صاحب جي پ پ جي شهيدن خاص طور تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه خلاف جيڪا به زبان استعمال ڪندو رهيو آهي ان تي کين گهري ڳڻتي رهي آهي ۽ شايد اهي ڊاڪٽر صاحب جي اهڙي معافي کي ڪو وزن نه ڏين يا انجي ورتل اهڙي معافي کي قبول ڪن. ڊاڪٽر صاحب جي وڏ وزارت ختم ٿيڻ ۽ پ پ جي حڪومت اچڻ بعد سنڌ اسيمبلي ٻاهران مٿس بوٽ اڇلائي جيڪو حملو ڪيو ويو هيو سو به ڪارڪنن جي ردعمل جو حصو هو. پ پ جي قيادت ۽ حڪومت کڻي ڊاڪٽر صاحب کي معاف ڪري پر پ پ ورڪر شايد ڪو کيس معاف ڪري ۽ اهوئي سبب آهي جو ڊاڪٽر صاحب پ پ ورڪرن کان گهڻو خوفزدهه آهي ۽ هو وطن واپس ورڻ کان لنوائي ٿو ۽ پنهنجي ادا ڪيل منفي ڪردار جي معافي وٺي پ پ ورڪرن جي اندر ۾ ٻرندڙ ٻاهه تي پاڻي وجهي وسائڻ جي ڪوشش پيو ڪري.
ڊاڪٽر ارباب رحيم جي معافي جو پس منظر اهو به آهي ته گهڻي عرصي کان اهي ڳالهيون منظرعام تي اينديون رهيون آهن ته ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم ۽ حڪومت وچم ڪو ٺاهه ٿيڻ وارو آهي جنهن لاءِ ڪجهه غير سياسي قوتون ۽ سگهارا ادارا اهڙي ٺاهه لاءِ گهري دلچسپي رکن ٿا. هونئن به اها عالم آشڪار ڳالهه آهي ته ڊاڪٽر صاحب کي سگهارن ادارن ۽ ايجنسين جو ماڻهو ڪوٺيو ويندو آهي ۽ انهن ئي ادارن جي دعا سان هو هڪ اڌ ووٽ رکڻ جي باوجود گهوٽڪي جي سردارن کي اقتداري ايوانن مان ٻاهر ڪڍرائي سنڌ جي وڏ وزارت ماڻي ۽ آخري وقت تائين پنهنجي منصب تي رهيو.سياسي حلقن موجب حڪومت ۽ ڊاڪٽر ارباب رحيم وچ ۾ اهڙي ٺاهه لاءِ حڪومت پاران ڪجهه شرط وڌا ويا هيا جن ۾ ڊاڪٽر پاران پنهنجي ادا ڪيل منفي ڪردار جي معافي وٺڻ به شامل هئي ۽ معافي وٺڻ جي صورت ۾ ڊاڪٽر صاحب مٿان مڙهيل ڪيس نه صرف ختم ڪيا ويندا پر کيس ملڪ واپس ورڻ ۽ سياسي سرگرمين ۾ حصي وٺڻ جي پوري آزادي هوندي جنهن جي عيوض ڊاڪٽر صاحب وري حڪومت ۽ ق ليگ کي ويجهو آڻڻ ۽ مفاهمت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. بقول سياسي حلقن جي ته حڪومت جي هڪ اڌ اهم اڳواڻن جون دبئي ۽ سعودي عرب ۾ ڊاڪٽر صاحب سان ملاقاتون به ٿي چڪيون آهن ۽ ڊاڪٽر صاحب پاران اعلانيل معافي به اهڙي ٺاهه جي هڪ ڪڙي آهي. رهيو سوال ق ليگ کي پ پ جي ويجهو آڻڻ جو ته ڊاڪٽر صاحب ان ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ٿي سگهي ٿو. سياسي حلقا ان راءِ جا آهن ته ڊاڪٽر صاحب موجودهه سياسي ماحول ۾ شايد اها ڪاميابي ماڻي نه سگهي، جنهن جي هو توقع رکي ٿو ڇاڪاڻ ته ق ليگ جي قيادت ۽ ان جي اڳواڻن پ پ حڪومت سان ڪنهن به ٺاهه جي حق ۾ سنجيدهه ناهن.
بهرحال جيڪڏهن ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم جو اعترافي بيان ۽ ورتل معافي ڪنهن ٺاهه جو نتيجو ناهي ۽ کيس پنهنجي ادا ڪيل منفي ڪردار جو احساس ٿيو آهي ته ان جو حڪومت کي مثبت موٽ ڏيڻ گهرجي ۽ ورتل معافي کي دل وچان قبول ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ڊاڪٽر صاحب خلاف ڪي به سياسي ڪيس داخل آهن ته اهي غيرمشروط ختم ڪيا وڃن ۽ مفاهمت واري حڪومتي پاليسي تحت کيس تحفظ ملڻ گهرجي جيئن هو وطن وري سياسي سرگرمين جو حصو بڻجي سگهي. جيڪو هڪ پاڪستاني جو جمهوري ۽ آئيني حق به آهي. رهيو سوال آمر پرويز مشرف جي دور ۾ هن جيڪو به ڪجهه ڪيو يا ڪنهنجي دل آزاري ڪئي آهي ته خداوندڪريم وٽ دير ناهي ۽ نه وري انڌير آهي، هو ئي کائنس بهتر حساب وٺي سگهي ٿو. هو پنهنجي لاءِ آئيندي جو لائحه عمل ڪهڙو جوڙي ٿو ۽ ڪهڙو رستو وٺي ٿو اهو ان تي ئي ڇڏيو وڃي. جيڪڏهن واقعي ڊاڪٽر صاحب پاران ڏنل اعترافي بيان ۽ ورتل معافي ڪنهن ڳجهي ٺاهه جو نتيجو آهي ته ان جا آثار ڪجهه ڏينهن اندر منظرعام تي اچڻ شروع ٿي ويندا جن جو سنڌواسين کي گهڻو انتظار آهي هونئن به سنڌواسي ڪنهن به سياسي ڇڪتاڻ جي حق ۾ ناهن ۽ مفاهمت کي ئي اهميت ڏين ٿا. پ پ ورڪرن کي ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم صاحب جي ورتل معافي کي قبول ڪرڻ ۽ کيس معاف ڪرڻ گهرجي ته اهو ئي بهتر عمل آهي.
hussainlighari@gmail.com