• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فقير ڦلپوٽو ۔۔۔ سنڌ سلامت جو سڄڻ ۽ منهنجو دوست

نثارابڙو

نائب منتظم
فقير ڦلپوٽو
سنڌ سلامت جو استاد

سنڌ سلامت جو هڪ اهڙو فقير جنهنکي آ غني چوندو آهيان

جيڪو پاڻ پيٽ تي پٿر رکي به سنڌ سلامت جي کاڌ خوارڪ جو بندوبست ڪندو رهندو آهي

سنڌ سلامت جو ڪهڙو رڪن هوندو جيڪو فقير عبدالوحيد ڦلپوٽي کي نه سڃاڻيندو هوندو ۔۔۔ هي دوست پنهنجي سڀني صلاحيتن سان سنڌ سلامت کي سنواريندو ۽ دوستن جي رهنمائي ۾ پنهنجو ڪردار نڀائيندو ۔۔۔ کل ڀوڳ ڪندو، راڳ ۽ رنگ ٻڌرائيندو ۔۔۔ علمي ۽ ڄاڻ وارا ونڊ ڪندو ۔۔۔ ڪلهي تي رلهي رکي سنڌ سلامت سان رات ۽ ڏينهن هلندو رهي ٿو ۔۔۔

اڄ سندس لکڻين جي انگ تي نظر پئي ته انگ 500 تي پهتل نظر آيو ۔۔۔۔ 500 بي بها مضمون ۔۔۔ 500 سهڻا ليک ۽ 500 ڪارائتا ونڊ ڪري ، سنڌ سلامت تي عام ۽ خاص مونتي ٿورا لاتا اٿس ۔۔۔۔

فقير سائين تنهنجي وفا کي سلام ۽ تنهنجن ليکن تي واڌايون ۔۔۔ اميد ته اوهان پنهنجي ڏاهپ سان هميشه اسانکي سرخرو ڪندا رهندا ۔۔۔

پاڻ وٽ ڏيڻ لا دعائون آهن، رب اوهانکي هر مشڪل گهڙي مان پار ڪري ۽ آباد ۽ خوشحال رکي ۔۔۔ آمين
 
جواب: فقير ڦلپوٽو ۔۔۔ سنڌ سلامت جو سڄڻ ۽ منهنجو دوست

ماشاءَ الله۔۔۔ فقير سائين ۔۔۔۔ نظر نه لڳي۔۔ توهان جي سنڌ سلامت سان پيار جو اهو هڪ بهترين ثبوت آهي۔۔ اوهان سنڌ سلامت تي نيون شيون ونڊ ڪرڻ سان گڏ هتي تمام دوستن کي هر ميدان ۾ همٿائيندا آهيو۔۔ الله توهان جي توفيق ۾ اڃان اضافو فرمائي۔۔۔
اوهان کي دل جي گهراين سان مبارڪ هجي۔۔۔
 
السلام عليڪم

حق موجود فقير جي بادشا هي جو خير

بابا سائين نثار اسان جي فقير سنڌ سلامت تي پنج سو پوسٽون مڪمل ڪيون آهين جن ۾ پيار ، محبت ، اخلاص ، پهنجائپ ۽ دانائي جو درس آهي سلام آهي فقير جي ان همٿ ۽ خلوص کي جيڪو اسان سان ۔۔۔۔ ۔۔ سردي گرمي ۾ گڏ رهيو آهي ۔ فقيرا ڻي طبيعت جو هي نوجوان جنهن تي سان سڀني کي تمام گهڻو فخر آهي يارن جو يار هر ڳاله ۾ گڏ سدائين گڏ جو نعرو هڻي ڪري ساٿ نڀائڻ جا وچن ڪرڻ وارا دوست ۽ اسان جا پيالي ڀائي اسان طرفان اوهان کي پنج سو جو انگ پار ڪرڻ تي کوڙ ساريو واڌايون قبول هجن
 
فقير سائين بيشڪ اسان جي هن فورم جو سرتاج آهي سندن طبييعت بهترين آهي هر دوست سندن طبيعت کان راضي هوندو جو پاڻ تلخ لهجو ڄاڻن ئي ڪونه اسان جي ته سر جو سائين آهي ڪڏهن ڪڏهن فقير لفظ لکندي به ڏکيو لڳندو آهي ليڪن اهو لفظ الائي کين پسند به آهي الائي نه ڀلو ته ائين ته سهڻو عبدالوحيد لکجي وڌيڪ وري به راز جا راڻا آهن پاڻ جيڪڏهن ان متعلق وضاحت ڪن ته بهتر بهرحال سندن ڪاوشن کي سلام آهي هن عاجز طرفان به کين محبت جو سلام ۽ ايترن سارن مضمونن جي تڪميل تي مبارڪون عرض آهن.
 
243n9so.jpg
 
جواب: فقير ڦلپوٽو ۔۔۔ سنڌ سلامت جو سڄڻ ۽ منهنجو دوست

هن عاجز ۽ ناچيز جي طرفان به کين محبت جو سلام ۽ 500 مضمونن جي تڪميل تي مبارڪون عرض آهن.
 
جواب: فقير ڦلپوٽو ۔۔۔ سنڌ سلامت جو سڄڻ ۽ منهنجو دوست

فقير جي تعريف هاڻي ڪهڙي ڪجي۔۔تمام بهترين ليک ۽ انهن جو تحريرون هونديون آهن۔۔سائين جن کي اسان طرفان به مبارڪون۔​
 
فقير کي اسان پاران اٿي بيهي سلام

فقير ڦلپوٽو هر وقت سنڌ سلامت تي ملندو ، هميشه سنڌ سلامت جي اڻ تڻ هوندس ، جڏهن فون تي ڳالهايوس ته وڏا ٽهڪ اندر ۾ الائي ڪيترا ڏک ، پريشانيون هوندي به دوستن سان هميشه پيو وڏا ٽهڪ ڏئي کلندو۔ جي فون ڪرڻ ۾ اسان کان دير ٿي ٺڪ پاڻ فون ڪندو۔ جڏهن به سنڌ سلامت جي ڪنهن ميمبر کي ڪو مسئلو ايندو ته فقير اچي پيش ٿيندو ۽ ڪو حل ٻڌائيندو۔

ڪڏهن ڪڏهن وري عجيب ڳالهيون به ڪندو جيڪي مونکي سمجهڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي يا وري شايد مان پاڻ به ٿورو اڻپڙهيل لڳندو آهيا انڪري سمجه ۾ نه اينديون آهن ، پر ادا علي علي ۽ ادا رشيد سمون کيس جلدي سمجهي ويندا آهن۔

فقير وحيد ڦلپوٽو آهي ته فقير پر موسيقيء سان ۽ خاص ڪري سنڌي موسيقيء سان گهرو لڳاء اٿس خبر ناهي ڳائيندو ڪيئن آهي جو روبرو ملبو ته اها فرمائش ڪبي پر سنڌ سلامت تي جيترا ڪلام فقير ونڊ ڪيا آهن اوترا ڪنهن ٻئي نه ۔ فقير جي سنڌ سلامت لاء ڪيل ڪوششون تعريف کان مٿي آهن ۽ وري مون جهڙو جيتامڙو فقير جي لکڻين اڳيان ته هاٿيء جي اڳيان ڪِوِل وانگر آهي۔

فقير کي مبارڪون جو سندس سوچ ، جاکوڙ ۽ آڱرين جي ڪمال ڪري ڪمپيوٽر جي ڪيبورڊ ذريعي فقير جا 500 موضوع ونڊ ٿيا۔ کيس لک شاباسون هجن ۽ کوڙ ساريون دعائون فقير جي لاء ، رب کيس هميشه خوش رکي ۽ دوستيون نڀائڻ جي ريت برقرار رکيس​
 
جواب: فقير ڦلپوٽو ۔۔۔ سنڌ سلامت جو سڄڻ ۽ منهنجو دوست

فقير سائين کي منهنجي طرف کان به 500 مرتبا مبارڪ.........
 
جواب: فقير ڦلپوٽو ۔۔۔ سنڌ سلامت جو سڄڻ ۽ منهنجو دوست

فقير ڦلپوٽو
سنڌ سلامت جو استاد

سائين ڇو ٿا فقير کي گنهگار ڪريو استاد چئي ڪري سنڌ سلامت ته پري جي ڳالهه آهي مان ته توهان جو هڪ شاگرد آهيان

سنڌ سلامت جو ڪهڙو رڪن هوندو جيڪو فقير عبدالوحيد ڦلپوٽي کي نه سڃاڻيندو هوندو ۔۔۔ هي دوست پنهنجي سڀني صلاحيتن سان سنڌ سلامت کي سنواريندو ۽ دوستن جي رهنمائي ۾ پنهنجو ڪردار نڀائيندو ۔۔۔ کل ڀوڳ ڪندو، راڳ ۽ رنگ ٻڌرائيندو ۔۔۔ علمي ۽ ڄاڻ وارا ونڊ ڪندو ۔۔۔ ڪلهي تي رلهي رکي سنڌ سلامت سان رات ۽ ڏينهن هلندو رهي ٿو ۔۔۔

مهرباني سائين جو توهان مون کي ان لائق سمجهيو

پاڻ وٽ ڏيڻ لا دعائون آهن، رب اوهانکي هر مشڪل گهڙي مان پار ڪري ۽ آباد ۽ خوشحال رکي ۔۔۔ آمين

ثم آمين

سائين توهان جا لک لائق جو توهان مون کي دعائن جو قابل سمجهيو

مان سائين نثار ابڙي صاحب جو خاص طور تي ٻين جو عام طور تي شڪر گذار آهيان جو سائين مون کي دوست چيو مان ائين سمجهان ٿو ته سائين جو دوست هئڻ مون لا۽ ڪنهن اعزاز کان گهٽ نه آهي مان خوشي ۾ ماپان نه پيو
سائين جو دوست هئڻ مون لا۽ ڪنهن وڏي ۾ وڏي يونيورسٽي جي ڊگري کان گهٽ نه آهي

ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا ....
 
جواب: فقير ڦلپوٽو ۔۔۔ سنڌ سلامت جو سڄڻ ۽ منهنجو دوست

ماشاءَ الله۔۔۔ فقير سائين ۔۔۔۔ نظر نه لڳي۔۔ توهان جي سنڌ سلامت سان پيار جو اهو هڪ بهترين ثبوت آهي۔۔ اوهان سنڌ سلامت تي نيون شيون ونڊ ڪرڻ سان گڏ هتي تمام دوستن کي هر ميدان ۾ همٿائيندا آهيو۔۔ الله توهان جي توفيق ۾ اڃان اضافو فرمائي۔۔۔
اوهان کي دل جي گهراين سان مبارڪ هجي۔۔۔

مهرباني ادا

اهي ته توهان جا قرب آهن جو توهان هن فقير کي ڪنهن قابل سمجهو ٿا

توهان جي وڏي مهرباني ادا جو توهان ٿريڊ ۾ ريپلائي ڪري مبارڪ باد ۽ همٿايو

مهرباني

سدائين گڏ
 
جواب: فقير ڦلپوٽو ۔۔۔ سنڌ سلامت جو سڄڻ ۽ منهنجو دوست

السلام عليڪم

حق موجود فقير جي بادشا هي جو خير

بابا سائين نثار اسان جي فقير سنڌ سلامت تي پنج سو پوسٽون مڪمل ڪيون آهين جن ۾ پيار ، محبت ، اخلاص ، پهنجائپ ۽ دانائي جو درس آهي سلام آهي فقير جي ان همٿ ۽ خلوص کي جيڪو اسان سان ۔۔۔۔ ۔۔ سردي گرمي ۾ گڏ رهيو آهي ۔ فقيرا ڻي طبيعت جو هي نوجوان جنهن تي سان سڀني کي تمام گهڻو فخر آهي يارن جو يار هر ڳاله ۾ گڏ سدائين گڏ جو نعرو هڻي ڪري ساٿ نڀائڻ جا وچن ڪرڻ وارا دوست ۽ اسان جا پيالي ڀائي اسان طرفان اوهان کي پنج سو جو انگ پار ڪرڻ تي کوڙ ساريو واڌايون قبول هجن

واليڪم السلام ادا علي علي

ادا توهان جي وڏي مهرباني جو توهان فقير کي ياد ڪيو

مهرباني ادا جو وقت سر مبارڪ باد ڏنئو

توهان جون ڏنل مبارڪون فقير جي اکين تي

الله پاڪ توهان کي خوش ڪري ۽ سدا خوش هجو پنهنجي پيارن سان

سدائين گڏ
 
جواب: فقير ڦلپوٽو ۔۔۔ سنڌ سلامت جو سڄڻ ۽ منهنجو دوست

سائين فقير جي هاڻي ڪهڙي ڳالهه ڪجي اسان جي هن اوطاق جو موتي جو داڻو آهي.
اسان جي طرفان به 500 موضوع پورا ڪرڻ تي مباڪون .
 
جواب: فقير ڦلپوٽو ۔۔۔ سنڌ سلامت جو سڄڻ ۽ منهنجو دوست

سائين ڦلپوٽي فقير کي منهنجي طرفان لک لک مبارڪون۔۔۔
جن اسان کي ڪڏهن به ڪنهن به ضرورت وقت نا اميد ٿيڻ نه ڏنو ۽ سر وقت فرمائشون پوريون ڪندو رهيو۔۔
لک مبارڪون ۽ مهربانيون۔۔
 
جواب: فقير ڦلپوٽو ۔۔۔ سنڌ سلامت جو سڄڻ ۽ منهنجو دوست

فقير سائين بيشڪ اسان جي هن فورم جو سرتاج آهي سندن طبييعت بهترين آهي هر دوست سندن طبيعت کان راضي هوندو جو پاڻ تلخ لهجو ڄاڻن ئي ڪونه اسان جي ته سر جو سائين آهي ڪڏهن ڪڏهن فقير لفظ لکندي به ڏکيو لڳندو آهي ليڪن اهو لفظ الائي کين پسند به آهي الائي نه ڀلو ته ائين ته سهڻو عبدالوحيد لکجي وڌيڪ وري به راز جا راڻا آهن پاڻ جيڪڏهن ان متعلق وضاحت ڪن ته بهتر بهرحال سندن ڪاوشن کي سلام آهي هن عاجز طرفان به کين محبت جو سلام ۽ ايترن سارن مضمونن جي تڪميل تي مبارڪون عرض آهن.

محترم سائين

واليڪم السلام

سائين خيئر مبارڪون توهان جون ڏنل محبت ڀريون مبارڪون فقير جي اکين تي

الله پاڪ توهان کي خوش ڪري

آمين

سائين باقي سوال اهو فقير وارو ته ڪافي ٽائيم اڳ ۾ هڪ سنڌي فورم هوندو هو
ان ٽائيم مون کي سنڌي ۾ لکڻ به نه ايندو هو سو مون ڪافي ڪوششون ڪيون رجسٽر ٿيڻ لا۽ جنهن نالي سان رجسٽر ٿيڻ چاهيان پيو اهو نالو اتي اڳ ئي موجود هيو مون ڪافي ڪوششون ڪيون بس اچانڪ ذهن ۾ خيال آيو ڦلپوٽو فقير رکي ڪري بسم الله ڪيم ۽ رجسٽر ٿئي ويس سو بس ان ڏينهن کان ان نالي سان مشهور به ٿئي ويس سنڌ سلامت فورم تي به ان فورم جي حوالي سان پهتس
هون سائين توهان به سهي آهيو مون ۾ فقيرن وارو ڪو ڪم آهي ئي نه وڌيڪ نه ته توهان زاهد سومري کان يا وري رشيد کان پاڻ پڇي وٺجو ;););)
مان هڪ دفعو رشيد کي چئي چڪو آهيان ته يار نالي جي ڳڻ ڪري پر رشيد الائي ڇو ڳڻ ئي نه پيو ڪري :d:d:d

باقي هاڻي وري به چوندو مانس ته فقير کي هٽائي ڪري صرف ڦلپوٽو ڪري ڇڏي ته بهتر رهندو

سدائين گڏ
 
جواب: فقير ڦلپوٽو ۔۔۔ سنڌ سلامت جو سڄڻ ۽ منهنجو دوست

فقير جي تعريف هاڻي ڪهڙي ڪجي۔۔تمام بهترين ليک ۽ انهن جو تحريرون هونديون آهن۔۔سائين جن کي اسان طرفان به مبارڪون۔​

ادا عاشق علي سولنگي صاحب ،

توهان جون مبارڪون مٿي تي ڇو ته اکين تي الاهي مبارڪون ٿئي ويون آهن :d:d:d

توهان جي مهرباني ادا جو توهان کي مون جا ليک پسند آيا

وڏي مهرباني ادا

سدائين گڏ
 
جواب: فقير ڦلپوٽو ۔۔۔ سنڌ سلامت جو سڄڻ ۽ منهنجو دوست

فقير کي اسان پاران اٿي بيهي سلام

بس ادا بس هاڻي ته ويهه يار ڪافي دير ٿئي وئي آهي اوهان کي بيٺي :d

فقير ڦلپوٽو هر وقت سنڌ سلامت تي ملندو ، هميشه سنڌ سلامت جي اڻ تڻ هوندس ، جڏهن فون تي ڳالهايوس ته وڏا ٽهڪ اندر ۾ الائي ڪيترا ڏک ، پريشانيون هوندي به دوستن سان هميشه پيو وڏا ٽهڪ ڏئي کلندو۔ جي فون ڪرڻ ۾ اسان کان دير ٿي ٺڪ پاڻ فون ڪندو۔ جڏهن به سنڌ سلامت جي ڪنهن ميمبر کي ڪو مسئلو ايندو ته فقير اچي پيش ٿيندو ۽ ڪو حل ٻڌائيندو۔

ادا ڏک سک اچڻا وڃڻا آهن ماڻهو پاڻ سان گڏ سڄي سنگت کي ڇو پريشان ڪري ،
باقي اڄ کان وٺي توهان کي پڪ سان مس بيل ڏيبي =p~=p~=p~

ڪڏهن ڪڏهن وري عجيب ڳالهيون به ڪندو جيڪي مونکي سمجهڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي يا وري شايد مان پاڻ به ٿورو اڻپڙهيل لڳندو آهيا انڪري سمجه ۾ نه اينديون آهن ، پر ادا علي علي ۽ ادا رشيد سمون کيس جلدي سمجهي ويندا آهن۔

هڪ سنڌي ۾ چوڻي آهي ته چريو چرئي کي سڄاڻي اميد ته سمجهي ويا هوندا ،

توهان اڻ پڙهيل نه آهيو پر ان رمزن کان فلحال پاسيرا آهيو :)):)):))

خبر ناهي ڳائيندو ڪيئن آهي جو روبرو ملبو ته اها فرمائش ڪبي

ها ها ها

هڪ دفعو جو ادا مون جو ڳائڻ هڪ دفعو ته دل تي جبر ڪري ٻڌي وٺندو پر جڏهن وري مان ٻئي دفعي توهان سان ملڻ ايندس ته توهان گهر هوندي به چوندو ته فقير مان ته ڪنهن ڪم سانگي ڳوٺ آيل آهيان
ها ها ها ها ها

کيس لک شاباسون هجن ۽ کوڙ ساريون دعائون فقير جي لاء ، رب کيس هميشه خوش رکي ۽ دوستيون نڀائڻ جي ريت برقرار رکيس

شابسن ، دعائن ڏيڻ لا۽ توهان جي وڏي مهرباني باقي دوستي رکبي ناهي پر جيڪڏهن دوستي رکي آهي ته انشاالله ضرور نڀائبي

الله توها کي خوش ڪري

سدائين گڏ
 
جواب: فقير ڦلپوٽو ۔۔۔ سنڌ سلامت جو سڄڻ ۽ منهنجو دوست

فقير سائين کي منهنجي طرف کان به 500 مرتبا مبارڪ.........

ادا وسيم توهان جي به وڏي مهرباني جو توهان اسان غريبن کي مبارڪ باد پيش ڪئي

الله پاڪ توها کي خوش ڪري

سدائين گڏ
 
جواب: فقير ڦلپوٽو ۔۔۔ سنڌ سلامت جو سڄڻ ۽ منهنجو دوست

ادا عاشق علي سولنگي صاحب ،

توهان جون مبارڪون مٿي تي ڇو ته اکين تي الاهي مبارڪون ٿئي ويون آهن :d:d:d

توهان جي مهرباني ادا جو توهان کي مون جا ليک پسند آيا

وڏي مهرباني ادا

سدائين گڏ

=))=))=)) فقير ڇو وار ڪان آهن ڇا اوهانکي۔۔۔۔خير ايڏا زور ڏئي مٿي تي نه رکو ڪُلهن تي رکو سائين جتي وڻيو رکو بس صرف قبول ڪيو بابا
 
Back
Top