• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڊيسڪ ٽاپ تان شارٽ ڪٽ وارو نشان ختم ڪرڻ

ڦلپوٽو فقير

سينيئر رڪن
اسلام عليڪم​

دوستو ٻه ڏينهن اڳ ۾ مون کي ادا زاهد چيو ته ڦلپوٽا فقير اسان جيڪو به سافٽ ويئر انسٽال ڪندا آهيو ته ان جو شارٽ ڪٽ ڊيسڪ ٽاپ تي اچي ويندو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ هڪ ننڍڙو تير جو نشان به هوندو آهي سو فقير ڪا اهڙي ٽپ ٻڌا۽ ته جيئن ان تير واري نشان کي ختم ڪري سگهجي سو مان ادا زاهد کي چيو ته ادا مان اها ٽپ هڪ ٿريڊ جي صورت ۾ سنڌ سلامت تي پوسٽ ڪندس ته جيئن ان جي ٻين دوستن کي به خبر پئجي سگهجي سو دوستو حاضر آهي اوهان لا۽ اها ٽپ ان ٽپ جو ادا زاهد کي وڏي بي چيني سان انتظار هوندو .
سڀ کان پهريائين ڏسو اهو تير جو نشان
56833000.jpg
ان کي ختم ڪرڻ لا۽ اسان سڀ کان پهريائين ته رجسٽري ايڊيٽر کولينداسين
97346650.jpg

هاڻي وري ڪلاسس روٽ کي سليڪٽ ڪريو
67203069.jpg

هاڻي اسان ان ۾ lnkfile کي ڳولينداسين ان ۾ موجود Is shotcut واري ڪمانڊ کي ڊيليٽ ڪرڻو آهي
54041178.jpg

پو۽ ڪمپيوٽر ري اسٽارٽ ڪريو هاڻي رزلٽ ڏسو
71453223.jpg

مون کي اميد آهي ته ادا زاهد ۽ سنڌ سلامت جي دوستن کي هي ننڍڙي ٽپ پسند ايندي

suhnan saan

sindhsalamatsaathsal
 
زبردست يار۔۔۔
پنهنجي بي انتها مصروفيت جي ڪري هي سلسلو ئي مون وسري ويو هو۔۔۔۔ اميد ته هن رڪيل سلسلي کي اهڙي نموني اڳتي وڌائيندا رهندا۔۔۔
 
فقير سائين اوهان جو ٿورائتو آهيان جو اوهان منهنجي فرمائش تي ايڏي وڏي جاکوڙ ڪئي۔۔۔ مهرباني پر ادا مونکي اصل هاڻي تير واري آئيڪانز کي ڊپ ئي ڪونه ٿيندو اوهان ٻڌايل طريقو هاڻي منهنجي سمجهه ۾ اچي ويو آهي۔
 
زبردست يار۔۔۔
پنهنجي بي انتها مصروفيت جي ڪري هي سلسلو ئي مون وسري ويو هو۔۔۔۔ اميد ته هن رڪيل سلسلي کي اهڙي نموني اڳتي وڌائيندا رهندا۔۔۔

ادا پنهنجي پوري پوري ڪوشش ڪبي توهان کي منهنجي شيئرنگ سٺي لڳي ان لا۽ وري ٻيهر مهرباني ادا shal judy hujeen

ادا فقير تمام بهترين شيئرنگ آهي ادا مهرباني اوهان جي

پسند ڪرڻ لا۽ مهرباني ادا علي علي suhnan saan

فقير سائين اوهان جو ٿورائتو آهيان جو اوهان منهنجي فرمائش تي ايڏي وڏي جاکوڙ ڪئي۔۔۔ مهرباني پر ادا مونکي اصل هاڻي تير واري آئيڪانز کي ڊپ ئي ڪونه ٿيندو اوهان ٻڌايل طريقو هاڻي منهنجي سمجهه ۾ اچي ويو آهي۔

ادا زاهد توهان جي فرمائش تي ته مون کي هڪ گانو ياد پيو اچي صحيح نموني سان ياد ته ناهي پر ٻول ان جا ياد آهن .
ٿورو غور سان ڏسجو
تون جو مون کي چيئن ته مان جبل کي ڏاري وجهان
تون جو مون کي چئين ته مان ماڻهو به ماري وجهان
سر صدقي تون تان يار تون جي ڪهڙي مرضي آ .
suhnan saan

shal judy hujeen

sindhsalamatsaathsal
 
زبردست يار۔۔۔
پنهنجي بي انتها مصروفيت جي ڪري هي سلسلو ئي مون وسري ويو هو۔۔۔۔ اميد ته هن رڪيل سلسلي کي اهڙي نموني اڳتي وڌائيندا رهندا۔۔۔
ها ادا رشيد سمان عرف وڏي ايڊمن مان گهڻن ڏينهن کان گهوڙا گهوڙا ڪري رهيو آهيان ته تون جڏهن کان وڏي ايڊمن ٿيو آهين سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو اٿئي ، شڪر الحمد الله ادا وحيد ڦلپوٽو فقير تو واري جادوگري واري رسم کي جاري رکيو اچي نه ته اسان جهڙا موڳا مٽر اصل مٽرن مان وڃي موڳا مُڱ ٿيون ها۔ مهرباني ادا وحيد ڦلپوٽا تمام بهترين شيئرنگ آهي۔
 
سائين توهان کي ڳالهه وڻي معني گنج ٿئي ويو sadayeen gud
shal judy hujeen

sindhsalamatsaathsal
 
جواب: ڊيسڪ ٽاپ تان شارٽ ڪٽ وارو نشان ختم ڪرڻ

لاجواب شيئرنگ آهي۔ ڳاله ڏاڍي وڻي
 
جواب: ڊيسڪ ٽاپ تان شارٽ ڪٽ وارو نشان ختم ڪرڻ

فقير سائين ايڏي محنت ڪرڻ بجاءِ جيڪڏهن اسان شارٽ ڪٽ کي ڊيسڪ ٽاپ تان صرف ڊليٽ لڳائي ڇڏيون ته ڇا فرق آهي؟
 
Back
Top