• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

روبينه ابڙو اي ڀورا بادل ڇا جي لئه مون تو ۾ نيڻ کُپايا هِن؟ (روبينه ابڙو)

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
غزل

روبينه ابڙو

اي ڀورا بادل ڇا جي لئه مون تو ۾ نيڻ کُپايا هِن؟
تو پنهنجي پويان آگم آگم ڪيڏا نيڻ رُلايا هِن!

ڪُجهه خواب اکين جي کِڙڪين مان ڏئي ڀڙڪوڪالهه اڏامي ويا،
مون تو لئه پو ڀي ڪومل ڪومل سپنا چار بچايا هِن!

تون خالق هُئين تخليق بڻين ڄڻ مورت مان تصوير بڻين،
تون منهنجو ئي رهندو آهين توڙي سو روپ مٽايا هِن!

مان چُپ هان ڪائي ڳالهه ته آ، پوءِ هيڏا سڏ پُڪارون ڇو؟
تون ڄاڻين ٿو مون ڇا جي لئه هِي هيڏا سڏ لنوايا هِن؟

مان اچڻي ناهيان ڄاڻين ٿو پوڀي تون راهه نهارين ٿو،
مان وِير جيان واپس ورندس تنهنجاسڀ خيال اجايا هن!

ڇا سوچين پيو، ٿو ڪيرُ ڦري هن ڌرتي کان امبر تائين،
ڇو بي ترتيب ستارن ۾ تو پنهنجا نيڻ وڃايا هن!؟

تون هرهر ياد نه ڪر مون کي،ڏِسُ هينئن برباد نه ڪر مون کي،
مون ڏاڍي مُشڪل سان ساٿي ڪجهه تنهنجا خيال ڀلايا هِن!!

163817_1827502405535_1971307_n.jpg
 
جواب: اي ڀورا بادل ڇا جي لئه مون تو ۾ نيڻ کُپايا هِن؟ (روبينه ابڙو)

خوبصورت تخيل ادي روبينه صاحبه جو ۽ بهترين ڊزائينگ ادا سليمان جي۔ مهرباني ادا سليمان اهڙي ناياب شين جي ونڊ لاءِ۔
 
زبردست ادا
تمام بهترين شاعري سان گڏوگڏ ڊزائين به لاجواب آحي
 
محترمه روبينه ابڙو صاحبه تمام ڏکايل روئداد جي عڪاسي ڪئي آهي ۔۔۔ هر هڪ سٽ ۾ ان پيغام جو اظهار آهي ۔۔۔ جڏهن دل جي دنيا جا ماڻهون پراوا ٿي وڃن يا ٻي جا ٿي وڃن ته پوءِ هن قسم جي شاعري ٿي ويندي آهي، شاعريءَ جو اصل مطلب ته شاعر ئي سمجهن ۔۔۔ باقي لفظن جو استعمال ۽ غزل ۾ موجود ترنم لڀائيندڙ آهي ۔۔۔

لک ٿورا سائين وساڻ صاحب جو اوهان اسانجي دور جي شاعرن جا سهڻا نظم ۽ غزل اسان سان ونڊ ڪيو ٿا ۔۔۔

ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔
 
بهترين شاعري ۽ لاجواب ڊزائين۔۔
مهربانيون
 
ادا مهرباني

ادي روبينه جي خوبصورت شاعري هئي سوچيم ته دوستن سان ونڊ ڪجي
 
جواب: اي ڀورا بادل ڇا جي لئه مون تو ۾ نيڻ کُپايا هِن؟ (روبينه ابڙو)

زبردست ادا
تمام بهترين شاعري سان گڏوگڏ ڊزائين به لاجواب آحي

ادا مهرباني

ادي روبينه اسان جي دور جي شاعره آهي ۽ خوبصورت شاعري پئي ڪري۔

سندس سهڻو غزل اڄ نظر مان گذريو ۽ بس اوهان اڳيان ونڊ ڪيو
 
جواب: اي ڀورا بادل ڇا جي لئه مون تو ۾ نيڻ کُپايا هِن؟ (روبينه ابڙو)

تون هرهر ياد نه ڪر مون کي،ڏِسُ هينئن برباد نه ڪر مون کي،
مون ڏاڍي مُشڪل سان ساٿي ڪجهه تنهنجا خيال ڀلايا هِن!!

ادا هميشه جيان هي اوهانجي چونڊ ساڻ ڊزائين سان تمام پياري ۽ بهترين لڳي۔
 
جواب: اي ڀورا بادل ڇا جي لئه مون تو ۾ نيڻ کُپايا هِن؟ (روبينه ابڙو)

محترمه روبينه ابڙو صاحبه تمام ڏکايل روئداد جي عڪاسي ڪئي آهي ۔۔۔ هر هڪ سٽ ۾ ان پيغام جو اظهار آهي ۔۔۔ جڏهن دل جي دنيا جا ماڻهون پراوا ٿي وڃن يا ٻي جا ٿي وڃن ته پوءِ هن قسم جي شاعري ٿي ويندي آهي، شاعريءَ جو اصل مطلب ته شاعر ئي سمجهن ۔۔۔ باقي لفظن جو استعمال ۽ غزل ۾ موجود ترنم لڀائيندڙ آهي ۔۔۔

لک ٿورا سائين وساڻ صاحب جو اوهان اسانجي دور جي شاعرن جا سهڻا نظم ۽ غزل اسان سان ونڊ ڪيو ٿا ۔۔۔

ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔

سائين نثار اوهان جا قرب

اسان کي فخر آهي جو اسان جو ڀينر هيڏي سهڻي ۽ پختي شاعري پيون ڪن۔ ادي روبينه جي شاعريء ۾ لفظن جي جوڙجڪ ۽ پيش ڪرڻ جو انداز لازوال قسم جو هوندو آهي۔

مان ته هڪ ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي اصل مبارڪ جي لائق ته شاعره ادي روبينه آهي۔
 
جواب: اي ڀورا بادل ڇا جي لئه مون تو ۾ نيڻ کُپايا هِن؟ (روبينه ابڙو)

ادا محمد سليمان وساڻ جون مهربانيون، جو عظيم سنڌي شاعره سانئڻ روبينه ابڙو صاحبه جي خوبصورت تخيل کي پنهنجي خوبصورت چترڪاري ذريعي اسان سان ونڊ ڪري اسان جي سنڌ سلامت جي اڱڻ کي هڪ اعزار بخشيو، ان سان گڏ گڏو هن ٽي درجي واري شاعر جي سوچن ۾ هڪ نئين جدت آندي ته
ڇا سوچين پيو، ٿو ڪيرُ ڦري هن ڌرتي کان امبر تائين،
ڇو بي ترتيب ستارن ۾ تو پنهنجا نيڻ وڃايا هن!؟​

ڪڏهن ڪڏهن سانئڻ روبينه ابڙو جي شاعري ڪاوش دنيا ۾ پڙهندو آهيان ته شاعر جي حيثيت سان پنهنجي تخيل جي پولارن ۾ گُم ٿي ويندو آهيان، ۽ جڏهن انهن پولارن مان ٻاهرنڪرندو آهيان ته منهنجي هٿن ۾ سانئڻ روبينه ابڙو صاحبه جي لاجواب شاعري جي خزاني مان چند ڏات جا ڦُول هٿن ۾ هوندا آهن انهن گُلابي ڦولن جي مهڪ جي آڌار تي منهنجي حقير ڊائري ۾ ڪنهن نئين غزل، ڪنهن نئين ڪافي، ڪنهن نئين آزاد نظم، يا ڪنهن غريباڻي وائي جو ضرور اضافو ٿيندو آهي، اسان جي سُونهاري سنڌ ۾ اسان جي سنڌي شاعرائن جون ڪويتائون پنهنجو مثال پاڻ آهن،
اسان جي شاعري جي سيڪشن ۾ ڪنهن به سنڌي شاعره جو ڪو به شعبو ڪونهي، منهنجي هڪڙي ناقص را سنڌ سلامت جي ڪارڪن جي حيثيت سان ته جيڪڏهن سنڌ سلامت جي انتظاميه کي برو نه لڳي ته سانئڻ روبينه ابڙو صاحبه جي شاعري جو شعبي جو اضافو ضرور ڪيو وڃي ته دنيا کي خبر پوي ته سنڌ سلامت وارا سنڌ جي جاکوڙي شاعرائن جي شاعري کي به دنيا جي سموري سنڌين سان شيئر ڪري سگهن ٿا، ۽ سانئڻ روبينه ابڙو صاحبه ته اسان جي سنڌ جي هن حال دوران جي شاعري جي حوالي سان خوبصورت ترين شاعره آهي، اسان جي دُعا آهي ته سانئڻ روبينه ابڙو صاحبه جي ڪويتائن ۾ سدائين امرت ڇلڪي، جو اسان جا سنڌي ماروئڙا، اسان جون سنڌي سورميون سانئڻ جي شاعري مان لاڀ حاصل ڪري سگهن​
۔ هڪ دفعو ٻيهر ادا سليمان وساڻ تنهنجا ٿورا جو ايتري خوبصورت ونڊ اسان سان ونڊ ڪئي۔
 
جواب: اي ڀورا بادل ڇا جي لئه مون تو ۾ نيڻ کُپايا هِن؟ (روبينه ابڙو)

بهترين شاعري ۽ لاجواب ڊزائين۔۔
مهربانيون

اوهان جي مهرباني

لاجواب ته اوهان دوستن جي ڪري ٿي ٿئي۔ موٽ ڏيڻ جي مهرباني
 
جواب: اي ڀورا بادل ڇا جي لئه مون تو ۾ نيڻ کُپايا هِن؟ (روبينه ابڙو)

ادا هميشه جيان هي اوهانجي چونڊ ساڻ ڊزائين سان تمام پياري ۽ بهترين لڳي۔

ادا عاشق مهرباني

ادي روبينه جي سهڻي شاعريء جي پسنديدگيء لاء ٿورا
 
جواب: اي ڀورا بادل ڇا جي لئه مون تو ۾ نيڻ کُپايا هِن؟ (روبينه ابڙو)

ادا محمد سليمان وساڻ جون مهربانيون، جو عظيم سنڌي شاعره سانئڻ روبينه ابڙو صاحبه جي خوبصورت تخيل کي پنهنجي خوبصورت چترڪاري ذريعي اسان سان ونڊ ڪري اسان جي سنڌ سلامت جي اڱڻ کي هڪ اعزار بخشيو، ان سان گڏ گڏو هن ٽي درجي واري شاعر جي سوچن ۾ هڪ نئين جدت آندي ته
ڇا سوچين پيو، ٿو ڪيرُ ڦري هن ڌرتي کان امبر تائين،
ڇو بي ترتيب ستارن ۾ تو پنهنجا نيڻ وڃايا هن!؟​

ڪڏهن ڪڏهن سانئڻ روبينه ابڙو جي شاعري ڪاوش دنيا ۾ پڙهندو آهيان ته شاعر جي حيثيت سان پنهنجي تخيل جي پولارن ۾ گُم ٿي ويندو آهيان، ۽ جڏهن انهن پولارن مان ٻاهرنڪرندو آهيان ته منهنجي هٿن ۾ سانئڻ روبينه ابڙو صاحبه جي لاجواب شاعري جي خزاني مان چند ڏات جا ڦُول هٿن ۾ هوندا آهن انهن گُلابي ڦولن جي مهڪ جي آڌار تي منهنجي حقير ڊائري ۾ ڪنهن نئين غزل، ڪنهن نئين ڪافي، ڪنهن نئين آزاد نظم، يا ڪنهن غريباڻي وائي جو ضرور اضافو ٿيندو آهي، اسان جي سُونهاري سنڌ ۾ اسان جي سنڌي شاعرائن جون ڪويتائون پنهنجو مثال پاڻ آهن،
اسان جي شاعري جي سيڪشن ۾ ڪنهن به سنڌي شاعره جو ڪو به شعبو ڪونهي، منهنجي هڪڙي ناقص را سنڌ سلامت جي ڪارڪن جي حيثيت سان ته جيڪڏهن سنڌ سلامت جي انتظاميه کي برو نه لڳي ته سانئڻ روبينه ابڙو صاحبه جي شاعري جو شعبي جو اضافو ضرور ڪيو وڃي ته دنيا کي خبر پوي ته سنڌ سلامت وارا سنڌ جي جاکوڙي شاعرائن جي شاعري کي به دنيا جي سموري سنڌين سان شيئر ڪري سگهن ٿا، ۽ سانئڻ روبينه ابڙو صاحبه ته اسان جي سنڌ جي هن حال دوران جي شاعري جي حوالي سان خوبصورت ترين شاعره آهي، اسان جي دُعا آهي ته سانئڻ روبينه ابڙو صاحبه جي ڪويتائن ۾ سدائين امرت ڇلڪي، جو اسان جا سنڌي ماروئڙا، اسان جون سنڌي سورميون سانئڻ جي شاعري مان لاڀ حاصل ڪري سگهن​
۔ هڪ دفعو ٻيهر ادا سليمان وساڻ تنهنجا ٿورا جو ايتري خوبصورت ونڊ اسان سان ونڊ ڪئي۔
آئون به هڪ ناري جي حثيت سان سائين نثار احمد ناز جي را سان متفق ٿيندي ًگذارش ٿي ڪريان ته محترمه روبينه ابڙو صاحبه جي شاعري جو شعبو لڳايو وڃي ته جيئن سنڌ جي عورتن جو به حصو شاعري واري سيڪشن ۾ برابري جي بنياد تي اچي سگهي۔
 
سائين نثار ناز سلام

اوهان جو ڳالهيون اسان جهڙن چاهيندڙن جا حوصلا وڌائي ڇڏينديون آهن۔ ادي روبينه ابڙو جي شاعري تمام پختي ۽ دل کي ڇهندڙ هوندي آهي۔ سندس شاعري سماج جي ڪک ۾ ڪان وانگر هوندي آهي۔ سندس مزاجي عشق جي شاعري به پنهنجو مٽ پاڻ آهي۔

تون هرهر ياد نه ڪر مون کي،ڏِسُ هينئن برباد نه ڪر مون کي،
مون ڏاڍي مُشڪل سان ساٿي ڪجهه تنهنجا خيال ڀلايا هِن!!

اوهان فورم جا سرپرست آهيو اوهان جو حڪم اکين تي ، اوهان جو ميسيج وڏي ايڊمن ادا رشيد سمون کي موڪليو آهي۔ اميد ته اوهان جي حڪم کي ضرور ڪو عملي جامو پارائيندا
 
جواب: اي ڀورا بادل ڇا جي لئه مون تو ۾ نيڻ کُپايا هِن؟ (روبينه ابڙو)

ادا وساڻ بهترين ڊزائين سان گڏ بهترين شاعري پيش ڪرڻ جي مهرباني
 
جواب: اي ڀورا بادل ڇا جي لئه مون تو ۾ نيڻ کُپايا هِن؟ (روبينه ابڙو)

آئون به هڪ ناري جي حثيت سان سائين نثار احمد ناز جي را سان متفق ٿيندي ًگذارش ٿي ڪريان ته محترمه روبينه ابڙو صاحبه جي شاعري جو شعبو لڳايو وڃي ته جيئن سنڌ جي عورتن جو به حصو شاعري واري سيڪشن ۾ برابري جي بنياد تي اچي سگهي۔

مهرباني ڀيڻ

اوهان جا رايا اکين تي سائين نثار ناز چوي ۽ ائين نه ٿئي ۔۔۔اهو کوڙو ئي نه ٿو لڳي، ادا رشيد سان اڃان رابطو نه ٿيو آهي يا جيئن ئي ٿيو ته عرض رکبو۔ باقي اسان جون ڀينرون اسان سان گڏ آهن ڪهڙي برابري ادي روبينه صرف سرتين جي شاعره ناهي۔ هوء ته سموري سنڌ جي نمائنده آهي ان ۾ عورتون هجن چاهي مرد۔
 
جواب: اي ڀورا بادل ڇا جي لئه مون تو ۾ نيڻ کُپايا هِن؟ (روبينه ابڙو)

اوهانجي چونڊ ساڻ ڊزائين سان تمام بهترين لڳي۔
 
جواب: اي ڀورا بادل ڇا جي لئه مون تو ۾ نيڻ کُپايا هِن؟ (روبينه ابڙو)

مهرباني ڀيڻ

اوهان جا رايا اکين تي سائين نثار ناز چوي ۽ ائين نه ٿئي ۔۔۔اهو کوڙو ئي نه ٿو لڳي، ادا رشيد سان اڃان رابطو نه ٿيو آهي يا جيئن ئي ٿيو ته عرض رکبو۔ باقي اسان جون ڀينرون اسان سان گڏ آهن ڪهڙي برابري ادي روبينه صرف سرتين جي شاعره ناهي۔ هوء ته سموري سنڌ جي نمائنده آهي ان ۾ عورتون هجن چاهي مرد۔
محترم سليمان وساڻ توهان جي مهرباني ادا مون اهڙي ڪابه ڳالهه ڪانه ڪئي آهي جنهن ۾ مون چيو هُجي ته ڀيڻ روبينه ابڙو رڳو سرتين جي شاعره آهي مون ته صرف ڳالهه عورتن ۽ مردن جي برابري جي ڪئي آهي شاعري جي شعبي ۾ به ڀيڻ روبينه ابڙو جي شاعري جو شعبو هُئڻ کپي ته جيئن اسان جي پوري سنڌ جي نامياري شاعره کي اسان ساري دنيا جي سنڌي ڀائرن ۽ ڀينرن سامهون آڻي سگهون۔
 
Back
Top