Window to the World
پڄاڻيءَ جي شروعات
رابرٽ فسڪ
رابرٽ فسڪ
هن وقت جيڪا صورتحال مصر ۾ ٿي آهي، ان کي ڇا چئجي؟ اها صورتحال ڪهڙي پڄاڻيءَ تي پهچي ٿي، ان لاءِ حتمي طور تي ڪجهه به نٿو چئي سگهجي، پر ايترو ضرور چئي سگهجي ٿو ته اها صورتحال هڪ پڄاڻيءَ جي شروعات آهي، جو جڏهن جهڙي نموني مصر هن وقت ٻريل آهي، سو هاڻوڪي حڪمراني واري سيٽ اپ کي ڪنهن انتها تي ضرور پڄائيندو. جڏهن 30 ورهين جي ڊڪٽيٽرشپ کان پوءِ ڪالهه صدر حسني مبارڪ ٽيليويزن تي اچي پنهنجي ڪئبينيٽ جي خاتمي جو اعلان ڪيو ته مون ڏٺو ماڻهن ان جي اهڙي اعلان کي ڪنهن به خاطر ۾ نه آندو. مون کي اهڪڙو به اهڙو ماڻهو نه مليو، جنهن حسني مبارڪ جي اهڙي اعلان جو ڪو نوٽيس ورتو هجي، ۽ ان جي ڪاوڙ ۾ ڪا گهٽتائي آئي هجي. صورتحال اهڙي آهي، جيڪا سنيهو ڏئي پئي ته جيڪو سسٽم گذريل 30 ورهين کان هلندو رهيو آهي، سو هاڻي پڄاڻيءَ تي پهچندو. اتان جا لکين ماڻهو بهادر ته آهن ئي آهن، پر اهي امن پسند به رهيا آهن، پر جيڪي حسني مبارڪ جا سادن ڪپڙن وارا ”بتاگي“ آهن، انهن جو ماڻهن سان رويو انتهائي ڏکائيندڙ رهيو آهي. ”بتاگي“ هڪ عربي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ ”ٺڳ“ هجي ٿي. هن وقت اهي ٺڳ ماڻهن کي ماري ڪٽي رهيا هئا، پر پوليس اهلڪار خاموش تماشائي بڻجي انهن کي ڏسي رهيا هئا. بتاگي جي بٽالين رٽائرڊ پوليس اهلڪارن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ اڪثريت اهڙين رٽائرڊ اهلڪارن جي آهي، جيڪي نشي جا عادي آهن. اها رياست، جيڪا هن وقت حسني مبارڪ جي سربراهيءَ ۾ ڪم ڪري رهي آهي، ان رياست جي فرنٽ لائين تي اهي بتاگي ئي آهن.
مان هڪ رپورٽر آهيان، ۽ سوچيان ٿو ته هتي جيڪو ڪجهه هڪ ڏينهن اندر ٿئي پيو، سو ايئن هڪ صفحي ۾ بيان ڪري سگهجي ٿو؟ گهڻا رپورٽر پنهنجي ڊائريز مان تجزين کي گم ڪري ڇڏيندا ۽ اهو بيان ڪندا ته هڪ ملڪ جي تاريخي شهرن جي گهٽين ۾ صبح کان رات تائين ڇا ٿيندو رهيو؟ سو مان پنهنجي تڪڙي لکيل نوٽس ۾ اهو ئي چئي سگهان ٿو ته قاهره جي گهٽين ۾ مزاحمتي ماڻهو سادن ڪپڙن وارن ٺڳن ۽ ورديءَ وارن اهلڪارن جي سامهون آهن. اها شروعات غازا اسڪوائر تي قائم استقامه مسجد وٽان ٿي. اسان سڀني کي خبر هئي ته نوبل انعام يافته محمد البرادي نماز لاءِ اتي ايندو. شروع شروع ۾ ماڻهن جو هجوم ڪو ايترو گهڻو نه هو، پوليس اهلڪار به بي فڪرا ٿي سگريٽ پي رهيا هئا، ۽ جيڪڏهن اهو ڪنهن آمر جي پڄاڻيءَ لاءِ ٿي رهيو هو ته اها شروعات ڪا ايتري متاثر ڪرڻ جهڙي نه هئي، پر دعا کان پوءِ ماڻهن جو هجوم روڊ تي گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويو، جيڪو پوليس اهلڪارن ڏانهن وڌي رهيو هو. هو نعرا هڻي رهيا هئا ته، ”مبارڪ سعودي تنهنجو انتظار ڪري رهيو آهي.“ توڙي جو ماڻهن ڪو هڪ پٿر به نه اڇلايو هو، پر پوليس اهلڪارن ماڻهن کي منتشر ڪندڙ تيز رفتار پاڻيءَ جي پائپن جا منهن هجوم ڏانهن ڪري ڇڏيا، ۽ انهن سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويا. پهرين پاڻي هجوم مٿان اڇلايو ويو، ۽ پوءِ انهن جو منهن سڌو سنئون البراديءَ ڏانهن ڪيو ويو. هو مصر جو هڪ معتبر سياستدان آهي، ۽ نوبل انعام يافته هجڻ سان گڏ يو اين جو نيوڪليئر جي حوالي سان اعليٰ عهدي تي پڻ رهي چڪو آهي، پر هن کي ايئن پاڻيءَ ۾ پسايو ويو، ڄڻ گهٽيءَ جو ڪو وات ڳاڙهو ڇوڪرو هجي. هن سان بلڪل ايئن ئي سلوڪ ڪيو ويو، جيئن حسني مبارڪ سوچي ٿو. محمد البرادي جڏهن مظاهرين سان شامل ٿيو ته پهرين ان کي هڪ مسجد تائين محدود ڪيو ويو، بعد ۾ کيس هائوس اريسٽ ڪري رکيو ويو. هتي وڏي ۾ وڏو مسئلو مصري سرڪار جي زبان به آهي، جيڪا هن وقت استعمال ٿي رهي آهي. انهيءَ کان پوءِ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال شروع ڪيو ويو. ماڻهو نعرا هڻي رهيا هئا ته ”اسان نظام بدلائڻ چاهيون ٿا.“
نيل نديءَ جي ڪناري کان اڃا دونهون اڏامي رهيو آهي. اهو هنڌ جتي حڪمران پارٽيءَ جو هيڊڪوارٽر آهي، اتي مظاهرين پاران باهيون ڏئي پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو هو. ڪالهه پنجين ڏينهن به توڙي جو مصري صدر پاڻ تان احتجاج جو بار لاهڻ لاءِ سرڪار جو خاتمو ڪري ڇڏيو، پر ان باوجود ماڻهو روڊن تي هئا. سرڪار جي خاتمي سان گڏ ڪرفيو به لاڳو ڪيو ويو هو، پر سوين ماڻهن وري به گهٽين ۾ نڪري مصري صدر حسني مبارڪ خلاف نعري بازي ڪئي، ۽ پوليس مٿان حملا ڪيا. مصر ۾ جيڪو ڪجهه 5 ڏينهن دوران ٿيو آهي، سي رڳو ڪي پنج ڏينهن ناهن، پر اها ڏهاڪن جي ڪاوڙ آهي، جيڪا ماڻهن گذريل پنجن ڏينهن دوران ڪڍي آهي. پوليس جڏهن مظاهرين سان ٽڪراءَ ۾ آئي آهي، ۽ ان جي فائرنگ ۾ مظاهرين زندگيون وڃايون آهن ته ساڳي ريت ڪجهه پوليس اهلڪار به مظاهرين جي جهڙپن ۾ ماريا ويا آهن. پر جيئن جيئن احتجاج وڌي رهيو آهي، جيئن جيئن قاهره جي گهٽين ۾ بي چيني ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، تيئن تيئن پوليس به پنهنجي روئي ۾ تبديلي آڻي رهي آهي. ڪجهه پوليس اهلڪار ته ورديون لاهي مظاهرين سان به شامل ٿي ويا. تحرير اسڪوائر تي وڏيون ٽيڪون بيهاريون آهن ته جيئن مظاهرين کي اتي اچڻ کان روڪي سگهجي. احتجاج ڪندڙ تحرير اسڪوائر واري هنڌ داخل ٿيڻ لاءِ جڏهن پوليس مٿان پٿر اڇلائين ٿا ته موٽ ۾ کين آنسو گئس ۽ رٻڙ جو گوليون هنيون وڃن ٿيون. اسڪوائر جي ئي ڀرسان فوج پاران پارليامينٽ ۽ ڪئبينيٽ بلڊنگ واري روڊ کي سيل ڪيو ويو آهي.
پر ڪالهه موبائيل سروس به بحال ڪئي وئي آهي، جنهن کي ان ڪري بند ڪيو ويو هو ته جيئن مظاهرين جي رابطن ۾ رنڊڪ وجهي سگهجي. جيستائين موبائيل سروس بند هئي، تيستائين مظاهرين سوشل نيٽورڪنگ وارين ويب سائٽس ذريعي هڪٻئي کي آرگنائيز ڪري رهيا هئا. اڌ رات جو ڪيل پنهنجي تقرير ۾ صدر حسني مبارڪ سماجي سڌارن جو ڪو واضح اعلان نه ڪيو، پر منجهيل ڳالهيون ڪندو رهيو ته جيئن ٽن ڏهاڪن تي مشتمل پنهنجي اقتدار کي وڌيڪ طول ڏئي سگهي. هن پنهنجي تقرير ۾ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز جو دفاع ڪيو، ۽ مطاهرين تي الزام هنيو ته اهي ملڪ کي عدم استحڪام ڏانهن ڌڪي رهيا آهن. هڪ مظاهرين ڪمال محمد چيو ته، ”مبارڪ سمجهي ٿو ته حڪومت جو خاتمو ڪري هو هن صورتحال مان نڪري ويندو ته اها سندس ڀل آهي، ان سان هو ماڻهن جي ڪاوڙ کي اڃا به وڌائي رهيو آهي.
Courtesy: The Independentمان هڪ رپورٽر آهيان، ۽ سوچيان ٿو ته هتي جيڪو ڪجهه هڪ ڏينهن اندر ٿئي پيو، سو ايئن هڪ صفحي ۾ بيان ڪري سگهجي ٿو؟ گهڻا رپورٽر پنهنجي ڊائريز مان تجزين کي گم ڪري ڇڏيندا ۽ اهو بيان ڪندا ته هڪ ملڪ جي تاريخي شهرن جي گهٽين ۾ صبح کان رات تائين ڇا ٿيندو رهيو؟ سو مان پنهنجي تڪڙي لکيل نوٽس ۾ اهو ئي چئي سگهان ٿو ته قاهره جي گهٽين ۾ مزاحمتي ماڻهو سادن ڪپڙن وارن ٺڳن ۽ ورديءَ وارن اهلڪارن جي سامهون آهن. اها شروعات غازا اسڪوائر تي قائم استقامه مسجد وٽان ٿي. اسان سڀني کي خبر هئي ته نوبل انعام يافته محمد البرادي نماز لاءِ اتي ايندو. شروع شروع ۾ ماڻهن جو هجوم ڪو ايترو گهڻو نه هو، پوليس اهلڪار به بي فڪرا ٿي سگريٽ پي رهيا هئا، ۽ جيڪڏهن اهو ڪنهن آمر جي پڄاڻيءَ لاءِ ٿي رهيو هو ته اها شروعات ڪا ايتري متاثر ڪرڻ جهڙي نه هئي، پر دعا کان پوءِ ماڻهن جو هجوم روڊ تي گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويو، جيڪو پوليس اهلڪارن ڏانهن وڌي رهيو هو. هو نعرا هڻي رهيا هئا ته، ”مبارڪ سعودي تنهنجو انتظار ڪري رهيو آهي.“ توڙي جو ماڻهن ڪو هڪ پٿر به نه اڇلايو هو، پر پوليس اهلڪارن ماڻهن کي منتشر ڪندڙ تيز رفتار پاڻيءَ جي پائپن جا منهن هجوم ڏانهن ڪري ڇڏيا، ۽ انهن سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويا. پهرين پاڻي هجوم مٿان اڇلايو ويو، ۽ پوءِ انهن جو منهن سڌو سنئون البراديءَ ڏانهن ڪيو ويو. هو مصر جو هڪ معتبر سياستدان آهي، ۽ نوبل انعام يافته هجڻ سان گڏ يو اين جو نيوڪليئر جي حوالي سان اعليٰ عهدي تي پڻ رهي چڪو آهي، پر هن کي ايئن پاڻيءَ ۾ پسايو ويو، ڄڻ گهٽيءَ جو ڪو وات ڳاڙهو ڇوڪرو هجي. هن سان بلڪل ايئن ئي سلوڪ ڪيو ويو، جيئن حسني مبارڪ سوچي ٿو. محمد البرادي جڏهن مظاهرين سان شامل ٿيو ته پهرين ان کي هڪ مسجد تائين محدود ڪيو ويو، بعد ۾ کيس هائوس اريسٽ ڪري رکيو ويو. هتي وڏي ۾ وڏو مسئلو مصري سرڪار جي زبان به آهي، جيڪا هن وقت استعمال ٿي رهي آهي. انهيءَ کان پوءِ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال شروع ڪيو ويو. ماڻهو نعرا هڻي رهيا هئا ته ”اسان نظام بدلائڻ چاهيون ٿا.“