.. ۽ هاڻي پيش آهي نئين عربي سوغات: انقلاب! روزاني ڪاوش مان ورتل تيونس ۾ زين العابدين ابن علي جي صدارت ختم ڪندڙ عوامي تحرڪ عرب دنيا جي ٻين ملڪن جي عوامي ۽ حڪومت مخالف سياسي حلقن کي اهو حوصلو ڏنو آهي ته اهي به ڪاميابي ماڻي سگهن ٿا. عرب دنيا جي مڃيل سيٽلائيٽ چينلز طرفان يَمن مان جيڪي منظر سڌا سنوان سڄي دنيا آڏو نشر ڪيا پئي ويا آهن، سي مصر ۾ ڪجهه ڏينهن کان جاري حڪومت مخالف احتجاجي تحريڪ جو عڪس پيا لڳن، ۽ مصر ۾ جيڪو ڪجهه وهي واپري پيو، سو وري تيونس ۾ ڪجهه مهينن جي عوامي احتجاج کانپوءِ پيدا ٿيڻ وارين حالتن کي منعڪس ٿيندڙ محسوس ٿي رهيا آهن. مغربي دنيا جي ميڊيا هنن حالتن کي ”عرب دنيا جا عدم استحڪام وارا ڏينهن“ سڏي رهي آهي. ايئن لڳي رهيو آهي ڄڻ گرمي جي عادي عرب دنيا کي هيءُ سيارو ڀانءِ نه پيو آهي! تيونس کانپوءِ يَمن جون حالتون اڃان بين الاقوامي سطح تي دلچسپي جو مرڪز بڻجندي محسوس ٿي رهيون هيون، پر واشنگٽن جي حمايت رکندڙ مصري صدر حسني مبارڪ خلاف ملڪ جي نوجوانن پاران ڪجهه ڏينهن اڳ شروع ڪيل احتجاج اهڙي شدت اختيار ڪري ويو آهي جو هاڻي بين الاقوامي ميڊيا ۽ عالمي برادري جو طاقتور بلاڪ پنهنجي من پسند عرب ملڪ مصر تان هڪ گهڙي به ڌيان هٽائڻ لاءِ تيار ناهي. مصر تي ايئن نگاهون اٽڪي ڇو نه پون، مصر عرب دنيا ۾ ڊپلوميسي جو ”هيوي ويٽ چيمپيئن“ رهيو آهي، جنهن اسرائيل سان معاهدن سميت آمريڪا جي پڪي پختي حمايت جهڙا انعام پئي ماڻيا آهن. قاهره، سيوز، اسڪندريا ۽ ٻين انيڪ شهرن سميت نيل نديءَ جي ڊيلٽا واري خطي ۾ اتر سنائي ۽ منصور جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پڻ احتجاج هر ڏينهن شدت اختيار ڪندو پيو وڃي. ڪجهه ڏينهن اڳ جتي مصر جي پوليس حڪومت مخالف مظاهرا ڪندڙ هزارين عام مصري شهرين تي ڳوڙها گئس ۽ رٻڙ جون گوليون وسائي رهي هئي، اتي هاڻي لکين حڪومت مخالف احتجاج ڪندڙن جا مجموعا مقامي سيڪيورٽي فورسز جي ضابطي ۾ نه اچڻ جهڙا احتجاج ڪري رهيا آهن. دلچسپ ڳالهه ته اها آهي ته هاڻي وڏي انگ ۾ خود مصري پوليس اهلڪار به ان ملڪگير حڪومت مخالف تحريڪ جو حصو بڻجي رهيا آهن. ڪجهه وقت اڳ تائين مصر جي نوجوانن پاران شروع ڪيل اها تحريڪ ليڊرشپ کان وانجهيل هئي. خميس ڏهاڙي اها محرومي تڏهن ختم ٿي ويئي جڏهن انٽرنيشل ايٽامڪ انرجي ايجنسي جي اڳوڻي سربراهه ۽ نوبل انعام يافته شخصيت محمد ال برادي مصر جي راڄڌاني قاهره پهچي احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت اختيار ڪئي. انهيءَ ڏينهن احتجاج دوران مقامي پوليس ال برادي کي واٽر ڪينن سان اڏائي انقلابي هوا جا مزا به چکايا. چوڻ وارا چون ٿا ال برادي نه به هجي ها ته هيڏي شدت اختيار ڪري ويل عوامي تحرڪ پاڻمرادو قيادت کي جنم ڏئي وٺي ها، جو قيادتون پيدا ڪرڻ وارو ڊگهو عمل نوجوانن جي هٿن ۾ سولو ۽ مختصر ٿيو پوي. هوڏانهن ”مسلم برادرهوڊ“ نالي مصر جي اڳوڻي سڀ کان وڏي حڪومت مخالف تنظيم به سالن تائين غير فعال رهڻ بعد تازي احتجاج ۾ شرڪت جو اصولي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. انقلاب جا رنگ جڏهن انقلابين جي حق ۾ منظر بعد منظر جوڙڻ لڳن ٿا ته انقلاب جي اهڙي من موهيندڙ تصوير جڙي پوي ٿي جنهن پٺيان حالتن جا ٻيا سڀئي زاويا ڍڪجيو پون. مصر صرف ڪو ملڪ ناهي، پر دنيا جي نقشي جو اهڙو ٽڪڙو آهي جنهن جي حدن اندر ننڍي ۾ ننڍي سياسي چر پر عرب دنيا مان ڦٽندڙ سڀني عالمي–سياسي رجحانن ۾ تبديليون آڻيو ڇڏي، گڏوگڏ خطي توڙي خطي جي آس پاس وارين رياستن ۽ ملڪن تي اثرانداز ٿيندڙ عرب دنيا جي سوغات، مذهبي انتهاپسندي جي حوالي سان به ڪا نه ڪا نئين صورتحال ڄڻيو ڇڏي. تواريخ ۾ ان جو مثال اسرائيل سان مصر جا لاڳاپا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ عرب دنيا مان دهشتگرد جي هڪ وڏي لوڌ پيدا ٿي. انهن زاوين کي به وساري نه ٿو سگهجي. مصر ۾ آمريڪا جي دلچسپي جو هڪ مک ڪارڻ اهو به آهي. تنهنڪري ئي ته جڏهن ڪجهه ڏينهن اڳ مصر جي موجوده صورتحال جي تناظر ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير هلري ڪلنٽن اهو بيان ڏنو ته ”اسين مصر جي عوام کي ان جا حق ملڻ جي حق ۾ آهيون“ ، ته ان تي مصر جي هڪ مڃيل سياسي شخصيت ۽ اپوزيشن ليڊر سعدالدين ابراهيم اهي رمارڪس ڏنا ته ”آمريڪا جي پاليسي اڃان تائين اسانجي مزاج موجب ناهي، جيڪڏهن انهن کي اسانجي مطالبن جي حمايت ڪرڻي آهي ته مڪمل حمايت ڪن.“ مطالبو سولو آهي. حسني مبارڪ رلي ويڙهي، ۽ ال برادي جي هٿن ۾ نئين جمهوري حڪومت ڏني وڃي، جنهن ۾ سڀئي جمهوريت پسند سياسي ڌريون حصيدار هجن. مختصر اهو ته عوام طاقت پنهنجن هٿن ۾ چاهي ٿو. آئين ۾ حسني مبارڪ پاران پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ شامل ڪيل سمورو گند صاف ڪرڻ لاءِ ان نئين عبوري حڪومت جهڙي حڪومت کي ڇهه مهينن کان سال لڳي ويندو، جنهن دوران سڄي ملڪ ۾ سياسي ماحول جڙي ويندو ته نيون عام چونڊون ٿين ۽ حقيقي عوامي حڪومت جو قيام عمل ۾ اچي. حسني مبارڪ، جيڪو هاڻي آهستي آهستي آمرن جي ان صف ۾ وڃي بيهڻ جهڙو ٿيڻ لڳو آهي جيڪي لاوارثن جيان جلاوطنيءَ جي سفر تي تڙيا ويا آهن، تنهن جي انتظاميا حالتن کي سمجهڻ کان شايد انڪاري آهي، جو اها اڃان به حالتن تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڏنڊي جي زور تي ڪم هلائڻ واري پاليسي اختيار ڪري ويٺي آهي. تازو ئي مصر جي راڄڌاني سميت مختلف شهرن ۾ ڪرفيو جو اعلان ڪري فوج لاٿي ويئي آهي. اهو ته شايد انقلاب جي منزل کان اڳ ئي ڪا پنهنجي منزل جوڙڻ جي گنجائش ۽ لچڪ رکندڙ عوام کي انقلاب ڏانهن ڌڪڻ واري ڪار آهي! جيئن هڪ مصري اخبار ۾ اهي سٽون سرخي بڻيل هيون: ”مصر ۾ (انقلاب جو) ڌماڪو ٿي چڪو آهي!“ عرب دنيا ۾ تيونس ۽ مصر کانسواءِ يَمن به اهڙين ئي حالتن جي ور چڙهيل آهي. فرق ايترو آهي ته اتي 32 سالن کان آمريڪا جي آشيرواد سان حڪومت ڪندڙ علي عبدالله صالح جي مخالفت ۾ تحريڪ جي شروعات مصر جيان عام نوجوانن نه پر يَمن جي حزب اختلاف پاران ئي ڪئي ويئي آهي. جيتوڻيڪ ڪالهه، جمع ڏهاڙي، يَمن ۾ اهڙو ڪو خاص تحرڪ نظر نه آيو پر احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ هڪ يمني اپوزيشن قانونساز چوي ٿو، ”يا ته هو (علي عبدالله صالح) سڌارا آڻي، يا اسين کانئس اقتدار کسي ڇڏينداسين. هن اميد جا سڀئي در بند ڪري ڇڏيا آهن، پر گهٽيون اسانجي جاگير آهن ۽ اهي اسانکي وٽس پهچائينديون.“ يَمن، مصر کان ڏکيو ملڪ آهي. يَمن جي اتر ۾ تازو شروع ٿيل هيءُ انقلابي تحرڪ ئي يَمن جو مسئلو ناهي، پر اڳواٽ مارڪسسٽ لاڙا رکندڙ ڏاکڻي يَمن ۾ عليحدگي پسند تحريڪ به وڏين پريشانين جو سبب بڻيل رهي آهي. ان کانسواءِ ڪجهه ورهين کان القاعده سان ويجهن لاڳاپن سبب عرب اپٻيٽ جي ڏکڻ–اوڀر ڪنڊ ۾ واقع هن غربت سٽيل، قانون جي تصور کان گهڻي ڀاڱي وانجهيل ۽ ڪلاشنڪوف ڪلچر کي سدابهار فيشن ٽرينڊ سمجهندڙ هن ملڪ يَمن کي دهشتگردي جي پڻ اهڙي پناهه گاهه بڻائي ڇڏيو آهي جنهن تائين يمني رياست جي پهچ ناممڪن ٿي چڪي آهي. 1990ع واري ڏهاڪي ۾ گهرو ويڙهه جي ور چڙهڻ کانپوءِ هيل تائين بحرانن جي ڄار ۾ ڦاٿل هن ملڪ جي حڪومت مخالف عوامي توڙي سياسي حلقن جو خيال آهي ته يَمن کي ”سومالائزيشن “ جو خطرو به لاحق آهي. يمني صدر صالح به آمريڪي آشيرواد رکندڙ عرب حڪمرانن ۾ شامل آهي. کيس وري القاعده جي يمني شاخ سان وڙهڻ لاءِ پنهنجو ساٿاري بڻايو ويو آهي. ان عيوض صدر صالح کي آمريڪا، هر آمر جيان، ڊگهو اقتدار تحفي ۾ ڏئي ڇڏيو آهي، جنهنڪري صدر صالح آئين ۾ پنهنجي حق ۾ هر ممڪن ترميم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هينئر به سندس ڪوشش آهي ته يمني آئين ۾ ترميم ڪري پاڻ کي ايندڙ 10 سالن تائين حڪمراني جي مسند جو حقدار بڻائي رکي. تازي بغاوت کي چٿڻ لاءِ يمني راڄڌاني ثنا ۾ به سيڪيورٽي فورسز امڻايون ويون آهن. يمَن جي تحريڪ جو رنگ ”گلابي“ آهي. پوءِ اهو ٻانهن تي ٻڌيل پٽين، بينرز ۽ مٿي تي ٻڌل رومالن جي صورت ۾ ڪٿي به نظر اچي سگهي ٿو. احتجاج ڪندڙن جون اڀ ڏاريندڙ صدائون ڇا ٿيون چون؟ ”نڪر جدي ڏانهن، صالح!“ سعودي شهر جدو مسلم دنيا جي سڀني ڪرپٽ سياستدانن جي آخري ڪيمپ، آخري پناهه گاهه هوندو آهي. بهرحال، مبصرن جو خيال آهي ته يَمن جي سياسي صورتحال ۾ سڀ کان دلچسپ ڳالهه اها آهي ته سياسي اپوزيشن ڪجهه قدر لچڪدار آهي. حڪومت مخالف تحريڪ جي اڳواڻي ڪندڙ حڪومت سان ڳالهه ٻولهه لاءِ به تيار آهن. سندن مک مطالبو اهو آهي ته صدر صالح آئين سان ڇيڙ ڇاڙ بند ڪري، سماجي ۽ سياسي سڌارا آڻي ۽ اقتدار کي پنهنجي جاگير طور پنهنجي پٽ ڏانهن منتقل ڪرڻ وارو خواب تياڳي. صالح چالاڪ سياستدان آهي، سو هن تازو يمن جي قومي ٽي وي تي اهو اعلان ڪيو آهي ته فوج جي پگهارن ۾ اضافو ٿو ڪريان. ان اعلان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سندس سڌرڻ جا ڪيترا امڪان آهن. عرب ملڪن جي موجوده صورتحال اندروني سطح تي ڪهڙا نتيجا اخذ ڪندي، سو ته وقت ٻڌائيندو، پر ترت پڌرو ٿيندڙ اثر دلچسپ آهي ته آمريڪا، مصر ۽ يمن جي حڪمرانن لاءِ پنهنجون پاليسيون تبديل ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي. سپر پاور کي ايئن پنهنجي فيصلن تي غور ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ وارو عرب عوام ضرور ڪو ته ڪرشمو ڏيکاري ويندو!