سنڌي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ بابت قومي اسيمبلي ۾ بل پيش ٿيڻ جي واکاڻ، مسودي ۾ بهتري آڻڻ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏30 جنوري 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ بابت قومي اسيمبلي ۾ بل پيش ٿيڻ جي واکاڻ، مسودي ۾ بهتري آڻڻ جي صلاح

    حيدرآباد(رپورٽ: امتياز چانڊيو۔۔۔۔۔۔۔ عوامي آواز ) سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ محققن، قومي اسيمبلي ميمبرن سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ پيش ڪيل بل جي ساراهه ڪندي بل جي مسودي کي وڌيڪ بهتر بنائڻ تي زور ڀريو آهي ۽ چيو آهي ته پارليامينٽ ۾ موجود پارٽين کي گهرجي ته ٻولي جهڙي معاملي تي متفقه لائحه عمل تيار ڪري گڏيل جدوجهد ۽ جاکوڙ ڪن ته جيئن صدين کان شاهڪار تهذيب جي مالڪ سنڌي ٻولي کي قومي درجو ڏيارڻ لاءِ اعليٰ ايوانن تائين آواز اٿاري سگهجي. ڪالهه ثقافت کاتي پاران سنڌي لينگويج اٿارٽِي جي هال ۾ ”سنڌي ٻولي، قومي ٻولي، ڪيس “جي عنوان هيٺ ڪوٺايل مذاڪري کي خطاب ڪندي ، نامور محقق ۽ دانشور محمد ابراهيم جويو، ٻولي بابت پيش ڪيل بل کي وڌيڪ بهتر بنائڻ جي تجويز ڏيندي چيو ته بل ۾ ملڪ جي سمورين مادري ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري اسان کي گهرجي ته اسان مادري ٻولين بدران پاڪستان ۾ شامل سمورن آئيني يونٽن جي زبانن کي قومي درجو ڏيارڻ لاءِ آواز اٿاريون. هن چيو ته مادري ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ يا نه ڏيڻ سان سنڌ لاءِ وڏا مسئلا پيدا ٿيندا، بل پاس ٿيڻ سان سنڌ ۾ ٻاهرين ٻولين کي شراڪت ملندي ۽ بل پاس نه ٿيڻ جي صورت ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ وارو اصل ڪيس متاثر ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هندستان ۾ ٻولي ڪميشن قائم ڪري هڪ جامع اڀياس ڪيو ويو، جنهن بعد اتان جي سمورين ٻولين جي درجه بندي جو فيصلو ڪيو ويو، پر پاڪستان ۾ ڪنهن به قسم جي اهڙي ڪميشن تيار نه ڪري اردو ٻولي کي سمورين قومن تي اوليت ڏني وئي. هن چيو ته سنڌ جو قوم پرست موقف آهي ته پاڪستان ۾ شامل سمورن آئيني علائقن جي زبانن کي قومي درجو ڏنو وڃي، جنهن تي عمل نه ٿيڻ سان علائقن جي تهذيب ۽ ثقافت جو وڏو نقصان ٿيندو. هن چيو ته خانگي ميمبرن طرفان قومي اسيمبلي ۾ اهڙو بل پيش ڪرڻ مثبت قدم آهي پر سمورين سياسي ڌرين کي گڏجي ان مسئلي کي اڳتي وڌائڻ گهرجي. مذاڪري ۾ ڳالهائيندي صوبائي وزير سسئي پليجو چيو ته سنڌ ۾ سياست ڪندڙ سمورين پارٽين متحده قومي موومينٽ، فنڪشنل ليگ ۽ ٻين کي ان معاملي تي پنهنجو موقف واضح ڪرڻو پوندو ۽ گڏجي آواز اٿارڻو پوندو ته جيئن سنڌي ٻولي جي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته ٻولي جو معاملو اڃان تائين اڌورو رهڻ گهڻي وقت کان اقتدار ۾ رهندڙ هتان جي سياسي پارٽين لاءِ سوال بڻيل آهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ بل پيش ڪرڻ هڪ مثبت قدم آهي پر ان جي مسودي ۾ خامين تي اڳواٽ صلاح مصلحت لازمي هئي. هن چيو ته حڪومت سنڌ ي ٻولي کي قومي درجو ڏيارڻ بابت عوامي جاڳرتا مهم هلائڻ لاءِ ويچاري رهي آهي، جنهن لاءِ سنڌ جي سياسي، سماجي اڳواڻن، اديبن، صحافين ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته سنڌي توڙي قومي ميڊيا کي گهرجي ته اها هن معاملي تي پنهنجو قومي فرض نڀائيندي عوام ۾ ڄاڻ پکيڙي. هن چيو ته ملڪ جي ٻين صوبن جي اديبن، دانشورن ۽ صحافين جا مذاڪرا ڪرائي انهن کي ٻولي جي معاملي تي پڻ اعتماد ۾ ورتو ويندو. هن چيو ته ثقافت کاتي پهريون ڀيرو نامور محقق محمد ابراهيم جويو جي سربراهي ۾ ٻولي بابت هڪ ڪميٽي تيار ڪئي آهي، جنهن ٻولي بابت پنهنجون سفارشون تيار ڪري ورتيون آهن ۽ تمام جلد هن ڪميٽي جو هڪ وفد اسلام آباد ۾ وڃي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ٻولي واري بل جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندڙ قومي اسيمبلي جي ثقافت بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جي ميمبرن سان ملاقات ڪري کين ٻولي معاملي جي حساسيت کان آگاهه ڪندي. صوبائي صلاحڪار سرفراز راڄڙ چيو ته موجوده حڪومت سنڌي ٻولي سميت سمورين ٻولين جي ترقي ۽ واڌ ويجهه لاءِ هر ممڪن ڪوششو ن ڪري رهي آهي، جڏهن ته اسان ٻولين وچ ۾ ڪنهن به قسم جو تڪرار يا ٽڪراءُ پسند نٿا ڪريون. نامور محقق ڊاڪٽر غلام علي الانا چيو ته ٻولي جو معاملو علمي، ادبي يا جذباتي نه پر هڪ قانوني مسئلو آهي، جنهن تي هڪ جامع ڪميٽي جوڙي مڪمل مسودو تيار ڪري پيش ڪيو وڃي. هن چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ ترقي يافته ٻولي صرف سنڌي ئي آهي، جنهن جي مدد ڪرڻ سان ٻين علائقائي ٻولين کي فائدو پهچي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جا ڪامورا ملڪ ۾ هڪ ٻولي کي قومي ٻولي طور برقرار رکڻ جو خيال رکن ٿا، تنهن ڪري ملڪ جي سمورن اديبن جي قومي ڪانفرنس ڪوٺائي ان معاملي تي گڏيل لائحه عمل جوڙڻ گهرجي. پروفيسر قلندر شاهه لڪياري ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي اتر ۾ ڳالهايون ويندڙ مختلف ٻولين کي بل ۾ شامل ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته بل جي ڪمزورين کي پڻ درست ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ٻولي جي معاملي تي سمورين ڌرين جي حمايت لازم بڻجي وئي آهي، تنهن ڪري هن بل جي باري ۾ مڪمل آگاهي ۽ عملدرآمد هر شخص جو فرض آهي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اسٽيشن ڊائريڪٽر نصير مرزا تجويز ڏني ته اردو يونيورسٽي جي طرز تي سنڌي يونيورسٽي به قائم ٿيڻ گهرجي. ذوالفقار هاليپوٽي ٻولي بل قومي اسيمبلي ۾ آڻڻ جي ساراهه ڪندي چيو ته بل تي نظرثاني جي ضرورت آهي ۽ ان بابت وڌيڪ تجويزون ۽ سفارشون تيار ڪيون وڃن. ليکڪ انعام شيخ چيو ته ٻولي بابت عوام ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ اخبارن ۾ گڏيل ايڊيٽوريل ۽ ٽي وي چئنلن تي اشتهاري مهم هلائڻ گهرجي. هن چيو ته ان سلسلي ۾ تعليمي ادارن جي سربراهن جون سفارشون پڻ حاصل ڪيون وڃن ته جيئن مٿين سطح تي ان بل ۾ تدريسي ۽ تعليمي پهلو پڻ واضح ٿي سگهي. ڊاڪٽر سحر امداد چيو ته بل جي ڪاميابي يا ناڪامي قومي اسيملي جي ميمبرن تي منحصر آهي، جڏهن ته بل ۾ رهيل ٻولين کي پڻ شامل ڪرڻ گهرجي. نامور شاعر امداد حسيني ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌي ٻولي زيادتين جا ڪيترائي مرحلا طئي ڪيا آهن، ان ڪري هن وقت سمورين ڌرين جي گڏيل صلاح مصلحت سان ان معاملي کي اڳتي آندو وڃي. مذاڪري ۾ سنڌي لينگويج اٿارٽي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين، حميد سنڌي، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، زيب سنڌي، قاضي خادم، تاج جويو، حفيظ ڪنڀر، مهرالنساءَ لاڙڪ، حاڪم علي شاهه بخاري، عبدالغفار صديقي ۽ ٻين پڻ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ ۽ ٻولي بل جي حوالي سان ويچار ونڊيا ۽ پنهنجون سفارشون پيش ڪيون. بعد ۾ ڊاڪٽر فهيمده حسين مذاڪري ۾ قرارداد پيش ڪندي قومي اسيمبلي ۾ ٻولي بل پيش ڪرڻ تي ايم اين اي ماروي ميمڻ، يوسف غني ٽالپر، غوث بخش مهر ۽ ٻين کي مبارڪ ڏيندي بل جي مڪمل حمايت ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ پارلياماني ڪميٽين تي زور ڀريو ته اهي هن بل جي اتفاق راءِ سان حمايت ڪن. هن اديبن، عالمن، سول سوسائٽي، ميڊيا جي نمائندن، سنڌي ۽ اردو دانشورن تي زور ڀريو ته اهي هن بل بابت پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو وڃي ته اها ٻولي بابت قانون سازي کان اڳ اشتهاري مهم شروع ڪري. هن يونيورسٽين جي سربراهن تي زور ڀريو ته اهي سنڌي کي آفيس ٻولي طور استعمال ڪن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو