گهر ۾ هڪ گلاس پاڻي ناهي پوء به نالو ؛سمندر خان قد ٻه فٽ نالو بلند خان اسپتال ۾ پيو آ نالو صحت خان هر فساد ۾ شامل آ نالو شرافت خان کيسي ۾ هڪ رپيو ناهي نالو دولت خان پاڻ وٽ موبائل به نه س نالو ٽاور خان انهن پٺاڻن کي ڪير سمجهائي ؟؟؟ يار ڪاڪي آچار ڏي وٺي وٺڻو پوندو انهن کي اهو سمجهائين باقي اسان جي دال ڪانه ڳرندي
جواب: انهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔کي ڪير سمجهائي ؟؟؟ سائين علي علي ڪجهه اسان جي معاشري ۾ اهڙا نالا آهن جيئن ڏسي ڏينهن جو به ڪونه نالو روشن خان جيڪو آڱر جي اشاري سان پيو ڪري نالو پهلوان خان جيڪو پنهنجي پاڇولي کان پيو ڊڄي نالو بهادر خان جيڪو هر روز بيعزتو ٿئي نالو شريف خان وغيره
جواب: انهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔کي ڪير سمجهائي ؟؟؟ منهن ۾ سونڊ، وات ۾ پٽون ۽ پاراتا، پو به نالو دلاور خان هل ته سهي ؛۔۔۔ هاڻ پڪ ٿي ته اسان وارو هي يار علي علي اصل ڏاهو ٿيندو وڃي ۔۔۔ ڇو نه ٿيندو فقيرن سان ياري جو اٿس ۔۔۔ اهڙن نالن کان اسانجي ڳوٺ جو مرحوم ڪالو چاوڙو ڀلو، جنهن جو نالو ته ڪالو هوندو هو پر هميشه رات جو لالٽين کڻي دڳ ويندن کي روشني مهيا ڪندو هو ۔۔۔ الله کيس جنت ۾ جايون عطا ڪري ۔۔۔ آمين ذات ناهي ڏات، جو وهي سو لهي ۔۔۔
جواب: انهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔کي ڪير سمجهائي ؟؟؟ علي علي جو ونڊ پيارو پر ڪجه پاڻ ڏي به ڏسون گهر ۾ ڪجه ڪونهي ، ٻار بک تي آهن پر نالو اٿس اميرزادي صفا ڪاري ۽ ڪوجهي پر نالو اٿس سهڻي اکين کان ڪونه ٿو ڏسي سگهي پر نالو اٿس روشن نه نماز پڙهي ۽ نه ئي وري دين جي ڳالهين جي خبر پر نالو اٿس عِلم الدين سو بابلا ائين پيو هلندو آ يار ۔۔۔۔۔۔۔۔ بقول سائين نثار ابڙو جي ته وٺ رينگٽ کي
جواب: انهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔کي ڪير سمجهائي ؟؟؟ ها ها ها ۔۔۔ ڪاڪي آچار جو پٺاڻن سان ڇا وڃي۔۔ سائين سليمان وساڻ جي ڳالهه وانگر پنهنجي سنڌي معاشري ۾ اهڙن نالن کي ڏسو۔۔۔۔